باليق ڪمپونگ
الطاف شيخ
ان ڏينهن ملاڪا جي سير تي ڊاڪٽر عطا سان گڏ
سندس پٽ مير غلام محمد جيڪو هتي جي ڪنهن اسڪول ۾ او ليول ڪري رهيو آهي، پڻ ساڻ
هليو. کين آئون اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ جي ملاڪا جو احوال ٻڌائيندو هليس، جڏهن
منهنجو هن شهر ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو. جيڏانهن ٿي مون چيو، ڊاڪٽر عطا پنهنجي
پروٽان ڪار جو رخ اوڏانهن ٿي ڪيو. آئون ٿڪجي پيس پر منهنجا ميزبان نه. آخرڪار مون
واپس گهر هلڻ جو سوچيو ۽ جيئن ئي غلام محمد پڇيو ته انڪل هاڻ ڪيڏانهن هلون ته مون
جواب ۾ اسان جي ڏينهن جي ٽاپ جي مشهور گاني جا ٻول ان نموني سان ورجايا:
”هاڻ باليق ڪمپونگ، باليق ڪمپونگ“
”واپس ڳوٺ، واپس ڳوٺ“
غلام محمد يڪدم گاني جي ٻي سٽ ”هاتي گرانگ“ چئي
مون کان حيرت مان پڇيو:
”انڪل اهو گانو توهان ڪڏهن ٻڌو؟ اهو گانو ته
اسان ڇوڪرا اسڪول کان موڪل ٿيندي آهي يا ڪنهن جي گهران موڪلائيندا آهيون ته چوندا
آهيون؛ Balik
Kampong“
”ڪمال ٿو ڪرين“ مون غلام محمد کي چيو، اهو گانو Balik kampong oh oh... hati girang ته آهي ئي اسان جي ڏينهن جو
۽ ان گاني کي ڳائڻ وارو ”سڌير من“ کي آئون تڏهن کان سڃاڻان جڏهن هن ڳائڻ شروع نه
ڪيو هو.“
”انڪل هي از نو مور اَلائيو.“ غلام محمد چيو.
”Yes
I Know سڌير جهڙو پيارو ۽ پڙهيل
ماڻهو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو.“
ستر واري ڏهي ۾ جڏهن مون ملائيشيا پاسي اچڻ
شروع ڪيو ته ملائيشيا ۾ اڃا ٽي وي عام نه ٿي هئي. پاڻ وٽ پاڪستان جي PTV ڪڏهوڪو شروع ٿي وئي هئي. ملئي زبان جا گانا انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ، برونائي،
ڏکڻ فلپين ۽ ملائيشيا جي ڪنارن وٽان لنگهندي ريڊيو تان ٻڌبا هئا، پر ريڊيو تي به
جيڪي ملئي گانا ايندا هئا اهي گهڻو ڪري انڊونيشي ڳائڻن جا گهڻو پاپولر هئا، پر
پوءِ 1980ع کانپوءِ جڏهن ملائيشيا ۾ RTM نالي ٻه ٽيT.V چئنل شروع ٿيا ته آهستي آهستي ملئي ماڻهن جو Talent ظاهر
ٿيڻ لڳو. هي ائين آهي جيئن آئون چوندو هوس ته سنڌي گانا يا ڳائڻا ڇو گهٽ آهن، پر
پوءِ احساس ٿيو ته PTV تي سنڌي پروگرام لاءِ جيڪو
روزانو اڌ ڪلاڪ پروگرام ڏنو وڃي ٿو، ان اڌ ڪلاڪ ۾ خبرون ۽ ڊرامن بعد راڳ رنگ کي
وقت ئي ڇا ٿي مليو جو سنڌي ڳائڻن کي موقعو ملي ۽ پوءِ جڏهن ٽي چار سنڌي چئنل کليا
سي به رائونڊ دي ڪلاڪ ته سنڌ جي ٽئلينٽ جي خبر پئي ته اسان وٽ ڪيترا باڪمال ڳائڻا
آهن. ائين ئي ملايشيا ۾ ٿيو ۽ ڪيترن ننڍن ننڍن ڳوٺن جي رهاڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
پنهنجي مٺي سر ذريعي سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻي. ملئي زبان جا T.V چئنل نه کلن ها ته اسان اڄ جي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ملئي آرٽسٽن کان اڻ
واقف هجون ها ۽ اسان رڳو سمجهون ها ته ڳائڻ وڄائڻ ۾ رڳو سنگاپور جا چيني آهن.
ملائيشيا جو هي مرحوم ڳائڻو داتو سڌير من
منهنجي لاءِ اهميت رکي ٿو جو هو پڙهيل ڳڙهيل، محنتي ۽ ٻين جو درد پنهنجي دل ۾ رکڻ
وارو هو. کيس سندس ان گاني ”باليق ڪمپونگ“ تمام گهڻي مشهوري ڏني. ملئي زبان ۾
ڪمپونگ 'Kampong' ڳوٺ کي به سڏجي ٿو ته گهر کي به. هاسٽل ۾ ڊگهو عرصو رهڻ بعد، ڳوٺ
موٽڻ جي احساس واري خوشي هن گاني ۾ آهي. بيگ هٿن ۾ جهلي بس جو انتظار ڪبو آهي ته
بس اچي ته ان ۾ چڙهي ڳوٺ روانو ٿجي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀيڻن، ڀائرن ۽ هڪ جيڏن
دوستن سان وڃي ملجي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست جي گهر ۾ ڊگهي ڪچهريءَ بعد
جڏهن ٿڪ ٿيندو آهي ته گهر موٽڻ تي دل چوندي آهي. دوست ڪجهه دير وڌيڪ ويهڻ لاءِ زور
ڀريندو آهي ته به انڪار ڪبو آهي. ”يار هاڻ موڪلائجي“ يا چئبو آهي ته؛ ”ڪافي دير
ويٺس هاڻ گهر جو رخ ڪجي. ائين به چئبو آهي ته؛ ”هاڻ نه جوڳي ڪنهن جا مِٽ“ يعني
جوڳين کي هاڻ هلڻ ڏي. سو هن ملئي گاني ’باليق ڪمپونگ‘ ۾ اهو ئي احساس آهي. ملئي
لفظ باليق جي معنيٰ موٽڻ، ورڻ آهي. سڌير من جو اهو گانو واقعي سدا حيات آهي جو اڃا
تائين سندس مصرع وارا لفظ، هر هڪ جي زبان تي آهن. سڄي گاني جي شاعري کڻي عام رواجي
آهي، جيڪا اڪثر گانن ۾ هوندي آهي، پر سڌير جي ڳائڻ جي انداز ۽ ڪمپوزيشن هن گاني کي
امر ڪري ڇڏيو آهي. سندس هڪ اڌ مصرع هن ريت آهي:
Balik Kampong.
Perjalanan jauh tak ku
rasa
(ڊگهي سفر کي آئون هرگز نٿو
محسوس ڪريان)
Kerna kati ku melonjak
sama
(منهنجي دل ان لاءِ ٽپا ڏيئي
رهي آهي)
Ingin berjumpa sanak
saudara
(پنهنجن عزيزن دوستن سان ملڻ
لاءِ سڪ اٿم)
Yang selalu bermain di
mata
(هنن سان ڪيل رانديون اکين ۾
تري رهيون آهن)
Balik kampong oh oh (X3)
سڌير من مون کان 10 سال ننڍو هو. هو ڀرواري
رياست پهانگ جي شهر تيمرلوح ۾ حاجي ارشد جي گهر ۾ 1954ع ۾ ڄائو. سندس ماءُ جو نالو
راملا دهلان هو. هوءَ پهانگ رياست جي اسيمبلي جي پهرين عورت اسيمبلي ميمبر ٿي هئي. اها پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي. سڌير من ستن ڀائرن ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. کيس
ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هو.
هن بنيادي تعليم ڪئانتان شهر جي سلطان ابوبڪر
اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ اسڪالر مليس پر کيس وڪيل ٿيڻ جو شوق هو سو
يونيورسٽي آف ملايا مان Law جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪيائين. 1981ع ۾ سندس قمريا نالي هڪ ڇوڪريءَ سان
شادي ٿي پر ٽن سالن بعد 1984ع ۾ کيس طلاق ڏئي ڇڏي. منهنجي ساڻس انهن ڏينهن ۾ گاڏين
جي شوروم ۾ ملاقات ٿي، جتي اسان ملائيشيا ۾ پهرين ٺهندڙ ڪار ’پروٽان ساگا‘ جي
ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ لاءِ آيا هئاسين. هن ٻڌايو ته؛ هن وڪالت سان گڏ ڳائڻ به شروع
ڪيو آهي. هن جو ائڪٽنگ ڪري ڳائڻ، ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو. نون ملئي چئنل تان داتو
شيڪ، شريفان ائني، انيتا سراواڪ سان گڏ سڌير من جو به ساڳيو ساڳيو گانو RTM (ريڊيو ٽي وي ملائيشيا) جي ٻنهي چئنلن تان ايندو رهيو ٿي.
1986ع ۾ سڌير من پهرين اوپن ڪنسرٽ ڪوالالمپور
جي چوڪٽ علائقي ۾ ڪئي. اتفاق سان ان ڏينهن آئون به ڪوالالمپور ۾ تئانڪو عبدالرحمان
روڊ تي هوس. شام ٿيڻ سان ڇا نوجوانن جا ڪٽڪ گڏ ٿي ويا! سڌير من کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهن
جي پيهه پيهان جالان راجا مودا ۽ جالان راجا الانگ رستن تائين پکڙيل هئي. ايتري
قدر جو آئون پنهنجي ڪار ڪڍي نه سگهيس. رات ڪوالالمپور جي هوٽل ۾ رهي ٻئي ڏينهن صبح
جو ملاڪا موٽيس. انگريزي اخبار Star خبر ڏني ته ”هڪ ماڻهو سڌير من ڪري سڄو ڪوالالمپور شهر Stand Still ٿي ويو هو!“
بعد ۾ ته سڌير من کي لنڊن جي رايل البرٽ هال ۾
به گهرايو ويو هو ۽ هن وڪالت ڇڏي سڄو وقت ڳائڻ کي ڏنو ۽ کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا.
سڌير من راڳي ۽ راڳ لکڻ کان علاوه جرنلسٽ ۽
ڪالم نويس به هو. هن ڪيترن ئي اهم ماڻهن جا انٽرويو ورتا ۽ هن پنهنجي آتم ڪٿا به
لکي، جنهن جو عنوان آهي:
Dari Dalam Sudhir
پاڻ ڪجهه فلمن ۾ اداڪاري به ڪيائين، جن مان
”پيلانگي پيتانگ“ (شام واري انڊلٺ) مشهور آهي. سندس سڀ کان وڏي خصوصيت خير خيرات
آهي. هن پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو مسجدن ۽ ضرورتمندن حوالي ٿي ڪيو. زندگي جي آخري
ڏينهن ۾ هو بزنيس ۾ به آيو ۽ ملائيشيا ۾ SUDI نالي
ڪولڊ ڊرنڪ متعارف ڪرايائين. ان بعد ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ SUDI نالي ريسٽورنٽون پڻ شروع ڪيائين. 1991ع ۾ پينانگ رياست جي شهر بٽرورٿ ۾ لڳاتار
ڳائڻ دوران بيهوش ٿي ويو. هن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. چون ٿا ته کيس نمونيا ٿي
پئي هئي. ست مهينا کن علاج هيٺ رهڻ بعد، فيبروري 1992ع تي 37 ورهين جي ڄمار ۾
ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڀيڻ داتن رضيه جي گهر گذاري ويو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي سڌير من جو سڀ ۾ گهڻو مشهور
گانو باليق ڪمپونگ آهي، پر ٻيا به ڪيترا ئي خوبصورت گانا آهن. شعر و شاعري جي حساب
کان به ته ميوزڪ جي خيال کان به. اهڙن رومانوي گانن مان هڪ Kasih يعني ’پيار‘ جي عنوان وارو به گانو آهي، جنهن جون ٻه چار سٽون انهن پاڪستانين
لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي ملئي زبان کان واقف آهن.
Ksih
Mengapa Membisu
Membikin Hatiku
Kasih
Usahlah Kau Malu
Katakan Padaku
Rasa Hatimu
Ku Datang Dengan Harapan
Membawa Cinta Murni
Lupakan Saja Kenangan
Yang Mengusik Jiwamu
No comments:
Post a Comment