Saturday, March 19, 2022

مخلتف سفرن جون يادون - عبدالله عثمان مورائي

مخلتف سفرن جون يادون

Notes from Europe

عبدالله عثمان مورائي



جاويد اختر جي شاعري آهي ته؛

”دلون مين تم اپني بي تابيان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،

نظر ۾ خوابون کي بجليان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،

هوا ڪي جهونڪون ڪي جيسي آزاد رهنا سيکو،

تم ايڪ دريا ڪي جيسي لهرون مي بهنا سيکو.“

(ناتمام)

مون هن مٿئين شعر کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ دل ۾ بي تابي، نظرن اڳيان خواب، حيرانيون، هوا جا آزاد جهونڪا، درياهه جون آزاد لهرون ۽ زندگيءَ جي هر هڪ گهڙيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪرڻ بابت سوچيو، ۽ مون سيلانيءَ جي منهن ۽ چپن تي مشڪ هئي. ڇاڪاڻ ته مون انهن بي تابين، حيرانين ۽ خوابن جو پيڇو ڪيو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي هوا جي آزاد جهونڪن ۽ درياهه جي آزاد لهرن وانگر پاتو. مون پنهنجي پاڻ کي ڳولهي لڌو.

Thursday, March 03, 2022

پاڻ پسيو پرڏيهه - عبدالله عثمان ميمڻ

اتساهه جو سبب بڻجندڙ سنڌ جي سيلاني جوڙي جي سفري ڪٿا

Notes from Europe

عبدالله عثمان ميمڻ



سائين رفيع الدين جوڻيجي صاحب جي شريڪ حيات محترمه صفيه انصاري جو اسپين ۽ ايندورا جو لکيل سفرنامو ”پاڻ پسيو پرڏيهه“ منهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي کليل آهي ۽ مون کي حڪم ٿيو ته ان ڪتاب لاءِ ڪجهه لکي ڏيان. مون هن زندگيءَ جي محدود وقت ۾ تمام ٿوريون ۽ محدود خواهشون رکيون آهن ۽ انهن محدود خواهشن مان هڪ الله جي خلقيل هن دنيا کي گهمي ڏسڻ آهي. سير سفر ڪرڻ منهنجي لاءِ عشق جو درجو رکي ٿو. آءٌ به پنهنجي وس آهر ڪيل سفر جا تجربا هم خيال دوستن سان ونڊ ڪندو رهندو آهيان پر ان کان به وڌيڪ ٻين سيلاني دوستن جا تجربا پڙهڻ، ڏسڻ، يا ٻڌڻ تمام گهڻو پسند ڪندو آهيان.

Wednesday, February 16, 2022

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ تجربي هيٺ آيل شين جون ساروڻيون - عبدالله عثمان مورائي

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ تجربي هيٺ آيل شين جون ساروڻيون

عبدالله عثمان مورائي



هتي سئيڊن ۾ يا کڻي ائين چئجي ته سڌريل ملڪن جي خانگي يا سارڪاري ادارن ۾ موجود وسيلن جو استعمال مناسب طريقي سان ڪيو ويندو آهي. آءٌ اڄڪلهه اسٽاڪهولم ۽ ان جي آس پاس تمام وڏن ۽ ميگا پراجيڪٽس تي ڪم کان پهريان، ڪم دوران ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ان علائقي ۾ زمين اندر موجود پاڻيءَ تي ڪنٽرول يا نظر رکڻ واري پروگرام جو حصو آهيان. مون کي يا منهنجي ٻين ڪليگس کي جيڪڏهن ڪنهن پراجيڪٽ جي وزٽ ڪرڻي هوندي آهي ته اسان پهريان سسٽم ۾ گاڏي چيڪ ڪندا آهيون ته ڪهڙي گاڏي فارغ ۽ موجود آهي، پوءِ اها گاڏي پنهنجي نالي بڪ ڪري، پوءِ کڻي ويندا آهيون. سڀ تفصيل ڏيڻا هوندا آهن ته ڪهڙي پراجيڪٽ تي وڃبو، پهريان گاڏي ڪيترا ڪلوميٽر هليل هئي ۽ واپسيءَ تي هاڻي ڪلوميٽر جو ڪانٽو ڪٿي بيٺو آهي وغيره. گاڏي جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم ۾ استعمال ڪرڻي آهي ته اهو پڻ پهريان کان ئي ٻڌائبو، جنهن جو ٽول ٽيڪس يا هڪ اڌ ٻيو ٽيڪس پاڻ کي ڀرڻو پوندو ۽ گهڻي قدر ذاتي ڪم لاءِ گاڏي تڏهن ئي کڻي سگهجي ٿي، جڏهن اها ڪنهن پراجيڪٽ جي ڪم لاءِ بڪ ٿيل نه هجي.

Monday, January 31, 2022

گاجي شاهه جي ميلي جو سربستو احوال - محمد خالد ميمڻ

گاجي شاهه جي ميلي جو سربستو احوال!

محمد خالد ميمڻ



گذريل ڇنڇر واري ڏينهن دوستن ممتاز کوسو، استاد غلام مرتضيٰ ڦل، ماجد علي ميمڻ ۽ ڊرائيور وقار ڪوري سان گڏ جنن جي بادشاهه طور مشهور گاجي شاه جو ميلو گهمڻ جو پروگرام ٺھيو. ڦل شھر مان منجنهد جو ٽين وڳي نڪتاسين. نڪرڻ کان اڳ سگا ڪاڇو شاخ جي جنرل سيڪريٽري پياري دوست غياث الدين شاهاڻي، جيڪو دادو ۾ رهندو آھي، ان کي به پاڻ سان گڏ ميلي تي وٺي وڃڻ واسطي تيار رهڻ لاءِ چيم. دادو پهچي، غياث الدين شاهاڻي کي گڏ کڻي، گاجي شاهه جي ميلي تي نڪري پياسين. رستي تي جوهي شھر جيڪو تعلقي هيڊڪوارٽر آھي، اتي شام جي چانھ هڪ هوٽل تي پيتيسين. جوهي تائين روڊ ڀلو هو. پر جڏهن اڳتي هلياسين ته روڊ جيڪو مان ٻه سال اڳ، گاجي شاهه جي ميلي تي ويو هيس ته صحيح هو، پر هن دفعي ڏٺم ته صفا خراب لڳو. تنھن تي غياث الدين شاهاڻي ٻڌايو ته؛ گذريل سال جيڪا برساتن سبب ٻوڏ آئي هئي ۽ پاڻيءَ جي سخت دٻاءَ سبب ايف پي بند ڀَڳو هيو ته ان پاڻيءَ جي ڪري روڊ هنڌان هنڌان ٽُٽي ويو آھي. روڊ جو هڪ پاسو، صفا کاڄي ويو هو. جنهن جي ڪري ميلي جي زائرين کي تمام گهڻي تڪليف سان منهن ڏيڻو پيو آهي. هن ميلي تي ڪارن، بسن، رڪشن کان سواءِ موٽرسائيڪلن تي زائرين وڏي تعداد ۾ ويندا آھن.

Friday, December 24, 2021

سفرناما مصوريون هوندا آهن - پروفيسر عبدالله ملاح

سفرناما مصوريون هوندا آهن

پروفيسر عبدالله ملاح



سفرناما گردِ سفر جي صورت ۽ مسافرن جي دِل، دماغ ۽ اکين جي ڏِٺل محسوس ڪيل، تجربن، مشاهدن، منظرن جي هاڪاري ناڪاري رُخن کان واقف ڪرڻ جا داستانِ حيات هوندا آهن. مسافرن جي دِلي ڪيفيتن ذوقِ سفر جي جذبي ۽ منزل مسافر جي واٽن جي حُسن ۽ حقيقتن جي سنگم مان تخليق ٿيل زندگي ناما آهن. سفر ناما پنڌ ۽ پيرن جي اُڏامندڙ ڌوڙ، پگھر ۽ منزلن جي مسافرن مٿان اُڀرندڙ چنڊن، چانڊوڪين، ستارن جي نور جون اکرن سان، مصوريون ۽ بُت تراشيون هوندا آهن. سفرناما منزل جي سمورن گَسن، پنڌن پھڻن، پٿرن، منظرن ماڻھن صبح شام جي سحرن، زھرن، ڪنڊن گُلن، خزائن، بھارن، هجر و فراق جي احساسن، جذبن، مشاھدن ۽ تجربن جي رنگن سان چٽيل صورت گريون هوندا آهن. منزل ڀلي ساڳي هجي، ماڳ مڪان ساڳيا هجن، مندون موسمون به ساڳيون هجن، ملندڙ ماڻھو به ڀلي ساڳيا هُجن، پر هر مسافر اُنھن ماڳ مڪانن ۽ گسن پنڌن جي رُخن جي صورت گري پنھنجي تمنا ۽ آرزو موجب ڪندو.

Friday, December 17, 2021

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾ - خادم رند

استور ۽ اسڪردو جي ماٿرين ۾

خادم رند



آگسٽ ۲۰۱۹ع ۾ گلگت ۽ ھنزه واري يادگار ۽ حسين ٽوئر جون يادون اڃان ذهنن ۾ تازيون ھيون ته ۲۰۲۰ع جي آگسٽ مھيني ۾ دلبر دوست مجيد منگي ۽ مان ھڪ دفعو ٻيھر گلگت بلتستان جي دلڪش جابلو ماٿرين ڏانھن وڃڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺاسين. گذريل ڀيري اسان گلگت ۽ ھنزه سان گڏ پاڪستاني ڪشمير جا ڪجھ علائقا گهمي ڏٺا ھئا پر ھن ڀيري اسان جي خواھش ھئي ته گلگت بلتستان جو ڪو ٻيو پاسو ڏسجي. مجيد ۽ مان پنھنجي پنھنجي منھن سان انٽرنيٽ تي ٽوئرسٽ ڪمپنين جا گلگت بلتستان بابت مختلف پيڪيجز جاچيندا رھياسين. آخر استور ۽ اسڪردو جي ۱۲ ڏينھن واري ھڪ ٽوئر پيڪيج تي متفق ٿي ڪمپني وارن سان معاملو طئي ڪري ٽوئرازم جي مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب اڌ رقم کين ڪمپني جي بينڪ اڪائونٽ وسيلي موڪلي ڇڏيسين. ٽوئر جي شروعات ۱۲ آگسٽ تي صبح جو سوير اسلام آباد مان ٿيڻي ھئي، ان ڪري مان ۱۰ تاريخ تي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتس. جتان اڍائي وڳي ڪوچ ذريعي راولپنڊي لاءِ نڪرڻو ھو. جڏھن ته مجيد ۽ ان جي ٻن دوستن ۱۱ آگسٽ تي شام جو ڪراچي کان اسلام آباد جھاز وسيلي پهچڻ جو پروگرام ٺاھيو ته جيئن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان بچي سگهجي.

هُو ته هليا هنگلاج - رکيل مورائي

هُو ته هليا هنگلاج

رکيل مورائي



انساني خواب ڪڏهن ڪڏهن ساڀيان ماڻڻ ۾ چڱو ئي وقت وٺندا آهن. ادب سان جڙڻ واري شروعاتي عمر ۾ جڏهن شاهه سائينءَ کي پڙهڻ جو موقعو مليو هُئو، (جڏهن ته ٻڌڻ جو موقعو اڳ مليو هو) تڏهن کان سُر رامڪليءَ ۾ جيڪو هنگلاج، ۽ ناني ماتا جو ذڪر هُئو ۽ اڄ به آهي، ان جي پراسراريت، مون لاءِ اڄ به ساڳي آهي، جيڪا ڀٽائي سائينءَ جي دور ۾ هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ هنگلاج ياترا تي وڃڻ ايترو سولو نه هُئو، جيترو اڄ جي سائنسي ايجادن آسان بڻايو آهي. اڄ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هنگلاج جي سفر لاءِ توڻي لاهوت لامڪان وڃڻ لاءِ جيڪي سفري ڏکيائيون پيش اينديون هيون اهي ذهن تي اچن ٿيون ته ماڻهو خوف ۾ وٺجيو وڃي. پوءِ به اهو تاريخ جو سچ آهي ته سائنسي ايجادن جي حيرت انگيزي پنهنجي جاءِ تي، هنگلاج يا ٻين اهڙن اسٿانن جي پراسراريت جي محسوسات ٻي آهي. ايئن لاهوت لامڪان جو سفر پنهنجي نجي اهميت رکي ٿو.