Saturday, April 30, 2011

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ - الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ
الطاف شيخ
هتي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ  يا هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن مان ڪجهه، مون سان Email ذريعي منهنجي ائڊريس  (altafshaikh2005@gmail.com) تي يا پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته عبرت يا امت اخبار جي آفيس مان منهنجو ٽيليفون نمبر (9241666-0300) وٺي، مون سان صلاح مشور ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ تائين ته اسان جا ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر، خاص ڪري نوڪري ڪندڙ عورتون، ملائيشيا ۾ مونجهارو محسوس ڪري يڪدم موٽي آيون ٿي. بهرحال نوڪري لاءِ ملائيشيا ڏي روانو ٿيندڙ مون سان صلاح مشورو ڪندو آهي ته آئون هن کي اهو ئي چوندو آهيان ته ملائيشيا عرب ملڪن توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. توهان کي اتي جي نوڪري ملي وڃي ٿي ته اها ضايع نه ڪريو. دل لڳائي نوڪري ڪريو جو بيروزگاري جو زمانو آهي ۽ بيروزگاري نه فقط اسان جي ملڪ ۾ آهي، پر سڄي دنيا ۾ آهي. اهڙي صورت ۾ توهان کي جي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ نوڪري ملي وئي آهي ته اها توهان جي خوشنصيبي آهي جو ملائيشيا موسم توڙي کاڌي پيتي جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي، جتي توهان ۽ توهان جا ٻار ٻچا سڪون ۽ سهوليت سان رهي سگهن ٿا. کين آئون اهو به چوندو آهيان ته توهان کي فئملي رکڻ جي اجازت ڏين ٿا ته يڪدم فئملي سان ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. پهرين توهان اڪيلا اتي پهچو، جيئن رهائش ۽ ٻين ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه ملڪ جو ماحول ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقف ٿي سگهو ۽ ٿورو گهڻو ان ملڪ جي ٻوليءَ جا ضروري لفظ ۽ جملا به سکي وٺو، ان بعد مهيني يا ٻن بعد پنهنجي فئمليءَ کي گهرايو.
هڪ ٻي ڳالهه. ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڪجهه ڏينهن پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجو گهر سخت ياد اچي ٿو، ڇو جو هر انسان پنهنجي گهر جي سک ۽ ماحول جو عادي رهي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ ڪيتريون ڳالهيون، ٿي سگهي ٿو گهر کان بهتر هجن پر ان هوندي به هڪ ٻه ڳالهيون ساري واپس وڃڻ تي دل چوي ٿي. ڪن کي ڪچهري ياد ايندي، ڪن کي پينگهي ۾ لڏڻ (خاص ڪري منهنجي ڳوٺ هالا جي ماڻهن کي، جتي گهر گهر ۾ پينگهو آهي)، ڪن کي دود پتي چانهه وغيره. جپان ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جتي انگريزن جو ڪلچر گهٽ رهيو آهي، اتي اها انگريزي اسٽائيل واري چانهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به آهي، بدران گرين ٽي يا ڪافي عام آهي. جيسين ان چانهه جو بندوبست ٿئي آئون هميشه سخت اٻاڻڪو ٿي ويندو آهيان. سو پرديس ۾ ڪي ڪي شيون سخت نوستلجيا پيدا ڪن ٿيون. (نوستلجيا، جنهن لاءِ ملئي لفظ Rindu ته آهي، پر اڙدو يا سنڌي ۾ معلوم ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري انگريزي جو لفظ Nostalgia ئي استعمال ڪيو اٿم) ڳوٺ يا گهر جي ڪجهه شين لاءِ اها سڪ يا شدت سان محسوس ٿيندڙ کوٽ، پرديس ۾ آيل همراهه کي سخت مونجهاري، مايوسي ۽ ڊپريشن ۾ وجهيو ڇڏي ۽ ڪيترا ان جي سَٽ نه جهلي، واپس روانا ٿيو وڃن.
نوڪري ملڻ تي اسانجا همراهه  گهر ڇڏي ولايت وڃڻ لاءِ خوش هوندا آهن. دوستن يارن کان پيا موڪلائيندا ۽ انهن طرفان ڏنل فيئرويل دعوتون کائيندا، وڏي شان سان سامان جي پئڪنگ پيا ڪندا ۽ پوءِ پرديس روانا ٿيندا. هفتي ٻن کان پوءِ سندن خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن سندن گهر فون ڪبو ته معلوم ٿيندو ته همراهه موٽي آيو! ڇو موٽي آيو؟  جواب ملندو: مزو نه آيس، ڪم ڏکيو هو، رهائش جو سٺو بندوبست نه هو.... يا ڪو ٻيو سبب. پر منهنجي تجربي ۾ اهو آهي ته هن کي اها اوائلي ڊپريشن ٿي آهي، جيڪا پرديس ۾ شروع وارا ڏينهن ٿئي ٿي. ان تي ڪو ڪنٽرول ڪري وڃي ته باقي ٻيون ڳالهيون يا مسئلا آهستي آهستي ٿي حل ٿيو وڃن يا برداشت ڪريو وٺجن.
منهنجو ٻاهر ويندڙ کي اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن هن کي مزو نٿو اچي ته هو موٽي اچڻ جي تڪڙ نه ڪري. جيڪڏهن هن موٽڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي موٽي، پر گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن ترسي، ٻيو نه ته ڌاريون شهر گهمي پوءِ موٽي. مون ڏٺو آهي ته ان مهيني دوران هو اهڙو  Set  ٿيو وڃي جو پوءِ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. ٻي ڳالهه ته پرديس ۾ نوڪري لاءِ يا پڙهائي لاءِ ويندڙ گهڻيون  اميدون ۽ شوق  رکي نه وڃن ته اسان هيئن به ڪنداسين، هونءَ به ڪنداسين. يا ٻاهر پهچي اسان کي هي به سک ملندو هُو به ملندو. ڇو جو گهڻيون اميدون رکڻ وارو واريءَ جا ڪوٽ اڏي ٿو ۽  پوءِ پرديس ۾ پهچي جڏهن هن جون اميدون پوريون نه ٿيون ٿين ته هو بيحد دلشڪستو ٿيو پوي. بهتر اهو ماڻهو رهي ٿو جيڪو ڪابه فالتو اميد نٿو رکي. هو ڇا چوندا آهن ته:
Happy are those who do not expect any thing.
پوءِ اهڙي حالت ۾ ڪا سٺي ڳالهه درپيش اچي ٿي ته اها هيڪاندي خوشي مهيا ڪري ٿي ۽ جي تڪليفون آهن ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو اڳهين تيار آهي.
لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڀوري ڪلهوڙي“ جي صفيه گل عباسيءَ فون ڪري پڇيو ته هوءَ باٽني ۾  M.Sc  آهي ۽ لاڙڪاڻي جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن جي مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ کي ملائيشيا ۾ Ph.D.  ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي آهي. ”آئون به هن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي.“
”ضرور وڃو. جيڪي Ph.D. ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃن ٿا، انهن کي فئملي سان رهڻ ڏين ٿا.“ مون ٻڌايومانس.
 ”پر آئون اتي نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن پنهنجن ٻارن کي اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائي سگهان.“ صفيه ٻڌايو.
”ان لاءِ ته اتي پهچي تون پاڻ ڪوشش ڪري سگهين ٿي ۽ جيڪڏهن تون پنهنجن ٻارن کي ملائيشيا جي مڪاني اسڪولن بدران اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائڻ چاهين ٿي ته ان جا خرچ ته تمام وڏا آهن.“ مون ٻڌايومانس ۽ اهو به چيومانس ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ته ملائيشيا موڪلي. دير ٿيڻ تي ڪٿي هن جي اسڪالر ختم نه ٿي وڃي.
۽ هاڻ ملائيشيا پهچڻ جو جيئن ئي مون فيس بڪ تي اطلاع ڪيو ته صفيه گل عباسي جو ڪئالالمپور کان فون آيو ته هوءَ سال کن کان هتي ڪئالالمپور (ملائيشيا) ۾ آهي.
”ڏاڍو سٺو ڪئي جو مڙس کي Ph.D. لاءِ ڇڏئي.“ مون چيومانس.
”سر! نه رڳو هو پر آئون به  Ph.D.  پئي ڪريان ۽ ٻارن کي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ئي رکيو اٿم.“ صفيه ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا خرچ پکي لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو اٿانو؟“ مون پڇيو.
 صفيه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سر اسان ٻنهي کي نوڪري به ملي وئي آهي.“
”شاباس هجناوَ. وڏا همت وارا چئبائو.“ مون کيس داد ڏنو.
”سر مهرباني ڪري اسان وٽ ضرور اچو، اسين مڊوئلي ۾ رهون ٿا.“
مون ٻه ڏينهن کن هنن وٽ وڃڻ جي ڪئي پر وقت نه پئي مليو. اڄ جيئن ئي منهنجو ميزبان علي سولنگي جالان (شاهراهه) دامانسارا ۽ جالان بنگسار اُڪري ”جالان ڪلانگ لاما“ ڏي مڙيو ته مون کيس رستي تي ”مڊ وئلي سٽي“ ۾ ترسڻ لاءِ چيو.
”منهنجو به اتي جي ميگا مال ۾،  هڪ دڪان تي ڪم آهي.“ عليءَ چيو ۽ مون صفيه جي مڙس ڊاڪٽر گل کي فون ڪيو. موڪل وارو ڏينهن هجڻ ڪري هو پنهنجي فلئٽ تي موجود هئا.
”اسان اڌ ڪلاڪ اندر هتي جي ميگا مال مان ڪم لاهي توهان وٽ پهچون ٿا.“ مون کيس ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي بلڊنگ جو نقشو سمجهايو.
ڪئالالمپور جو هي علائقو هڪ ماڊرن ۽ نئون علائقو آهي. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ جڏهن آئون هتي ملائيشيا ۾ هوس ته هن علائقي ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جا وڻ يا گهاٽو جهنگل هو، پر هاڻ هي علائقو يورپ جي ڪنهن به شهر کان پٺتي ناهي. خوبصورت ۽ اوچيون عمارتون، چوڌاري انگڙ ونگڙ رستا ۽ پليون ۽ هر طرف رنگين اشتهاري بِل بورڊ لنڊن، پئرس ۽ روم جو ڏيک ڏين ٿا ۽ هن علائقي جي هن مڊوئلي ميگا مال جي ڇا ڳالهه ڪجي! يورپي به هن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندا هوندا. توهان جي هفتي ڏيڍ لاءِ هتي ڪئالالمپور ۾ آيا آهيو ته هن ميگا مال جو ضرور چڪر هڻو. خريد ڀلي ڪجهه به نه ڪريو. بلڪ اسان پاڪستانين کي هتان ڪا خريداري ڪرڻ به نه کپي، جو اسان وٽ هڪ کان هڪ اعليٰ شيءِ سستي اگهه ۾ آچر بازار ۾ مليو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجو هڪ ملائيشيا جو دوست جڏهن ڳوٺ (جوهور بارو) ويندو آهي ته ڪراچي جي ڊفينس واري سنڊي بازار مان پنهنجن دوستن ۽ مائٽن لاءِ ڪيترائي سووينئر وٺي ويندو آهي.
مِڊوئلي ميگا مال ”جالان سيد پترا“ تي آهي، جتي مڊوئلي ڪوميوٽر اسٽيشن به آهي. يعني توهان شهر مان ڪنهن به هنڌان ريل ۾ چڙهي هن اسٽيشن تي پهچي سگهو ٿا. ان کان علاوه ڪئالالمپور جي Rapid Bus ۾ به هتي پهچي سگهو ٿا. U (يو) 66، 84، 85، 87 ۽ T (ٽي) 631 بسون هتي اچن ٿيون.
جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي پارڪ ٽاور مال آهي، تيئن هي مڊوئلي ميگا مال سمجهو ته ان جي وڏي سائيز آهي، جنهن جي ڇهن ماڙين (Floors) تي 430 کن دڪان آهن. 18 پڙدن (Screens) واري سئنيما آهي ۽ هڪ تمام وڏو بائولنگ سينٽر آهي. ان کان علاوه One Stop IT Center آهي، جتي ڪيترا ئي ڪمپيوٽرن جا دڪان آهن ۽ ان ٽيڪنالاجي سان واسطو رکندڙ هر شيءَ ملي ٿي. ٻه  Food Courts به آهن، جن مان هر هڪ ۾ ڪيترا مختلف کاڌن جا اسٽال ۽ ريسٽورنٽون آهن. ڀر ۾ ٻه وڏيون هوٽلون پڻ آهن. هڪ 646 ڪمرن جي Cititel Mid Valley نالي هوٽل ۽ ٻي  390 ڪمرن جي بوليوارڊ  Boulevard  نالي هوٽل آهي.
هي مڊوئلي ميگا مال ۽ ڀر ۾ رهائشي علائقو دي گارڊنس ملائي ”مڊوئلي سٽي“ سڏجي ٿو، جيڪو ملائيشيا جو سڀ کان خوبصورت شهري (Urban) علائقو مڃيو وڃي ٿو.
هتي آخر ۾ آئون ڪجهه سٽون صفيه گل عباسي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر گل بليدي بلوچ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو،  جيڪي اسان لاءِ مثالي ماڻهو چئي سگهجن ٿا. ههڙن ماڻهن جو آئون اڪثر هن سفرنامي ۽ ٻين ۾ ذڪر ڪندو رهان ٿو، جيڪي Self Made ماڻهو چئي سگهجن ٿا، جو هو اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهن اهو سمورو سندن محنتن جو نتيجو آهي ۽ ههڙن ماڻهن جي والدين کي Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جن گهٽ مالي وسيلن ۽ ڳوٺاڻي زندگي هوندي پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ سٺي تربيت ڏني.
صفيه ٻن ڀائرن جي ننڍي ڀيڻ آهي. هوءَ ڇهن مهينن جي هئي ته سندس والد دلبر علي عباسي وفات ڪري ويو. وڏو ڀاءُ سڪندر ان وقت ڇهن سالن جو مس هو. ڏٺو وڃي ته هنن جي والده خديجة الڪبريٰ جيڪڏهن ٻارن جي تعليم ڏي ڌيان نه ڏئي ها ته به ڪو کيس مهڻو نه ڏئي ها جو لاڙڪاڻي جي هن ننڍڙي ڳوٺ ”ڀورو ڪلهوڙو“ ۾ ان وقت ڪيترن پئسي وارن به پنهجا ٻار نٿي پڙهايا، پر ادي خديجه جي همٿ کي جس هجي جو هن نه فقط پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پر ڌيءَ کي به اوتري ئي اعليٰ تعليم ڏياري، جيتوڻيڪ هي اهو زمانو هو جڏهن شهرن ۾ به ڪيتريون فئمليون پنهنجين ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهنديون هيون.
صفيه جي وڏي ڀاءُ سڪندر علي عباسي، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾BE  ڪرڻ بعد، اڄ ڪلهه بلوچستان انجنيئرنگ يونيورسٽي خضدار ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قمبر شهر ۾ ڊاڪٽر آهي، هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مانMBBS  ڪئي. صفيه پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي. ان بعد سال 1993ع شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان باٽني سبجيڪٽ ۾M.Sc  ڪئي ۽ سال 2009ع ۾M.phil  ڪئي. هوءَ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ باٽني جي اسسٽنٽ پروفيسر هئي ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾Ph.D.  ڪرڻ سان گڏ ٽيلرز يونيورسٽي ۾ پڙهائي به رهي آهي.
صفيه وانگر سندس مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ به وڏي همٿ وارو ۽ پنهنجي وقت جو ذهين ۽ محنتي شاگرد چيو وڃي ٿو. هو 16 مئي 1964ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڪنڊو خان بليدي“ ۾ حاجي غلام عمر بليدي جي گهر ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود حاجي صاحب جي اها خواهش هئي ته هن جا ٽئي پٽ محنت ڪري پڙهن ۽ سٺن عهدن تي پهچن. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر گل بلوچ ڊاڪٽر ٿيو، باقي سندس ننڍا ڀائر انجنيئر ٿيا. در محمد بليدي جيڪو PIA ۾ آهي، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾B.E  ڪئي ۽ سڀ کان ننڍي عبدالوهاب بليديءَ مهراڻ يونيورسٽي مان پيٽروليم انجنيئرنگ ۾B.E  ڪئي.
ڊاڪٽر گل بلوچ 1989ع ۾ چانڊڪا مان MBBS ڪئي ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ”قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد“ مان ڪئي. ان بعد .Ph.D لاءِ سال کن هو انگلينڊ جي Leads يونيورسٽي سان لاڳاپيل رهيو، ان بعد هو هتي ڪئالالمپور هليو آيو، جتي هو يونيورسٽي ملايا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ سبانگ جايا ۾ ٽيلرس يونيورسٽي ڪاليج جي اسڪول آف ميڊيسن ۾ سينئر ليڪچرر جي حيثيت سان پڙهائي به رهيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر گل بلوچ شاگردي جي زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن  (DSF)  جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ جو هڪ سٺو ۽ مشهور اديب پڻ آهن. پاڻ پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري (MBBS) کان علاوه فلسفي ۾ B.A. ۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آهي. سندن ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
1- ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو
2- ”دوستي“ 1992ع ۾ ڇپيو. اهي ٻئي ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايا آهن ۽
3- ٽئگور جو گيتا انجلي، هي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌيڪا وارن ڇپرايو.
اڄڪلهه ڊاڪٽر گل جو نئون ڪتاب Metamorphosis ڇپائي هيٺ آهي، جيڪو ڪافڪا جو آهي. ان کان علاوه سندن انگلينڊ، فن لينڊ، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جپان جو سفرنامو پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ آڪسفورڊ انگلش، سنڌي ڊڪشنري جي ٽرانسليٽر پئنل تي رکيل پنجن اديبن مان هڪ آهي.
ڊاڪٽر گل بلوچ ۽ سندس زال صفيه گل عباسيءَ کي هتي ملائيشيا ۾ رهي ٻه  سال کن ٿي ويا آهن. کين ٻه ٻار آهن. وڏي ڌيءَ آهي، جنهن جو نالو لاريب آهي. هُن هِن سال ”او- ليول“ ڪئي آهي. سندس فرينچ نه فقط آپشنل سبجڪيٽ آهي، پر هوءَ  Fluently  ڳالهائي به سگهي ٿي. کين ٻيو ٻار شاويز گل (Chaves Gul) نالي پٽ آهي.

Friday, April 29, 2011

ملائيشيا جو نوابشاهه: شاهه عالم - الطاف شيخ


ملائيشيا جو نوابشاهه: شاهه عالم
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان شاهه عالم ۾ ملڻ جو احوال ڪيو. شاهه عالم جو ٻڌي اسان جا ڪيترا ماڻهو منجهي پوندا آهن. هو ان کي شهر جو نه پر ماڻهوءَ جو نالو سمجهندا آهن، جيئن منهنجا ڪيترا پشاور جا دوست نواب شاهه جو لفظ ٻڌي سمجهندا آهن ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني جيڪي شاهه عالم ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجي وطن ۾ اهو ئي ٻڌائيندا آهن ته هو ملائيشيا ۾ ڪئالالمپور ۾ رهن ٿا. دراصل هي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي ائين ويجهو آهن، بلڪ مليا پيا آهن، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد يا جيئن روهڙي ۽ سکر، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد. ڌارين ملڪن جا ماڻهو شاهه عالم شهر کان ايترو واقف نه آهن جيترو ڪئالالمپور کان.
هتي مختصر طور ملائيشيا جي هن اهم شهر ”شاهه عالم“ بابت لکان ٿو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ اسان جا ڪيترا ئي ماڻهو، بلڪ سڀ کان گهڻا، شاهه عالم ۾ رهن ٿا. ان بعد ٻئي نمبر تي ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو شهر آهن.

Sunday, April 24, 2011

مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾ - الطاف شيخ



مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾
الطاف شيخ
سمهڻ مهل منهنجي ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ مون کان ٻئي ڏينهن جو پروگرام پڇيو.
”هڪ ته شاهه عالم شهر هلڻ چاهيان ٿو، جتي ٽنڊي قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان ملڻو اٿم.“ مون کيس ٻڌايو.
ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون جن وٽ رهڻ چاهيو ٿي ڊاڪٽر شفيع به انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر شفيع سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات آهن ۽ هو هڪ پُرخلوص ۽ پيارو دوست ۽ ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي. هن جو سالو شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي، جڏهن هنن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجو ننڍو ڀيڻويو ڊاڪٽر اقبال قاضي ۽ ڊاڪٽر شفيع 1974ع کان گڏ رهيا ۽ ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيائون. بهرحال آخر ۾ اهو ئي فيصلو ڪيم ته رهندس علي سولنگيءَ وٽ، جو منهنجو گهڻو ڪم هن جي گهر جي آسپاس هو، پر ڊاڪٽر شفيع وٽ گهمڻ لاءِ ضرور ويندس. ڊاڪٽر شفيع مون کي پنھنجي يونيورسٽيUTM  (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا) ۽ شاهه عالم جي خوبصورت مسجد ڏيکارڻ چاهي ٿي. مون وٽس منجهند مهل وڃڻ چاهيو ٿي.
”پوءِ صبح جو کڻي پاڪستان ايمبسي ۾ هلون،“ عليءَ چيو؛ ”اڄ ڪلهه ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب آهي، کين مون توهان بابت ٻڌايو آهي ته هتي آهي.“
مون کي حيرت ٿي ته امتياز هتي اچي ويو آهي. اڃا مهينو کن اڳ ته اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هو.
”توهان نالي ۾ ڀُليا ته نه آهيو؟“ مون عليءَ کي چيو.
”بلڪل نه. سندن اهو ئي نالو آهي. گذريل هفتي هن مون کي پنهنجو ڪتاب به ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هن توهان جا ڪتاب پڙهيا آهن پر توھان سان مليو ناهي.“
”ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو؛ ”امتياز سان منهنجي ان وقت کان ملاقات آهي، جڏهن هو حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو. سندس والد صاحب قاضي سچيڏنو اسان جي دادوءَ واري دوست عبدالقادر قريشيءَ جي والد اميد علي قريشي صاحب ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي والد جو سٺو دوست هو.
ايتري ۾ علي سولنگي امتياز قاضي صاحب جو ڪتاب کڻي آيو، جيڪو هن پنهنجي والد محترم کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندن والد جو نالو لعل محمد قاضي لکيل هو. مون، عليءَ سان ٻئي ڏينهن صبح جو هلڻ جو پروگرام ٺاهيو. منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ به ٽن ڏينهن لاءِ جپان کان ڪئالالمپور آيل هو ۽ هو جنهن هوٽل ۾ ترسيل هو، اها پاڪستان ايمبسي جي ويجهو هئي. کيس پڻ ايمبسي ۾ اچڻ لاءِ چيم، جيئن اتي ساڻس به ملاقات ٿي وڃي.
صبح جو روڊ سائيڊ تي، هڪ گاڏي تي، نيرن تيار ڪندڙ ملئي عورت وٽ ”ناسي ليماڪ“ کائي، ائمپنگ روڊ ڏي روانا ٿياسين، جتي اسان جو سفارتخانو آهي. جڏهن 132 جالان ائمپنگ جي ويجهو پهتاسين ته عليءَ چيو؛ ”سائين امتياز قاضيءَ کي فون ڪريو ته ايمبسيءَ جو گيٽ کولرائي، نه ته هتي جا چوڪيدار ۽ گيٽ ڪيپر اهڙا آهن جو گاڏيءَ کي اندر اچڻ نه ڏيندا ۽ ٻاهر پري پري تائين پارڪنگ ناهي.“
”يار ڏاڍي ٻڌائيهءِ،“ مون عليءَ کي چيو؛ ”هڪ بي دعوتو ۽ ٻيو ڪِرائتو! هڪ ته آئون امتياز صاحب سان مليو ناهيان ۽ ٻيو ته بنا ٻڌائڻ جي پيا هلون، ٽيون وري اسان ڪهڙا صاحب آهيون، جن لاءِ آٽوميٽڪ گيٽ کلي وڃي، جيئن اسان گاڏي اندر اچي پارڪ ڪريون.“
”سائين ٻيو ڪو چاڙهو ناهي. ٽراءِ کڻي ڪريو.“ عليءَ چيو ۽ مون نمبر ملائي دل ۾ سوچيو؛ ”اها ملاقات به نه ٿي!“
نمبر ملڻ تي جيئن ئي امتياز کي پاڻ بابت ٻڌايم، يڪدم وڏي آڌر ڀاءَ سان چيائين؛ ”اچو سائين اچو! اسان کي توهان جي اچڻ جي ڊاڪٽر مشتاق کان خبر پئجي وئي ھئي ۽ هو به مون وٽ توهان جو انتظار پيو ڪري.“
مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي ته ڪٿي ڪٿي مڙيئي اهو احساس ٿئي ٿو ته هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ اديب جي به عزت ڪئي وڃي ٿي. مونکيِ هي خلوص ۽ عزت، ظاهر آهي ته هڪ جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر، هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ ملي رهيو آهي. اسان جي گاڏي، گيٽ تي پهتي ته ريموٽ ڪنٽرول ذريعي دروازا کلي ويا. اڳتي ضروري چڪاس بعد، گاڏي پارڪ ڪري ايمبسيءَ جي عمارت ڏي وڌياسين. عليءَ کي چيم؛ ”ملائيشيا ۾ گهاريل پنهنجو پراڻو زمانو ياد ٿو اچيم، جڏهن اڃا هيءُ دهشتگردي جو دور شروع نه ٿيو هو. هي سفارتخانا ته ڇا وزيراعظم ۽ گورنرن جي آفيسن جا در به کليا پيا هوندا هئا. ڪنهن به قسم جي چيڪنگ نه ٿيندي هئي. ملائيشيا پهچڻ سان پاسپورٽ کي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکبو هو ته ٽن سالن بعد، جڏهن پنهنجي وطن ورڻ لاءِ مهينو موڪل ٿيندي هئي ته پوءِ، ڪڍبو هو. هاڻ ته پاسپورٽ هر وقت پاڻ سان رکڻو پوي ٿو، خبر ناهي ڪنهن وقت ۽ ڪنهن هنڌ چڪاس ٿئي.“
سفارتخاني ۾ گهڙڻ شرط امتياز قاضي صاحب اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ مٿي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، جتي منهنجو ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به موجود هو. امتياز قاضي صاحب ٻڌايو؛ مشتاق سندس ڀاءُ حافظ اعجاز سان گڏ مهراڻ يونيورسٽي مانB.E.  ڪئي آهي. بهرحال هن ملاقات ۾ خبر پيئي ته امتياز قاضي جن ته اسان جي پاڙي واري شهر مٽيارين جا آهن ۽ نه فقط امتياز کي پر سندن سڄي فئملي کي تعليم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي آهي. امتياز قاضي، نور محمد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر قاضي غياث الدين جو ڀائٽيو ٿئي. هو صاحب بالادي صاحب کان پوءِ هيڊ ماستر ٿيو هو. امتياز جي والد لعل محمد قاضي صاحب جو به درس تدريس سان واسطو رهيو آهي. هو صاحب وڏو عرصو مٽياريءَ جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ آخر ۾SDEO  ٿي رٽائر ڪيائين. سندن شاگردن مان منهنجو مٽيارين وارو ڀيڻويو فضل صديق شيخ پڻ هڪ هو. سائين لعل محمد قاضي صاحب اڄڪلهه حيدرآباد ۾ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر الطاف قاضي وٽ رهي ٿو ۽ سندن عمر 75 جي لڳ ڀڳ هوندي. ڊاڪٽر الطاف قاضيءَMBBS  ڪرڻ بعدMD  ڪئي ۽ اڄڪلهه سرڪاري نوڪري ۾ آهي. هيءَ قاضي فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. لعل محمد صاحب توڻي سندن ڀاءُ غياث الدين قاضي، انهن ماڻهن مان آهن، جن وڏي عيال ۽ گهٽ انڪم جي باوجود، غربت ۾ رهي به، پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.
امتياز قاضي جن پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر الطاف آهي، ان بعد امتياز پاڻ آهي. ان بعد حافظ اعجاز آهي، جيڪو ڪراچي ۾ KESC ۾ انجنيئر آهي ۽ ان بعد سرفراز قاضي آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي ۽ 1996ع کان ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي. ننڍي ڀاءُ محفوظMEUT  (مهراڻ يونيورسٽي) مان B.E. ڪئي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ”فيڊرل فلڊ ڪميشن“ جو اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندن ٻن ڀيڻن روزينا ۽ رووانا سنڌ يونيورسٽيءَ مانMA  ڪئي آهي ۽ سندن گهر وارا محمد اڪرم ۽ شعيب رحمان به ٽيچنگ ۾ آهن. سڀني کان ننڍي ڀيڻ امبرين ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب، جيڪي هن وقت ڪئالالمپور ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڊپٽي سفير آهن، پنهنجي مامي آفتاب قاضيءَ وانگر بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آهن. ڊاڪٽر امتياز ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس ڪئي، ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان وڪالت يعنيLLB  ۽ انٽرنيشنل پبلڪ پاليسي ۾M.A  ۽ واشنگٽن آمريڪا جي جان هاپڪنس يونيورسٽي مانMIPP  ڪئي.
امتياز قاضي، سي ايس ايس جي امتحان بعد، 1989 ۾ فارين سروس ۾ داخل ٿيو. اسلام آباد ۾ وزارتِ خارجه جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه تهران (ايران)، پئرس (فرانس) ۽ دوحا (قطر) ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ ڪئالالمپور آيو آهي. ھتي ائڪٽنگ سفير آهي ۽ هيءُ مضمون ڇپجڻ تائين هو سفير ٿي چڪا هوندا. امتياز، پاڪستان ۽ECO  سيڪريٽريٽ طرفان، ڪيترن ئي بين الاقوامي ميٽنگ(Forums/ Summits)  ۾ حصو وٺي چڪا آهن. جهڙوڪ: يو اين او (نيويارڪ ۽ جنيوا ۾) ورلڊ بئنڪ، TMF، سارڪ، NAM، يونيسڪو، OIC، ڊي ايٽ، ECO وغيره.
امتياز قاضي به اسان واري سابق سفير ظفر شيخ ۽ جپان ۾ اڄ ڪلهه موجوده سفير نور محمد جادماني وانگر مختلف زبانن جي مهارت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قابليت رکي ٿو. امتياز، انگريزي ۽ عربي، فرينچ ۽ فارسي زبانون لس ئي لس(fluently)  ڳالهائي وڃي ٿو. اڄڪلهه ملائيشيا ۾ رهي، هو چيني زبان (مندارن) نه فقط ڳالهائڻ پر لکڻ جي به ڪوشش ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي آهي. سندس ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ته عمر خيام جي فارسي رباعين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ هن 300 کن رباعين جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو شيخ امام محمد شرف الدين البوصيري رح جي عربي ڪتاب قصيدة المديح جو سمجهاڻين سان گڏ انگريزي ترجمو آهي، جنهن ڪتاب جو امتياز انگريزي نالو“Elegy of Streaky Garment”  رکيو آهي. اڄڪلهه هو شاهه لطيف جي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ هيستائين سترهن کن سرن جو ترجمو مڪمل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف جو رسالو، کانئس اڳ، سنڌ يونيورسٽي جي سابقه هيڊ آف انگلش ڊپارٽمينٽ مئڊم امينا خميساڻي، سنڌ جو اديب قمر شهباز ۽ آغا سليم پڻ ترجمو ڪري چڪا آهن.
ڊاڪٽر امتياز قاضي جي مامي، ڊاڪٽر آفتاب قاضي کان آمريڪا ۾ شايد ئي ڪو پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني اڻ واقف هجي. هو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر ۽ يورپ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جو ممتحن ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ تاريخدان، ڪيترن ئي مضمونن جو ليکڪ ۽ مفڪر آهي. پاڻ پنهنجي مٽيارين جي قاضي فئملي لاءِ ٻڌايو هئائين ته؛ ”هندستان جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ٺٽي صوبي جو گورنر مقرر ڪيو هو ته هن کي ڪنهن تعليم يافته ماڻهو جي ضرورت پئي، جيڪو صوبي جو خزانو صحيح طرح هلائي سگهي. هن مدد لاءِ جيسلمير جي مهاراجا کي عرض ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي وڏي ديوان مانڪ رام ۽ هن جي فئملي کي جيسلمير مان لڏي ٺٽي اچڻو پيو ۽ شروع ۾ هن کي فقط خزاني جو ڪم سونپيو ويو. ان کان پوءِ هن جي پٽن پوٽن ۽ پڙ-پوٽن قانون ۾ دلچسپي ورتي ۽ قاضيءَ جي عهدي تي حڪومت جو ليگل ڊپارٽمينٽ هلائڻ لڳا.“
”نور محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد، سندس پٽن غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مرادياب ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهيڙا ٿي پيا ته ڪير حڪومت ڪندو. غلام شاهه جي پنهنجي درٻار شاهپور ۾ هنئي ۽ مرادياب ڪوٽڙي واري علائقي مان وڙهي رهيو هو. اسان جي وڏن شروع وارا سال ٺٽي ۾ گذاريا ۽ پوءِ خداآباد ۽ شاهپور ۾ رهيا، جتي اڃا به اسان جا ڪجهه سوٽ پنهنجيون زمينون سنڀاليندا اچن. غلام شاهه ڪلهوڙي جيئن ئي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ قائم ڪيو، اسان جا وڏا به ان وقت جي درٻار سان گڏ حيدرآباد هليا آيا ۽ اچي مٽياريءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان وقت تائين فئمليءَ جا ڪيترا ميمبر، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي چڪا هئا (اسان جو وڏو ڏاڏو مرڻ تائين هندو رهيو) ۽ ڪلهوڙا ۽ ان بعد ٽالپر مير حاڪمن وٽ عدالتن جا سربراهه ٿي ڪم ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ چوڻ لاءِ ته اهو ئي چيو ويو ٿي ته ملڪ ۾ اسلامي قانون هليو ٿي، پر هليو اهو ٿي، جيڪو ان وقت جي حاڪمن جي وات مان حڪم جاري ٿيو ٿي. ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ هندو توڙي مسلمان پيسندا رهيا.“
ڊاڪٽر آفتاب قاضيءَ ٻڌايو ته؛ ”اسان جي خاندان جا اهم ڀاتي جهڙوڪ؛ قاضي عزيز الله (آفتاب جي والده جو پڙ-ڏاڏو جنهن قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو) حڪومتي عهدا ڇڏي، لنواري شريف جي پيرن وٽ اچي رهيا. هو لنواري شريف جي پيرن جا مريد ٿيا ۽ ساڳئي وقت هنن جا ٽيچر به ٿي رهيا. اسان جي ڪيترن ئي وڏن اتي وفات ڪئي  ۽ لنواري شريف ۾ ”قاضين جو قبرستان“ اڄ به مشهور آهي.
”اسان جي ڪجهه ٻين وڏن ۾ ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙ-ڏاڏو لعل محمد قاضي به اچي وڃي ٿو،“ آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر آفتاب قاضي (امتياز جي مامي) ٻڌايو؛ ”جڏهن انگريزن، ميرن کي شڪست ڏني ته اسان جي پڙ-ڏاڏي عزيز الله قاضيءَ ميرن جو ڪيس بمبئي وڃي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ اڳيان پيش ڪيو پر سندس هار ٿي. ان وقت جا جج، دادا عزيزالله جي ذهانت، سٺي عربي-داني ۽ فارسي زبان مان بيحد متاثر ٿيا ۽ کيس انگريزن وٽ اعلى عهدي تي رهڻ لاءِ آڇ ڪيائون. کيس ٻئي زبانون پڙهائڻ لاءِ، تمام سٺي پگهار ۽ سواريءَ لاءِ گهوڙو به ڏيڻو ڪيائون پر دادا انڪار ڪيو. هو ستر سال ٽپي چڪو هو، ان ڪري هن معذرت ڪئي.
”انگريزن جي ڏينهن ۾ قاضي فئمليءَ کي ڪافي نقصان رسيو. هن فئمليءَ جا ڪيترا ئي وڏا حجاز هليا ويا. اتي به هنن پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. ڪيترا اتي گذاري ويا. ٻين کي انهن جا شاگرد مٽياريءَ وٺي آيا. بهرحال اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ڌاري اسان جي ڀاتين جو، تعليم يافته هجڻ ڪري، وري قدر ٿيو. منهنجو ڏاڏو، شهدادپور جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ نوابشاهه جو مختيارڪار به ٿيو. خاندان جا ٻيا ڀاتي، مٽياريءَ جي مدرسن ۾ اسلامي تعليم ڏيڻ لڳا. منهنجو والد محمد انور قاضي، مختيارڪار ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي رٽائرڊ ٿيو. منهنجو هڪ چاچو خداڏنو، ڊاڪٽر ٿي شهدادپور جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ٻيا چاچا ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ رهيا...“
پروفيسر آفتاب قاضي صاحب، مٿي جنهن شخص لعل محمد قاضي صاحب جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙ-ڏاڏو ٿئي. هي لعل محمد صاحب مفتي هجڻ سان گڏ مٽياري جو آخري متولي پڻ ٿي رهيو. پاڻ ٽنڊو سائينداد جي پير آغا (سليم جان سرهندي جي ڏاڏي) کي به پڙهايو ھيائون. ان کان علاوه مڪي شريف جي مدرسي صولاتياه ۾ به ٻه سال پڙهايائون، جيڪو مدرسو اڄ به مڪي ۾ قائم آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته، انگريزن جي ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ پينٽ (پتلون) ۾ نماز  پڙهڻ تي گوڙ مچي ويو هو ۽ هندوستان جي ڪيترن علمائن اها فتوا ڏني ته پتلون ۾ نماز پڙهڻ ڪفر آهي. ان تي لعل محمد صاحب، جيڪي مفتي به هئا، فتوا ڏني ته اهو ڪفر جو ڪم نه پر فسق آهي. کين ٻه پٽ ٿيا: عبدالواحد ۽ رحمت الله. رحمت الله کي اولاد نه ٿيو، باقي وڏي پٽ عبدالواحد قاضي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ 1933ع ۾ غياث الدين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مسٽر بالادي بعد نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ٻيو پٽ 1937ع ۾ ڄائو، جنهن تي نالو سندس ڏاڏي جو لعل محمد رکيو ويو، جيڪو اسان واري ڪوالالمپور جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جو والد آهي. نور محمد هاءِ اسڪول جي سابق هيڊ ماسٽر غياث الدين قاضي صاحب کي ٽي پٽ آهن، جن مان وڏو فياض الدين مٽياريءَ ۾ زمينون سنڀالي ٿو. ٻيو نمبر رياض الدين سئي گئس ۾ انجنيئر آهي ۽ ننڍو اعزاز دين حيدرآباد جي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جي ڄم جي تاريخ 3 مارچ 1965ع آهي. اولاد ۾ کين ٽي نياڻيون آهن: ماهين، مبروڪا ۽ ماياسا.

Friday, April 22, 2011

خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو - الطاف شيخ


خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو
الطاف شيخ
پاڪستان۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن: انڊيا، بنگلاديش وغيره جو هڪ عام مسلمان نائن اليون واري حادثي يا دهشتگردي بعد اهو ئي سمجهي ٿو ته آمريڪا ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ٿي وئي آهي. مسلمانن جي، مذهب جي حوالي سان، آزادي ختم ٿي وئي آهي. پر هتي آمريڪا ۾ پهچي وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن  ۾ ديسي عورتن (يعني انڊيا پاڪستان جي عورتن) توڙي ايراني، عرب ۽ مڪاني مسلمان عورتن کي حجاب ۾ هلندو ڏسي، جتي ڪٿي مسجدن  مان ۽ عام جاين تي ڏاڙهي ۽ آر جي ٽوپي ۾ مسلمانن کي آزاد نموني سان ايندو ويندو ڏسي  پهرين حيرت ضرور ٿئي ٿي. "نيوهالا کان نيويارڪ" سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان  ته نيويارڪ جهڙي شهر ۾ جتي اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ آئون فقط  ٽي مسجدون ڏسي ويو هوس اتي اڄ هڪ سئو کان مٿي آهن ۽ نمازين سان ڀريل رهن ٿيون. ان رفتار سان  ته حيدرآباد ۽ هالا جهڙن شهرن ۾ به مسجدون نه ٺهيون آهن. ٻارهن تيرهن سالن جي عـُـمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي مشهور مسجدن: متقين جي مسجد، سونارن جي مسجد، خليفن جي مسجد ۽ آخوندن جي مسجد وغيره ۾ فجر نماز تي ويندو هوس ته گهٽيءَ جا فقط چند پوڙها هوندا هئا جن سان پهرين صف به نه ڀربي هئي ۽ اڄ  پنجاهه سالن بعد جڏهن هالا جي آدم شماري 25 هزارن مان ٻه لک ٿي وئي آهي ته به فجر نماز تي پهرين صف مس ٿي ڀرجي ۽ هيڏانهن آمريڪا جي مسجدن ۾ پوڙهن سان گڏ نوجوان ۽ ننڍن ٻارن کي ڏسي تعجب  ٿو لڳي. ان ڪري ته آئون ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جي وڪالت ڪندو آهيان  ته آمريڪا حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد  ضرور ڪريو پر هتي جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽  هتي عوام  جنهن کي پاڻ "آمريڪن" سڏيون ٿا اهو ڪنهن خاص نسل جو جانور نه آهي پر دنيا جي ڀانت ڀانت  ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو آهن جن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان ڀائر آهن ته غريب ۽ لاوارث فلسطيني  مسلمان ۽ ڏتڙيل ۽ دربدر سومالي  عيسائي به آهن. ڪرد ۽ پارسي آهن ته بنگالي ۽ بلوچ به آهن  جيڪي مجبور ٿي پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا“ اڄ هو "آمريڪن" آهن. هو ان نئين ديس ۾ نه فقط خوش گذارين  ٿا پر  پنهنجيّ ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو پنهنجن ملڪن ڏي  پنهنجن مائٽن کي به موڪلين ٿا. آمريڪا جي اصلي باشندن  جو جيڪو هڪ ننڍڙو انگ آهي اهو وِرلي ڪو نظر اچي ٿو ۽ اهي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ قابليت موجب  خوش آهن، سڪون ۾ آهن. هنن مان ڪنهن سان به اهي ظلم ستم نٿا ٿين  جيڪي اسان جي ديس جي اصلي باشندن باگڙي  ڀـِـيلن سان ٿين ٿا. هنن جو ڪو به "منوڀيل" ڪنهن شهر جي پريس ڪلب اڳيان انصاف لاءِ پريشان نظر نٿو اچي.
نيوجرسي رياست جي  جنهن ننڍڙي ڳوٺڙيAvenal۾ آئون رهان ٿو اتي  جا مسلمان، شاپنگ  ايريا جي هڪ هوٽل شيزان ۾ جماعت سان نماز پڙهن ٿا يا ٿورو پري هڪ عرب طرفان ٺهيل مسجد ۾ وڃن ٿا. پر هاڻ سال اندر هنن جي  پنهنجي مسجد تيار ٿي  ويندي ۽ کين شيزان هوٽل جي بئنڪٽ  هال ۾ نماز پڙهڻي نه پوندي جيڪو نمازين جي تعداد وڌڻ ڪري سوڙهو ٿو لڳي. ان نئين مسجد بابت  لکي چڪو آهيان ته  هتي جي مسلمانن چندا گڏ ڪري مسجد لاءِ  زمين ورتي آهي جيڪو دراصل عيسائين جو هڪ پراڻو گرجا گهر (Church) هو. هتي چرچ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ٿين جيڪي انهن جا مالڪ وڪڻي سگهن ٿا. ان گرجا گهر کي هاڻ ڊاهي ان تي مسجد جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اوسي پاسي ۾رهندڙ عيسائين توڙي يهودين ڪو گارگند نه ڪيو،  ڪو اعتراض نه ڪيو. هر هڪ کي خبر آهي ته هتي رهندڙ مسلمان هر ڪم قانون جي دائري اندر ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسلمانن ۾ پاڪستان جا پنجابي به آهن ته انڊيا جا گجراتي ۽ تامل مسلمان  به، پٺاڻ  به آهن  ته اسان  جي ڪراچي جا اردو ڳالهائڻ وارا ۽ سنڌي به. سڀ پيار محبت ۾ هلن پيا ۽ ڪو آسمان نٿو ڪـِـري. ڪٿي به اسلام کي خطرو نٿو اچي  جنهن جو ڊپ اسان وٽ هر ڳالهه ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ڪـَـرايو وڃي ٿو. نماز کان اڳ يا نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ وقت ، ياڪار پارڪنگ ۾ نديم جوڻيجو سان ته هر وقت ملاقات ٿيندي آهي جو جنهن "حبيب آمريڪن" بئنڪ  جو هو مئنيجر آهي اها ڀر ۾ ئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه جو مقبول ڏاهري يا دادو جو خالد چنا ۽ مسعود چنا نظر ايندا آهن.
 نيوجرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو، ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ انجنيئر رميش ٿارواڻي به رهي ٿو. هونوڪريءَ کان علاوه ماڻهن جا ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. سندس سنڌي هندن کان وڌيڪ مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ وقت گذري ٿو. هفتي  ۾ هڪ دفعو  نيوجرسي جي واسواڻي سينٽر ۾ ويندو آهي ته مونکي به وٺي هلندو آهي يا مون  لاءِ اتان ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندو آهي. مختلف مندرن ۽ آمريڪا جي هندو سوسائٽين طرفان ٿيندڙ فنڪشن بابت مونکي به  ٻڌائيندو آهي. اڳ ۾ اهڙين  فنڪشنن، دعوتن ۽ گڏجاڻين لاءِ سـِـڪبو هو ۽ پنهنجو وطن ياد ايندو هو. اڄ پنهنجي وطن کان وڌيڪ هتي پرديس ۾ خوشين جا جشن ٿين ٿا ۽  بيحد سهڻي نموني سان ٿين ٿا. نه رڳو هندو، سکن ۽ يهودين  جا پر مسلمانن جا پڻ. ڪنهن به فنڪشن ۾ بم نٿو ڦاٽي، ڪنهن به گڏجاڻي ۾ پوليس جي لٺ بازي نٿي ٿئي، ڪنهن به جشن کي سياسي طرح سبوتاز نٿو ڪيو وڃي. اهو ڪو هفتو نٿو گذري جنهن ۾ اسان ديسين  جو ڪو جشن، ڪا گڏجاڻي، ڪو مذهبي، سماجي يا ثقافتي ڪاڄ نٿو ٿئي.
 گذريل هفتي ورجينيا ۾ منهاج القرآن ڪميٽي جي اهتمام هيٺ عيد ميلادالنبي صه جو جشن ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ ۽ نعتِ رسول پيش ڪيو. منهاج القرآن ڪئناڊا" جو ڊائريڪٽر علاما صادق قريشي خاص مهمان هو. هتي جي دوستن ٻڌايو ته هي جشن هتي هر سال ملهايو وڃي ٿو. هن دفعي روٽ ون تيBest westernهوٽل ۾ رچايو ويو جنهن جي هالن کي بئنرن ۽ رنگارنگ  جهنڊين سان سـَـجايو ويو هو. چيف گيسٽ جي تقريرن کان علاوه  ڊاڪٽر علامه ظفراقبال نوري ۽ ميان عبدالرشيد به تقرير ڪئي. وچ  ۾ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز اتي ئي  پڙهائي وئي جنهن بعد پاڪستاني ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو منهاج القرآن  ايڊيوڪيشنل ۽ ڪلچر اڪيڊمي ورجينيا جي جنرل سيڪريٽري ۽ مشهور نعت خوان محمد تنوير چشتي جي چوڻ موجب ڪجهه هتي جي ديسي هوٽل تان ۽ ڪجهه گهرن ۾ ڪيو ويو.
 مهمان  خصوصي سان گڏ عثمان خان نوري، الحاج نور محمد جرال،  ميان عبدالرشيد ۽ خرم يوسف زئي سان پڻ  ملاقات ٿي جيڪي هاڻ آمريڪا جا شهري آهن ۽ هو آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جي نوجوان  ٽهيءَ کي ديني تعليم ڏيڻ ۾  سرگردان آهن ۽ هن قسم جي ڪانفرنس ڪرائيندا رهن  ٿا.
 هنن ئي ڏينهن ۾ بروڪلن (نيويارڪ) جي ڪوني آئيلينڊا  ايوينيو تي "مدينا ريسٽورنٽ" نالي هڪ نئين هوٽل جو افتتاح ٿيو. هن  علائقي (ڪوني آئيلينڊ ايوينيو) کي ننڍڙو پاڪستان Little Pakistan به سڏيو  وڃي ٿو جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ تي انڊين دڪانن ۽ هوٽلن جي ميجارٽي هجڻ ڪري ان علائقي کيLittle Indiaسڏيو وڃي ٿو. هن پاسي ڪنهن ديسيءَ جي هوٽل، دڪان يا اسٽور کـُـلندو آهي ته هتان نڪرندڙ اردو اخبارن ۾ ان  بابت خبر ۽ اشتهار پڻ ايندو آهي. اشتهار ۾ ان هوٽل يا دڪان  جي  تصوير هوندي آهي يا وري ان اهم شخصيت جي ربن ڪپيندي  تصوير ايندي آهي جيڪو افتتاح ڪندو آهي. تصوير جي مٿان يا تصوير تي "ماشاءَالله،" "هاذا فضل من ربي" يا  وري "يه سب تمهارا کرم هي آقا" ضرور لکيل هوندو آهي. هڪ ته ان خيال کان به ته آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن  کي احساس  ٿئي ته هيءَ هوٽل ڪنهن مسلمان کولي آهي ۽ هن ۾ هر شيءِ  حلال ملي ٿي جيئن  ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن شهرن پٽاني، سونگڪلا، حاديا وغيره ۾ گاڏن تي کاڌو رکي وڪڻڻ وارا مسلمان پنهنجي گاڏي مٿان "بسم الله" پينٽ ڪرائي ڇڏين يا ان  عبارت جو فوٽو فريم ڪرائي هڻي ڇڏين جيئن  پاڙي واري ملڪ ملائيشيا کان آيل مسلمان  ٽوئرسٽ سمجهي وڃن ته هتي حلال شيءِ وڪامي ٿي. هونءَ آمريڪا توڙي يورپ ۾ اهي هوٽلون جتي نان،  چپاتي، پوريون، برياني ۽ ٻوڙ ملن ٿا، انڊين هوٽلون سڏيون وڃن ٿيون پوءِ اهي چاهي ڪنهن بنگلاديشيءَ جون هجن يا پاڪستاني مسلمان جون. ان معاملي ۾ هڪ پاڪستاني پنهنجي هوٽل جي ٻاهران پاڪستاني هوٽل لکرائيندي ڪيٻائيندو جو هن کي خبر آهي ته هتي جا کائڻ جا شوقين  گورا "انڊين" کاڌي يا هوٽل جو  پـُـڇائين  ٿا ۽ هتي اهو "انڊين" لفظ پاڪستاني، ڪشميري ۽ اتر انڊيا جي کاڌن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪيترا يورپي ۽ آمريڪي ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انڊين  هوٽلن جو کاڌو ڏسي  مايوس ٿي ويندا آهن جو انهن ملڪن ۾ ڏکڻ  هندستان جا تامل، مليالم، ملباري،  تيلگو ۽ ڪانڊا ٻوليون ڳالهائيندڙ  رهن ٿا ۽ انهن جي اڊلي  ڊوسا ۽ مرچن وارن ٻوڙن  لاءِ انگريز ۽ يورپين  جو ٽيسٽ اڃاDevelop  نه ٿيو آهي. هو اڦراٽا، نان، برياني ۽ پاڻ وارا بصر تي رڌل گهٽ مرچن وارا ٻوڙ  پسند ڪن ٿا.
نيويارڪ جي هن مدينا ريسٽورنٽ جي خبر اشتهار جي شڪل ۾ اردو اخبارن ۾ هن ريت آئي آهي:
"ڪوني آئيلينڊ ايوينيو" بروڪلن (نيويارڪ) جيڪو "لٽل پاڪستان" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان تي"مدينا ريسٽورنٽ ائنڊ سوئيٽس" جي نالي سان هڪ نئين ريسٽورنٽ جو واڌرو  ٿيو آهي. 563 ڪوني آئيلينڊ ايونيو بروڪلن  تي موجود هن هوٽل جو عظيم افتتاح جمع  جي ڏينهن ٿيو.
(ڪراچي جي سئنيمائن ۾ نئين چڙهندڙ فلم وانگر هتي جي هوٽل يا دڪان وغيره جو افتتاح  به ڪنهن "مبارڪ جمع"  تي ٿيندو آهي. اهو ان ڪري به جو جمع  ڏينهن شام کان هتي موڪل شروع  ٿئي ٿي ۽ پورهيتن کي هفتي جو پگهار ملي ٿو. ٻي ڳالهه ته مٿي "عظيم افتتاح" لفظ مون لکيو آهي نه ته هتي جي انگريزي توڙي اردو اخبار ۾ انگريزي جو لفظ "گرينڊ اوپننگ"  ئي لکيو وڃي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو لفظ ڪجهه پنجابي لهجي ۾ اُچاريو وڃي ٿو. هتي جي ديسين واتان اڪثر ٻڌبو ته "يار ڪالهه فلاڻي شيءِ جي گرينڊ اوپننگ ٿي هئي، اوڏانهن دعوت کائڻ ويو هوس" ) خبر ۾ اڳتي لکيل آهي ته:
"پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي جي معروف  سماجي وسياسي  شخصيت وڪشميرUSAجي ڊائريڪٽر ڪئپٽن خالد شاهين بٽ  مدينا ريسٽورنٽ جي گرينڊ اوپننگ ڪئي. هن تقريب ۾  پاڪستاني آمريڪن ڪيمونٽي جي مختلف شعبن سان  تعلق رکندڙ اهم ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مدينا ريسٽورنٽ خالص  کاڌن جي ذائقي ۽  ذلت جي حوالي سان  پنهنجو مثال پاڻ آهي، جتي سئو  سيڪڙو حلال گوشت کان علاوه  صحت جي اصولن کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
 اهو هڪڙو خاص Formatهتي جي کـُـلندڙ هوٽلن  جي اشتهار جو. باقي رهيو سوال صحت جي اصولن کي ڌيان ۾ رکڻ  جو، سو خبر ناهي خدا جو خوف آهي يا هتي جي صحت کاتي جو موچڙو آهي. جتي به هن قسم جا سرڪاري کاتا سخت  آهن، ڪنهن جي سفارش ۽ رشوت نٿي هلي، اتي ڪڏهن به پاروٿي ۽Unhygienic  شيءِ گراهڪن کي کارائي  بيمار نٿو ڪيو وڃي ۽  پوءِ اهو ملڪ  کڻي آمريڪا هجي، يورپ جو سئيڊن ۽ جرمني هجي يا ايشيا جو ملائيشيا ۽ سنگاپور هجي، تڏهن ته ملائيشيا ويندڙن کي آئون هر وقت  اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته ڪنهن وڏي هوٽل ماني کائي اجايو پئسو ضايع ڪرڻ کان ڪنهن گاڏي واري کان ئي ماني وٺي کائيندا ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي جو ملائيشيا جو صحت کاتو ۽ پوليس کاتو ايڏوسخت آهي جو ٿائلينڊ جي بارڊر کان وٺي سنگاپور تائين ملائيشيا جي هر شهر، هر ڳوٺ ۾ توهان کي ڪٿي به کاڌي ۾ ملاوت نظر نه ايندي.