پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي
آهيان
الطاف شيخ
ملاڪا، ملائيشيا جي 13 رياستن مان هڪ رياست جو نالو به آهي ته ان
رياست جي گاديءَ واري شهر جو نالو به آهي، جيئن پينانگ آهي يا اسان وٽ خيرپور ۽
بهاولپور رياستون هيون جن جي گادي وارن شهرن جو به ساڳيو نالو هو. ملائيشيا جي ٻي
ڪا اهڙي رياست ناهي جنهن جي گاديءَ واري شهر جو به ساڳيو نالو هجي. ملائيشيا جي
ڏاکڻي ۽ ڇيڙي واري رياست ’جوهور‘ (Johor) جي گادي واري شهر جو نالو البت ”جوهور بارو“ آهي. ٿي سگهي ٿو ان جو شروع ۾ ’جوهور‘ ئي نالو هجي ان بعد ان شهر جي ڀرسان هي ٻيو شهر
ٺهڻ تي ان جو نالو جوهور بارو ٿي ويو هجي. ملئي زبان ۾ بارو Baru لفظ جي معنيٰ ”نئون“ آهي ۽ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جي
نالن ۾ بارو (نئون) يا لاما (پراڻو) اچي ٿو جيئن اسان وٽ نيو هالا ۽ اولڊ هالا آهي
يا نيو ڪراچي ۽ نئين سعيد آباد شهر آهن.
ملاڪا ۾ ڏهاڪو کن سال رهڻ ڪري، ظاهر آهي منهنجو مختلف هنڌن تي اچڻ
وڃڻ لڳو رهيو ٿي. نه فقط ملاڪا رياست پر ڀر وارين رياستن نينگري سيمبيلان ۽ جوهور
جي به مختلف ڳوٺن ۾ ڄاڻ سڃاڻپ هئي ۽ ڪيترن سان هلندي اچي. هينئر ملاڪا ۾ آئي سارو
مون ڪجهه واقفڪارن سان ملي سلام دعا ڪرڻ چاهي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٽالپر مون کي اهو
ڏينهن پنهنجي ڪار ۾ وٺي هلڻ لاءِ تيار هو ۽ اسان سان گڏ سعيد به هلڻ چاهيو ٿي. مون
اهڙي طرح پروگرام ٺاهيو جيئن عطا کي اڳيان پويان اچڻ بدران سڌو ئي هلڻو پوي. يعني
ملاڪا شهر کان نڪرڻ بعد سنگائي اڊانگ، مسجد تاناح، ڪئالا سنگائي بارو، سريمبان ۽ آخر
۾ بانگيءَ مان ٿي ملاڪا موٽڻو هو. سنگائي اڊانگ (هي ملاڪا جو هڪ مشهور شهر آهي،
جتي انگريزن جي ڏينهن کان ٽرينڍا فوجي ڪئمپ آهي ۽ هن شهر جي لفظي معنيٰ آهي گانگٽن
واري ندي) ۾ منهنجو ملئي دوست ابراهيم بن معروف رهي ٿو. ابراهيم مون سان ملاڪا جي
نيول اڪيڊمي ۾ ڏهاڪو کن سال گڏ نوڪري ڪئي. پاڻ تمام سٺو دوست، سٺو آفيسر، بهادر،
بلند اخلاق ۽ نيڪ انسان آهي. هن کي هر هڪ پسند ڪيو ٿي پر ڪجهه ماڻهن خاص ڪري نيول
اڪيڊمي ۾ نوڪري ڪندڙ ليڊيز تنقيد ڪئي ٿي، جو هن کي هڪ کان وڌيڪ زالون هيون. هن وقت
هن کي چار زالون آهن پر جن ڏينهن ۾ اسان ملاڪا ۾ آيا هئاسين ان وقت فقط پهرين
فاطمه هئس جنهن مان ٻه ڌيئون ايمي ۽ جنيتا هئس جيڪي منهنجي ڌيئن جون هم عمر هيون ۽
گڏ پڙهيون ٿي. ان کان علاوه محافظ نالي پٽ هوس جيڪو هن نپايو هو. ملائيشيا ۾ ٻار
نپائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. مهاتير ۽ تنڪو عبدالرحمان جو به ڪيترو اولاد پنهنجو نه پر
نپايل آهي. بهرحال اسان جي ملئي دوست ابراهيم ٻي شادي اڪيڊمي ۾ نوڪري ڪندڙ سڀ ۾
خوبصورت ۽ ماڊرن ملئي ڇوڪري روهيدا سان ڪئي ۽ هفتي بعد هوءَ اسڪرٽ ڇڏي جبن جهڙي
پوشاڪ اوڍڻ لڳي ۽ تودونگ (حجاب) سان مٿو ڍڪڻ لڳي. اهو ڪم جيتوڻيڪ هن پنهنجي خوشيءَ
سان ڪيو پر آفيس جون ڪجهه عورتون ان کي ظلم سمجهڻ لڳيون. بهرحال 1991ع ڌاري ملاڪا
ڇڏڻ وقت مون ٻڌو ته هن ٽين شادي ملاڪا جي هڪ سرڪاري آفيسرياڻي سان ڪئي ۽ ڪجهه سالن
بعد ملاڪا گهمڻ آيس ته خبر پيئي ته هن چوٿين به شادي ڪئي آهي.
بقول ابراهيم جي جڏهن هو سڀني جا حق ادا ڪري ٿو ته ڇو نه چار شاديون
ڪري. هونءَ به ملائيشيا ۾ شادي ڪرڻ يا گهر هلائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، جو اتي مردن سان
گڏ عورتون به نوڪري ڪن ٿيون.
ابراهيم معروف جي پهرين زال فاطمه نوڪري نه ڪئي پر سندس ٻار پڙهي
يڪدم وڏين نوڪرين کي لڳي ويا. اڄڪلهه فاطمه پنهنجي نپايل پٽ محافظ سان گڏ
ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي، سندس ٻئي ڌيئون به اتي رهن ٿيون. ننڍي جنيتا ته بئريسٽر آهي. باقي وڏي ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ وڏي آفيسر آهي، جنهن جي برانچ ڪراچيءَ ۾ پڻ آهي ۽ هن
جي سال کن اڳ ڪراچي بدلي ٿي هئي. سندس مڙس پيٽروناس ۾ آهي ۽ ٽي ٻار اٿس. ايمي سان
گڏ مڙس زوهرين به پنهنجي بدلي ڪرائي ڪراچيءَ آيو. ابراهيم کي شروع ۾ شوق هو ته
سندس ڌيئون اسان وٽ ڪراچي ۾ رهي ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهن ۽ پٽ بنوري ٽائون
مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪري. پر آئون ٽن سالن جو سوچي ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهي
پيس، ان بعد سئيڊن هليو ويس. ابراهيم جون ۽ منهنجيون ڌيئون ملاڪا ۾ ئي پڙهنديون
رهيون. هاڻ جڏهن اسان ڪراچي ۾ هئاسين ته ايمي ڪراچي ڏسڻ ۽ اسان سان ملڻ جي شوق ۾
پنهنجي ۽ مڙس جي بدلي ڪراچيءَ ڪرائي پر افسوس جو هوءَ ڪراچي جي حالتن ۽ اسان جي
ملڪ جي حالتن سان adjust ٿي نه سگهيا ۽ کين مهيني اندر موٽڻو پيو. اتفاق اهڙو جو انهن ڏينهن ۾
ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻئي پويان بم ڦاٽا. هفتي لاءِ هو لاهور ويا ته اتي به هنن جي هوٽل
ڀرسان بم ڦاٽو ۽ هو زال مڙس، جيڪي پنهنجا ننڍا ٻار، سندن نانيءَ فاطمه وٽ
ڪئالالمپور ڇڏي آيا هئا، سخت پريشان ٿي ويا. ابراهيم ۽ فاطمه جا به هر وقت فون
ايندا رهيا. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته ڪراچي اهو سڪون وارو شهر نه رهيو آهي، جيڪو ستر
واري ڏهي ۾ هوندو هو. جڏهن ابراهيم پاڻ به جهاز تي هو ۽ سندس جهاز ڪراچي جي سهڻي
بندرگاهه ۾ ايندو رهيو ٿي.
ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ايميءَ وارن کي شيرٽن هوٽل ۾ عارضي طور رکيو ويو
هو پر هو اڪثر اسان وٽ هليا ايندا هئا. ايمي روزانو حيرت مان هتي جون ڳالهيون
منهنجي زال سان ڪجهه انگريزي ڪجهه ملئي زبان ۾ ڪندي هئي، جيڪي ٻڌي اسان کي احساس
ٿيندو هو ته اهي ڳالهيون جيڪي اسان لاءِ نارمل صورت ۾ لڳن ٿيون هڪ ڌارئين ماڻهوءَ
لاءِ واقعي حيرت جو سبب بنجن ٿيون.
ايمي منهنجي زال کي چوندي هئي: ”آنٽي آفيس ۾ هر وقت لائيٽ هليو وڃي،
ڪيئن ڪم هلندو.“
”آنٽي ڪم وارا وقت تي پهچن نٿا باقي موڪل پوري وقت تي يا ان کان به
اڳ ڪن ٿا. اهڙي حالت ۾ efficiency ڪيئن رهي سگهندي.“
هاڻ آنٽي کيس ڪيئن ٻڌائي ته توهان اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ پٺتي پيل هئائو
پر پوءِ توهان جي انهن خوبين، (محنت، ايمانداري سان ڊيوٽي، گهر گهر ۾ تعليم وغيره) ڪري توهان اڄ دنيا جا ترقي يافته آهيو ۽ اسان گهڻن کان گهڻو اڳ هجڻ جي باوجود پٺتي
رهجي ويا آهيون. اهو ڪو زمانو هو جو ملائيشيا ۾ نه ايڏيون اسپتالون ۽ تعليمي ادارا
هئا. ايتري قدر جو هي ڇوڪريون به اسان جي ملڪ جي ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾MBBS پڙهڻ لاءِ آيون ٿي. اڄ فقط پاءُ صديءَ جي فرق سان
ملائيشيا جو اهڙو نقشو ٿي ويو آهي جو اعليٰ تعليم لاءِ اسان جا ڊاڪٽر، انجنيئر،
سائنسدان ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جي فقط آغا خان يونيورسٽي recognize ڪئي وڃي ٿي.
هڪ آچر تي سندس دل وندرائڻ لاءِ آئون ايمي ۽ سندس مڙس کي ڊفينس جي
مسجد طوبا ۽ ڪلفٽن ڏي وٺي ويس. تين تلوارن وٽ ٻه کن همراهه پڃري ۾ بند ٿيل جهرڪ ۽
جهرڪيون وڪڻي رهيا هئا.
“لي لو، ثواب ملي گا.“ هن مان هڪ جهرڪين جو پڃرو اسان جي ڪار جي
دريءَ اڳيان ڪندي چيو.
يقينًا ايميءَ وارن کي حيرت ٿي هوندي جو ملائيشيا ۾ قسمين قسمين ۽
انيڪ پکي هجڻ جي باوجود ڪنهن کي ائين بنا لائسنس جي وڪڻڻ يا پالڻ جي اجازت ناهي. اجازت بعد، هن کي پالتو جانور يا پکيءَ جو خيال رکڻو آهي، جو هو به ساهوارا آهن. ايميءَ کي ضرور حيرت ٿي هوندي ته ههڙي گرمي ۾ هي ننڍڙا پکي ڇو ڦٿڪي رهيا آهن.
”بي بي لي لو ثواب ملي گا، بهت سستا هي.“ پکي وڪڻندڙ همراهه ايمي جي
منهن اڳيان پڃرو جهلي چيو.
“انڪل ڇا ٿو چوي؟“ ايميءَ پڇيو.
”بِلي برونگ برونگ. لبيح مورا. من دپات اجر.“ مون چيومانس.
”ما چام مانا، انڪل“ (ڪيئن ڀلا). هن حيرت مان پڇيو.
”توهان هن کي پئسا ڏئي، اهي پکي خريد ڪري، انهن کي آزاد ڪرايو ته
توهان کي ثواب ملندو.“ مون هنن کي ٻڌايو. ايميءَ کان ٽهڪ نڪري ويو.
”ڇو ڀلا ايمي؟“ مون پڇيو.
”ان ننڍي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ته پئسا به ڏيڻا پون ٿا. هن حالت ۾ بنا
پئسن جي وڏو ثواب حاصل ڪري سگهجي ٿو.“ ايميءَ چيو ۽ هاڻ آئون وائڙو ٿي ويس.
”ڪيئن ڀلا؟“ مون کي اهو راز معلوم ڪرڻو پيو.
”منهنجي خيال ۾ پکين کي اڃيو بکيو رکڻ واري هن ظالم کي پوليس حوالي
ڪرڻ کپي، جيئن پکين جي هميشه لاءِ جان ڇٽي وڃي ۽ ٻين لاءِ به سبق حاصل ٿئي.“
ايميءَ چيو ۽ منهنجي خيال ۾ هن صحيح ڳالهه ڪئي جو پئسا ڏيڻ تي توهان پکين سان ظلم
ڪندڙ جي همٿ افزائي ڪري رهيا آهيو ۽ هنن ننڍڙن جيتامڙن کي هاڻ آزاد ڪرڻ سان هو ڪي
پنهنجن آکيرن ۾ پهچي سگهندا؟ رستي تي وڏن پکين جو شڪار ٿي ويندا. هنن پکين کي
ڄارين يا ڪوڙڪن ذريعي ڦاسائڻ ۾ ڪيترا ئي
مريو وڃن يا زخمي ٿيو وڃن.
ڪلفٽن جو سمنڊ ۽ اٺن تي سواري هنن کي پسند آئي. ملائيشيا ۾ ههڙو
بگڙيل سمنڊ نظر نه ايندو جو هنن جا شهر ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن، جيڪو
ٻارهو ئي ماٺو سمنڊ آهي ۽ اٺ اهو جانور آهي جيڪو ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ فقط چڙيا
گهر (تمن حيوان يعني Zoo ) ۾ نظر اچي ٿو. بيابان ۽ رڻ پٽ جو هي جانور، جيڪو پنهنجي مُٽ ۾ ئي
ترڪيو پوي، اهو ڀلا هتي جي مينهوڳي واري موسم ۾ ڪيئن ٿو رهي سگهي. واپسيءَ تي
عبدالله شاهه جي مزار تي ڪار بيهاري، غلطي ڪيم. ملائيشيا ۾ نه آهن مزار مقبرا، نه
درگاهون ۽ نه وري پير يا مجاور. هو انسانن کي داتا گنج بخش، غريب نواز سمجهڻ بدران
هر شيءِ پنهنجي رب کان گهرن ٿا. اسان جي لهڻ تي ڏٽا مٽا ۽ موالي چرسي فقير ورائي
ويا. دنيا جي ماڻهن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ئي هڪ اهڙو ائٽامڪ طاقت
رکندڙ ملڪ آهي جنهن وٽ ائٽم بم ته آهي پر عوام لاءِ بجلي ناهي. ملڪ جون واڳون
سنڀاليندڙ حاڪمن جا اڪائونٽ ته سوئز بئنڪن ۾ ۽ بنگلا ۽ محل انگلينڊ، اسپين، آمريڪا
۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ آهن پر عوام رپئي لاءِ محتاج آهي ۽ هنن کي رهڻ لاءِ ڪکائين جهوپڙي
به نه آهي.
فقيرن ۽ فقيرياڻين جي ميڙ کي آئون پري ڪري رهيو هوس، جيڪي پڪ ايميءَ
کي غير ملڪي ٽوئرسٽ سمجهي چهٽي رهيا هئا ته اتي هڪ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل وارن واري
فقيرياڻي جيڪا چرئي يا ملنگ جي اداڪاري ڪري رهي هئي، تنهن ايميءَ جي پٺيان بيهي
کڻي ايميءَ جي ڳچيءَ ۾ هڪ کٿل ۽ پاروٿين پنين وارو هار وڌو. ايميءَ کان ڇرڪ نڪري
ويو. هار وجهڻ واري ملنگ عورت تاڙيون وڄائي سئو
رپيا گهرڻ لڳي. ”هاڻ تو کي ٻار ٿيندو سو به پٽ.“
ايمي ٽپ ڏئي اچي ڪار ۾ ويٺي ۽ سندس مڙس ته اڳهين ڪار ۾ گهڙي ويو هو.
ملنگ عورت، ڪار جي دروازي جو هئنڊل جهلي زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳي. ”غازي شاهه
تو کي پٽ ڏيندو، ان جي بدلي ۾ سئو جو نوٽ به نٿي ڏين.“
”ڇا پئي چئي انڪل؟“ ڪار رڙهڻ تي ايميءَ پڇيو. هوءَ سڄي پگهرجي وئي
هئي ۽ سندس چهري تي ڪجهه ڪجهه خوف جا تاثر هئا. آهستي ڳالهائڻ جي عادي ملئي ماڻهن
لاءِ هن فقيرياڻيءَ جون رڙيون جهيڙي برابر هيون. مون کيس ٻڌايو ته؛ هوءَ جهيڙو نه
پر تو کي blessings پئي ڏئي. ان تي ائميءَ پنهنجي چپن تي مرڪ آندي.
”پر هن چيو ڇا پئي؟“ ائميءَ وري پڇيو.
”هن تو کي بنا ٻارن جي ڏسي سمجهيو ته تو کي شايد اولاد ڪونهي. سو ان
لاءِ پئي چيائين ته تو کي هاڻ پڪ ٻار ٿيندو. ان جي خوشيءَ ۾ سئو رپيا ڏي.“
”پوءِ انڪل توهان چيس ڪو نه ته آئون پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي
آهيان.“ ائميءَ ٽهڪ ڏيندي چيو.
No comments:
Post a Comment