وڏو خرچ ٿي ويو رن جي چڪر ۾
الطاف شيخ
سنڌ تي ترخانن ۽ ارغونن جي
حڪومت مڪاني ماڻهن جي آزادي ختم ڪري ڇڏي هئي. سنڌ جا امير انڊيا جي حاڪمن مغل
شهنشاهن کي ان بابت داهيندا رهيا ۽ مدد گهرندا رهيا. بابر جي وفات بعد سندس پٽ
همايون 1530 ۾ آگري جي تخت تي ويٺو. 1540 ۾ کيس شير شاهه سوريءَ ڀڄائي ڪڍيو.
همايونءَ سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي ۽ 1541 ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي ۽ 1542 ۾ هن
شهنشاهه اڪبر کي عمر ڪوٽ ۾ جنم ڏنو.