Saturday, February 09, 2013

قطب تارو ۽ الغول - الطاف شيخ


 قطب تارو ۽ الغول
الطاف شيخ

قطب تارو آسمان ۾ اهڙي هنڌ تي آهي، جو اسان جي ڌرتي، گول گُهمڻ جي باوجود، هو ساڳئي هنڌ تي نظر اچي ٿو، باقي تارا آهستي آهستي ٿي رِڙهندا نظر اچن ٿا. قطب تارو ڪنهن Constellation (تارن جي ميڙاڪي) جو حصو ناهي، پر اهو اڪيلو ئي اڪيلو آهي. هن جي ويجهو ترين Constellation دبِ اڪبر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ديڳڙي،Big Dipper، هَرُ ۽ Ursa Major به سڏيو وڃي ٿو. هن ڪانسٽيليشن جا چار تارا ديڳڙي يا کٽ ٺاهين ٿا ۽ باقي ٽي تارا جيڪي سمجهو ته ديڳڙيءَ جو هينڊل آهن، انهن ۾ پهريون تارو Alioth سڏجي ٿو، جيڪو ستن ئي تارن ۾ چِٽو آهي، ويندي قطب تاري کان به چِٽو آهي.

Friday, February 08, 2013

ٿر جي هڪ وساريل شهر جي ڪٿا - شبنم گل


ٿر جي هڪ وساريل شهر جي ڪٿا
شبنم گل
هن دفعي به ٿر جي حدن ۾ داخل ٿي هڪ نئين دنيا جا رنگ اکين ۾ جذب ٿيڻ لڳا. ٿر خوبصورت آهي، جتي فطرت جو حسن برسات جي موسم ۾ جهنگلي گلن جيان ٽڙي پوي ٿو. گاڏي ساوڪ سان جهنجهيل ڀٽن وٽان لنگهي ٿي، جتي ڪنهن ساڌوءَ جي گيان جهڙو سڪون آهي. هتي زندگي سادي، نج ۽ بغاوت کان پاڪ آهي، تڏهن ته ماحول ۾ رچيل خالص رنگ، ٻاهران ايندڙن کي پاڻ ڏانهن بي اختيار ڇڪي ٿو. برسات دوران سنڌ جي شهرن جا ٿڪل قافلا ٿر جو رخ ڪندا آهن، جيئن ڀٽن مٿان ڇانورو ڪندڙ قدرتي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ، تازي هوا جا ڍڪ ڀري سهميل ساهن کي اُجاري سگهن. منظر بدلجندا رهن ٿا. ڪٿي چئونرن جو ڏيک انتهائي وڻندڙ لڳي ٿو. چئونرو، ٿر جي منفرد تخليق آهي، جيڪو ٿڌو ۽ انتهائي پرسڪون ٿئي ٿو. ٿاريليون قطار در قطار دلا مٿي تي کڻي، روڊ ڪناري وڃي رهيون آهن. سندن ڀرت ڀريل سهڻا ڪپڙا، چنريون ۽ گهاگهرا ساوڪ جي پس منظر ۾ انتهائي خوبصورت لڳي رهيا آهن. وري ڪٿي ڌراڙ مال وٺي ويندي نظر اچن ٿا. ڏورانهون پنڌ ڪري ٿر ۾ داخل ٿيندڙ انهن مال وندن جا چهرا ٿر جي ساوڪ ڏسي، خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيا آهن. چنچل ۽ بي باڪ هوا ۾ ڀنڀورين جي پرن جون آهنگ هُري رهيو آهي. هر منظر ۾ هڪ نئون اُتساهه آهي، هڪ حيران ڪندڙ سونهن جو هر طرف عڪس وکريل آهي.

Tuesday, February 05, 2013

روهي ۾ هڪ رات - سردار شاهه

روهي ۾ هڪ رات!
سردار شاهه
اها رات هئي يا فطرت جي جادوگري ۽ فنڪاري جو ڪو من موهيندڙ ميوزيم هيو. آسمان هيو، يا ڪوئي پراسرار گنبذ هيو. ستارا، حسنِ ازل جي پياسن مسافرن جي قبرن جا ڏيئا لڳي رهيا هئا ۽ چنڊ، اهو چوڏهين جو چوڪيدار چنڊ، ته ڪنهن آدي جڳادي مجاور جيان انهن گمنام قبرن تي پنهنجي چوڪس نگاهن جو نور هاري رهيو هو ۽ ڌرتي، ته ڪنهن مست الست رقاصه جيان چانڊوڪي جو چولو پائي جهمريون هڻي رهي هئي ۽ ڄڻ چئي رهي هئي؛
مون ۾ تون موجود
آئون اڳاهين آهيان
آئون اسونهين آهيان

Sunday, February 03, 2013

برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر - عبدالحي پليجو


برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن سفر
عبدالحي پليجو
اسان جو هي محل نما جهاز، هاڻي انگلينڊ جي ڪپرن کان گهڻو پري ڪونهي. اسان هتان کان هاڻي برطانيه جو بحري بندر ۽ ان جي پهاڙين تي اڏيل ڪوٽ قلعا چٽيءَ طرح سان ڏسي رهيا آهيون. جهاز جي ڪپتان اسان کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌايو ته پاڻ هاڻي جلد برطانيه جي بحري بندر ’ڊوور‘ تي پهچڻ وارا آهيون، جنهن ڪري توهان خاموشيءَ سان پنهنجين پنهنجين سيٽن تي چيلهه جا بيلٽ ٻڌي آرام سان ويهي رهو، جيسين وڃي هي جهاز ڪپر ڀيڙو ٿئي. اسان به ائين پنهنجيون پنهنجيون سيٽون درست ڪري خاموشيءَ سان انهن تي ويهي رهياسين، جيستائين جهاز وڃي بندر تي پهتو.

Saturday, February 02, 2013

شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل؟ - الطاف شيخ


شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل؟
الطاف شيخ
پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشيءَ جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سُٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس، پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀُوت سوار رهيو. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هئس. ستر وارري ڏهاڪي ۾ سگا جي سهڪار سان اين جي وي اسڪول ڪراچيءَ ۾، شام جو سول سروس جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو، ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هئس. جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته، جونيئر انجنئيرن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن پڙهائيندو هئس.

Friday, January 25, 2013

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو - الطاف شيخ

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو
الطاف شيخ
جپان جي هن شهر ڪوڪورا جي اتر واري علائقي ۾ نتسومي رهي ٿي جيڪا هتي جي ڪجهه ٻين عورتن وانگر ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن ۽ انهن جي فئملين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي. هي عورتون ”هوسٽ مدر“ پڻ سڏيون وڃن ٿيون. شروع وارن سالن ۾ نتسوميءَ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ٻارن جي به ڏاڍي مدد ڪئي، جڏهن هن جو مڙس هتي جي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. بهرحال هن جي اڃا تائين هنن سان عليڪ سليڪ قائم آهي. هينئر اسان جي اچڻ جو ٻڌي هوءَ پنهنجي سترهن سالن جي پٽ يُوجيءَ سان گڏ اسان سان ملڻ آئي. سندس پٽ هتي جي هڪ پرائيويٽ ۽ مهانگي ٽائيپ اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جتي عام اسڪولن جي ابتڙ ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو يوُجي سٺي لهجي سان مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ ويندي انگريزيءَ جا اهي اکر جيڪي جپانين کي اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي اهي به چٽي طرح ڳالهائي رهيو هو. مون يُوجيءَ جي سٺي انگريزيءَ جي ماڻس (نتسومي) سان تعريف ڪئي. هن ان جو ڪريڊٽ اسڪول کي ڏيڻ چاهيو ۽ مون کي اهو اسڪول گهمڻ لاءِ چيو. مون به تڪلف طور ها ته ڪئي پر گهٽ ۾ گهٽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان ڪم پٺيان وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. پر هن ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ان جي پرنسپال کي منهنجو جپان بابت ڇپيل ڪتاب به ڏنو ۽ ان سان منهنجيون وڏيون تعريفون ڪري آئي ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان ۽ هتي جپان ۾ ڪيترا سال جهاز هلائڻ ۽ نوان ٺهرائڻ کان علاوه گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. يعني تعليم جو ماهر آهي. پرنسپال نتسومي کي چيو ته الطاف کي دعوت ڏيئي اسڪول وٺي اچ.

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو لطيف آباد کان فون آيو ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن، جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪريءَ بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن، جو انهن کي نوڪرين جا ڏَٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، هن پروفيسر جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.