ڪجهه خوبصورت يادون
الطاف شيخ
پرلس، پينانگ ۽ ملاڪا، ملائيشيا جون تمام ننڍيون رياستون آهن. ملاڪا
رياست ۾ ٽي وڏا شهر آهن؛ هڪ رياست وارو شهر ملاڪا ۽ باقي ٻه ’جاسن‘ ۽ ’الور گاجا‘. اسان ملاڪا شهر کان نڪتا هئاسين ۽ اتر طرف وڃي رهيا هئاسين. رستي تي تنجنگ ڪِلنگ،
بُڪت رَمبائي ۽ سُنگائي اُڊانگ جهڙا ڳوٺ لتاڙي ٽنڊوآدم ۽ شهدادپور جهڙي ٽائون مسجد
تاناح ۾ آياسين جنهن جي بلڪل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ صفيه درزياڻيءَ سان ملي هاڻ
اسان اڳتي جو سفر شروع ڪيو. مسجد تاناح کانپوءِ 15 منٽن جي فاصلي تي لبوڪ چينا (Lubok Cina) ڳوٺ اچي ٿو، جيڪو ملاڪا رياست جي بارڊر وارو ڳوٺ آهي. جنهن بعد ڀر
واري رياست، نينگري سيمبيلان، شروع ٿئي ٿي. هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا ۾،
رستن تي جيڪي روڊن ۽ گهٽين يا اسڪولن ۽ اسپتالن جي نالن جا انگريزي الفابيٽ ۾ بورڊ
لڳل آهن، اهي انگريزي زبان ۾ نه پر ملئي زبان ۾ آهن. انگريزي ۽ ملئي الفابيٽ جا
ڪجهه اچار مختلف آهن. ملئي زبان ۾ C جو اُچار ”چ“ آهي، `SY’ جو اچار ”ش“ آهي. جيتوڻيڪ انگريزي ۾ ش جي اچار
لاءِ ‘SH’ استعمال ٿئي ٿو. اسان شاهه SHAH ڪري لکون ٿا پر ملئي ماڻهو SYAH ڪري لکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون شيخ جي
اسپيلنگ SHAIKH لکان ٿو ته هو مون کي ڌاريو سمجهي، سمجهيو وڃن ته اهو لفظ سهيخ نه پر
شيخ آهي. پر ان چڪر ۾ هو ڪڏهن غلطي به ڪريو وڃن، جڏهن هو بنگالي ڪئپٽن اسحاق جي
نالي ISHAQ کي عشاق پڙهيو وڃن. بهرحال مٿي ٻڌايل ڳوٺ لبوڪ چينا جي چينا لفظ جي
ملئي اسپيلنگ ۾ CH بدران فقط C اچي ٿي. ملئي اخبارن ۾ ڪئناڊا جي اسپيلنگ KANADA ملندي. جي توهان Canada لکندائو ته ملئي ماڻهو ان کي چئناڊا پڙهي ويندو. ٻي ڳالهه ته ’مسجد تاناح‘ ڪنهن مسجد جو نه پر ڳوٺ جو نالو آهي. تاناح ملئي لفظ آهي
جنهن جي لفظي معنيٰ مسجد واري زمين يا ڳوٺ ٿيو. اها به حقيقت آهي ته هن ڳوٺ ۾ هڪ
تمام جهوني مسجد آهي. (اھو
ائين آھي جيئن اتر سنڌ ۾ ’اڇي مسيت‘ نالي ڳوٺ آھي.)
بهرحال ملاڪا جي بارڊر واري هن ڳوٺ لبوڪ چينا کي ٽپڻ بعد، اسان Negri Sembilan ۾ داخل ٿياسين. نينگري سيمبيلان، ملاڪا جي ڀيٽ ۾
وري به وڏي رياست آهي. سندس گاديءَ وارو شهر سريمبان آهي. ڪئالالمپور کان سنگاپور
ويندڙ ريل گاڏي، هن رياست جي شهر تمپين ۾ بيهي ٿي. ملاڪا ويندڙ به tampin ريلوي اسٽيشن تي لهي پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ملاڪا
وڃن ٿا. انهن ٻن شهرن کان علاوه سامونڊي ڪناري وارو شهر پورٽ ڊڪسن، جيليبو، جيمپل
۽ ريمبائو شهر مشهور آهن.
لبوڪ چينا بعد، سگهو ئي inggi نالي ڳوٺ اچي ٿو. ڪئالالمپور يا سريمبان وڃڻ لاءِ،
جيتوڻيڪ ٻيا به ڪيترا ئي روڊ آهن، خاص ڪري هاڻ ته هاءِ وي ۽ شارٽ ڪٽون ٺهي ويون
آهن، پر آئون شروع کان (1983ع) هيءُ ٻهراڙي وارو رستو پسند ڪريان ٿو. رستي جي ور
وڪڙن ڪري، ڊرائيونگ ۾ خبرداري ڪرڻي پوي ٿي. پر ٻنهي پاسن کان نظر ايندڙ جنگل ۽
ڳوٺڙا، نديون ۽ ٽڪريون، ڏسڻ وٽان آهن. هتان لنگهڻ وقت، آئون اڪثر لنگي ڳوٺ ۾،
پنهنجي دلپسند شخصيت، تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد وٽ، پندرهن ويهه منٽ ترسي، ساڻس
سلام دعا ڪري، پوءِ اڳتي وڌندو هوس. پاڻ هن رياست جو پهريون گائناڪالاجسٽ ۽ 1959ع
کان 1969ع تائين، ڏهه سال مينتري بيسار (وزير اعليٰ) ٿي رهيو هو. پر منهنجو ساڻس
ادبي رشتو هو. سندس يادگيرين جي ڪتاب memoirs
of a Menteri Besari جو هن کان اڳ به، هڪ سفرنامي ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان.
تان سري داتڪ ڊاڪٽر محمد سعيد، آڪٽوبر 1907ع ۾ لنگي جي ڀر واري ڳوٺ ڪمپونگ تينگاهه
۾ ڄائو. سندس نالي جي اڳيان لکيل تان سِري (tan sri) لاءِ لکي چڪو آهيان ته هي ملائيشيا جا خطاب آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه
ڏئي ٿو. جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ مهاراڻي وڪٽوريا يا ڪو ٻيو انگريز بادشاهه، ننڍي
کنڊ جي ماڻهن کي خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙو لقب ڏيندو هو ۽ پوءِ ماڻهو ان شخص جو
نالو کڻڻ بدران خانبهادر صاحب چئي مخاطب ٿيندا آهن. تيئن هتي به سڄو نالو کڻڻ
بدران، فقط تان سري سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح داتڪ (Datuk) به لقب آهي، پر تان سري کان گهٽ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي
زبان تي سنسڪرت ۽ تامل زبانن جو وڏو اثر آهي. ظاهر آهي هنن پٽن تي، توڙي جاوا
سماترا ڏي، اڄ کان 600ع سال اڳ تائين هندو ڌرم هو. 1410ع ڌاري ملاڪا سلطنت جو باني،
راجا پرميشور، مسلمان ٿيو ۽ پاڻ کي اسڪندر شاهه سڏرائين. بهرحال اسان جي ملڪ جا
ماڻهو جيڪي هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن کان واقف آهن ۽ هو انهن لفظن کي انڊيا ۽ هندو
ڌرم سان ئي لاڳاپيل سمجهن ٿا، اهي جڏهن پرڌان منتري، تان سري، پِرٿوي جهڙا لفظ
مسلمانن جي هن ملڪ ملائيشيا ۾ ٻڌن ٿا ته کين حيرت ٿئي ٿي. ڪجهه ٻيا اهڙا سنسڪرت جا
لفظ جيڪي ملئي زبان ۾ آهن ۽ نئين ماڻهوءَ کي ملائيشيا پهچڻ تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هن
ريت آهن. بُومي (ڀومي= زمين)، پُترا (پٽ)، ديوي، مَها (وڏو)، پورنيما
(پرنا= سڄو)، بهاسا (ڀاسا=زبان)، استري (زال)، سُوامي (مڙس) وغيره وغيره.
تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد ٻڌائيندو هو ته؛ ملئي زبان تي سنسڪرت، تامل ۽
ٻين انڊين زبانن جو وڏو اثر آهي. ڏهن لفظن جي ملئي جملي ۾، پنج کن سنسڪرت، پالي ۽
تامل ملندا، ٽي کن عربي جا ۽ ٻه کن عربي فارسي يا انگريزي جا هوندا. دراصل پنڌرهين
صديءَ ۾ اسلام اچڻ وقت، هندو ڌرم جو ايڏو اثر هو جو اڄ به دين جي تعليم ڏيندڙ عالم
guru سڏجي ٿو.
ملئي زبان ۾ روزي جو لفظ سنسڪرت زبان جو لفظ puasa (پئاسا) آهي. هتي جا مولوي جنت ۽ جهنم لاءِ اهي ئي
هندو ڌرم جا لفظ سرڳ (syurga) ۽ نرڳ (Neraka) استعمال ڪن ٿا. نماز کي ملئي sembahyang (سمباهه يانگ) سڏين ٿا. سمباهه سنسڪرت جو لفظ آهي
جنهن جي معنيٰ عبادت آهي ۽ ينگ پڻ سنسڪرت ٽرم آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدائي،
ايشورتا (Divine). جيئن اهو ٽرم ملڪ جي
بادشاهه سلامت کي مخاطب ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو Yang Dipertuan (ينگ دي پرتئان) جنهن لاءِ انگريزي ۾ چيو ويندو
آهي؛ The Most
divine one بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان، ڌارين ٻولين جي لفظن سان ڀريل
آهي، جنهن ۾ ويندي پنجابي، گجراتي ۽ مليالم جا به لفظ آهن جو انگريزن جي حڪومت ۾
ڪيترا ئي پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو، انگريز فوج ۽ پوليس ۾ هئا. ان کان علاوه هنن
ننڍو ننڍو ڪاروبار به هلايو ٿي ۽ هن وقت به ملائيشيا ۾ لکين پنجابي ڳالهائڻ وارا
رهن ٿا. سو انهن جي زبان جو اثر به، ملئي زبان تي آيو آهي. تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد
چرچي چرچي ۾ ٻڌائيندو هو ته ”الطاف! ملئي زبان جا پنهنجا فقط چار لفظ آهن.“
”تان سرنگ ينگ مانا؟“ مون انهن لفظن لاءِ پڇيو هئومانس.
”Api معنيٰ باهه، Besi (بيسي) معنيٰ لوهه، padi (پئڊي) معنيٰ چانور ۽ Nasi (ناسي) معنيٰ رڌل ڀت.“
بهرحال اها ڳالهه ٻيا ملئي به ڪندا آهن ۽ ڪي وري چوندا آهن ته اهي
چار لفظ آهن: آپي، پئڊي، بيسي ۽ بابي (Babi). ملئي زبان ۾ بابي معنيٰ
سوئر، خنزير.
ملئي زبان ۾ ڪنهن کي بابي چوڻ وڏي گار آهي. جنهن جو جواب، ٿري ناٽ
ٿري جي گوليءَ سان ئي ڏئي سگهجي ٿو. اسان پاڪستاني يا انڊين دوستن جي زالن کي ڀاڀي
سڏيندا آهيون پر ملائيشيا يا انڊونيشيا ۾ ڀاڀي ڪير سڏيندو جو ٻين ٻڌڻ وارن کي اهو
لفظ بابي سمجهه ۾ ايندو. بهرحال ملائيشيا ۾ اها به سٺي ڳالهه آهي جو ڀاڄائي، ادي،
ماسي، چاچي چوڻ جو رواج ئي ڪونهي. هر ڪو ٻئي جو نالو وٺي مخاطب ٿئي. ورلي ڪنهن اهم
عهدي يا خاندان جي عورت جو ٺلهو نالو وٺڻ بدران پئان سان ڳنڍيو وڃي ٿو: پئان
فاطمه، پئان عائشه وغيره يعني مائي فاطمه، مائي عائشه.... يا کڻي پاڻ ان کي
محترمه، بيگم يا مسز سمجهون. هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ زال کي
استري ۽ مڙس کي سوامي سڏجي ٿو. جيئن عورت کي مخاطب ٿيڻ لاءِ لفظ puan آهي، تيئن مرد لاءِ انچڪ encik آهي. پر جي اهو مرد اڃا به وڏي عمر ۽ رتبي وارو
آهي ته ان لاءِ Tuan (تئان) لفظ استعمال ٿئي ٿو. تقرير ڪرڻ وقت اڪثر puan puan dan Tuan Tuan (يعني ”خواتين و حضرات“ چيو وڃي ٿو. ملئي زبان ۾
ڊن (Dan) معنيٰ ”۽“ آهي ۽ ڪنهن به اسم جو جمع ڪرڻ لاءِ اهو
لفظ ٻه دفعا استعمال ڪرڻ کپي. مثال طور پاڻ
وٽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب جو جمع ڪتابَ آهي ۽ انگريزي ۾ Book جو جمع Books آهي پر ملئي ۾ Buku (ڪتاب) جو جمع Buku Buku آهي.
تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد، پنجن سالن جو هو ته سندس والد گذاري ويو.
کيس سندس ماءُ حاجا مجيده ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهايو. سٺين مارڪن سان پاس ٿيڻ ڪري کيس
”ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار“ ۾ داخلا ملي وئي. هي ڪاليج لاهور جي ايچيسن ڪاليج وانگر
ريزيڊنشل ڪاليج آهي، يعني سڀني شاگردن کي هاسٽل ۾ رهڻو پوي ٿو. هيءُ ڪاليج،
انگريزن لاهور واري ڪاليج وانگر، پنهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ ۽ ملڪ جي راجائن،
نوابن ۽ سلطانن جي ٻارن جي تعليم لاءِ 1905ع ۾ ڪئالا ڪنگسار ۾ کوليو. ڪئالا ڪنگسار،
ملائيشيا جي اتراهين رياست پيراق جو اهم شهر آهي، جنهن ۾ پيراق رياست جي سلطانن ۽
انهن جي خاندانن جا محل آهن. هونءَ پيراق رياست جو وڏي ۾ وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر،
اپوح آهي. اپوح ۽ ڪئالا ڪنگسار شهرن ۾ ريلوي اسٽيشن به آهي. سنگاپور، جوهور بارو ۽
ڪئالالمپور کان پينانگ ۽ اڳيان ٿائلينڊ ويندي، ٽرين هنن شهرن ۾ به بيهي ٿي. ڪئالالمپور، دهلي، بمبئي، لاهور، ڪولمبو، نئروبي ۽ ڪمپالا جي ريلوي اسٽيشنن وانگر
انگريزن اپوح جي ريلوي اسٽيشن به سهڻي ٺهرائي وئي آهي. جيڪا عمارت سازي جي خيال
کان ڏسڻ وٽان آهي. ڪاليج جي تعليم ختم ڪرڻ بعد، داڪٽر محمد سعيد، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ
سنگاپور جي ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج آف ميڊيسن ۾ داخلا ورتي ۽ 1932ع ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد،
پهانگ رياست جي پيڪان ضلعي اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي نوڪري شروع ڪيائين. هن نوڪريءَ دوران، ڊاڪٽر صاحب Elephantiasis بيماري تي پڻ ڪافي ريسرچ ورڪ ڪيو، جيڪا بيماري هن
رياست مان وهندڙ پهانگ ندي جي ڪناري وارن ڳوٺن ۾ عام هئي.
1941ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي
انگلينڊ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ Queen's Fellowship ملي. پوسٽ گريجوئيشن لاءِ هن ٽراپيڪل ميڊيسن ائنڊ
هائيجن ۾ تعليم حاصل ڪئي. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران ڊبلن جي روٽنڊ اسپتال مان هن Midwifery جا ڪورس ڪيا ۽ جڏهن ملائيشيا موٽي آيو ته هن کي
سريمبان جي جنرل اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي رکيو ويو ۽ پوءِ ساڳي اسپتال ۾
هن ڇهه سال عورتن جي زناني بيمارين جي ماهر طور ڪم ڪيو. ان بعد هن سرڪاري نوڪري
مان رٽائرمينٽ وٺي سريمبان ۾ ئي پنهنجي ڪلينڪ کولي. هتي اهو به لکندو هلان ته
سريمبان شهر، ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ لِنگي کان، ڪو 25 منٽن جي پنڌ تي آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي ننڍي هوندي کان، ڳوٺ جي ماڻهن سان همدردي رهي. هن کي
ان ڳالهه جو افسوس ٿيندو هو ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن کي، اهي
سهولتون موجود نه آهن، جيڪي شهر جي ماڻهن کي آهن. ان خيال کان هن سياست اختيار ڪئي
۽ چونڊن ۾ کيس وڏي ڪاميابي حاصل ٿي. هو پنهنجي رياست جو ٻه ٽرم (1969- 1959) مينتري بيسار (وڏو وزير) ٿي رهيو ۽ سندس خدمتن ڪري کيس اڄ به عوام مڃي ٿي. ان بعد
هن ماٺ ميٺ ۾ سياست ڇڏي ڳوٺ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي لکڻ پڙهڻ،
باغباني ۽ Bird
Watching جهڙن شوقن ۾ مشغول رکيو. ان معاملي ۾ مون کي حيرت ٿي پئي ته ملئي
ماڻهو سرڪاري ڪامورا، حاڪم توڙي سياستدان، ڪيتري سادگي ۽ نئڙت جي زندگي گذارين ٿا. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”وزير اعليٰ جون يادگيريون“ مون 1983 ۾ پڙهيو ۽ جڏهن مون کي
خبر پيئي ته هو منهنجي ڀرواري ڳوٺ لنگي ۾ رهي ٿو ته مون ٻئي سال 1984 ۾ ساڻن ملڻ
لاءِ فون رستي ملڻ جي اجازت ورتي. ڊاڪٽر صاحب انگريزي ۾ جواب ڏنو؛ "Any day, any
time". ان وقت ڊاڪٽر صاحب جي عمر، 77 سال هئي ۽ آئون 40 سالن جو هوس.
هڪ ڏينهن منهنجو ڪئالالمپور وڃڻ جو اوچتو پروگرام ٺهيو. لنگي وٽان
لنگهندي، مون ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جو سوچيو. ڊاڪٽر صاحب جو گهر ڳولڻ ۾ مون کي ڪا
دير نه لڳي. ڳوٺن جا گهر ڪاٺ جا ٿين، جن جي چوڌاري ڪيترا ئي ميون جا وڻ ۽ گل ٻوٽا
ٿين. هن پاسي چوري چڪاري نھ برابر هئڻ ڪري، ٻاهريون ڪمپائونڊ کليل رهي. جن ڳوٺن ۾
ڀولڙن جو آزار ٿئي، ان ۾ چوڌاري ڪنڊن وارو لوڙهو ۽ دروازو ٿئي. آئون ڪمپائونڊ ۾
اندر گهڙي، جائزو وٺڻ لڳس ته ڪو ماڻهو ڇيڻو يا ٻار ٻچو نظر اچي ته ان کان ان اهم
ماڻهوءَ جو پڇان، جيڪو 10 سال صوبي جو وزير اعليٰ ٿي رهيو، جيڪو هن صوبي جو پهريون
گائنا ڪالاجسٽ هو. اهو هن وقت گهر اندر موجود آهي يا نه ۽ جي موجود آهي ته مون سان
هن وقت ملڻ به چاهيندو يا نه؟ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم. ٻه چار ننڍا ٻار تالاب ۾
موجود مڇين کي ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ پوڙهو ۽ ڪمزور ماڻهو، گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ بدڪن ۽
ڪڪڙين کي اَنُ چُڳائي رهيو هو. سندس پيرن ۾ هڪ سادو چمڙي جو پراڻو چپل هو. ٻارن يا
هن ڳوٺاڻي پير مرد سان ڳالهائڻ لاءِ مون کي ملئي زبان ئي استعمال ڪرڻي پوندي. ”ادا
را تانسري؟“ ملئي زبان ۾ Ada معنيٰ آهي، ۽ ڪنهن به لفظ پويان Rah لڳائڻ سان اهو سوالي ٿيو پوي. ”ڇا تانسري آهي؟“
مون پڇيو، ”سايا ماهو جمپا تئان“ (آئون هن سان ملڻ ٿو چاهيان)
”بوليج بوليج“ (ڀلي ڀلي ڇو نه) پير مرد هٿ ڇنڊيا ۽ در کولي، گهر اندر
گهڙيو. مون کي پنهنجي پٺيان پٺيان اچڻ لاءِ چيو. آئون در تائين اچي ترسي پيس ته
ڀلي هي همراهه تانسري ڊاڪٽر سعيد کي ٻڌائي ۽ پوءِ هو جي ملڻ لاءِ ها ٿو ڪري ته
آئون ڪهين وارو بوٽ کولي اندر داخل ٿيان نه ته اتان ئي موٽي وڃان.
”ماسوڪ لا“ (اندر اچو سائين) هن مون کي چيو ۽ جيسين آئون بوٽ جا ڪشا
کولي بوٽ لاهيان تانسري کي اطلاع ڪرڻ لاءِ ڪمرن ڏي وڃڻ بدران اتي ئي ڊرائنگ روم ۾
صوفي تي ويهي رهيو. بوٽ لاهي اندر گهڙيس. ”دودو مسٽر الطاف“ (ويهو مسٽر الطاف) ۽
هو هاڻ مون سان فرسٽ ڪلاس انگريزي ۾ ڳالهائڻ لڳو. ”لڳي ته نٿو پر چئبو ته هي پاڻ
تان سري آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پاسي تي رکيل ٽيبل تان عينڪ کڻي، هن اکين تي
رکي ۽ ٽشو پيپر سان هٿ ۽ ڳچيءَ تان پگهر اگهيو ۽ مون سان خبر چار شروع ڪئي. مون هي
احوال فقط ان ڪري لکيو آهي ته پڙهندڙن کي هتي جي وڏن ماڻهن جي زندگيءَ جي خبر پوي
ته هو ڪيڏي سادي ۽ سڪون واري زندگي گذارين ٿا. هو اجائي ٽيڙي، لئه رکڻ يا شوبازي
کان گريز ڪن ٿا. 26 سال اڳ جي اها پهرين ملاقات اڄ به اکين اڳيان ڦري رهي آهي،
جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هٿ جي ٺهيل ڪپڙي جي گنجي ۽ گوڏ ۾ منهنجي سامهون ويهي ڪچهري ڪندو
رهيو. سندس صدري نما گنجيءَ جا ٻه ٻيڙا آخر تائين کليل رهيا. منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان
ان ملاقات بعد، پوءِ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ منهنجي لاءِ هميشه اها حيرت جي
ڳالهه رهي ته ڪپڙي پوشاڪ، گهر گهاٽ ۽ کاڌي پيتي ۾ سادي ۽ نياز نئڙت جي هن مجسمي
جون، ڇا اعليٰ درجي جون ڳالهيون هيون. هو هر وقت پڙهڻ يا لکڻ ۾ مشغول رهيو ٿي يا
قدرت جي شين، خاص ڪري پکي پکڻ ۽ وڻن ٻوٽن جو اڀياس ڪرڻ ۾، پنهنجو پاڻ کي محو رکيو
ٿي.
تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد کي، ننڍي هوندي کان ادب جو شوق رهيو.
سنگاپور ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران، ميڊيڪل ڪاليج يونين ۾ هو پهرئين سال
لٽرري سيڪريٽري بڻيو. ان بعد ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر ٿيو. ڪئالا ڪنگسار ڪاليج وارن
ڏينهن جون دلچسپ ڳالهيون، هو انگريزي اخبارن ۾ لکندو رهي ٿو. هن شيڪسپيئر جي مرچنٽ
آف وينس جو ملئي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو شايد اڃا نه ڇپيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي
ڳالهين مان مون کي اهو ئي اندازو ٿيو ٿي ته هن جي يادگيري تمام سٺي آهي. ان جو
ثبوت سندس يادگيرين جو ڪتاب آهي، جيڪو تمام گهڻو دلچسپ ۽ تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو.
دنيا ۾، پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ (Consanguineous Marriages) کي، خراب سمجهيو وڃي ٿو. ڪيترن سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته؛
پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ سان، خاندان جون بيماريون اولاد ۾ رهڻ جون وڌيڪ Chances آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ قومون، چيني ۽ هندو ته
هونءَ ئي ڌارين سان سڱابندي ڪن، پر مڪاني ڪلچر ۽ ان آڳاٽي هلندڙ ريت ۽ رسم پٽ-اندر
هتي جا مڪاني ملئي مسلمان به، ان قسم جي شاديءَ کي خراب سمجهن ٿا. ايتريقدر جو
ڪيترا ملئي مسلمان، اهو ئي سمجهن ٿا ته؛ سوٽ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ وغيره سان شاديءَ
لاءِ اسلام منع ڪري ٿو. تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد، جنهن جي سڄي خاندان ۽ مٽن مائٽن
جي پنهنجن ۾ شادي ٿي آهي ۽ ڳوٺ جي ڪيترن جو وڏو ”توڪ اول الدين“ آهي يا ان جي ڀيڻ سيريلاهه
آهي، ان جي مخالفت ڪئي ٿي. ”اسان جي ڳوٺ ۾ ڏسندائو ته سڀ کان گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ۽
ذهين اسان جي خاندان ۽ برادري جا ماڻهو نظر ايندا اٿوَ.“
رڳو ڊاڪٽري پروفيشن ۾ ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جي هن رياست Negri Sembilan جو نه فقط پهريون ڊاڪٽر محمد سعيد هو پر ان بعد
ٻيو ۽ ٽيون ڊاڪٽر به هنن جي خاندان مان ٿيو. ڊاڪٽر سعيد 1932ع ۾ ڊاڪٽر ٿيو. ان کان ڇهن سالن بعد، 1938ع ۾ سندس سوٽ جو پٽ، سليمان ڊاڪٽر ٿيو. ان
بعد 1946ع ۾، سندس والده جي سوٽ جو پٽ، عبدالله ڊاڪٽر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالله جو پٽ،
ازلان به ڊاڪٽر آهي ۽ هن يونيورسٽي آف ملايا مان 1975ع ۾ MBBS ڪئي. ڊاڪٽر سليمان جي پٽ جو هن وقت نالو ياد نه پيو اچي، ان 1981ع ۾
ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان MBBS ڪئي. تانسري ڊاڪٽر سعيد جي هڪ ٻئي سوٽ، فخرالدين جي ڌيءَ زبيده، جنهن
1983ع ۾ يونيورسٽي آف ملايا مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي، هن رياست جي پهرين ملئي
مسلمان ڊاڪٽرياڻي آهي. سندس هڪ ٻئي سوٽ حاجي عباس جي ڌيءَ ڊاڪٽر حسنا، پهرين BDS (ڏندن جي) ڊاڪٽرياڻي آهي. هن 1976ع ۾ ڊگري حاصل
ڪئي.
ڇوڪرن جو ڪن ٽوپڻ ۽ والي پائڻ، اسان وٽ سنڌ ۾ به رواج يا کڻي چئجي ته
وهم نه فقط هندن ۾ پر مسلمانن ۾ هو. اڄ جي سائنسي دور ۾ ۽ مذهب جي ڄاڻ عام هجڻ ڪري،
هاڻ شايد اها بيوقوفي جي رسم نه رهي هجي پر اسان جي سانڀر تائين ضرور هئي. اسان جو
هم عمر، پاڙيسري ۽ مائٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق ابڙو جنهن تعليم ۾ نالو پيدا ڪيو
۽ جيالاجي سبجيڪٽ ۾ روس مان Ph.D ڪئي، ان جو ننڍي هوندي والدين ڪن ٽوپائي ڇڏيو هو. ڪافي وڏو ٿي ويو ته
به مرحوم والي پائي پيو هلندو هو. ان وقت ته اسان به ننڍا هئاسين ۽ ڪنهن کان پڇي
نه سگهياسين پر پوءِ ڪٿي پڙهيم يا شايد ڪنهن کان پڇيم ته معلوم ٿيو ته هڪ ٻئي
پٺيان پٽ/ ٻار مرڻ تي، والدين ڇوڪري جو ڪن ٽوپائي والي ان ڪري پارائي ٿا ڇڏينس ته
جيئن شيطان ان کي ڌيءَ سمجهي نه مارين.
هتي ملائيشيا ۾ به ڪن ٽوپڻ جو رواج آهي. نه فقط ٻنين ۽ جهنگن (lading) تي ڪم ڪندڙ هندو تاملن ۾ پر ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن ۾ پڻ. مون کي
به تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد ٻڌايو ته سندس ننڍي هوندي ڪن ٽوپيو ويو هو. ”ان وقت اسان وٽ، ڳوٺن ۾ اهو رواج يا وهم هو ته پيءُ سان گهڻي مشابهت رکندڙ پٽ جو،
ضرور ڪن ٽوپيو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾، پيءُ جلد مري ويندو.“
ڊاڪٽر سعيد ٻڌايو ته؛ والي پائڻ ضروري نه هو. بهرحال اڳتي هلي اهو
سوراخ بند ٿي ويو ۽ ان جاءِ تي ڳوڙهي ٿي پئي. ”افسوس جو اهو اعتقاد ته منهنجي ڪن
ٽوپرائڻ ڪري، منهنجو والد وڏي ڄمار ماڻيندو، غلط ثابت ٿيو. بابي کي ٽيهن ورهين جي
عمر ۾ اوچتو دست (Dysentery) ٿي پيا ۽ هو گذاري ويو.“
”اهو ڀلا ڇو آهي ته هي پاسو علاج ۽ دوا درمل جي خيال کان ايڏو پٺتي
رهيو جو دستن جو به علاج ٿي نه سگهيو.“ مون ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو؛ ”جيتوڻيڪ توهان
وٽ ان ئي انگريز جو راڄ هو، جنهن جو ننڍي کنڊ تي هو. انگريزن کان اڳ به، چار سؤ کن
سال ڊچ ۽ پورچوگالي يورپي موجود هئا، خاص ڪري هن رياست ملاڪا ۾.“
”دراصل ماڻهن جي دلين ۾ يورپين لاءِ نفرت هجڻ ڪري، هنن انگريزن جي هر
شيءِ کي غلط ۽ دين جي خلاف سمجهيو ٿي. اسان جي ڳوٺ ۾ مت ڪجانگ نالي مون کان چار
پنج سال وڏو ڇوڪرو هو. هو 1913ع ۾ پنجين درجي (مئٽرڪ) جي امتحان ۾ اسان جي نگري
سيمبيلان رياست ۾ پهريون نمبر آيو. کيس ان وقت جي مشهور ۽ مهانگي پاڪيٽ واچ Roskolf انعام ۾ ملي ۽ کيس حڪومت طرفان ملئي ڪاليج ڪئالا
ڪنگسار ۾ داخلا ۽ پڙهائي لاءِ اسڪالر ملي. مَت ڪجانگ ههڙي نامياري ڪاليج ۾ داخلا
وٺڻ لاءِ بيحد آتو هو. پر هن جو چاچو، جيڪو سندس گارجين به هو، هڪ عجيب جاهل مُلون
هو. تنهن پنهنجي ڀائٽي کي دڙڪا ڏئي وهاري ڇڏيو ته ڪم ناهي. انهن انگريزن ڪافرن جي
تعليم حاصل ڪرڻ حرام آهي. هن پٽ طرفان، سرڪار کي انڪار ڪري ڇڏيو. اهو نوجوان ٻنين
تي هاري ٿي ڪم ڪندو رهيو. ويتر بعد ۾ ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهندو ۽ انگريزي اسڪولن سينٽ
پال اسڪول، ڪنگ جارج پنجم اسڪول ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار ۾ داخلائون وٺندو ڏسي
هن کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ سوچي سوچي هن جو دماغ توائي ٿي ويو ۽ وڦليل ڳالهيون ڪرڻ
ڪري کيس ڳوٺ جا ماڻهو چريو سڏڻ لڳا. سو اهڙيءَ طرح اسان جو ملئي مسلمان، انگريزي
دوا استعمال ڪرڻ کي به گناهه جو ڪم سمجهندا هئا.“
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته؛ جيڪڏهن هن جي پيءُ کي اسپتال ۾ داخل ڪن ها ته
ٿي سگهي ٿو ھو تندرست به ٿي وڃي ها. ڇو جو Stool Test مان خبر پئجي وڃي ها ته هن کي Amoebic Dysentery آهي جنهن جو ان وقت علاج موجود هو. Emetine هائيڊرو ڪلورائيڊ جي روزانو ڏهه سين ۽ اميٽائين
بسمٿ آيوڊائيڊ دوا پيئڻ سان اها بيماري ختم ٿي وڃي ها. باقي Bacillary قسم جي دستن ۾ هن جو بچڻ ايڏو ممڪن نه هو ڇو جو ان
Dysentery جي علاج لاءِ Sulphonamide دوا يا ايمپيسلن يا براڊ اسپيڪٽرم Antibiotics دوائون، جيڪي اڄڪلهه عام ملن ٿيون، اهي ان زماني ۾
(يعني 1912 ۾) ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺيون هيون.
ڊاڪٽر محمد سعيد سان منهنجي آخري دفعو ملاقات 1991ع ۾ ٿي، جڏهن آئون
ملاڪا ڇڏي رهيو هوس ۽ منهنجي عمر 47 سال هئي. ڊاڪٽر صاحب، 85 کن سالن جو هو. هو
ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو، پر پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو ٿي. اڄڪلهه محمد
ابراهيم جويو صاحب ڏسي، مون کي تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد ڏاڍو ياد اچي ٿو، جو ان وقت
هو جسماني طرح ته جويو صاحب جيان لڳو ٿي پر ڳالهائڻ ۾ به جويو صاحب وانگر کڙو تڙو
لڳو ٿي. ويندي يادداشت ۾ به. تانسري جي 1996ع ۾ وفات ٿي، ان وقت آئون ڪراچي ۾ هوس. سال ٻن بعد، جڏهن ملائيشيا ويس ۽ ملاڪا جو به چڪر هنيم ته لنگي ڳوٺ ۾ سندس پونئيرن
سان به ملي آيس. سندس قابل ڌيءَ داتن حليما بنت سعيد، پنھنجي ڳوٺ واري وڏي گهر کي،
ٻارن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”ڪمپونگ ڪنڊر گارٽن“ ٺاهيو آهي، جو تانسري جو نئين
جنريشن لاءِ هر وقت اهو پيغام هوندو هو ته ”تعليم حاصل ڪريو، تعليم حاصل ڪريو. تعليم روشني آهي بنا تعليم اونداهه آهي.“ هن اسڪول جا ڪلاس ۽ ورانڊا ڏسي، مون کي
هن گهر جا ڪمرا ۽ ورانڊي ۾ رکيل آرام ڪرسيون ياد اچي ويون، جن تي مون ويهي هن عظيم
انسان سان ڪچهري ڪئي ٿي. ڇا ههڙو ايماندار سياستدان ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ وارو ڪو
ڊاڪٽر هوندو. ڊاڪٽر صاحب، ڳالهين جو ڳوٺ هو، هڪ ادارو هو. قدرت کيس سٺي يادگيريءَ
سان نوازيو هو. رکي رکي هو پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج جي ڏينهن جي ڳالهه ڪندو هو ته ڪڏهن
ننڍپڻ جي. هڪ دفعي ويندي پنهنجي طهر بابت به ٻڌايائين ته جڏهن هو ڏهن سالن جو هو
ته سندس سوٽ خالد سان گڏ طهر ٿيو هو. ملائيشيا ۾ هاڻ اسان وانگر اسپتالن ۾ طهر ٿئي
ٿو ۽ شايد لوڪل انسٿيزيا به ڏني وڃي ٿي، نه ته ڊاڪٽر صاحب جو طهر به ائين گهر ۾
حجام ڪيو. ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايم ته توهان جو طهر 1917ع ۾ ٿيو. 1950ع ۾ منهنجو طهر
ٿيو هو ته گوڏ ٻڌي ٺڪر جي ڪونڊيءَ تي ويهاريو ويو هو. طهر کانپوءِ ڦلهير لڳايو ويو
هو، جيڪو سمجهو ته هڪ قسم جو antiseptic هو. اهو سلسلو پوءِ به 15 سال کن هلندو رهيو. ان بعد ٻڌڻ ۾ آيو ته
اسان جي ڳوٺ هالا جي ٻارن کي حيدرآباد جي سول اسپتال ۾، طهر لاءِ وٺي وڃن ٿا، جتي
اهڙيون دوائون استعمال ڪن ٿا جو زخم جلد ڇٽيو وڃي.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته؛ هن جو طهر ڪيلي جي ٿڙ تي وهاري ڪيو ويو ۽
ملائيشيا ۾ زخم مٿان هڪ خاص قسم جي وڻ جي ڇوڏي جو پائوڊر لڳايو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾
1991ع تائين، رهائش دوران، ڳوٺن ۾ ائين ئي ڪيلي جي ٿڙ تي ويهاري طهر ڪرڻ جي رسم
ڏٺم. گهڻو ڪري ٻن ٽن سئوٽن، مائٽن يا پاڙي جي ٻارن جو طهر گڏ ٿيو ٿي ۽ انهن کي هڪ
ئي ڪمري ۾ سمهاري سندن گوڏين کي اڳيان ڌاڳي سان ٻڌي ان ڌاڳي جو ٻيو حصو ڇت ۾ لڳل
ڪوڪي سان ٻڌو ويو ٿي جيئن گوڏ جو ڪپڙو زخم کي نه لڳي.
No comments:
Post a Comment