يورپ جو سڌريل سماجي سرشتو ۽ فرد جي ذميواري
Notes from Ireland
ڊاڪٽر مشتاق سومرو
بيشڪ يورپ جا اڪثر ملڪ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ اڪثر
ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن کان مٿڀرا آهن. پر اصل ۾ يورپ جي اهميت رڳو اها ڪانهي. صدين
جي محنتن ۽ ڪوششن کان پوءِ اتان جي ملڪن، هڪ اهڙو نظام ٺاهي ڇڏيو، جيڪو باوجود ٿورين
گهڻين اوڻاين جي، هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آرام ۽ سک وارو بڻائڻ ۾ تمام گهڻي مدد
مهيا ڪري ٿو. بجلي ڪا نه ويندي، نلڪن جو پاڻي بند ڪو نه ٿيندو، گٽر ڪو نه اٿلندا، گاڏيون،
لاريون ۽ جهاز پنهنجي وقت تي هلندا. وڏا موٽر وي هجن يا ٻهراڙينءَ جا ننڍا ننڍا روڊ،
ڏينهن ۽ رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ ايترا ته محفوظ هوندا آهن، جو آڌيءَ رات جو گاڏي هلائڻ
وقت به روڊ تي ڪنهن لچ لوفر جي موجودگيءَ جو خيال ئي ڪو نه اچي. روڊ تي هلندڙ ڊرائيورن
مان تقريبًا ۹۸ سيڪڙو، تمام احتياط سان قانون جي مطابق، اجازت ڏنل رفتار جي حدن ۾ گاڏي
هلائين ٿا. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته هتان جي حڪومت ايڏي سخت آهي، جو سوين ٽريفڪ پوليس
وارا لڳايا اٿن ته قانون ٽوڙيندڙن کي پڪڙي جيل ۾ وجهن. هرگز نه! اصل ۾ معاشرو اهڙو
ته ذميدار ۽ سمجهدار بنايو ويو آهي، جو هر ماڻهو، ڪوشش ڪري، پنهنجي حدن ۾ ٿو رهي.
گذريل ستن سالن ۾، مون کي ڪڏهن به بجلي، ٽيليفون، انڪم
ٽيڪس، پاڻي ۽ گئس جي آفيسن ۾ وڃڻ جي ضروت ڪا نه پئي آهي. ڇو ته سڀ ڪم ٽيليفون تي ٻه
چار منٽ ڳالهائڻ سان ٿي ويا يا صرف هڪ اِي ميل ڪرڻ جي دير هئي. ست سال پهرين، هڪ بينڪ
۾ ويس ۽ پنهنجو اڪائونٽ کولائي واپس موٽي آيس ۽ ان کانپوءِ وري ان بينڪ ۾ منهنجو وڃڻ
ڪو نه ٿيو آهي. ڇو ته ضرورت ئي ڪا نه پئي آهي. ان بينڪ جون ملڪ ۾ موجود سموريون برانچون
مونکي ساڳي سروس مهيا ڪري ڏين ٿيون. صرف اڪائونٽ نمبر ٻڌائڻ جي دير آهي. روڊ جي حادثن
کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪندا آهن. گاڏي هلائڻ جو مڪمل لائسنس وٺڻ ڪافي ڏکيو
ڪم آهي ۽ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گذرڻو پوندو آهي. سيکڙاٽ ڊرائيورن لاءِ ضروري آهي ته
ڪار مٿان ”L“ معنيٰ لرنر، جو نشان ضرور لڳائي ۽ موٽر وي تي هلڻ جي ڪوشش نه ڪري.
پراڻيون گاڏيون هر سال ۽ نيون گاڏيون هر ٻئي سال مقرر ٿيل ورڪشاپ مان چيڪ ڪرائي، گاڏيءَ
جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ٻاهرئين شيشي تي موٽر ٽيڪس ۽ انشورنس
سرٽيفڪيٽ سان گڏ چنبڙائڻ لازمي آهي. مقرر ٿيل ورڪشاپ ۾، ڪار جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ، جيڪڏهن
منجھس ڪو نقص هوندو، ته اهو لکت ۾ ڏيندا آهن ۽ ٻن هفتن جي اندر ان نقص کي ٺيڪ ڪرائي،
وري گاڏي چڪاسبي آهي ۽ ان جي چڪاس في ٻيو دفعو مالڪ جي ذمي آهي.