Wednesday, June 28, 2017

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر- عبدالله مورائي

موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر
عبدالله مورائي      
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي دنيا ۾ موبائل فون رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي، نه صرف رابطو پر هتي اولهه ۾ ته موبائل فون بئنڪ به آهي ته وري اخبار به، ڪئميرا به ته تفريح پڻ؛ رستو ڳولهڻ جو ذريعو به ته مٿان وري موسيقي ٻڌڻ جو اوزار پڻ. ٻيون به الائي ڪيتريون شيون آهن جيڪي اڄڪلهه ماڻهو موبائل فون ذريعي ڪري ٿو، پر چوندا آهن ته هر شيءِ جي هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها حد پار ڪري ته پوءِ اها شيءِ عام رواجي نٿي رهي ۽ ان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن بيماريءَ جي شڪل به اختيار ڪري سگهن ٿا.

Tuesday, June 27, 2017

سمبارا جي ديس ۾ - نصير مرزا

سمبارا جي ديس ۾
نصير مرزا
ڄاڻان ٿو ته نه منهنجي هٿ ۾ سفر جي لڪير، نه پير کڙي ۾ گهمن گهيري جي ڪا سِير، پوءِ به موهن جي دڙي بابت انڊس سولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ جو مليو ته ٽپ ڏيئي چڙهي ويهي رهيس لاريءَ ۾. جنهن ڪوچ تي آئون سوار، ان جو سالار عزيزم اظهار سومرو ۽ ساڻ همسفر تاج جويو، پيارو نفيس احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو، ادي نذير ناز، نسرين الطاف، حافظ احمد دين انڍڙ، احساس ميرل ۽ ڪي نظاماڻي نوجوان عمران، منتظر ۽ شهزاد....هونئن حيدرآباد عجائب گهر کان لاڙڪاڻي تائين وايا شاهراهه انڊس ۽ باءِ پاس هي سفر ڇا ته خوشگار...اڙي بابا! تاج جويي جي پَٽ پَٽ ۽ فونن تي هي ڏسو ته ميهڙ ۾ آزاد انور ڪانڌڙو اتان جو گرم گرم لذيذ ۽ خوشبودار مائو کنيو بيٺو بس اسٽاپ تي- ڪوچ خيرپور ناٿن شاهه پهتي ته اڙي واهه....اتي وري بيهن جي ڀرڪڻن پڪوڙن جا پڙا کنيو ٻيو ادب دوست منتظر بيٺو هو. کاڌ پيت جي اهڙي ڪرت دوران ڀرسان ويٺل ناشاد صاحب اطلاع فراهم ٿو ڪري....”هن ڪانفرنس کان اڳي ڀُٽي صاحب 1973ع ڌاري موهن جو دڙي تي جيڪو انٽرنيشنل سمپوزيم سڏايو هو، ان وقت جا سارا مندوب دنيا مان هاڻي موڪلائي چڪا آهن، سواءِ مون ناچيز ناشاد ۽ سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي.“ اڙي واهه...ميهڙ مان روانو ٿئي ڪو ڪلاڪڙو سوا مس گذريو هوندو، جو لاڙڪاڻي شهر ۾ اسين داخل ٿي وياسين. يا الله!! هي ايڏو برباد شهر...بينظير صاحبه ۽ ڀٽي صاحب جو شهر پر جهڙو کنڊر!!

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو - الطاف شيخ

برمودا ٻيٽ گهمڻ لاءِ ڪيئن رهندو
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ڏکيائي پنهنجي جاءِ تي، برمودا سان وابسته جل پرين ۽ جهاز غائب ٿيڻ جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر موسم ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ هن ٻيٽ جي ڇا تعريف ڪجي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي به انگريزن پنهنجو هٿ رکيو اهو ٻيٽ دنيا ۾ اعليٰ ٿي ويو ... . پوءِ اهو چاهي ممبئي هجي، هانگ ڪانگ هجي يا سنگاپور ۽ پينانگ. مون جهڙا پوڙها جن 1950ع يا 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جيڪڏهن ڪراچي جو صدر وارو علائقو ڏٺو هوندو ته انهن کي برمودا ٻيٽ جو هُڳاءُ محسوس ٿي سگهي ٿو. جتي جتي انگريز رهيا آهن اتي هنن رهائش جو پنهنجو اسٽائيل رکيو آهي ... . دڪان، هوٽلون، جيم خانه، ريلوي اسٽيشنون، عمارتن جو آرڪيٽيڪچر ... . ممباسا، زنجبار، ڪولمبو وغيره مون کي هميشه انگلنڊ جا شهر ۽ انهن جو ماحول ياد ڏياريندا هئا. هاڻ مٿين ٻيٽن ۽ شهرن مان جيتوڻيڪ آهستي آهستي ٿي اها ڳالهه نڪري چڪي آهي پر برمودا ۽ ٻئي نمبر تي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو اهڙا ٻيٽ آهن جن مان اڄ به انگريز ڪالونيل ڪلچر جي سڳنڌ اچي ٿي.

Saturday, May 27, 2017

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ - الطاف شيخ

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
الطاف شيخ

اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”اڀرڻ يعني ڄمڻ“ سان نه پر ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. سج ته جيئن ئي اڀري ٿو ته اسان کي نه رڳو نظر اچي ٿو پر سڄو گول نظر اچي ٿو. جو هن کي پنهنجي روشني آهي. چنڊ ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ اونداهو آهي. اهو فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن ان تي سج جي روشني پوي ٿي ۽ اسان کي فقط اوترو نظر اچي ٿو جيترو سج جي روشني وارو حصو اسان جي ڌرتيءَ ڏي آهي. مثال طور چوڏهين تاريخ تي اهو سڄو گول نظر اچي ٿو، ڇو جو چنڊ جو اهو سڄو پاسو جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ان جو منهن اسان ڏي، يعني ڌرتيءَ ڏي آهي. اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي به اهو سڄو بال جهڙو چنڊ اڀري ٿو پر اسان کي فقط گدري جي سنهي ڦار جهڙو نظر اچي ٿو جو سج جي روشني وارو فقط ايترو حصو ڌرتي ڏي آهي.

Saturday, March 11, 2017

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر- الطاف شيخ

ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر
الطاف شيخ                                      
”جپاني ڇوڪرين جي ڌارين سان شادي ڪرڻ، واري مضمون بعد ڪاگوشيما جي ”ماري تسورُو زوئي“ (Mari Tsuruzoe)  جي سنڌي مڙس فهيم جروار جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندو. ٽنڊي الهيار ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”خير محمد جروار“ جو فهيم جروار گذريل ويهن سالن کان يوڪوهاما ۾ رهي ٿو. هن جو جپان ۽ جپان کان ٻاهر ڪارن جو بزنيس آهي. ان کان اڳ هن ڏهه سال کن اوساڪا، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ پڻ مختلف ماڻهن ۽ ڪمپنين وٽ محنت مزدوري ۽ نوڪري ڪئي.

Tuesday, January 03, 2017

برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي بابت جھونن ڪئپٽنن جي راءِ

الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ بابت ڪنهن انگريز، يورپين يا آمريڪن جهازران کان پڇڻ بدران پنهنجي ملڪ جي جهازيءَ کان ڇو نه پڇجي. ڪجهه ڪجهه اسان جا  جهازران آهن جن جي تعليم، ڄاڻ ۽ جهاز هلائڻ جي تجربي سان گورو، ڪو چيني، ڪو جپاني به  مقابلو نٿو ڪري. انهن مان هڪ ٻيو جنهن کان پڻ مون برمودا ٽڪنڊي بابت پڇيو ڪئپٽن مظهر حسين زيدي آهي. هو مونکان پنج ڇهه سال ننڍو آهي پر هن جيترو وقت سمنڊ تي گذاريو آهي اوترو ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ ته ڇا ڪنهن انگريز به ورلي گذاريو هوندو. هو هن وقت 65 سالن جو آهي پر هن جو اڄ به جهازن سان واسطو آهي. هن آئل ٽئنڪر ۽ پئسينجر جهازن کان وٺي ڪارگو، ڪنٽينر، ڪار ڪئريئر ۽ ڪئٽل ڪئريئر (رڍون ٻڪرين کڻڻ وارا جهاز) دنيا جي هر سمنڊ تي هلايا آهن. ايران ۽ عراق واري جنگ ۾ جڏهن ايرانين جا جهاز هلائڻ لاءِ ايراني جهازران آفيسر نه بچيا هئا ۽ بم باري ڪري ڌارين ملڪن جي جهازرانن ايراني جهازن تي نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ان وقت به ڪئپٽن مظهر زيدي خوشي ۽ دليري سان ايران جا ڪيترائي جهاز هلائيندو رهيو جن مان ٻن جهازن تي عراق وارن جي طرفان ميزائيل هنيا ويا جنهن ڪري جهاز ته سخت طرح تباهه ٿي ويا پر قدرت اسان واري ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي بچائي ورتو. منهنجو ايران بابت اڙدو وارو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ جيڪو ويلڪم بڪ پورٽ، اڙدو بازار ڪراچي وارن ڇپيو آهي، اهو ڪئپٽن زيديءَ کي منسوب ٿيل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت 1970ع کان ٿي جڏهن اسان هيٺين پوسٽ تي ساڳي جهاز تي يورپ لاءِ Sail ڪيوسين. ان بعد به جڏهن هو چيف آفيسر (چيف ميٽ) هو ۽ آئون سيڪنڊ انجنيئر ته اسان وري هڪ ٻن جهازن تي ڏور اوڀر واري روٽ تي جهاز هلاياسين. شادين بعد ٻار وڏا ٿيا ۽ ٻارن جي اسڪولنگ لاءِ هڪ هڪ ٿي سمنـڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪندو رهيو پر ڪئپٽن مظهر زيدي لڳاتار Sail ڪندو رهيو. سو هن جي قابليت ۽ تجربي کان ڪو به انڪاري ناهي. هن کي ڪيترا ئي دفعا مختلف جهازن کي برمودا ٽڪنڊي وارو سمنڊ اڪارڻو پيو. منهنجي ٻڌائڻ تي ته اڄ ڪلهه آئون برمودا ٽڪنڊي تي لکي رهيو آهيان ۽ پڙهندڙن لاءِ سندس ان بابت views پڇڻا آهن هن فون ذريعي جيڪا پنج ڇهه منٽ گفتگو ڪئي اها هن ريت آهي:

Saturday, December 17, 2016

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا

الطاف شيخ

پاڻي جي جهازن مان جن جو گهڻو ذڪر ڪيو ٿو وڃي انهن مان هڪ ”سلفر ڪُئين“ نالي ٽئنڪر آهي جنهن جي برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿي وڃڻ جون خبرون اسان مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ جهازراني جي تعليم وارن ڏينهن ۾ BBC ۽ وائيس آف آمريڪا ريڊيو تان وڏي دلچسپي سان ٻڌندا هئاسين ۽ روزانو اهو انتظار رهندو هو ته اهو پاڻي جو جهاز اجھو ٿو ڳوليو وڃي ۽ اها برمودا ٽڪنڊي واري مِٿ ختم ٿئي. پر اهو جهاز نه  ملي سگهيو سو نه  مليو .... نه سمنڊ مٿان نه سمنڊ هيٺان. اسان کي به ان وقت کان برمودا ٽڪنڊي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو موهه پيدا ٿيو.