پراگ جو ٽارچر سيل ميوزم
۽ سنڌ جي سار!
Notes from Europe
عبدالله مورائي
ولٽاوا
درياهه جي ڪناري آباد چيڪ ريپبلڪ ملڪ جي گاديءَ واري شهر پراگ ۾ آخري ڏينهن هيو، سڄو
ڏينهن پيرين پنڌ گهمي ٿڪجي اچي شهر جي مشهور چارلس پل جي آس پاس چونڪ تي ساهي پٽڻ
لاءِ هڪ چرچ جي ٻاهرين ٿلهي تي اچي ويٺاسين. شيدي جن کي پاڻ ڏاڏا سڏيون سي پئي آس
پاس ڦريا ۽ سندن ڪوشش هئي ته گهمندڙ ڦرندڙ سياحن کي ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ چڪر ڏيارڻ يا ڪنهن
ريسٽورنٽ جي ٽڪيٽ وڪڻي وجهون ته روزي ٺهي. سندن کلڻي منهن مهانڊي ۽ مذاق ڪرڻ جي ڪري
گهڻا ماڻهو کانئن ٽڪيٽون وٺن به پيا. پراگ هڪ تمام سهڻو شهر آهي جنهن جي تعريف
جيتري ڪجي اها گهٽ آهي. آءٌ جڏهن به ڪو نئون شهر گهمڻ ويندو آهيان ته اتي جيترا ڏينهن
به رهڻو هوندو آهي، انهن ڏينهن جي لوڪل بسن، ٽرام يا زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ
وٺي پوءِ شهر کي گهمندو آهيان. اهو تمام سولو ۽ سستو طريقو آهي، ڪنهن به نئين شهر
کي گهمڻ لاءِ. ڪٿي ماڻهو منجهي پئي ته پڇڻا نه منجهڻا واري اصول تحت واٽ ويندڙ ماڻهن
کان رهنمائي مليو وڃي. پيرين پنڌ گهمڻ جو به وري پنهنجو مزو آهي.




