ملائيشيا ۾ نئون ماڻهو ڇا کائي؟
الطاف شيخ
ملائيشيا جي کاڌن بابت ڪجهه پهرين به لکي چڪو آهيان، ڪجهه هتي وڌيڪ
لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جو اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو (ڪجهه ڏينهن لاءِ ايندڙ
ٽوئرسٽ توڙي اهي شاگرد يا نوڪري ڪرڻ وارا جيڪي ٻن ٽن سالن لاءِ اچن ٿا) پڇن ٿا ته
ڇا کائجي، ڪٿي کائجي، ان کان علاوه حرام ۽ حلال جو به پڇن ٿا.
شروع ۾ ئي اهو لکان ٿو ته ملائيشيا ۾ قاعدو قانون سخت آهي ۽ ان تي
عمل به ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه ٿيندا رهن ٿا جن کان مڪو
مدينو به خالي ناهي. بهرحال عام طرح ملائيشيا جا ماڻهو ڪو ڏوهه ڪندي ڊڄن ٿا جو هنن
کي خبر آهي ته انصاف ۽ انتظام جا ادارا مضبوط آهن. ملائيشيا ۾ هر شيءِ حلال ملي
ٿي، ويندي ڪينٽڪي (KFC)، مئڪڊونالڊ ۽ A&W جهڙين آمريڪن ريسٽورنٽن ۾ به هر شيءِ حلال ملي ٿي. سيڌي جي دڪان تي
به بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کان دٻن ۾ پئڪ ٿيل سئيڊن يا آسٽريليا مان امپورٽ ٿيل گوشت ۽
برگر حلال آهن جيڪڏهن انهن شين جي ٻاهران ’حلال‘ جو ٺپو يا اسٽڪر لڳل آهي. سو
ملائيشيا ۾ ڌارئين ايندڙ کي نه ان معاملي ۾ پريشان ٿيڻ کپي، نه کاڌي جي سٺائي
بابت. توهان کڻي فائو اسٽار هوٽل ۾ کاڌو کائو يا فٽ پاٿ تي بيٺل خومچي يا گاڏي
واري وٽ. ڪٿي به توهان کي، نه پاروٿي شيءِ ملندي نه ملاوتي (Adulterated) ملندي. اسان وٽ ته هوٽلن ۾ توڙي گاڏي (ريڙهي) وارا هڪ ڏينهن اڳ جو
بچيل کاڌو ته هلائين ٿا پر مئل ڪڪڙين جا به تڪا ٺاهيو هلايو ڇڏين. ڳائي ۽ ٻاڪري جي
نالي ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو گوشت گراهڪن کي کارايو ڇڏين. هر شيءِ ۾ ملاوت
ته عام آهي. ڳاڙهن مرچن ۾ پڪل سرن جو چُورو، ڪارين مرين ۾ پپيئي جو ٻج، ويندي سڪل
۽ سنياريل نانن ۽ مانين کي پيهي انهن مان ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهيا وڃن ٿا. هتي ملائيشيا ۾
پاروٿي ۽ ملاوتي شين کي وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي. سو هتي توهان بي ڊپا ٿي ڪٿي به کائي
سگهو ٿا. ڪنهن وڏي هوٽل يا ريسٽورنٽ ۾ کائڻ بدران ڪنهن خومچي واري، گاڏي واري يا
گهرن اڳيان فٽ پاٿن تي شيون رکي وڪڻندڙ ملئي عورتن کان کاڌي پيتي جون شيون خريد
ڪري پئسو ۽ وقت بچائي سگهو ٿا. اسان غريب ملڪن جا غريب ماڻهو ته ڇا پر هتي جا امير
۽ وڏا آفيسر به رستي تي بيٺل گاڏي واري کان ماني ٻوڙ يا ڀت ڪواب (Satay) وٺي اتي رکيل ڪاٺ جي ڏنگن ڦڏن اسٽولن تي ويهي کائين ٿا. ملاڪا ۾ ڏهه
سال رهائش دوران، ورلي ڪو مون گهر ۾ نيرن ڪئي هوندي نه ته آفيس ۾ وڪڻڻ واري مائيءَ
کان اسين سڀ آفيسر ۽ ڪلارڪ، مالهي ۽ ٻيا ڪم وارا، اڦراٽو (Roti Canai) يا ڀت(Nari Lemak) وٺي کائيندا هئاسين. زالون مارڪيٽ ۾ ڀاڄي ڀتي وٺڻ
مهل، اتي ڪنهن گاڏي واري يا ريسٽورنٽ واري کان، نيرن جو پاڪيٽ خريد ڪنديون هيون يا
گهرن جي ٻاهران سائيڪل تي نيرن رکي وڪڻڻ وارن کان وٺنديون هيون. هتي ڪيتريون ئي
کاڌي جون شيون، خاص ڪري نيرن تي کائڻ وارا چانور (ناسي ليماڪ) اخبار جي پني، خاڪي
پني يا ڪيلي جي پن ۾ ويڙهي وڪڻن. توهان جي ملئي ماڻهن جي هن خاص ڊش جو سواد وٺڻ
چاهيو ٿا ته حج دوران هڪ پئڪيٽ خريد ڪري سگهو ٿا. فجر نماز بعد، حرم پاڪ جي ٻاهران
ڪيتريون انڊونيشي ۽ ملئي عورتون هن رڌل چانورن Nasi Lemak جون ٿيلهيون وڪڻندي نظر اينديون ۽ ملئي ماڻهو هنن چانورن جا ايڏا
عاشق آهن جو حج وارا ٻه ٽي هفتا به هنن چانورن بنا رهيو نٿا سگهن ۽ مڪي ۾ مهانگا
ملڻ جي باوجود، اھي خريد ڪن ٿا.
ناسي ليماڪ (Nasi Lemak) عام چانور ٿين، جيڪي ناريل جي کير ۾ رڌيا وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ ناريل جام ٿئي ٿو ۽ هتي چانورن يا ٻوڙ ۾ بصر جو داڳ ڪرڻ بدران، ناريل
جو چورو وڌو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي مڪسر جيوسر جهڙيون شريڊر مشينون ٿين ۽
ماڻهو انهن دڪانن يا ڀاڄي وارن کان ٻوڙ لاءِ روزانو هڪ يا ٻن ناريلن جي چوري جهڙي
ڪاتر ڪرائين، جيڪا پاڻي ملائڻ سان گهاٽي کير جهڙي ٿيو پوي. صبح جو نيرن تي کائڻ
وارا چانور (Nasi Lemak) ناريل جي کير ۾ رڌا وڃن ٿا، جن جو سواد ڪِريم جهڙو
ٿئي ٿو. هيءَ ڊش، ملائيشيا کان علاوه سنگاپور، انڊونيشيا، برونائي ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ ۾
عام آهي. پليٽ ۾ هنن چانورن سان گڏ ونگيءَ (Cucumber) جا ٻه چار ڳترا، ڏهه ٻارهن فراءِ ٿيل چونئرا (Pea-nuts)،
اٻاريل بيضي (Boil Egg) جا ڪجهه ٽڪرا ۽ اٺ نو کن چيچ جي ڏوڏين جيڏيون
ننڍيون ۽ نيزي (چلگوزي) جهڙيون سنهيون فراءِ ٿيل مڇيون هونديون آهن. هيءُ مڇيون،
هتي جام ٿين ٿيون، جن جو اسان وٽ سنڌي يا اردو ۾ خبر ناهي ڪهڙو نالو آهي پر انگريز
ان کي (Anchovies) ۽ هتي جا ملئي ماڻهو اِڪان بِلس (Ikan Bilis) سڏين ٿا.
ناسي ليماڪ سان ملندڙ، چانورن جو هڪ ٻيو ڊش آهي جيڪو ناسي دگانگ Nasi Dagang سڏجي ٿو. هيءُ چانور ملائيشيا جي اوڀر وارين
رياستن ترنگانو ۽ ڪيلنتان ۾ مشهور آهن. هن ۾ وڏي مڇيءَ جا ٽڪرا هوندا آهن. ناسي
ليماڪ جيتوڻيڪ نيرن جو کاڌو آهي پر اهو ملئي توڙي ڌاريا ماڻهو (انهن ۾ هڪ آئون به
آهيان) ايڏو پسند ڪن ٿا، جو ڪيترين ملئي ۽ انڊين هوٽلن ۾ اهي چانور منجهند ۽ رات
جو به مليو وڃن. توهان ملائيشيا ۾ نيرن تي اهو ڊش کائي سگهو ٿا، جنهن لاءِ نه پليٽ
کپي نه ڪرسي ٽيبل. هلندي چلندي پني ۾ ويڙهيل اهي چانور کولي کائي سگهو ٿا ۽ ذرا
غور سان ڏسجو ته اهي ڪيئن ويڙهيا ويا آهن! سڄي ملائيشيا ۾ ناسي ليماڪ ائين پئڪ ڪيا
وڃن ٿا. نيرن تي چانور کائڻ، سي به اهي جن ۾ مڇيون پيون هجن، عجيب لڳي ٿو. پر
توهان مون وانگر مڇيون ڪڍي باقي چانور بيضي، ونگي ۽ Pea nuts سان کائي سگهو ٿا. ٻه چار دفعا کائڻ بعد وطن ۾ اچي
به ناسي ليماڪ ياد ڪندائو.
سالن کان بلڪ صدين کان ملئي سوسائٽيءَ ۾ چانور (Nasi) اها ئي اهميت رکن ٿا، جيڪا انهن جي جپاني سوسائٽي
۾ آهي. جپان ۾ به چانور يعني ڀت (گوهان) نيرن تي کاڌو وڃي ٿو. جپانين وانگر ملئي
ادب ۾ به ڀت تي ڪيترا ئي پهاڪا، پنتون (ملئي چار سٽا)، بيت ۽ شعر آهن. هن وقت هڪ
ياد اچي رهيو آهي:
Nasi lemak warisan
kebangsaan kita
Sarapan yang terkenal
sampai ke luar negeri
Mutu, Mei ling dan Wati
berkongsi semeja
Semangat Muhibban
Membakar tanpa disedari.
Sambal udang, telur and
buncis tanpa kerang
Rendang, kari dan ikan
bilis boleh ditambahi
Walaupun orangnya jauh
diseberang
Tradisi dan adat tidak
pernah dilupai.
(ناسي ليماڪ اسان جو قومي ورثو آهي،
دلپسند نيرن جيڪا سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.
موتو، مائي لنگ ۽ واتي هڪ ئي ٽيبل تي
مُحبا (صبر ۽ ساک) جو ديوتا ٻري رهيو بنا ڪنهن کي خبر جي... وغيره
وغيره.
مُوتو ملائيشيا ۾ رهندڙ مدراسي تامل جو مشهور نالو آهي ۽ مائي لنگ (Mai ling) چينين جو عام نالو آهي ۽ واتي ملئي ۽ انڊونيشي ڇوڪرين جو عام نالو آهي
جيئن پاڻ وٽ بانو، نساءِ وغيره. يعني ناسي ليماڪ اهڙي سوادي شيءِ آهي، جنهن کي
ملائيشيا ۾ رهندڙ هر قوم پسند ڪري ٿي.
اهڙيءَ طرح ناسي ليماڪ ڊش تي هڪ ملئي پنتون مشهور آهي:
Nasi lemak buah bidara
Sayang selasih hamba
lurutkan
Buang emak buang saudara
Kerana kasih hamba
turutkan
بهرحال ملائيشيا ۾ گهمڻ، تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي،
هتي جو کاڌو اوپرو ضرور لڳي ٿو پر ڪي ڊشون يا کاڌي جون شيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان
جي کاڌن سان ملن ٿيون ۽ هڪ ڌاريو ماڻهو پهرئين ڏينهن ئي کائي سگهي ٿو. اهي شيون
ملائيشيا جي ڳوٺن توڙي شهرن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ عام ملن ٿيون. جن مان، صبح جو نيرن
لاءِ، ناسي ليماڪ به هڪ آهي. (ليماڪ لفظ ۾ آخري اکر ڪ خاموش آهي ۽ اهو فقط ”ليما“
اچاريو وڃي ٿو). هڪ ٻي شيءِ جنهن سان توهان نيرن ڪري سگهو ٿا ۽ جتي ڪٿي ملي ٿي اها
روٽي چنائي (Roti Canai) آهي. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ فقط`C` لکيو وڃي ٿو. روٽي چنائي هتي جو اڦراٽو ۽ دال آهي. سٺي اٽي ۽ سٺي
گيهه يا تيل ۾ تريل هتي جو هي اڦراٽو توهان کي ضرور وڻندو پر پاڻيءَ جهڙي ڦنگي دال
جنهن ۾ ننڍيون مڇيون ۽ ڪڪڙ جي نڙگهٽ جا ذرا هوندا آهن اها شايد توهان کي به مون
وانگر نه وڻي. ان لاءِ بهتر آهي ته اڦراٽو چانهه سان کائجي يا آمليٽ بيضو (Telur) ٺهرائجي. هونءَ به اها دال، جنهن کي هتي جا ماڻهو ”چنائي“ سڏين ٿا،
مفت ۾ ڏني وڃي ٿي.
ملائيشا ۾ هڪ ٻي کاڌي جي شيءِ، جيڪا اسان پاڪستانين، ايرانين ۽ عربن
کي وڻي ٿي، سا مرتباڪ (Martabak) آهي. اهو شام جي وقت هوٽلن، دڪانن ۽ خومچي وارن وٽ
ٺهي ٿو. مرتباڪ، قيمي يا آمليٽ بيضي وارو ٿئي ٿو. اٽي جي وڏي ماني ٺاهي، ان ۾
قيمون وغيره بند ڪري، تئي تي تريو وڃي ٿو. مرتباڪ عرب ملڪن، خاص ڪري سعودي عرب،
يمن ۾ به عام آهي ۽ عربي ۾ مطبق (يعني تهه ٿيل، folded) سڏجي ٿو. هن پاسي به فقط ملائيشيا ۾ نه پر
سنگاپور، برونائي، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ جي شهرن پٽاني، حاديا، سونگڪلا ۾
مرتباڪ عام آهي. ڪٿي ڪٿي ٿوم، بصر ۽ ٻيا مصالحا به وڌا وڃن ٿا. ڪن هنڌن تي مرتباڪ
سان گڏ هڪ چٽڻي (sauce) به ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ مرتباڪ کي ٻوڙي کاڌو وڃي
ٿو. انڊونيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ مٺو مرتباڪ (Martabak Manis) به ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ قيمي يا بيضي بدران ناريل جو کوپرو ۽ چاڪليٽ
وڌو وڃي ٿو.
ملائيشيا جو هڪ ٻيو ڊش ساتي (Satay) جيڪو پڻ شام جو ٺاهيو وڃي ٿو، اهو پڻ توهان پهرئين دفعي ئي پسند
ڪندائو. ساتي، ٻوٽي ڪواب آهي، جيڪو ٽانڊن تي پچايو وڃي ٿو. ساتي، ڳائي گوشت يا
مرغي جو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ هن جون ٻوٽيون صاف ۽ نرم گوشت جون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن کي
ڪجهه ڪلاڪ مختلف مصالحن ۾ مئرينيٽ ڪيو وڃي ٿو. پهريون دفعو کائڻ واري کي، اها
ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هتي جي ساتي ڪواب ۾ ڪجهه کنڊ به ٻرڪي وڃي ٿي، ان ڪري
ان جو سواد ڪجهه مٺو رهي ٿو. بهرحال تمام هلڪو ميٺاڄ رهي ٿو. جن ڏينهن ۾ اسان ننڍا
هئاسين يعني اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو ولايت ۾ پڙهڻ
يا نوڪري ڪرڻ کان ان ڪري نٽائيندا هئا جو اتي ماني (چپاتي، اڦراٽي) بدران ڊبل روٽي
کاڌي وئي ٿي جيڪا هنن لاءِ صبح شام کائڻ هڪ عجيب ڳالهه هئي. هنن لاءِ ماني (full Meal) معنيٰ رس وارو ٻوڙ جنهن ۾ چپاتي ٻوڙي کائجي. ان وقت ڪنهن اڄ جي برگرن
۽ پيزائن جي کائڻ جو ته سوچيو به نه هو. پر هاڻ دنيا ئي بدلجي وئي آهي. اسان جي
شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ماڻهو نه رڳو ڊبل روٽي، بن، برگر، ٽوش (پاپا) ۽ پيزا کائين
پيا پر نوڊل ۽ سپاگهيٽي به عام ٿي وئي آهي. ور نه ته ان قسم جون سويون فقط رمضان
واري عيد تي تيار ٿينديون هيون، سي به فقط کنڊ واريون مٺيون. جهاز جي نوڪريءَ ۾
پهريون دفعو معلوم ٿيو ته؛ جتي کاٻي پاسي يعني مغرب جي ملڪن ڏي رڳو ڊبل روٽي ۽ بن
هلن ٿا اتي ساڄي پاسي يعني مشرقي ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا، ويٽنام، ڪمبوڊيا کان
چين جپان ۽ ڪوريا تائين ڏينهن رات سويون ئي کاڌيون وڃن ٿيون.
ڪجهه مجبوريءَ جي حالت ۾ اسپاگهيٽي کائڻ شروع ڪرڻ تي ان لاءِ سواد
ڊيولپ ٿيڻ لڳو ۽ پسند اچڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ اسپاگهيٽي فقط ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهندي
هئي ۽ اها اٽلي کان امپورٽ ٿيندي هئي. بهرحال جيستائين جهاز جي نوڪري هئي ته اسان
جي ملڪي جهازن تي پاڪستاني بورچي ملڪ مان سستو يا مهانگو اٽو وٺي، اسان لاءِ اسان
جي ديسي چپاتي ٺاهي وٺندا هئا پر پوءِ اسيءَ واري ڏهي جي شروعات ۾ جيئن ئي سمنڊ جي
نوڪري ڇڏي، ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هڪ هنڌ رهي ڪناري جي نوڪري شروع ڪيم ته هتي جي
مڪاني کاڌن سان واسطو پيو. اهو ڏسي حيرت ٿي ته هتي ملائيشيا ۾ نه فقط ٻاهران
امپورٽ ٿيل اسپاگهيٽي ۽ نوڊل هلن ٿيون پر هتي جون تيار ڪيل ڪيترن ئي قسمن جون
سيويون صبح شام کاڌيون وڃن ٿيون. ڪي ٿلهيون اڇي رنگ جون ڪي گهٽ ٿلهيون، ڪي تمام
سنهيون. جپان وانگر ملائيشيا ۾ به ڪڻڪ بدران چانور ٿين ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي، کاڌي جون
شيون ڪيڪ، بسڪٽ، سويون وغيره چانورن جي اٽي مان ٺهن ٿيون. هوٽلن ۽ گهرن ۾ ملندڙ
دعوتن ۾ آهستي آهستي ڪري مختلف قسمن جون سويون جن ۾ ڀاڄيون، گوشت يا مڇي ۽ گانگٽ
وڌا وڃن ٿا، کائڻ شروع ڪياسين ته خبر پيئي ته اهي به بيحد سوادي ٿين ٿيون ۽
ملائيشيا ۾ آيل نئين ماڻهوءَ کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ضرور TRY ڪري، خاص ڪري مِي (Mee) پيلي رنگ جون سنهيون سويون. پهريون دفعو توهان Mee
Goreng (فراءِ ٿيل سويون) کائي ڏسو، جيڪي ڀاڄين سان گڏ فراءِ ڪيون وڃن ٿيون. ساڳيءَ طرح Bihoon (بي هون) سويون جيڪي چانورن جي اٽي جون تمام سنهيون ٿين ٿيون. اهي به try ڪري سگهو ٿا. توهان چانورن (ڀت) يا ماني (چپاتي) بدران هڪ پليٽ مِي گورينگ جي يا بي هون جي ۽ هڪ پليٽ ڪڪڙ (Ayam) يا گوشت جي (Beef Rendang) جي وٺي کائي سگهو ٿا. توهان ملئي کاڌن جي ضرور تعريف ڪندائو. هڪ ڳالهه
جو ضرور خيال ڪجو ته ملائيشيا ۾ ڪڏهن به چيني ريسٽورنٽ ۾ کاڌو نه کائجو. ڇو جو،
اتي ان سواد جو کاڌو نٿو ٺهي، جيڪو اسان وٽ آهي.
No comments:
Post a Comment