Friday, October 28, 2011

يهودي... اسان جا سوٽ ماسات! - الطاف شيخ


يهودي... اسان جا سوٽ ماسات!
الطاف شيخ
پنهنجي وطن جي ماڻهن سان جڏهن اها ڳالهه ڪجي ٿي، ته ممبئي جو مشهور ‘ساسون ڊاڪس’، يا ساسون لائبريري وغيره يهودي مخير (Philanthropists) ٺهرائي ته هنن کي تعجب لڳي ٿو ۽ هو اهو ئي پڇن ٿا ته ڇا انڊيا ۾ يهودي رهن ٿا؟ ڳالهه اها آهي ته صدين کان يهودي نه فقط انڊيا جي شهرن ممبئي، پوني، ڪوچين، ڪلڪتي وغيره ۾ رهن ٿا، پر انهن شهرن ۾ به رھن ٿا جيڪي اڄ پاڪستان ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ؛ ڪراچي، لاهور، پشاور وغيره. اڄ به ڪراچيءَ ۽ پشاور ۾ نه فقط يهودي رهن ٿا، پر سندن عبادت گهر پڻ آهن، جنهن کي صومعھ يا ڪنيسھ (Synagogue) سڏجي ٿو. ڪراچيءَ وارو Magen Shalome سناگاگ 1980ع ۾ ساڙيو ويو، جنهن جي جاءِ تي اڄ شاپنگ پلازا آهي. پر پشاور ۾ يهودين جا ٻه سناگاگ پراڻي حالت ۾ موجود آهن. 1881ع واري آدمشماري مطابق سنڌ ۾ 153 يهودي رهيا ٿي، 1919ع ۾ هنن جو تعداد 650 هو. 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ يهودين جي آدمشماري 2500 هئي، جيڪي ڪراچيءَ ۾ رهيا ٿي. جاني جوزف نالي هڪ ڪراچيءَ جو يهودي انجنيئر، اسان جي جهازران ڪمپني ‘نئشنل شپنگ ڪارپوريشن’ ۾ پڻ هو، جنهن پوءِ 1979ع ڌاري جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ ۾ ڪئپري سئنيما وٽ بيٽرين جو دڪان کوليو. هڪ ٻيو يهودي بينجمن نالي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو مڪينيڪل انجنيئر ٿي گذريو آهي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته اهي پوءِ 1981ع ڌاري اسرائيل جي شهر راملا لڏي ويا. اسرائيل ۽ فلسطين جي لڙائين کان پوءِ پاڪستان جهڙن مسلمان ملڪن جو اسرائيل سان ناراضپو ۽ بائيڪاٽ ٿيڻ ڪري عام ماڻهوءَ جي يهودين سان نفرت ٿي پئي آهي، جيتوڻيڪ يهودين سان اها نفرت هنن جي يهودي هجڻ ڪري نه، پر Zionist (صيهوني) هجڻ ڪري آهي، جيڪي مسلمانن جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ کي پنهنجو حق ٿا سمجهن.

Tuesday, October 25, 2011

ماڻهو منهنجي ديس جا - الطاف شيخ

ماڻهو منهنجي ديس جا
 الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي يهودي فئملي ساسون جي خير جي ڪمن جي ڳالهه ڪئي، جيڪي هنن ممبئي ۾ قائم ڪيا. هن فئملي جي وڏي ڊئوڊ ساسون جيڪو بغداد کان لڏي ممبئي آيو هو، تنهن 1867ع ۾ هڪ اسپتال پوني ۾ پڻ ٺهرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ هتي جي وڏين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن سان پوني جوB.J  ميڊيڪل ڪاليج ۽ نرسز ٽريننگ اسڪول پڻ لاڳو آهي. ٺهڻ وقت هيءَ اسپتال 144 بسترن جي هئي. اڄ اها 1500 بسترن جي آهي ۽ منجهس يتيم ٻارن جي رهائش جو بندوبست پڻ آهي.

Saturday, October 22, 2011

ممبئي جي يهودي فئملي: ساسون - الطاف شيخ


ممبئي جي يهودي فئملي: ساسون
الطاف شيخ
ڪيترا اهڙا ملڪ آهن، جن ۾ ننڍن توڙي وڏن کي مطالعي جو نه شوق آهي ۽ نه عادت. ملائيشيا به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي، بلڪ هو. 1970ع ۽ 80ع واري ڏهي تائين ته سکر ۽ خيرپور جيڏي وڏي شهر ملاڪا ۾ نون ۽ پراڻن ڪتابن جو دڪان ئي هڪڙو هو، جيڪو هندو گجراتيءَ 1970ع ۾ کوليو هو. آئون هميشھ پنهنجن ملئي دوستن کي چوندو هوس ته پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب وٺي ڏيو ته ننڍي هوندي کان مطالعي جي عادت پوين. پنهنجي نيوي جي اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي ته سختي سان ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هوس جو مطالعو اهڙي شيءِ آهي، جو سمنڊ تي ڊگهن سفرن ۾ اڪيلو بور ٿيڻ کان بچائي ٿو. منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي سياڻي حڪومت پڻ جلد ئي ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڳالهه تي 1990ع واري ڏهي جي شروع کان اهڙو ته زور ڏنو، جو اڄ ڪلهه ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي لائبريريون ۽ بڪ شاپ نظر اچن ٿا. پر تڏهن به پڙهڻ جي اڃايل لاءِ جيڪو سُک ممبئي، ڪلڪتي، لاهور، لنڊن، نيويارڪ، واشنگٽن ۽ دهلي جهڙن شهرن ۾ آهي، اهو ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ ڪٿي!

Friday, October 21, 2011

نابين ماءُ لاءِ گهنٽا گهر ٺهرايو - الطاف شيخ


نابين ماءُ لاءِ گهنٽا گهر ٺهرايو
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ ممبئي يونيورسٽي جي لائبريري بابت پڻ لکيو اٿم ته ان ۾ ڪتابن جو تعداد ۽ ورائٽي ڏسي بيحد متاثر ٿيس. مون هن کي هڪ عام لائبريري ٿي سمجهيو. جهڙي طرح اسان جي نيول اڪيڊمين يا مئريٽائيم يونيورسٽي جي ٿئي ٿي. جنهن ۾ فقط پنج ڇهه هزار ڪتاب، واسطي واري سبجيڪٽ يا جهاز راني يا جهاز سازيءَ جا ٿين. پر پوءِ چڱو جو ٻئي ڏينهن ”ڊاڪٽر پروفيسر صاحب علي“ سان گڏ هليو ويس. ڊاڪٽر صاحب علي ممبئي يونيورسٽي ۾ اردو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. پاڻ 1963ع ۾ يو. پي. صوبي جي اعظم ڳڙهه شهر جي ڀرسان ”بستي“ نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙهه يونيورسٽي مانPh.D  ڪيائين. ان ڏينهن ممبئي يونيورسٽي جي FM ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو هو، سو اسٽيشن ڪنسلٽنٽ پنکج اٿاوالي مون کي مئرين انجنيئرنگ سبجيڪٽ تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾ ٻڌندڙن ڪجهه سوال جواب به ڪيا، جنهن بعد اردو ڊپارٽمينٽ ۾ آيس ته پروفيسر صاحب علي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري مان ڪجهه ڪتاب اِشو ڪرائڻ لاءِ نڪري رهيو هو. مون کي ڏسي موٽيو ٿي ته مون کيس منع ڪئي.

Thursday, October 20, 2011

ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي - الطاف شيخ

ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان، ته انگريزي طرز جي هيءَ پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انگريزن ممبئيءَ ۾ 1854ع ۾ قائم ڪئي. هيءَ يونيورسٽي پهريون سال ٻه ممبئي جي آڳاٽي ۽ مشهور ڪاليج ”ايلفنسٽن ڪاليج“ جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد اتي ئي فورٽ جي علائقي ۾ 1857ع ۾ نئين بلڊنگ ٺهڻ تي شفٽ ڪئي وئي. هيءَ ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي پهرين حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ نوودياله اسڪول جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد ڄامشوري ۾ شفٽ ڪئي وئي.

Tuesday, October 18, 2011

لالا لجپتراءِ روڊ، جگجيت سنگهه ۽ ديشمک مارگ - الطاف شيخ


لالا لجپتراءِ روڊ، جگجيت سنگهه ۽ ديشمک مارگ
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي حاجي علي درگاهه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا حاجي علي چونڪ وٽان شروع ٿيندڙ لالا لجپت راءِ روڊ جي منهن وٽ آهي. حاجي علي چونڪ جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو وي. ڊيسائي چونڪ رکيو ويو آهي، جهڙي طرح هارون بي ويلا روڊ جو نالو لالا لجپتراءِ روڊ رکيو ويو آهي.

ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه - الطاف شيخ


ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه
 الطاف شيخ
ممبئي ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ٻه آپشن موجود هئا. جن جو بندوبست ميزبانن جئه موتياڻي ۽ ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ منهنجي اچڻ کان اڳ ڪيو هو. جئه موتياڻيءَ ٽاريڊو روڊ تي هوٽل روز-وڊ وارن سان ڳالهايو هو، جنهن لاءِ مون کي خبر پيئي ته هيءَ هڪ سنڌيءَ جي هوٽل آهي. مون کي لڳي ٿو ته دبئي ۾ رهندڙ بزنيس مئن مورج منگهناڻيءَ جي پٽ چندر جي آهي، جن جي جئه وارن سان به مائٽي آهي. هن هوٽل وارا جئه جي مهمانن لاءِ تمام گهڻو ڊسڪائونٽ ڏين ٿا. زور ڀرڻ تي جئه ٻڌايو ته ان هوٽل جي نارمل مسواڙ سنگل ڪمرو ساڍا ٽي هزار روپيه ۽ ڊيلڪس جيڪو ڊبل آهي ان جي ساڍا چار هزار روپيه آهي. پر هن کي 40 سيڪڙو گهٽ ڏيڻو پوي ٿو. بهرحال هيءَ هوٽل مسواڙ جي حساب سان نه رڳو بهتر آهي پر ممبئي جي بهترين هنڌ تي آهي. ڄڻ فاران هوٽل حيدرآباد ۾ يا جبيس هوٽل ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هجي.

انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي - الطاف شيخ


انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جو هي مين ڪئمپس جتي جي گيسٽ هائوس ۾ آئون ترسيل آهيان ممبئيءَ جي جنهن علائقي ۾ آهي اهو علائقو ڪالينا سڏجي ٿو، ان ڪري هن يونيورسٽيءَ کي Kalina Campus پڻ سڏجي ٿو ۽ شروع واري ممبئي يونيورسٽي جي ننڍي بلڊنگ جيڪا ڏکڻ ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ آهي، اها فورٽ ڪئمپس سڏجي ٿي. هي ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي بلڊنگ ”حيدرآباد ڪئمپس“ سڏجي ٿي ۽ مين يونيورسٽي ”ڄام شورو ڪئمپس“ سڏجي ٿي يا ڪراچي ۾ NED يونيورسٽي وارو سٽي ڪئمپس جيڪو پاڪستان چوڪ ۾ آهي جتي پهرينNED  ڪاليج هو ۽ ٻيو هاڻ وارو NED يونيورسٽي ڪئمپس جيڪو ڪراچي يونيورسٽي پاسي، گلستان جوهر ڏي آهي. ڪالينا ۽ ڄام شورو ۾ اهو فرق آهي ته ممبئي جي ڏاکڻي ڪنڊ کان ڪالينا تائين بلڪ اڃا به مٿي چمبور يا وکرولي تائين، جتي ڪٿي حيدرآباد يا ڪراچي جي صدر جهڙو شهر لڳو پيو آهي. ممبئي يونيورسٽي کان ٻاهر نڪر ته هن جي بائونڊري لائين سان دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جون قطارون لڳيون پيون آهن. روڊ جي ٻئي پار به اهو حال آهي، جيتوڻيڪ اصل ڪالينا ڳوٺ جنهن جي ڪري هن يونيورسٽي کي ڪالينا ڪئمپس سڏجي ٿو، پيٽارو ۽ ڄام شورو وانگر چڱو خاصو پري آهي پر لڳي ٿو ته يونيورسٽي جي در کان شروع ٿيو وڃي. يونيورسٽي جي ٻاهران روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيترين ئي بسين جا اسٽاپ آهن، جيڪي بسيون نه فقط ڀر وارين ريلوي اسٽيشنن ڪُرلا ريلوي اسٽيشن ۽ سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن ڏي وڃن ٿيون پر شهر جي ڪيترن ئي ڏورانهن علائقن تائين شاگردن کي کڻي وڃن ٿيون. ان کان علاوه يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران هر وقت ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ آٽو رڪشائون بيٺل ملن ٿيون. سواريءَ جو ته ممبئي شهر ۾ ڪو به مسئلو ناهي. هتي رڪشائون فقط ”آٽو“ سڏجن ٿيون ڇو جو ممبئي ۾ رڪشائون ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون اهي آهن جن جي اڳيان سائيڪل لڳل آهي جيڪا پيرن سان پئڊل هلائڻ سان هلايون وڃن ٿيون. اهي رڪشائون سڏجن ٿيون، باقي اسان جي ملڪ جهڙيون رڪشائون جيڪي موٽر سائيڪل ذريعي يعني آٽو موبائيل ذريعي هلايون وڃن ٿيون، اهي فقط ”آٽو“ سڏجن ٿيون. ان کان علاوه ڪلڪتي، دهلي ۽ احمد آباد بڙودا جهڙن شهرن ۾ اهڙيون به رڪشائون ڏٺم جن ۾ سائيڪل يا موٽر سائيڪل نه ٿئي. هلائڻ وارو رڪشا جون ٿوڻيون ڪڇن ۾ جهلي پاڻ سان گڏ ان کي ڇڪي. ان قسم جون رڪشائون مون ننڍي هوندي ڪراچيءَ ۾ ڏٺيون هيون، اٽڪل 1960ع ۾. ان بعد بند ٿي ويون. ماڻهوءَ ڇڪڻ واريون رڪشائون ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چين جي شهرن ۾ به عام هيون، پر هاڻ اهي فقط انڊيا جي ڪجهه شهرن ۽ هنوئي (ويٽنام) ۾ وڃي رهيون آهن.

Saturday, October 15, 2011

ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ - الطاف شيخ


ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ
الطاف شيخ
ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ سان ڊرائيور ڪنهن روڊ جو نالو وٺي چيو ته اتي هن وقت ٽرئفڪ جام آهي، ان ڪري ٻئي ڪنهن روڊ تان هلان؟
مون رعب سان هائوڪار ته ڪئي پر دل ۾ سوچيم ته؛ ”ڀائو اجهو ٿي پنجن منٽن ۾ خبر پوئي ته آئون نه فقط ممبئي ۾ ڌاريو آهيان پر تنهنجي ملڪ ۾ به ڌاريو آهيان. سو تون مون کي ٻڌائڻ بنا ئي غلط سلط رستن تان وٺي ويندين ته به مون کي خبر نه پوندي.“ ممبئيءَ ۾ هي منهنجو پهريون ڏينهن هو جو آئون CST اسٽيشن کان ممبئي يونيورسٽي (سئنٽا ڪروز) وڃي رهيو هوس. ريلوي اسٽيشن وٽان ٽئڪسي ۾ ويهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ڊرائيور سمجهيو هجي ته آئون دهلي، آگري، ميسور، حيدرآباد دکن يا گجرات جي شهرن احمد آباد يا بڙودا مان ممبئي آيو هجان، جو ڊرائيور منهنجي اردو (هندي) جي لهجي مان مون کي گجراتي سمجهيو جو هڪ هنڌ پڇيو ،”آپ گجراتي هين؟“ کانئس پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته هو مرهٺو آهي پر ماءُ ڪوڪني اٿس. بهرحال مون وارو هي ٽئڪسي ڊرائيور خوش هو جو هن کي گهران نڪرندي پهرين ئي سواري وڏي فاصلي واري ملي وئي هئي.

Friday, October 14, 2011

جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر - الطاف شيخ


جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر
 الطاف شيخ
انگريزن جي دور جو ٺهرايل هي ممبئي جوPedder  روڊ، اڄ ڪلهه جنهن سماج سڌارڪ گوپال راءِ ديشمک نالي ڪيو ويو آهي، اهو انڊين ميڊيڪل ائسوسيئيشن جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد گوپال راءِ ديشمک ممبئي جو پهريون ميئر بڻيو. پاڻ هن پيڊر روڊ تي ئي رهيو ٿي. مون کي هن روڊ جي ٺهيل جسلوڪ اسپتال ۾ وڃڻو هو. منهنجي ممبئي جي ميزبان جئه موتياڻي صاحب مون کي ٻڌايو ته واسواڻي ٽرسٽ وارن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان سنڌ گرئجوئيشن ”سگا“ جي سهڪار سان ڪجهه ٻار گهرايا آهن، جن کي دل جي تڪليف آهي، جن جو جيئن ته اتي علاج ممڪن نه آهي، ان ڪري انهن جي آپريشن لاءِ پوني جي ساڌو واسواڻي مشن وارن هن اسپتال ۾ بندوبست ڪيو آهي.

Saturday, October 08, 2011

هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول - الطاف شيخ


هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول
الطاف شيخ
گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪاڇو پبليڪيشن وارن ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ نالي ڪتاب ڇپيو آهي جيڪو 700 کن صفحن جو ٿيندو. ائين ته حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن قاضي خادم جي ساروڻين جا ٻه واليوم ”دل جي دفتر مان“ ڇپيا آهن جن جا ٽوٽل صفحا اٺ سئو کن ٿيندا ۽ پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جا ٽي واليوم يا رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي يادگيرين جي ڪتاب ”ڪئين ڪتاب“ جا ٻه جلد جوڙجن ته هزار صفحن جي لڳ ڀڳ وڃيو ٿين. اهڙي طرح اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ به نسيم حجازيءَ ۽ ڊومِنق (Dominiaqe lapierre) ست ست اٺ اٺ سؤ صفحن جا ناول لکيا آهن. هڪ انڊين ليکڪ ”وڪرم سيٺ“ انگريزيءَ ۾ هزار صفحن کان به مٿي “Suitable Boy” نالي ناول لکيو آهي.

Thursday, October 06, 2011

“ميرا رنگ دي بسنتي چولا” وارو شهيد - الطاف شيخ


“ميرا رنگ دي بسنتي چولا” وارو شهيد
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته ممبئي جو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ ڪولابا وارا برٽش راڄ جا جهونا علائقا اچي وڃن ٿا، باقي ممبئي کان بلڪل مختلف آهي. هتي توهان کي سئنٽا ڪروز، انڌيري، کار، سيان، دادر ۽ ڌروي وارو گوڙ شور، ٽرئفڪ،  ماڻهن جي پيهه پيهان،  پيٽرول، ڊيزل، رستن تي ڪيل ماڻهن جي مُٽَ ۽ ڍڳين جي ڇيڻن جي ڌپ نه ملندي، پر خاموشي ڪري هتي توهان کي فٽ پاٿ تان هلندي مٿي وڻن تي ويٺل پکين جون لاتون به ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪنهن گهر اڳيان تازي ڪٽيل ڇٻر جي سڳنڌ به ايندي.هتي توهان کي ڪوبه جلدي ۾ نظر نه ايندو. ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندڙ پوڙهي پارسي جوڙي کي يا اسڪرٽ ۾ ملبوس ڪرسچن ڇوڪريءَ کي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندو ڏسي مون کي سٺ جي ڏهائيءَ وارو ڪراچي جو صدر ۽ ڪلفٽن ياد آيو ٿي  يا وري هانگ ڪانگ ٻيٽ جو وڪٽوريا هِل (پهاڙي) وارو ۽ لورينزو مارڪس (جيڪو اڃا ’مپوتو‘ نه ٿيو هو) ان جو پارڪ لين جو علائقو 1970ع يا ان کان اڳ وارن سالن جو ياد آيو ٿي. جڏهن نه هانگ ڪانگ کي انگريزن ۽ نه اڃان آفريڪي ملڪ موزمبيق کي پورچوگالين آزادي ڏني هئي. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ انگريز، لارينزو مارڪس (موپوتو) ۽ لئانڊا ۾ پورچوگالي ۽ بيروت ۾ فرينچ، جنهن سڪون سان پنهنجين مخصوص ريسٽورنٽن ۽ بار هائوسن ۾ اندر يا ٻاهر فٽ پاٿ تي رکيل ڪرسين تي ويهي ڪاري ڪافي يا ٿڌي بيئر جون چسڪيون ڀريندا هئا، اڄ به هن ڏکڻ ممبئي جي انگريز دور جي ڪيفي موديگار (Mondegar)، ڪيفي ليو پولڊ (Leopold)، نيو مارنٽي بار جهڙين هوٽلن ۾ هندستان جا امير واپاري، رٽائرڊ سرڪاري ڪامورا ۽ فوجي جرنيل زندگيءَ جون پرسڪون گهڙيون گذارين ٿا.

Wednesday, October 05, 2011

ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِ گائيڊ لائين - الطاف شيخ


ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِ گائيڊ لائين
الطاف شيخ
منهنجي رهائش ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ هجڻ ڪري آئون ڀر واري اسٽيشن ڪرلا تان ريل ۾ چڙهي هن فورٽ واري علائقي ۾ ايندو هوس. هيءَ ٽرين ڪرلا ريلوي اسٽيشن بعد سيان، مٽونگا، دادر، پاريل، ڪَري روڊ، چِن ڇپو ڪلي، باءِ ڪلا (Bycula)، سئنڊ هرسٽ روڊ ۽ مسجد روڊ اسٽيشن وٽان ٿيندي، آخري اسٽيشن ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينس (CST) تي پهتي ٿي. 1880ع جي ٺهيل هن ريلوي اسٽيشن جو نالو وڪٽوريا ٽرمينس هو. اڄ به ڪيترا ماڻهو هن اسٽيشن کي وي. ٽي سڏين ٿا. بهرحال VT يا CST ريلوي اسٽيشن ۽ چرچ گيٽ اسٽيشن هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي آهن. ڪنهن به اسٽيشن تي لهي، هن علائقي جون مختلف تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ پنڌ ئي پنڌ هلي گهمي سگهجي ٿو. يا اتان ٽئڪسي ڪري ناريمن پوائنٽ تائين وڃي سگهجي ٿو. هونءَ ته انهن اسٽيشنن جي آس پاس ۾ ئي ميلو متل آهي. دڪان، شاپنگ مال، فوٽ پاٿ تي جڙيون ٻوٽيون وڪڻڻ وارا، مختلف قدبت ۽ رنگن جون پنجابي، گجراتي، تامل، بنگالي، بهاري، راجستاني عورتون ۽ مرد پنهنجي پنهنجي رياست، شهر ۽ خاندان جون ڊريسون پهري هلڻ وارا، رستن تي مختلف قسم جون گاڏيون... وغيره وغيره، ڏسڻ وٽان آهن. انڊيا جي ريل گاڏين توڙي ريلوي اسٽيشنن جي چهل پهل، رونق ۽ زندگيءَ جو اندازو اسان جي ملڪ جا ماڻهو نٿا لڳائي سگهن. اسان وٽ ريلوي اسٽيشنون اندر توڙي ٻاهر ٻُسيون ٻُسيون ۽ Deserted لڳن ٿيون. ڪراچيءَ جي صدر واري ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران مڙيئي ڪجهه هوٽلون ۽ دڪان آهن، پر اتي به موالين ۽ چرسين جو گهڻو واسو آهي. اسان وٽ ريل جي سفر جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو وڃي. مون کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريل ۾ ئي سفر ڪندي حيرت ٿي، جيڪا ساڳين انگريزن ساڳئي دور ۾ ٺاهي، بلڪ ملائيشيا پاسي ته نئرو گيج جي ريل آهي، پر اتي جي سرڪاري ۽ واسطيدار کاتي ريل جي دٻن، وقت جي پابندي ۽ مسافر جي هر سک لاءِ ان کي اهڙو ته معياري بڻائي ڇڏيو آهي، جو ڪيترا ماڻهو سنگاپور کان ڪوالالمپور، يا ڪوالالمپور کان بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز بدران ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران آئون هميشھ اها دعا ڪندو هوس، ته ڪاش! اسان جو ريلوي نظام به اهڙو ٿي پوي. ياد رهي ته هيءَ اڄ واري ملائيشيا جي ڳالهه نٿو ڪريان، جڏهن اهو ٽين دنيا مان نڪري چڪو آهي. اهو اڄ يورپ جو ملڪ ٿو لڳي. ان جي مونو ريل يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. آئون 1970ع ۽ ان کان اڳ جي ملائيشيا جي ڳالهه ٿو ڪريان، جڏهن اهو هر ڳالهه ۾ غريب هو. هن کي نه اسان وانگر ايئر لائين هئي نه جهاز ران ڪمپني! صحيح قسم جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ئي نه هيون، پر اهو آهي ته هنن وٽ جيڪي ڪجهه هو هنن ان کي صحيح طرح هلايو ٿي. ريل ۽ ٽپال جو کاتو هجي يا پوليس ۽ جوڊيشري جو.

Sunday, October 02, 2011

ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون - الطاف شيخ


ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون
 الطاف شيخ
ممبئي گهمڻ لاءِ ايندڙن کي آئون فورٽ واري علائقي جو چڪر هڻڻ جي صلاح ڏيندس. توهان خريداري يا چڪر لاءِ ڪراچي يا حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ وڃو ٿا، پر بولٽن مارڪيٽ ۽ ان جي آس پاس واري علائقي کوڙي گارڊن، موٽڻ داس مارڪيٽ، جوڙيا بازار وغيره، يا ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صدر واري علائقي جو مزو ئي پنهنجو آهي. اتي توهان کي ڪيترن ئي وڏن دڪانن کان علاوه ننڍا دڪان نظر ايندا، فوٽ پاٿ تي شيون رکي وڪڻڻ وارا نظر ايندا، مختلف کاڌن پيتن جون ريسٽورنٽون ۽ ريڙها ملندا ۽ هر شيءِ جي ورائٽي ۽ گهڻائي نظر ايندي ۽ اگهه به مناسب ملندو. ان کان علاوه مختلف ماڻهن- مردن توڙي عورتن جي پيهه پيهان هوندي. انگريزن جي ڏينهن جون ڪيتريون ئي جهونيون ۽ تاريخي عمارتون ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڊينسو هال کان پارسين جو مندر ۽ عيسائين جو گرجا گهر نظر ايندو. اهو ئي حال ممبئي جي فورٽ واري علائقي جو آهي، جتي نه فقط انڊيا جي مختلف رياستن ۽ مختلف قومن جا ماڻهو ۽ سندن لباس نظر ايندا، پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ ملندا. تاريخ ۽ عمارتسازي جي خيال کان ته ڪيتريون ئي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. ظاهر آهي ڪراچيءَ ۾ ته انگريزن جو فقط هڪ سؤ سال کن اثر رهيو سو به پاسرائتو، هيڏانهن ممبئي (بمبئي) ته سندن ٽي سؤ سالن کان ڳڙهه هو.

Saturday, October 01, 2011

ممبئي جي روڊن تان هلندي... - الطاف شيخ


ممبئي جي روڊن تان هلندي...
الطاف شيخ
مهيش جي آفيس ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ آهي، جتي پهچڻ لاءِ اسان کي ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا روڊ پار ڪرڻا پيا. ڪٿي ٽرئفڪ جام هجڻ ڪري گهٽين مان لنگهياسين ٿي، جيڪي ائين هيون جيئن ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ تي ڪو جميله اسٽريٽ يا اردو بازار واري گهٽي اختيار ڪري. بهرحال ڪجهه ٻيا روڊ ۽ گهٽيون جيڪي ان ڏينهن نوٽ ڪيم ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کان ريل، بس يا ٽئڪسي رستي اتان لنگهڻ ٿيندو هو يا اتي جي ڪا خاص تاريخي جاءِ ڏسڻ لاءِ پهچندو هوس، هن ريت آهن: