سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾
الطاف شيخ
ملائيشيا جو ذڪر ڪندي، سکر جي هڪ سهڻي ڊاڪٽر افتخار عباسي جو ذڪر نه
ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، جنهن کي گهر ۾ پيار مان جاني سڏين ٿا. ڊاڪٽر افتخار هڪ ذهين،
محنتي ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر مڃيو وڃي ٿو. هن انٽر سائنس جي امتحان ۾ سيڪنڊري بورڊ آف
ايڊيوڪيشن ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 2002ع ۾ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي مان MBBS ۽ 2 سال هائوس جاب ڪيو، ان بعد ملائيشيا هليو آيو.
گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته هو هن شهر جوهور بارو جي سلطانا امينا اسپتال
۾ پاڻ ۽ سندس ملائيشيا جي زال ڊاڪٽر زرينا بنت شيخ محمد دائود نوڪري ڪري رهيا هئا.
هو هتي 2 سال کن نوڪري ڪرڻ بعد، ايسٽ ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنابالو هليا ويا، جتي
هنن اتي جي مشهور انگريزن جي ڏينهن جي اسپتال ”ڪُئين ايلزبيٿ هاسپيٽل“ ۾ ڏيڍ سال
ڪم ڪيو. مون ڊاڪٽر افتخار کان پڇيو هو ته ويسٽ ملائيشيا جيڪو اسان کي ويجهو آهي،
وڌيڪ ماڊرن آهي ۽ هر ڪو اتي رهڻ چاهي ٿو، ان جي شهر جوهور بارو کي ڇڏي ايسٽ
ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنابالو ڇو وئين؟
”سائين ڊاڪٽر ماڻهوءَ کي، ٿي
انسان ذات جي خدمت ڪرڻي. ڪوٽا ڪنابالو وڃڻ لاءِ ٻيا ڊاڪٽر Reluctant هئا سو مون هائوڪار ڪئي. هونءَ به آئون چئلينج قبول ڪرڻ جو عادي
آهيان.“ ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو.
ڊاڪٽر افتخار ۽ هن جي زال کي ان بعد ايسٽ ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر
سَنڊا خان ۾ اڃا به بهتر نوڪري ملي وئي. هو اوڏانهن روانو ٿي ويو. هينئر ملائيشيا
پهچي کيس سندس موبائل فون نمبر تي ڊائل ڪيم ته هو ايسٽ ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر لحد
داتو ۾ هو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هن سنڊاڪان/ سنڊا خان ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد
پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولڻ جو ارادو ڪيو ۽ 2009ع ۾ سرڪاري نوڪري کان استعيفيٰ ڏئي
لحد داتو شهر هليو آيو.
”هتي مون ايڪڙ کن زمين ورتي آهي، جنهن تي پنهنجو گهر به ٺهرائي رهيو
آهيان.“ ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو.
”اڃا نه ملي آهي. بلڪ هيءَ زمين ۽ گهر ٺهرائڻ لاءِ واسطيدار کاتي جي
ڊائريڪٽر کي هتي رهڻ لاءِ درخواست ڏنم، پر هن رجيڪٽ ڪري ڇڏي“، افتخار ٻڌايو؛ ”ان
بعد هتي جي وزير صحت کي درخواست ڪيم، تنهن مون کي في الحال ٽن سالن جي اجازت ڏني
آهي، جيڪا ٽن سالن کانپوءِ Renew ڪرائي سگهجي ٿي.“
”تيستائين توهان کي پڪي رهائش جي به موڪل ٿي ويندي جو توهان جي زال
ملائيشيا جي آهي.“ مون پڇيومانس.
”ها پر اهو اصول فقط ويسٽ ملائيشيا ۾ هلي ٿو.“ ڊاڪٽر افتخار چيو.
دراصل بورنيو ٻيٽ جي ٽن رياستن مان برونائي ملايا (اڄ واري ويسٽ
ملائيشيا) سان هرگز نه ڳنڍي، پر باقي ٻه رياستون سباح (Sabah) ۽ سراواڪ (Sarawak) ملايا سان ملي، نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهڻ ۾ هائوڪار
ڪئي. پر هنن ڪيترا ئي شرط رکيا، جن ۾ هڪ اهو به هو ته ملايا (ويسٽ ملائيشيا) جو ڪو
به ماڻهو سياح ۽ سراواڪ گهمڻ لاءِ ته اچي سگهي ٿو پر هو هميشه لاءِ رهائش اختيار
نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ هن کي هڪ ڌارئين ماڻهوءَ (Foreigner) وانگر ڪجهه عرصو رهي، ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪري، ثبوت ڏيڻو پوندو ته
هو هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪارائتو آهي ۽ ان بعد هو هميشه لاءِ رهڻ لاءِ Apply ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر افتخار عباسي جي زال، ملائيشيا جي ضرور آهي پر هوءَ ويسٽ
ملائيشيا جي آهي. هوءَ پينانگ رياست جي شهر سنگائي پٽاني ۾ ڄائي، سندس والدين به
ڊاڪٽر آهن. والد شيخ محمد دائود ڪن نڪ ۽ گلي (Ent) جو ماهر ڊاڪٽر هو، جيڪو ڪجهه سال ٿيا ته گذاري
ويو. ڊاڪٽر زرينا جي ماءُ يعني ڊاڪٽر افتخار جي سَسُ ڊاڪٽر سلينا اڄ ڪلهه جوهور
بارو ۾ رهي ٿي ۽ ترام ميڊيڪل ڪلنڪ ۾ ڪم ڪري ٿي.
ڊاڪٽر افتخار جو اسان جي ملڪ جي انهن فئملين مان هڪ سان واسطو آهي،
جن ڳوٺن ۾ رهڻ ۽ گهٽ پئسي جي حالتن هوندي اولاد لاءِ تعليم ضروري سمجهي. هنن
پنهنجي اولاد کي نه فقط تعليم پر محنت جي عادت ۽ سٺو اخلاق سيکاريو. ڊاڪٽر افتخار
جو واسطو سکر ضلعي جي پنوعاقل تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ باغپئي سان آهي. منهنجي سندس
والد حاجي محمد موسيٰ عباسيءَ سان به ٻه چار دفعا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو هن وقت
73 سالن جو آهي ۽ سکر ۾ رهي ٿو. پاڻ جيتوڻيڪ آخر ۾ 18 گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو، پر سڄي
عمر گهٽ پگهار وارين نوڪرين ۾ رهيو. کيس نو ٻار آهن؛ ڇهه پٽ ۽ ٽي ڌيئرون. پر هن
شخص کي داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهجي ته هن ڪيئن ڏکيا ڏينهن گذاري، پنهنجي حق حلال جي
ٿوري پگهار مان پورت ڪري، ٻارن کي پڙهايو ۽ اڄ هن جا ٻار: پٽ توڙي ڌيئون انجنيئر ۽
ڊاڪٽر ٿي وڏن عهدن تي آهن. هو پاڻ ته ڪو گهڻو پڙهيل ناهي ۽ رهيو به ڳوٺ ۾ ٿي. جتي
شهرن جي ڪيترن امير ماڻهن به پنهنجن ٻارن کي گهڻي تعليم نٿي ڏني، اتي هي جيڪڏهن
پنهنجن ٻارن کي چڱي طرح نه پڙهائي ها ته ڪو ميار نه ڏي هئا، پر بقول سندن:
”ادا منهنجو پيءُ دوست محمد عباسي ته ڪڙمي هو. جڏهن هن ڪڙمي ٿي ڪري
مون کي پڙهايو ته آئون پڙهيل ڳڙهيل ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ٿي ڪري، پنهنجن ٻارن کي
ڪيئن نه پڙهايان.“ هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.
هن عباسي فئملي لاءِ ڪيترا ماڻهو اهو چوندا آهن ته؛ سائين حاجي موسيٰ
جا ٻار قدرتي هوشيار ۽ فضيلت وارا آهن. پر آئون نٿو سمجهان ته ان ۾ والدين کي محنت
نه ڪرڻي پيئي. ائين ٿي نٿو سگهي ته والدين پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو هوندو. ڇو
جو هوشيار ٻار تي ڌيان نه ڏيڻ سان هو جي ڪنهن غلط ڳالهه ڏي هليو وڃي ته خراب به ان
ئي پئماني تي ٿئي ٿو.
اسان وارو ڊاڪٽر افتخار عباسي، حاجي محمد موسيٰ جو پنجون نمبر ٻار
آهي. وڏي پٽ ذوالفقار عباسيءَ ٽنڊوڄام جي ايگريڪلچر يونيورسٽي مان انجنيئرنگ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻيو نمبر ٻار زاهده عباسي جيڪا
ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن سچ ۽ نئون سج جي مالڪ ۽ ايڊيٽر آهي. خيرپور جي
شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ M.A ڪئي ۽ سندس شادي سندن ڳوٺ جي هڪ مائٽ عبدالوهاب
سان ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ آهي. ماشاءَالله عبدالوهاب به
تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي. هن B.E انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد ايڊيوڪيشنل پلاننگ ۽ مئنيجمينٽ ۾ ايم
فِل ڪئي. کيس قانون پڙهڻ جو به ننڍي هوندي کان شوق هو ۽ هن نه فقط LLB جي ڊگري حاصل ڪئي پر سال 2001ع ۾ LLM به ڪئي.
بهرحال زاهده بعد سڪندر آهي، جنهن خيرپور مان انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما
حاصل ڪئي ۽ ان بعد طارق آهي، جيڪو پوليس موٽر وي کاتي ۾ ڊي ايس پي آهي. طارق،
مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان بعد اسان وارو ملائيشيا
جو ڊاڪٽر افتخار آهي، جنهن جي ملائيشين زال ڊاڪٽر زرينا ڪراچي جي ڊو ميڊيڪل
يونيورسٽيءَ مان ئي MBBS ڪئي آهي ۽ هوءَ ڊاڪٽر افتخار کان 2 سال جونيئر هئي ۽ 2004ع ۾
گريجوئيشن ڪيائين.
ڊاڪٽر افتخار جو ننڍو ڀاءُ ڪاشف، اسلام آباد ۾ آئل اينڊ گئس ۾
ڊائريڪٽر آهي. ان بعد 2 جاڙيون ڀينرون اِرم ۽ صنم آهن. صنم سکر جي IB مان انجنيئرنگ پڙهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ سندس شادي
پاڪستان آرمي جي ڪئپٽن زاهد عباسي سان ٿي آهي. ٻي ڀيڻ ارم نوابشاهه جي ميڊيڪل
ڪاليج مان MBBS ڪئي آهي ۽ کيس سکر ۾ نوڪري ملي آهي. مون حاجي صاحب کي چيو ته هو ارم
کي هتي نوڪري ڪرائڻ بدران، پنهنجي ڀاءُ افتخار وٽ ڇو نٿو موڪلي.
”اسان جو به اهو ارادو آهي ۽ جاني (افتخار) به چاهي ٿو ته هيءَ
ملائيشيا رهي پر اسان اهو سوچيو آهي ته جيئن ئي ڪو سٺو رشتو آيو ته مڱڻو ڪري ٻنهي
کي موڪلينداسين.“
”اهو ته اڃا به بهتر ٿيندو ۽ هن جو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ڊاڪٽر هجڻ ڪري کيس
اڃا به وڌيڪ سهوليت ٿيندي.“
هتي اها به دلچسپ ڳالهه لکندو هلان جيڪا ڊاڪٽر افتخار جي ڀيڻيوئي
(زاهده عباسي جي مڙس) عبدالوهاب ٻڌائي ته هن جو والد مظهرالدين عباسي پنوعاقل جي
تعلقي هنگورو جي هڪ ڳوٺ پيرفل ۾ ڪڙمي هو. ”اسان وٽ هڪ ايڪڙ به زمين نه هئي ۽ مون
کي ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ کي سندس ڪم ۾ مدد ڪرڻي پوندي هئي.“
عبدالوهاب ٻڌايو ته؛ سندن پاڙي ۾ محمد يونس نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو
جو ڀرواري ڳوٺ هنگورو ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. ”هو وڃڻ وقت گهر جي ڳڙکي
مان مون کي سڏ ڪندو هو ۽ آئون ڪڏهن ڪڏهن بابا کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، هن سان گڏ
اسڪول ڀڄي ويندو هوس. هڪ ڏينهن بابا هن کي سڏ ڪندو ڏسي ورتو ۽ آئون جهڙو ئي ٻاهر
نڪتس ته بابا مون کي ڏاڍي مار ڏني ته اسان غريب ماڻهو، تون جي اسڪول هليو ويندين
ته ڪم ۾ ڪير مدد ڪندو؟
”پر پوءِ ان ئي ڏينهن بابا کي مار ڏيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون کي سڏي
چيائين ته سڀاڻي کان تون ڀلي اسڪول وڃ. ان بعد بابا کي شاباس هجي ته هن غريب ٿي
ڪري مون کي ڪيئن پڙهايو. ظاهر آهي هو هڪ غريب هاري هو، منهنجي اسڪول وڃڻ ڪري هڪ طرف
هن جو ورڪ ليبر وڌي ويو، ٻئي طرف اسڪول جي ڪتابن ۽ فين جو بار هن تي پئجي ويو. ساڳئي
وقت مون کي به اڃ بک، گرمي سردي ۾ ٽي ميل پنڌ جا ڪري اسڪول وڃڻو ۽ اچڻو پيو ٿي. اسان ته گهر ۾ گهڻي دير لالٽين ٻاري پڙهڻ يا نوان ڪپڙا يا بوٽ به Afford نٿي ڪري سگهياسين. پوءِ ڪيئن هڪ منزل بعد ٻي منزل
تائين پهتس ٿي، ان جي الڳ ڪهاڻي آهي.“
منهنجو عبدالوهاب عباسي جهڙن عظيم ماڻهن کي اهو ئي عرض رهندو ته؛ هو
پنهنجي آتم ڪٿا ضرور لکن، جيئن اڄ جي والدين ۽ نوجوانن لاءِ سبق حاصل ٿئي، جيڪي هر
سک هجڻ جي باوجود هر وقت دانهون ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد کي اها تعليم ۽ تربيت
ڏيڻ ۾ محروم رهن ٿا، جيڪا هنن کي ڏيڻ کپي.
No comments:
Post a Comment