Sunday, November 25, 2012

هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر - ابراهيم خشڪ


هيوسانگ جو برصغير ۾ سير سفر
ابراهيم خشڪ
سائنس سفر کي ايڏو سولو ڪري ڇڏيو آهي، جو چين وڃڻ لاءِ چند ڪلاڪ ڪافي آهن. نيرن ڪري هوائي جهاز ۾ ويهو، ٻيو ويلو وڃي چين ۾ کائو. پر اڳي چين وڃڻ آسان نه هو ۽ نه وري چين مان سنڌ اچڻ سولو هو. قديم دؤر ۾ ماڻهو مُڇن جي سانول ايندي ڏورانهين سفر تي نڪرندا هئا ته واپسيءَ تي (جيڪڏهن واپسي ٿيندي هئي ته) اڇي ڏاڙهيءَ سان هوندا هئا. ڪيترن کي ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ سڃاڻڻ وارا به نه ملندا هئا ۽ ڪن کي سندن ڳالهين تي ويساهه ڪرڻ وارو به نه ملندو هو. گهٽ ۾ گهٽ مارڪو پولو سان ته ائين ئي ٿيو، جڏهن هُن چين مان واپس وڃي پوئتي پيل يورپ وارن کي سڌريل چين جون ڳالهيون ٻڌايون ته اتي کيس دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙي هئڻ جو لقب مليو. پر مارڪو پولو کان به ڪئين صديون اڳ نئين دنيا پسڻ ۽ سفر جون سَٽون سهڻ وارا ماڻهو گذريا آهن. اهڙن مڙس ماڻهن مان هڪ “هيوسانگ” به ٿي گذريو آهي. هيوسانگ چين مان هند ۽ سنڌ جي سفر لاءِ ان دؤر ۾ اُسهيو جڏهن اڃا حضرت محمد ﷺ جن ھن دنيا مان برقعو مٽائي نه ويا ھيا ۽ هيوسانگ هند ۽ سنڌ جو سير سفر ڪري جڏهن واپس چين جي شهر چانگان ۾ پهتو ته عربستان ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي وصال کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو دؤرِ خلافت ۽ ان بعد حضرت عمر فاروق جو دؤر خلافت به ختم ٿي چڪو هو ۽ خلافت تي حضرت عثمان غني هئا. اهو سمورو عرصو هيوسانگ هتي سيرسفر ۾ گذاريو.


پر اهو چوڻ غلط ٿيندو ته هيوسانگ ڪو چين مان هند ۽ سنڌ ڏي اچڻ وارو پهريون سياح هو. پهرين عيسوي صدي دوران ڪيترائي سياح، راهب ۽ ٻاوا برصغير کان چين ويندا رهيا ۽ اتي چين ۾ ٻڌ مذهب جو دائرو ۽ اثر وڌندو ويو. ٽين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ کان پوءِ چيني سياح به هند، سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير تائين آيا ۽ ڪيترائي پراپت ٿيل ڏاهن جا ڏس، پوٿيون، شاستر، علم، فن ۽ ساهت جون سوکڙيون، تارن جي ڄاڻ، نجوم، رياضي ۽ حڪمت جون نيون نيون خبرون واپس نيندا رهيا ۽ جتان جتان به سندن گذرسفر ٿيو، اتي وس ۽ موقعي آهر چيني تهذيب کي به متعارف ڪرائيندا ويا.
هيوسانگ کان اڳ به ڪجهه چيني سياح برصغير ۾ پهتا، جن مان سڀ کان اڳ فاهيان (Fa-hian) پهتو. جنهن جي سفر جو دؤر 399ع کان 412ع تائين رهيو آهي. ان جي سفر جو احوال ڪجهه ملي ٿو. باقي ان کان پوءِ ايندڙ ٻن سياحن سن ين (Sun-yun) ۽ هئي سينگ (Hui-seng) جي سفر بابت ڪو خاص احوال ڪونه ٿو ملي.
انهن سڀني سياحن مان مکيه ۽ مشهور هيوسانگ آهي، جنهن هزارها ميل سفر ڪيو ۽ نه وسهڻ جوڳا ڪشالا ڪڍي، پندرهن سالن تائين برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سير ۽سفر ڪيائين ۽ انهيءَ سير سفر بابت سندس لکيل سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هن 138 ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن رسمن، رواجن، طور طريقن ۽ مذهب متعلق لکيو آهي. 138 ملڪن مان هيوسانگ 110 ملڪ پنهنجي سر پاڻ گهمي ڏٺا هئا ۽ 28 ملڪن بابت جيڪو ٻڌو هئائين اهو لکيو اٿس. هيوسانگ هندستان کي لڳ ڀڳ 70 ملڪن ۾ ورهايل ڏٺو.
هيوسانگ چين جي هونان صوبي ۾ 596ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ وڏو عالم هو، سندس هڪ وڏو ڀاءُ ٻڌ ڀڪشو هو ۽ هيوسانگ تيرهن سالن جي ڪَچي وهيءَ ۾ انهيءَ پاسي زيادهه لاڙو رکيو ۽ ويهن سالن جي عمر ۾ باقاعدي ڀڪشو بنجي ويو. ان دؤر ۾ چين ۾ ٻڌ مذهب جا گهڻا فرقا رائج هئا ۽ هر فرقو پاڻ کي سچو ۽ حق جو پوئلڳ سمجهي پرچار ڪري رهيو  هو. ڪنهن هڪ فرقي کي سچو سمجهي ويهي رهڻ بجاءِ هيوسانگ انهن رائج الوقت مَتَن ۽ فرقن جي فرق کي سمجهڻ لاءِ پهريان چين جي هاڻوڪن زيچوان، هو پيہ ۽ شينسي صوبن جو سفر ڪيو، جتي هن مشهور ۽ نامور ٻڌ استادن سان ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪيون. پر انهيءَ سلسلي ۾ جيتري گهڻي جستجو ۽ ڳولا ڪيائين اوترو وڌيڪ منجهائيندڙ تضاد ڏٺائين ۽ ٻڌائين، ان ڪري سندس بيقرار دل ٻڌ مذهب جي پوتر مڪان ۽ گوتم ٻڌ جي وطن برصغير ڏي تانگهڻ شروع ڪيو، ته جيئن پاڻ اهي شڪ اچي دور دفع ڪري، جيڪي ٻڌ مذهبين کڙا ڪري ڇڏيا هئا. انهيءَ خيال جي ڪري هو چين جي تڏهوڪي گادي واري هنڌ چانگان (هاڻوڪي سيان) ويو، جتي رهندڙ غير ملڪين کان هند ۽ سنڌ ولائت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سفر لاءِ صلاحون وٺڻ شروع ڪيائين.
ان دؤر ۾ چين تي تانگ گهراڻي (907-618ع) جي حڪومت هئي ۽ چينين کي حڪومت طرفان اڳواٽ اجازت ۽ سرڪاري پاسپورٽ بغير ملڪ ڇڏڻ جي اجازت ڪانه هئي، هيوسانگ اجازت وٺڻ لاءِ درخواست ڪئي، پر هڪ نه ٻئي سبب سندس درخواستون رد ٿينديون رهيون. 627ع ۾ ڪوانچنگ (هاڻوڪي شينسي صوبو) ۾ ڏڪار منهن ڪڍيو ۽ بادشاهه فاقا ڪڍندڙ ماڻهن کي عام اجازت ڏني ته چين اندر جيڏانهن ۽ جتي به جيڪو به وڃڻ چاهي ڀلي وڃي. هيوسانگ انهيءَ عام اجازت جو فائدو وٺي چانگان مان ليانگ چو (هاڻوڪي ڪانسو ۾ ؤؤئي) ويو، جتي تبت ۽ هند سنڌ جا واپاري ايندا رهندا هئا ۽ هيوسانگ انهن کان معلومات هٿ ڪرڻ لڳو. ان وقت جي حڪومت کي غير ملڪي حملن مان خطرو هو، ان ڪري بنان پاسپورٽ پرڏيهه وڃڻ جي سخت منع هئي. جڏهن ليانگ چو جي مقامي ڪامورن کي پتو پيو ته هيوسانگ پرڏيهه اُسهڻ جون تياريون پيو ڪري، ته انهن هن کي سختي سان منع ڪئي. پر اها خبر جڏهن هڪ مڪاني ٻائي کي پئي ته ان پنهنجا ٻه چيلا هيوسانگ ڏانهن ڳجهي طرح موڪليا ته جيئن اهي کيس ڪواچو (هاڻوڪي ڪانسو ۾ آنسي) وٺي اچنس. اُتان ڪجهه ٻيا همراهه به ساڻس گڏ سفر ڪرڻ لاءِ نڪتا، جن سان گڏجي هيوسانگ يومين لنگهه وٽان چين جي سرحد سرڪاري عملدارن کان لِڪ چوري پار ڪئي، جتي اولهندي علائقن تائين پهچڻ کان اڳ وڏو ريگستان سندن آڏو هو. ايستائين پهچندي سندس ٻن کان سواءِ ٻيا ساٿي سفر جو ارادو ڇڏي واپس هليا ويا ۽ انهن ٻن مان به هڪ کي سفر جي سَٽ نه سهڻ جوڳو سمجهي هيوسانگ پاڻ واپس موٽيو. باقي ٻيو همراهه تنگ هوانگ (Tung-hwang) تائين هيوسانگ سان گڏ رهيو، پوءِ ان جو پتو نٿو پوي. بهرحال سوين ميل پکڙيل ريگستان منجهان لنگهڻ، جنهن ۾ ڪو هڪ ساهوارو ملڻ جي اميد به نه هجي، جو تصور به ڪنهن عام ماڻهوءَ کي ڊيڄاري وجهي ها، پر هيوسانگ جي ارادي کي ريگستان به لوڏي نه سگهيو. پاڻ جيڪو ڪُواچو مان پوڙهو گهوڙو خريد ڪيو هئائين اهو ڪواچو کان هَمي تائين ڏهه ٻارهن دفعا سفر ڪري چڪو هو. ان ڪري هيوسانگ به اُن گهوڙي ۽ ڀاڳن تي ڀاڙي سفر شروع ڪيو ۽ ڏهن ڏينهن جي سخت مسافريءَ بعد هن رڻ پٽ کي پار ڪيو ۽ اِگُو (تڏهوڪو هَمي) ۾ پهتو.
اُتي جا ڪافي ماڻهو ٻڌ مذهب جا پوئلڳ هئا، ان ڪري هن جي اِگُو پهچندي ئي هن کي ڪاراخُجا (سنڪيانگ ۾ جديد تُرفان) گهمڻ جي دعوت ملي. اُتي جي حڪمران هن تي ڪئي دفعا زور ڀريو ته برصغير وڃڻ جو خيال ڇڏي اتي رهي پوي، پر هيوسانگ انڪار ڪيو. هيوسانگ جو پختو ارادو ڏسي اتي جي مهربان حاڪم کيس سفر لاءِ ڪافي کاڌي پيتي جو سامان، وهٽ ۽ پهريدار گڏي ڏنا ۽ هن کي ٽوڪماڪ (هاڻوڪي روس جي ڪِرغز ريپبلڪ) جي حاڪم جابگُو خان ڏانهن خط ۾ لکي ڏنائين. اتي پهچڻ لاءِ هيوسانگ جي قافلي کي 23000 فوٽ اوچائي وارا جبل، جيڪي سدائين برفاني طوفانن جي لپيٽ ۾ رهندا هئا، پار ڪرڻا پيا، جنهن دوران سندس اٽالي جو وڏو حصو ۽ ڪيترا اُٺ ۽ گهوڙا پڻ اهڙي ڳري ڪشٽ جي نظر ٿي ويا، پر آخرڪار هيوسانگ ٽوڪمڪ پهتو ۽ جابگو خان آڏو حاضر ٿيو ۽ جابگو خان کان مختلف ملڪن ڏانهن تعارفي خط وٺي پنهنجو سفر جاري رکيو. سندس رستي ۾ ٻين ننڍڙن ڳوٺ نما شهرن کان علاوه طلاس (هاڻوڪي اولي اتا)، چي شي (هاڻوڪي تاشقند ۽ سمرقند) ان کان پوءِ فالَيٽينا (هاڻوڪو افغانستان جو شهر باميان) ۽ آخر سلياهه جبل پار ڪري، هيوسانگ اُتر هندستان ۾ ڪشمير پهچي ويو. تڏهن 628ع جو اونهارو هو ۽ کيس چانگان ڇڏئي انهيءَ مسافريءَ ۾ پورو سال لڳي ويو هو. اتي پهچڻ کان پوءِ، هيوسانگ ڪشمير مان سفر شروع ڪيو ۽ سنڌونديءَ جي مٿين حصي کان ٿيندو ۽ ٻڌ مذهب وارن جون پوتر جايون گهمڻ شروع ڪيائين ۽ اُتي جي مشهور اُستادن جي ڪتابن کان واقف ٿيندو رهيو. انهيءَ گهمڻ دوران هيوسانگ کي 628ع کان 631ع تائين ٽي سال لڳي ويا. ان کان پوءِ هن اوڀر طرف پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ ٻڌ مذهب جي پوتر شهرن گايا (پٽنا ويجهو) ۽ بنارس ۾ تيرٿ ۽ زيارت ڪيائين 631ع ۾ هي نالندا خانقاهه (تڏهوڪي وڏي ۾ وڏي ديول) ۾ داخل ٿيو، جتي ٻڌ مذهب جي هڪ مشهور عالم سلا بهادرا وٽ پڙهيو.
برصغير ۾ پهچڻ کان پوءِ هيوسانگ جتي جتي به ويو اُتي جي عام ماڻهن، عالمن، مذهبي پيشوائن، اميرن ۽ بادشاهن سندس گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. نالندا جي رهاڪن جڏهن هيوسانگ جي آمد جو ٻڌو ته انهن اڳ ۾ ئي سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ جون تياريون ڪيون ۽ هن آڏو استقبال لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليائون. ان وقت نالندا ۾ ڏهه هزار شاگرد ٻڌمست جي تعليم ۽ ٻي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ رُڌل هئا. هيوسانگ به اتي انهيءَ تعليم ۾ شهه حاصل ڪرڻ کي جنبي ويو. نالندا ۾ پنج سال اڀياس ڪرڻ کان پوءِ هيوسانگ اوڀر ڏکڻ ۽ اولهه برصغير کي گهمڻ شروع ڪيو ۽ هر اهم جاءِ ڏٺائين ۽ هر مشهور عالم ۽ استاد سان ملاقاتون ڪيائين. پاڻ سفر ڪندي اوڀر ۾ ڪاماريا، (هاڻوڪي آسام) ڏکڻ ۾ دراودار (مدراس) ۽ اولهه ڏانهن لانگهلا (هاڻوڪي بلوچستان جو ڏکڻ اوڀر) تائين هر هنڌ ويو. پر هر هنڌ پنهنجي من پسند جايون ڏٺائين، جن جو تعلق ٻڌ مذهب سان هو.
هيوسانگ انهيءَ سفر دوران سنڌ ۾ به آيو. هيوسانگ پاڻ سنڌ جي سفر بابت لکي ٿو ته “... گجرات کان اتر طرف خوفائتي رڻ پٽ ۽ خطرناڪ لڪن مان لنگهي اٽڪل 1900 لِي (684 ميل) پنڌ ڪري اسان سنڌ پهتاسين. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پي شين ـــ پولو (P`i-Shen-p`o-pu-Lo) (1) آهي. هتي جي زمين اناج پيدا ڪرڻ لاءِ موزون آهي ۽ هتي ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ڪوپر تمام گهڻو آهي. ڍڳن، رڍن، اُٺن، خچرن ۽ ٻين جانورن لاءِ هتي چارو جام آهي. هتي جا اُٺ هڪ ٿوهي وارا ٿين ٿا ۽ هتي سنڌ ۾ سينڌي لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن. ان کان سواءِ اڇو لوڻ، ڪارو لوڻ ۽ جابلو لوڻ به جام آهي. مختلف جاين تي اهو لوڻ دوائن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ماڻهن جو سڀاءَ سخت ۽ پورالو آهي، پر اهي آهن ايماندار ۽ سنوان سڌا. پاڻ ۾ ڪونه ٺهن. پڙهن ٿا، پر بنا مقصد جي. ٻڌمت جا پوئلڳ آهن. هتي ڏهه هزار ڀڪشو ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن ٻڌن مان ڪيترا سچ جا ڳولائو سالڪ ويران جاين، جبلن ۽ ٻيلن ۾ دنيا کي تياڳ ڪيو اڪيلا پيا رهن ۽ ارهت واري منزل ماڻڻ جي آس ۾ پيا رات ڏينهن جالين. هتي جو بادشاهه سودرا (Shu-to-Lo) ذات جو آهي (2) ۽ نهايت ايماندار ۽ مخلص آهي ۽ ٻڌ مذهب کي مان ڏيندڙ آهي.”
هيوسانگ سنڌ جي سفر بابت اڳتي لکي ٿو ته “جڏهن گوتم ٻڌ پاڻ هن سنسار ۾ جيئرو هو، تڏهن سنڌ ۾ آيو هو (3)، ان ڪري راجا اشوڪ جتي جتي به گوتم ٻڌ جي رهڻ جا نشان لڌا، اتي اسٽوپا ٺهرائي ڇڏيا اٿس. مها ارهت اپاگپتا (Upagupta) به هن ملڪ (سنڌ) ۾ آيو ۽ ٻڌ مذهب کي وڌيڪ پکيڙيائين. جتي جتي هو رهيو، اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن ٻيا اسٽوپا سنڌ ۾ جتي ڪٿي ٺهيل نظر اچن ٿا (4).
“سنڌو درياهه جي ڪنارن سان تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. اهي مال چاري گذارو ڪن ٿا ۽ نه ڪو شاهوڪار آهن ۽ نه سڃا ئي آهن. انهن بابت چيو ٿو وڃي ته اڳي اهي ماڻهو سرڪش هئا، پر پوءِ هڪ ارهت هنن مان ظالمانه رجحان ختم ڪري ڇڏيا ۽ انهن ماڻهن اُن ارهت جي پوئلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع ڪيا ۽ مذهبي زندگي گهارڻ لڳا، پر ڪئين پيڙهين گذري وڃڻ کان پوءِ هاڻي انهن جا پٽ پوٽا مذهب کان پري دنياوي ماڻهن وانگر رهن ٿا.”
هيوسانگ نالندا کان ٻاهر اهو سفر ڇهن سالن ۾ پورو ڪري 641ع ۾ واپس نالندا ويو ۽ اتي ڪجهه وقت وري رهيو. 642ع ۾ هيوسانگ کي برصغير جي سفر لاءِ نڪتي 15 سال ٿي ويا هئا، جنهن دوران پاڻ هر مشهور جاءِ گهمي اکين سان ڏٺي هئائين ۽ هر مشهور عالم سان مليو هو ۽ چين کان ايڏو وڏو عرصو ڏور رهڻ ڪري ڏاڏاڻي ڏيهه جي سڪ به وڌي وئي هئس ۽ واپسيءَ جي تيارين ۾ لڳي ويو.
هيوسانگ پنهنجي خوش بياني، علميت، ڄاڻ ۽ چين ولايت کان اچڻ ۽ ٻڌ مت جو عالم هئڻ (ان دؤر ۾ ٻڌمت اوج تي هئي) ڪري جتي ڪٿي مشهور ٿي ويو هو.
مگڌا ۽ ڪاماريا جي بادشاهه گڏجي هن جي الوداعي دعوت ڪئي، جنهن ۾ هندستان جي ارڙهن رياستن جا  شهزادا، نواب ۽ بادشاهه شريڪ ٿيا ۽ ٻه هزار برهمڻ ۽ ٻيا غير ٻڌ دانشور ۽ ٽي هزار ٻڌمت جا پيشوا پوري هندستان مان اچي انهيءَ الوداعي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. هيوسانگ کي ڪيترائي مرتبي ۽ عزت جا خطاب ڏنائون. دعوت جي پڄاڻيءَ تي ارڙهن رياستن جي شهزادن هيوسانگ کي سينگاريل هاٿيءَ جي پالڪي تي سوار ڪري سرگس گهمايو ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪرائي. انهيءَ دعوت بعد ۾ مگڌا جي بادشاهه هيوسانگ کي وڌيڪ ترسائي ٻيون عام دعوتون ڪرايون ۽ 643ع جي اونهاري ۾ هيوسانگ اتان روانو ٿيو. الوداعي سوکڙي طور مگڌا جي بادشاهه هيوسانگ کي هڪ طاقتور هاٿي ۽ سفر دوران ڪتب ايندڙ تمام گهڻو سامان ڏنس ۽ ڪيترا پنهنجا ماڻهو گڏي ڏنائينس ته جيئن اهي کيس چين جي سرحد تائين پهچائي اچنس. هيوسانگ ان هاٿيءَ تي پنهنجا گڏ ڪيل ۽ کليل ٻڌمت جا قلمي نسخا وڏي محنت سان ٺهيل گوتم ٻڌ جا بت، ڀلا گهوڙا ۽ ٻين ڪيترين ئي قيمتي سوکڙين سان هن کي الوداع ڪيو ويو.
هيوسانگ پنهنجي پندرهن سالن جي رهائش دوران برصغير ۾ ٻڌمت جي عالم طور مشهور ٿيڻ کان علاوه ٻيو وڏو ڪم چيني ثقافت کي هند، سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ متعارف ڪرائڻ جو به ڪيو.
هيوسانگ 644ع ۾ خوتان (هاڻوڪي سنڪيانگ) ۾ پهتو. جيئن ته هيوسانگ غير قانوني طور ملڪ ڇڏيو هو، ان ڪري مانَ شانَ سان اتي پهچڻ لاءِ هن بهتر اهو سمجهيو ته تنهنجي پهچڻ جو اطلاع اختياريءَ وارن کي اڳواٽ موڪلي، ان ڪري خوتان مان هن بادشاهه کي هڪ بادداشت موڪلي. اٺن مهينن کان پوءِ، بادشاهه طرفان شاهي وفد کيس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ خوتان ۾ مڪاني اختياري وارن کي حڪم مليو ته هيوسانگ کي هرڪا سهولت ڏني وڃي.
هيوسانگ فيبروري 645ع ۾ چانگان پهتو. شهر جا ننڍا وڏا سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ شهر جي در کان ٻاهر اچي ڪٺا ٿيا ۽ اتي ايڏي پرجوش انداز ۾ خوشيون ملهايون ويون، جو اها رات هيوسانگ کي شهر جي قلعي جي ٻاهران گذارڻي پيئي. ٻئي ڏينهن تي بادشاهه تائي سنگ هن جو شهر اندر شاهي نموني آڌرڀائي دعوت ڪئي ۽ هن جا آندل علمي نسخا ڏٺا ۽ کيس انهن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪافي ماڻهو پاڻ طرفان مقرر ڪري ڏنائينس. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب اڄ به ڪيترين ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. 652ع ۾ هيوسانگ هڪ پگوڊا ٺهرائي، جيڪا اڃا تائين چانگان (سيان) جي ڏکڻ ۾ قائم آهي.
هيوسانگ 664ع ۾ گذاري ويو. سندس ياد تازي آهي، پاڻ چين ۾ ڪيترن لوڪ قصن ۽ اسٽيج ڊرامن جو موضوع به رهيو آهي. پنهنجي ملڪ مان جيڪڏهن ڪو وفد چين ۾ سيان ۾ به ويندو آهي ۽ چيني ميزبان ان کي اسان جي چين سان قديم ناتي جو اهڃاڻ هيوسانگ جو مقبرو ضرور ڏيکاريندا آهن.
حوالا ۽ وضاحتون
(1) دوارڪا پرساد روچيرام شرما پنهنجي ڪتاب “پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو” جي صفحي 112 تي لکي ٿو ته “ايم رينالڊ... جو چوڻ آهي ته هوئن سنگ مشهور چيني سيلاني جنهن سنڌ جي راڄڌانيءَ جو پي ـــ ڦو ـــ پولو يعني وجنو پرا نالو لکيو آهي، اهو ساڳيو برهمڻ آباد جو شهر آهي (هي شهداد پور اسٽيشن کان اٽڪل 8 ميل ڏکڻ اوڀر طرف.)
ايڇ. ٽي. ليمبرڪ پنهنجي ڪتاب Sindh a general introduction جيڪو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1975ع ۾ ڇاپيو، ان جي 147 صفحي تي لکي ٿو ته “42-641ع ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو.”
(2) سنڌ ۾ ٻڌ مت جي راڄ بابت تمام ٿوري ڄاڻ ملي ٿي. اهو دؤر لئمبرڪ مطابق 550ع کان 644ع تائين رهيو آهي، جنهن دؤر ۾ ٻڌ راءِ حڪومت ڪندا هئا ۽ جنهن دؤر ۾ هيوسانگ سنڌ ۾ آيو، ان دؤر ۾ راءِ سهرس جي حڪومت هئي.
(3) دوارڪا پرساد روچيرام شرما پنهنجي ڪتاب “سنڌ جو پراچين اتهاس” جي ڀاڱي ٽئين جي صفحي 92 تي لکي ٿو ته “گوتم ٻڌ ڪپل وستوءَ ۾ هڪ ننڍي راجا شڌو ڌن جي گهر ۾ پيدا ٿيو، هو کيتري جاتيءَ جي شاڪيه شاخ ۾ پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن کي سنسڪرت گرنٿن شاڪيه مني نالي سان به ياد ڪيو ويو آهي... هو سالن جا سال جهنگل ۾ تپسيا ڪندو رهيو ۽ برابر پنجيتاليهه سال سڄي هندستان جو رٽن ڪيائين. چندر گپت جي ڏينهن ۾ آيل مئگسٿنيز ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گوتم ٻڌ سنڌ ۾ به آيو ۽ هتي هن زور شور سان ٻڌ ڌرم جو پرچار ڪيو. سلون، بهار، ۽ اتر سرحد وانگر انهيءَ زماني ۾ سنڌ به ٻڌ ڌرم جو مرڪز هئي ۽ ٻڌ ڌرم جو اهو زور برهمڻن جي حڪومت يعني عربن جي آخرين ڪامياب فتح تائين قائم رهيو.
ساڳيو ليکڪ صفحي 93 تي لکي ٿو ته “سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم اهڙو ته زور ورتو جو راجا اشوڪ گوتم ٻڌ جي هاٺين مان ڪي هاٺيون سنڌ ڏانهن موڪلي، انهن جي مٿان وڏا شاهي مندر کڙا ڪيا. انهن مندرن مان هڪ مندر موهن جي دڙي، هڪ ميرپورخاص جي اتر واري ڪاهوءَ جي دڙي ۽ هڪ حيدرآباد جي ڏکن ۾ اٽڪل ڏهن يارهن ملين جي فاصلي تي يعني ٽنڊي محمد خان تعلقي ۾ بيٺل سڌ سڏيرن جي دڙي مان کوٽي ڪڍيو ويو آهي. انهن ٽنهي هنڌن تان سون جون ننڍيون دٻليون هٿ آيون آهن، جن ۾ گوتم ٻڌ جون هاٺيون پيل آهن.”
(4) لئمبرڪ مطابق “هيوسانگ سنڌ ۾ موهن جي دڙي، سيوهڻ، ٺل مير رڪن، سڌ سڏيرن جي دڙي، جهرڪ، ٻيٽو ۽ ديبل به ويو هو ۽ اُتي ٺهيل عاليشان اسٽوپا ڏٺائين. ان کان سواءِ، ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر گهميو.”
انهن مٿين هنڌن مان ٺل مير رڪن، نوابشاهه ضلعي جي موري تعلقي ۾ دولت پور ـــ دڙو رستي سان، دولت پور کان اٽڪل 8 ميلن ۽ دڙو کان 12 ميلن جي مفاصلي تي، رستي سان، ڏکڻ طرف، اڌ فرلانگ تي اڄ به قائم آهي.
موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي سڀ کان اڳ ٻڌ ڌرم جي عاليشان مندر جو کنڊر مليو هو. مندر جي دروازي اڳيان هڪ ٿنڀن جو هال هو. مندر جي چؤگرد مڙهين جي ڍنگ جون ڪيتريون جڳهيون ٺهيل هيون، جن ۾ شايد انهيءَ مندر جا پوڄاري ۽ ٻڌ ڌرمي ڀڪشو رهندا هئا، انهن جڳهين جي وچ ۾ هڪ وڏو ٺل ٺهيل هو. مندر ڏانهن ويندڙ لنگهه واري ڀت کان ٻه ننڍيون ڏاڪڻيون هيون، جن مان هڪ اتر ۽ ٻي ڏکڻ ڏانهن ٿي ويئي. بنهه اولهه ۾ هڪ ننڍو ڪمرو هو، جنهن ۾ مٽيءَ جي ٺهيل ٻڌ ڀڳوان جي مورت رکيل هئي. ڪن جو چوڻ هو ته بنياد ۾ اها مٽي جي مورتي هڪ سوني ورق ۾ ويڙهيل هئي.
ماخذ
English Books.
(1) Anderson, Major C.B., ‘Travels in Sindh, 7th century A. D.’ Vols 17 (1847)
(2) Beal, Samuel, (Tr) Buddhist Records of the western words, LondonL 1934.
(3) Beal, Samuel. Travels of Hiuen Tsang, Vols 4. Calcutta. Susil Gupta, 1859.
(4) Beal, Samuel. (Tr) The life of Hiuen Tsang, London: 1911.
(5) Beul, Samuel, (Tr) Chinese accounts of India, Vols 4, Calcutta. Susil Gupta, private Limited, 1958.
(6) Conze, Edward, Budhist Meditation, London: Unwin books, Ruskin house, 1972.
(7) Hastings, james (ed) Encyclopaedia o Religion and Ethics, Great Britain: Morrison and Gibb limited, 1954.
(8) Lambirck, H.  T. Sindh: A general introduction HyderabadL Sindhi Adabi Board, 1975.
(9) Lambrick, H. T. Sindh: before Muslim Conquest, Hyderabad: Sindhi Adabi Board, 1973.
(10) Watters, T. on Yuan Chwangs Travel in India, London: 1904-1905.
(11) Wilson, H. H. Travels of Hieun Tsang, London: Royal Asiatic Society 1959-60.
سنڌي ڪتاب:
(1) پرشاد، دوارڪا، روچيرام، “پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو” حيدرآباد.
(2) پرشاد، دوارڪا روچيرام شرما، “سنڌ جو پراچين اتهاس” (ڀاڱو ٽيون) حيدرآباد؛ اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس.

No comments:

Post a Comment