سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: سفرنامو ”فارس جو مسافر“ - اظهار سولنگي:
نور خان محمد حسني جو سفرنامو ”فارس جو مسافر“ اظهار سولنگي ادب ۾ سفر نامي کي اهم حيثيت حاصل آهي، اسان جا اديب ۽ سياح سفرنامن کي پڙ...
Thursday, November 29, 2012
Sunday, November 25, 2012
يورپ کان ايشيا اڌ ڪلاڪ جو سفر! - عبدالحي پليجو
يورپ کان ايشيا اڌ ڪلاڪ جو
سفر!
عبدالحي پليجو
جڳهه
جي تر ۾ موجود حوض اڄ به پاڻيءَ سان ڀريل آهي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سِڪا هزارن جي
تعداد ۾ پيل هئا، جيڪي ڇت ۾ لڳل بجليءَ جي روشنيءَ سبب صاف نظر اچي رهيا هئا. اسان
جي روبرو به ٽوئرسٽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ سِڪا اُڇلائي رهيا هئا. چون ٿا ته ڪنهن دور ۾
هتي پاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ مان نهر وسيلي هن پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پهچندو هو، جتان وري
اهو پاڻي سنهين نالين يا ڪسين ذريعي سڄي استنبول شهر جي سمورن گهرن ۾پهچايو ويندو
هو. هن واٽر سپلاءِ اسٽيشن جي ڇت کي سنگ مرمر جي 363 ٿلهن پيلرن تي بيهاريو ويو
آهي. ”جيمس بانڊ ڊبل زيرو“ سيون فلم جي هڪ سيڪوئل جي شوٽنگ به هن پاڻيءَ جي تلاءِ
۾ ڪئي وئي هئي. واقعي! ماڻهو پنهنجي سک لاءِ ڪيڏي نه محنت ۽ ڪيترا نه ٽڪساٽ ٿو ڪري
۽ پنهنجي انهيءَ سک کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن جا نه سُک ٿو ڦٽائي!
هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر - ابراهيم خشڪ
هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر
ابراهيم خشڪ
سائنس
سفر کي ايڏو سولو ڪري ڇڏيو آهي، جو چين وڃڻ لاءِ چند ڪلاڪ ڪافي آهن. نيرن ڪري
هوائي جهاز ۾ ويهو، ٻيو ويلو وڃي چين ۾ کائو. پر اڳي چين وڃڻ آسان نه هو ۽ نه وري
چين مان سنڌ اچڻ سولو هو. قديم دؤر ۾ ماڻهو مُڇن جي سانول ايندي ڏورانهين سفر تي
نڪرندا هئا ته واپسيءَ تي (جيڪڏهن واپسي ٿيندي هئي ته) اڇي ڏاڙهيءَ سان هوندا هئا.
ڪيترن کي ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ سڃاڻڻ وارا به نه ملندا هئا ۽ ڪن کي سندن ڳالهين
تي ويساهه ڪرڻ وارو به نه ملندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مارڪو پولو سان ته ائين ئي ٿيو،
جڏهن هُن چين مان واپس وڃي پوئتي پيل يورپ وارن کي سڌريل چين جون ڳالهيون ٻڌايون
ته اتي کيس دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙي هئڻ جو لقب مليو. پر مارڪو پولو کان به ڪئين
صديون اڳ نئين دنيا پسڻ ۽ سفر جون سَٽون سهڻ وارا ماڻهو گذريا آهن. اهڙن مڙس ماڻهن
مان هڪ “هيوسانگ” به ٿي گذريو آهي. هيوسانگ چين مان هند ۽ سنڌ جي سفر لاءِ ان دؤر
۾ اُسهيو جڏهن اڃا حضرت محمد ﷺ جن ھن دنيا مان برقعو مٽائي نه ويا ھيا ۽ هيوسانگ هند ۽
سنڌ جو سير سفر ڪري جڏهن واپس چين جي شهر چانگان ۾ پهتو ته عربستان ۾ حضرت محمد ﷺ
جن جي وصال کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو دؤرِ خلافت ۽ ان بعد حضرت عمر فاروق
جو دؤر خلافت به ختم ٿي چڪو هو ۽ خلافت تي حضرت
عثمان غني هئا. اهو سمورو عرصو هيوسانگ هتي
سيرسفر ۾ گذاريو.
هندستان جي ياترا - غلام شبير شر
هندستان جي ياترا
غلام شبير شر
تاريخ
2011-03-16 تي ساڍي اٺين وڳي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کان ميڊم عاصمه جهانگير جي
اڳواڻيءَ ۾ هندستان وڃڻ لاءِ واگها بارڊر بَس ذريعي روانه ٿياسون، صبح جو 9:30 وڳي
بارڊر تي پهتاسون، جتي پاڪستاني اميگريشن وارن اسان 134 وڪيلن جي گروپ کي 10:30
وڳي ڪليئرنس ڏئي ڇڏيو. اُتان اسان پيادل هندستان جي اٽاري بارڊر تي پهتاسون، پنجن
منٽن جو پنڌ هيو. اٽاري بارڊر تي پاسپورٽ چيڪنگ ۽ ڪليئرنس ساڍي ٻارهين وڳي پوري
ٿي، پوءِ سپريم ڪورٽ بار انڊيا طرفان موڪليل چئن ايئرڪنڊيشنڊ بسن ۾ سوار ٿي اڍائي
(2:30) وڳي امرتسر پهتاسون، جتي امرتسر بار جي صدر ۽ ٻين بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن
سپريم ڪورٽ بار پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن جو استقبال ڪيو ۽ حويلي هوٽل امرتسر
۾ شاندار قسم جي منجهند جي ماني کارائي.
هل ته دهلي گهمون - يوسف سنڌي
هل ته دهلي گهمون
يوسف سنڌي
هر نئون شهر، مسافر جي لاءِ تجسس جو سبب هوندو آهي ۽ هو ان جي هر
شيءِ کي تجسس ۽ شوق سان ڏسڻ لڳندو آهي، انتهائي ڌيان ۽ باريڪ بينيءَ سان ۽ نظر
ايندڙ شين کي ڏسڻ سان گڏ، انهن کي نظرن ئي نظرن ۾ توريندو تڪيندو ۽ انهن تي ويچار
ڪندو ويندو آهي.هر شهر پنهنجي اندر ۾ ڪئين داستان سمائي ويٺو هوندو آهي. هڪڙا اهي
جيڪي لکت ۾ هوندا آهن، ٻيا اهي، جيڪي نسل در نسل سيني در سيني منتقل ٿيندا رهندا
آهن. ماڻهن جيان شهرن جا به ڪردار هوندا آهن. رضا علي عابديءَ چواڻي، ”ڪهاڻي جي
ڪردارن جيان خدا شهرن جا ڏينهن به ڦيري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اهي نه به ڦيريندو آهي.
شهر فقط گهرن ۽ گهٽين سان نه ٺهندا آهن پر هر گهر کي ان جا رهاڪو به گهربل هوندا
آهن.“
۽ هر شهر جي پاڙي جي وري پنهنجي ڪهاڻي هوندي آهي.
هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل ڪنگال! - عبدالحي پليجو
هڪ پل ۾ لکا پتي، ٻئي پل
ڪنگال!
عبدالحي پليجو
جديد
تُرڪي قوم جي معمار مصطفيٰ ڪمال “اتاترڪ” ترڪي ٽوپي ٺاهڻ بند ڪرائي ڇڏي. ڍڪيل
بازار واري ترڪي ٽوپي گهٽيءَ ۾ اڄڪلهه نيري رنگ جي زرين مان ٺهيل ڪپڙن جو واپار
ٿئي ٿو. بازار جي وچ ۾ ٻن شاهي دڪانن ۾ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن جا ٺهيل عجيب نوادرات
موجود آهن. اهي تمام وڏي تعداد ۾ آويزان آهن، تنهن ڪري اهي مشهور ڏندڪٿا “علي
بابا، چاليهن چورن” واري غار ۾ پيل خزاني وانگر جهلڪندا نظر اچن ٿا. استنبول شهر ۾
موجوده واپاري مرڪزن جو سلسلو گولڊن هارن سامونڊي نار تائين پکڙيل آهي. هيءَ ڍڪيل
بازار ته انهيءَ سلسلي جي دنگ تي قائم آهي. هن بازار ۾ هڪڙي ڪتابن جي واپار واري
گهٽي آهي. ڪتابن واري گهٽي ۾ ٺهيل ڦوهارو، جتي هينئر ٻِلين جو وڏو تعداد موجود
آهي، شهر جي اوائلي دور جو يادگار آهي. ڍڪيل بازار جي اتر طرف پراڻين هوٽلن جي
قطار آهي، جتي هاڻي هوٽل وارو ڌنڌو ڪونهي، پر ريڙهين وارا مزدور ۽ پراڻي مشينريءَ
جا دڪان آهن. هتي چانهه جا هوٽل به آهن، جتي مزدور طبقو اچيو ٿڪ ڀڃي. هن بازار ۾
اڄ ترڪ باشندو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هو، باقي گهڻو ڪري سڀ حاضر ماڻهو مختلف ملڪن کان آيل
سياح نظر ٿي آيا. سڄي دنيا ۾ سونهن ماڻڻ ۽ ماني کائڻ جو مزو جيڪو توهان کي ترڪيءَ
۾ ملندو، اهڙو لطف توهان کي شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ نصيب ٿئي! سڄي دنيا ۾
عورت جي
حُسن جو عروج يا ڪمال ترڪيءَ ۾ ئي انتها تي پهچي ٿو. سندن سونهن بيشڪ هزارين سالن
کان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ترڪيءَ جا کاڌا ۽ ميوا به ترڪ خواتين جي سونهن وانگر
تازا، لذيذ خوشبودار ۽ ڏاڍا وڻندڙ ٿين. ترڪيءَ جي هوٽلن جي اڳيان ڪو هندستاني يا
پاڪستاني لنگهيو ته هوٽلن جا ملازم کيس شاهه رخ خان يا سلمان خان جي نالي سان
مخاطب ٿيندا يا کيس انڊين يا پاڪستاني ڪري سڏيندا. پوءِ جيڪڏهن توهان چيو ته، ها
آئون پاڪستاني آهيان، ته ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ يڪدم چوندا، “پاڪستان ترڪي بوٿ فرينڊس”
پوءِ جيڪڏهن توهان سندن هوٽل ۾ ويا ته توهان کي رسيپشن وارن وٽ رسائي ڪرسيءَ تي
ويهاري، پاڻ واپس ٻاهر نڪري ٻين گراهڪن لاءِ بيٺا هوڪا ڏيندا. مون کي ترڪيءَ ۾
مسور جي دال جو ٺهيل سوپ ڏاڍو وڻندو هو، ڏاڍو لاجواب ٽيسٽ هوندي هُيس، منيٰ ۽
محبوب کي وري هنن جو پڪل ڪڪڙ ۽ ڪباب ڏاڍا وڻندا هئا. ترڪيءَ جي سِڪي جو نالو “ليرا”
آهي، جيڪو هڪ انگريزي سڪي “پائونڊ” مٽائڻ سان لکن جي تعداد ۾ ملي پيو، جنهن ڪري
ماڻهو هڪ پل ۾ لکا پتي ٿيو وڃي ۽ خرچ ڪرڻ مهل به ماڻهو ترت ئي لکن جي تعداد ۾ ليرا
ڏيئي ڪنگال ٿيو وڃي. اسين به ماني کائي هوٽل وارن کي هزارين ليرا ڏيئي هڪ ئي پل ۾
ڪنگال ٿي وياسين.
هالينڊ جي ٻهراڙي - تنوير عباسي
هالينڊ
جي ٻهراڙي
تنوير
عباسي
ائمسٽرڊام جي شپول
ائير پورٽ تي لٿاسين، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺوسين، پڪـ هئي تـ لڪي ۽ ڪيس
اُتي هوندا پر اُهي نظر نـ آيا، سامهون هڪـ هنڌ لکيل هو ” ملڻ جي جا، ميٽنگ پليس“ مون سوچيو تـ ان جاءِ تي
وڃي بيهجي تـ بهتر آهي، ڇو تـ جي ٻئي ڌريون هيڏانهن هوڏانهن گھمنديون رهن تـ ٿي
سگھي ٿو، يڪدم هڪٻئي سان ملي نـ سگھن. اها ”ملڻ جي جاءِ“ جي ڳالھ مونکي پسند آئي ۽
قمر کي سامان جي ريڙهي سان لائونج ۾ ڇڏي، اُتي وڃي بيٺس، اڌ ڪلاڪـ تائين لڪي ۽ ڪيس جو ڪو بـ
پتو ڪونـ پيو نيٺ تنگ ٿي موٽي قمر وٽ آيس.
Subscribe to:
Posts (Atom)


