رام جي رام کي ڀيٽا
الطاف شيخ
سال کن اڳ شاهه لطيف يا شايد سنڌ
يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪريءَ فون ڪيو ته هوءَ منهنجي لکڻين تي پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز
لکڻ جو ارادو رکي ٿي. آئون ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي هن پڇيو ته آيا
سندس آواز مون تائين پهچي پيو يا نه؟
”جي
ها. ٻڌي رهيو آهيان“، مون وراڻيو مانس، ”پر آئون سوچي رهيو آهيان ته……“
”جي،
سر! چئو“