Wednesday, November 14, 2012

استنبول جي شاهي محل ۾ محفوظ ڪيل مقدس امانتون! - عبدالحئي پليجو


استنبول جي شاهي محل ۾ محفوظ ڪيل مقدس امانتون!
عبدالحي پليجو
مقدس امانات جو هي بي بها خزانو ڪجهه ايمان جي بنياد تي ۽ ڪجهه قسمت سبب ذرو ذرو ٿي ترڪن کي حاصل ٿيندو رهيو. حقيقت ۾ مذڪور امانات مقدسه نه فقط ايمان جي جذبي تحت ميڙيا ۽ محفوظ ڪيا ويا، پر اهي فني ڪاريگريءَ، ثقافتي لحاظ توڙي تاريخي اعتبار کان وڏي اهميت ۽ قدر و قيمت جا حامل آهن، جن جي سار سنڀال ۽ روايتي عزت ۽ احترام بيحد گهڻو نظر اچي ٿو.


ڪملي مبارڪ: ڪُل امانات مقدسه ۾ رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ڪملي يا چادر مبارڪ سڀ کان وڌيڪ تقدس جي حامل آهي. اعليٰ ترين رتبي سبب ترڪ سلطانن انهيءَ کي سوني پيتيءَ منجهه، شاهي تخت يعني سلطان جي گاديءَ واري ڪمري ۾ محفوظ ڪري رکيو. انهيءَ ڪري شاهي تخت واري ڪمري سان شامل سمورين جڳهين، جن ۾ ديوان عام، سراءِ غلامان ۽ دارالخزانه به اچي وڃن ٿا، انهن کي گڏيل نالي ”ايوان هاءِ ڪملي مبارڪ“ سان سڏڻ لڳا. جڏهن نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ماڻهن کي دين اسلام آباد جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي ته پاڻ سڳورا سخت مخالفت ۽ مقابلي جي سامهون آيا. سندن مخالفن ۾ هڪڙو ڪعب نالي سان شاعر پڻ هو. هو مسلمانن طرفان مڪي شريف جي فتح کان پوءِ، پنهنجي منافقانه ڪردار سبب ڊڄڻ ۽ لِڪڻ لڳو ته سندس ڀاءُ سندس ڪردار ۽ رويي کي غلط سمجهندي مٿس ڏاڍي تنقيد ڪئي. انهيءَ جو مٿس ڏاڍو مثبت اثر ٿيو ۽ هو ڏاڍو شرمسار ٿيو. نيٺ لڪندي لڪندي مديني شريف پهچي، چمڙا پوش ٿي نبي ڪريم صلي الله عليه آله وسلم جن جي مجلس ۾ وڃي پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن کان سوال ڪيائين ته جيڪو شخص پنهنجي ڪيل گناهن کان توبهه ڪري ايمان آڻي ته انهيءَ جا گناهه بخش ڪيا ويندا يا نه؟ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جواب ڏنو ته، ها انهيءَ شخص جا گناهه بخش ڪيا ويندا. اها ورندي ٻڌي ڪعب ٻيو سوال ڪيو ته، جيڪڏهن ڪعب بن ظهير به پڇتائي پنهنجي گناهن بخشائڻ لاءِ توبهه ڪري ۽ دعا گهري دين تي ايمان آڻي ته انهيءَ کي به بخشش نصيب ٿيندي؟ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن انهيءَ سوال جو به جواب اثبات ۾ ڏنس ته هن پنهنجو حقيقي تعارف ڪرايو ۽ پاڻ ڪريم صه جن جي چادر يا ڪملي مبارڪ بابت هڪ قصيدو پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ ڏاڍو مشهور ۽ مقبول ٿيو. اهو قصيدو ٻڌي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پنهنجي اها چادر مبارڪ پاڻ تان لاهي شاعر ڪعب بن ظهير جي ڪلهن تي وجهي کيس سوکڙيءَ طور عطا ڪئي. استنبول ۾ رکيل هي نوادرات مقدسه ڪيترن ئي مختلف اسمن تي مشتمل آهن، جن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ڪملي مبارڪ، سندن جهنڊو مبارڪ، سندن جتي مبارڪ، پاڻي پيئڻ جو پيالو، سندن پير مبارڪ جو پٿر ٿي ڇپيل نشان، تلوار ۽ ڪمان، احد واري جنگ دوران سندن شهيد ٿيل ڏند مبارڪ، وضو ۾ ڪتب ايندڙ مٽي ۽ سندن مُهر مبارڪ شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جي کاڌو رڌڻ واري ديگڙي، حضرت يوسف عليه السلام جي پڳ مبارڪ، حضرت دائود عليه السلام جي تلوار، حضرت ابوبڪر رضه جي سونهاريءَ جا وار، قرآن پاڪ جو اهو نسخو، جيڪو حضرت عثمان رضه پڙهي رهيو هو ته مٿس خوني حملو ٿيو. ڪيترن ئي اصحاب سڳورن جون تلوارون، حضرت امام حسين عه جو ڪڙتو مبارڪ، پڳ مبارڪ ۽ سندن چادر مبارڪ جو هڪ ٽڪر، امام ابو حنيفه جو ڪڙتو، اويس ڪرنيءَ جي ٽوپي، پيران پير عبدالقادر جيلاني ۽ امام شيرانيءَ جا تاج، مولانا جلال الدين روميءَ جا پيالا، ڪنهن وقت ڪعبي شريف جي ڇت ۾ لڳل سونا نارا يا نيسارا، هجر اسود جا سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل ڍڪڻ، ڪعبي شريف جا ڪلف، چاٻيون، غلاف، ڪڙا، ميڻ بتيون، اگر بتيون، ڪعبي شريف ۽ مسجد نبويءَ ۾ گلاب جو پاڻي ڇٽڪارڻ لاءِ ڪم ايندڙ گلاب آبدانيون سنڀالي رکيل آهن. ان کان سواءِ انهن مقدس عمارتن جي مرمت ۾ ڪم ايندڙ ڪاٺ، پٿر ۽ شيشي جا ٽڪرا، روضته النبوي جي صفائي ڪرڻ سان گڏ ڪيل خاڪ پاڪ جنهن کي ”جوهر السعادت“ سڏين ٿا، نوادرات جي حفاظت لاءِ ڪم ايندڙ پيتيون، صندوقون، ڪنوار ٻوٽيءَ جو ڪاٺ، تلوارن رکڻ جون مياڻيون، رهل، ٻهاريون، خاڪ دان، مشهور خطاطن طرفان حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جون سهڻي خطاطيءَ ۾ لکيل پاڪ حديثون ۽ قرآن پاڪ جون آيتون، مصلا، تسبيحون، ٽامي ۽ چانديءَ جا پيالا، صوفي درويشن واريون ڊگهيون ٽوپيون يا ڪلاه، آب زمزم جا ڪوزا، رومال ۽ رومالن تي ڇٽڪاري يا ڇُرَ ڪرڻ وارا پور پڻ امانات مقدسه ۾ شامل آهن.
عثمانيه جي سلطانن جون تلوارون به امانات مقدسه ۾ شامل آهن. انهن ۾ سلطان عثمانيه جي تلوار، جنهن جو ترڪي نالو ”تقليد سيف“ آهي. انهيءَ تلوار کي خلافت عثمانيه جي سلطانن جي تاجپوشيءَ واري رسم دوران وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. انهيءَ تلوار کي ترڪيءَ ۾ عثماني گهراڻي جو پايو وجهندڙ سلطان عثمان اول جي نسبت سان ”عثمان جي تلوار“ سڏڻ لڳا. اها روايت تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن سلطان عثمان اول کي سندس سياڻي صلاحڪار ۽ سهري Shaikh adebali شيخ اديبالي اها تلوار ”تلوار اسلام“ جي حيثيت سان سلطان عثمان اول جي چيلهه سان ٻڌي. بادشاهه جي چيلهه تي تلوار ٻڌڻ واري رسم، بادشاهه جي تخت نشينيءَ کان پوءِ ٻن هفتن جي مدت اندر ادا ڪئي ويندي هئي. جيڪا شهر جي ايوب مسجد سان متصل مقبري واري محلات ۾ منعقد ٿيندي هئي. اها محلات گولڊن هارن نالي آبي رستي جي ڪپ تي اڏيل آهي، جتان بادشاهه جي رهائش وارو توپ ڪپي محل ڪو گهڻو پري ڪو نه هو. ان جي باوجود بادشاهه وڏي ڌام ڌوم سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اوڏانهن ويندو هو. مقبره ايوب ڪامپليڪس سلطان محمد ثانيءَ مشهور اصحابي ابو ايوب انصاريءَ کي خراج طور تعمير ڪرايو هو، جيڪو مسلمانن طرفان هن شهر کي ڪيل پهرئين گهيري دوران شهيد ٿيو هو. اهو محاصرو ستين عيسوي صديءَ ۾ ڪيو ويو هو. بادشاهه چيلهه تي تلوار ٻڌڻ واري علامتي عمل ڪرڻ سان نه فقط رياست جو حاڪم، تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو ٿي، پر انهيءَ سان گڏ سموري مسلم امت جو سالار پڻ. سلطان عثمان اول جي جانشين نئين سلطان کي ”تلوار عثمانيه“ ڪونيه شهر جي صوفي درويش شريف ٻڌي هئي، جنهن کي خصوصاً انهيءَ تقريب سعيد لاءِ اتان گهرايو ويو هو. سن 1299ع ۾ سلطان عثمان اول ڪونيه شهر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي، انهيءَ وقت کان وٺي مذڪور صوفي فرقي جي درويشن کان بادشاهه کي امير المومنين جي حيثيت ۾ سيف عثمان چيلهه تي ٻڌڻ واري رسم چالو ٿي ۽ اهو شرف انهن صوفي درويشن کي حاصل رهيو.

No comments:

Post a Comment