اسان جي ۽ ٻين جي حاڪمن ۾ فرق
الطاف شيخ
انڊيا جو شهر بنارس جيڪو ورانسي
۽ ڪاشي سڏجي ٿو دنيا جي آڳاٽن شهرن مان هڪ آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهـٽ 3500 سالن جي تاريخ
موجود آهي. بنارس لاءِ شروع به لکي آيو آهيان ته هي نه فقط جھونو شهر آهي پر لڳاتار
وسيل آهي، جيئرو آهي، هلندو اچي. هن شهر جي بنارس هندو يونيورسٽي هڪ سؤ سال پراڻي آهي
۽ سڄي ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي آهي. اسان هن يونيورسٽي جي وچ ۾ ٺهيل وشوناٿ مندر (جيڪو برلا
مندر به سڏجي ٿو) ڏسي ڪجهه پيئڻ لاءِ وري اچي ڪيفيٽيريا ۾ ويٺاسين مس ته ڊڪٽر انوپ
ڪمار گهوش ٻڌايو ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چانهه لاءِ اسان جو انتظار پيو ڪري.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ميزبان دوست مونکان وي سي سان ملڻ لاءِ پڇيو
هو. مون ها ته کڻي ڪئي پر منهنجي خواب خيال ۾ به نه هو ته هيڏي وڏي يونيورسٽي جو وي
سي اسان جهڙن عام ٽورسٽن سان ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو. هڪ مئرين انجنير يا مئرين انجنيئرنگ
ڊپارٽمينٽ جو هيڊ يا پروفيسر يا هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ ته مون ڪا اهميت نٿي رکي جو اهڙا
ته ڪيترائي ماڻهو نظر اچن ٿا. لڳي ٿو ته منهنجي ميزبان BHU
يونيورسٽي جي وي سيءَ سان مونکي هڪ ليکڪ ۽ ڪِتابن جي آڌار تي
ايڏي ته ڪا تعريف ڪئي.... خاص ڪري منهنجو ايران وارو اڙدو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ ۽
انڊيا وارو سنڌي سفرنامو ”هلي ڏسجي هندستان“ هن کي ڏيکاري ته ههڙا ٿلها ڪِتاب هن ٽوئرسٽ
لکيا آهن... هن کي اهڙو ڪو متاثر ڪيائين جو ماڳهين هن پنهنجي شوق سان اظهار ڪيو ته
ان انجنيئر سان ته آئون پاڻ به ملڻ چاهيان ٿو. مونکي ڪئنگرو وارو لطيفو ياد اچي رهيو
آهي جنهن کي Zoo ۾ ڏسڻ لاءِ هڪ
ماءُ پنهنجن ٻارهن ٻارن کي وٺي آئي. ڪئنگرو جو ٻچو ان وقت سندس پائوچ ۾ اندر ستو پيو
هو. زو جي انچارج ڪئنگرو کي چيو ته پنهنجي ٻچي کي جاڳائي ٻاهر ڪڍ ته هيءَ ماءُ پنهنجي
ٻارن کي ڏيکاري. ڪئنگروءَ حيرت مان زو انچارج کان پڇيو ته ”هي سڀ ٻار هن جا آهن؟“