اجنتا ۽
ايلورا جو سفر
شوڪت
حسين شورو
عوامي آواز مئگزين ۾
”نون شهرن اڏائڻ جا بادشاهي شوق“ جي عنوان سان منهنجو مضمون ڇپيو هو، جنهن ۾ تغلق
آباد، دولت آباد ۽ فتح پور سڪري جو ذڪر ڪيل هو. مون اهو به ڄاڻايو هو ته انهن ڦٽل
شهرن جي آثارن ڏسڻ جو مون کي موقعو حاصل ٿيو آهي. انهيءَ مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ڪجهه
پڙهندڙن جا رايا مون تائين پهتا، جن ۾ چيو ويو ته مون کي انهن ڦٽل شهرن جو سفر
نامو لکڻ کپي. دولت آباد واري پاسي آئون اڄ کان ۲۶ سال اڳ ويو هئس، سو
به هاسيڪار دولت آباد ڏسڻ جي لاءِ نه. مون کي اجنتا ۽ ايلورا ڏسڻ جو شوق هو. دولت
آباد جو قلعو ته رستي ويندي ٿوري دير لاءِ ڏٺو هئم، تڏهن خبر پئي ته ڪنهن زماني ۾
ان کي مختصر وقت لاءِ هندستان جي گاديءَ جي هنڌ بنجڻ جو شرف حاصل ٿيو هو. بهرحال،
ان سفر بابت يادگيرين کي تازو ڪرڻ جي لاءِ مون کي نئين سر معلومات هٿ ڪرڻي پئي
آهي.
اجنتا ۽ ايلورا حيرت
انگيز آثار آهن جن جي هاڪ سڄي دنيا ۾ آهي. ڪيترن ٻاهرين ملڪن جا سياح روزانو سون
جي تعداد ۾ اجنتا ۽ ايلورا گهمندي نظر ايندا آهن. اجنتا ۽ ايلورا ڏسڻ جي منهنجي
حسرت ۱۹۸۶ع ۾ پوري ٿي جڏهن انتهائي پياري شخص هري موٽواڻي جي دعوت
تي بمبئي وڃڻ ٿيو، ان زماني ۾ ويزا ٽن شهرن جي لاءِ ملندي هئي، پر تڏهن ماڻهو اهي
شهر به گهمي ايندا هئا جيڪي ويزا ۾ ڄاڻايل ڪو نه هوندا هئا. هاڻوڪي دهشتگردي واري
ماحول سبب جيڪا سختي آهي سا تڏهن ڪا نه هئي، سو مون به پنهنجي دوست نواب منظور
حسين ٽالپر سان گڏ اجنتا ۽ ايلورا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو.
اجنتا ۽ ايلورا جا
آثار اورنگ آباد ضلعي ۾ آهن. اورنگ آباد بمبئي کان ۴۰۳ ڪلوميٽرن جي فاصلي
تي آهي. اسان بمبئي (جنهن کي هاڻي ممبئي سڏيو وڃي ٿو) ۾ هڪ ٽريولنگ ايجنسي کان سفر
۽ رهائش جو پئڪيج ورتو. هن وقت ياد ڪونهي ته ان پئڪيج جي قيمت ڪيتري هئي، پر تڏهن
اڃا ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ڪو نه هئا، عام بسون هلنديون هيون، هونءَ ريل جو سفر وڌيڪ
سولو هو، پر ان لاءِ ٻه ٽي ڏينهن اڳ رزرويشن ڪرائڻ ضروري هئي. اسين به ٻين سياحن
سان گڏ ان بس ۾ چڙهياسين جنهن ۾ رڳو انڊيا جا ماڻهو هئا. خبر پئي ته ٻاهرين ملڪن
جا سياح هوائي جهازن يا وري ٽرين جي وسيلي اورنگ آباد وڃن ٿا. بس جو ٽائيم ته شام
جو ۷ لڳي هو، پر هلي دير سان ممبئي مان نڪرندي نڪرندي ان کي ۹ لڳي ويا، ممبئي کان
اورنگ آباد جو روڊ وايا پوني يا ناسڪ وڃي ٿو. هاڻي ته ايڪسپريس وي ٺهي ويو آهي، پر
تڏهن عام روڊ هو. ممبئي کان اورنگ آباد ۳۴۶ ڪلوميٽر پرتي آهي.
مون کي ياد ناهي ته اسان جي بس وايا پوني وئي يا ناسڪ البت اهو ياد آهي ته اورنگ
آباد تائين ۶ ڪلاڪن جو سفر هو. اسين اورنگ آباد ۾ رات جو ۳ لڳي ڌاري پهتاسين.
هوٽل سٺي هئي، شايد ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي هئي. صبح جو سويل ناشتو ڪري اسان کي اجنتا
۽ ايلورا وڃڻو هو. ڊگهي سفر جو ٿڪ هو. بس ۾ پوري ننڊ ڪا نه آئي هئي. هوٽل ۾ به رڳو
چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ مليا سويل اٿي وري سفر جي تياري ڪئيسين.
صبح جو تيار ٿي هوٽل
۾ ناشتو ڪرڻ وياسين ته ٻاهرين ملڪن جا سياح چڱي تعداد ۾ نظر آيا. هوٽل وٽان جنهن
بس ۾ ويٺاسين ان ۾ به گورا هئا. بس پهرين اجنتا طرف رواني ٿي. اجنتا اورنگ آباد
کان ۱۰۲ ڪلوميٽر پري آهي. بس هڪ جبل جي اڳيان وڻڪار ۾ اچي بيٺي
۽ ٻڌايو ويو ته سامهون اجنتا جون غارون آهن. اسان اهڙو لقاءُ پهريون ڀيرو ڏٺو هو
ته ڪيئن جبل کي کوٽي اڳيان ٿنڀن وارا ورانڊا ۽ اندر ڪمرا ٺاهيا ويا هئا. اهڙا ۳۰ ڪمرا ٺهيل آهن جن ۾
ٻڌ ڌرم جون جاتڪا آکاڻيون ڀتين تي پينٽنگس ۽ ڪن ڪمرن ۾ اڪريل مورتين وسيلي بيان
ڪيون ويون آهن. انهن ڪمرن ۾ گوتم ٻڌ جي زندگي ۽ سندس سکيا کي مرحليوار ڏيکاريو ويو
آهي. جبل جي مهاڙي ۾ اهي کوٽيل غارون
گهوڙي جي نعل جي شڪل ۾ آهن. انهن کي ٻن مرحلن ۾ ٺاهيو ويو آهي. پهرئين مرحلي جي
شروعات ۲ صدي قبل مسيح ۾ ٿي، غارن جو ٻيو حصو ۴۶۰ کان ۴۸۰ عيسوي سن جي آسپاس
مڪمل ڪيو ويو. ٻنهي دورن جي گمنام فنڪارن ۽ ڪاريگرن جو ڪمال آهي جن جبل ۾ غارون
کوٽي ڪمرا ٺاهي اهڙا شاهڪار تخليق ڪيا. هندستان ۾ ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ هريشا جي
بادشاهي ختم ٿيڻ سان گڏ اهي غارون به گمناميءَ ۾ هليون ويون. جبل جي آسپاس وقت
گذرڻ سان هڪ وڏو گهاٽو جهنگ پيدا ٿي ويو. جنهن ۾ اهي غارون سوين سالن تائين ماڻهن
جي اکين کان اوجهل رهيون. ۲۸ اپريل ۱۸۱۹ع ۾ هڪ انگريز فوجي
آفيسر ڪئپٽن سمٿ ان جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويو ته اتفاق سان انهن غارن تائين وڃي نڪتو.
تڏهن کان دنيا کي خبر پئي ته اتي ڪهڙو خزانو لڪل هو. اسين ٻڌ ڌرم جي انهن گمنام
فنڪارن کي داد ڏيندا واپس اچي بس ۾ ويٺاسين جيڪا اجنتا کان پوءِ ايلورا جي غارن
طرف رواني ٿي.
ايلورا جون غارون
اجنتا کان ۱۰۲ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهن. انهن ته هيڪاري اسان جو عقل
چرخ ڪري ڇڏيو. ڪاريگري ۽ سونهن سوڀيا ۾ ايلورا وڌيڪ آهي. اهو شايد ان ڪري به ته
اجنتا جون غارون ايلورا کان هڪ هزار سال پراڻيون آهن. اتي به جبل کي ٽڪي ۳۴ مندر ٺاهيا ويا
آهن. اهي جبل ۾ تعمير ٿيل باقاعدي عمارتون آهن. انهن جي ٺهڻ جو عرصو ۶۰۰ عيسوي سن کان ۱۰۰۰ عيسوي سن تائين
آهي. ۲ ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ايلورا ڪامپليڪس هڪ اهڙي لاجواب
ڪاريگري ۽ فني تخليق آهي جنهن جي وسيلي هندستاني تهذيب کي لازوال زندگي حاصل ٿي
وئي آهي. ايلورا ۾ هندستان جي قديم مذهبن جو پاڻ ۾ ميلاپ نظر اچي ٿو. اتي جبل مان
گهڙي ٽڪي ٺاهيل مندر ۽ مڙهيون ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم ۽ جين ڌرم سان تعلق رکندڙ ۽ گڏوگڏ
آهن. انهن سڀني مان ڪئلاش مندر انتهائي شاندار آهي. ڪئلاش مندر جي ٿنڀن، ڇتين ۽
ڀتين توڙي ان ۾ رکيل مورتين تي اڪر جو ڪم ايترو خوبصورت آهي جو ماڻهو بس ڏسندو ئي
رهي. ان جي طرز تعمير دراوڙي آهي ۽ ان جي ڊزائن ڪئلاش جبل جي چوٽيءَ وانگر آهي جتي
شو ديوتا جي رهائش آهي. ڪئلاش مندر ۸ عيسوي صديءَ ۾ ٺهيل آهي.
ايلورا ۾ سياحن جي
لاءِ ٺهيل هڪ سٺي هوٽل ۾ لنچ ڪري بس ۾ وڃي ويٺاسين. بس هاڻي اورنگ آباد وڃڻ لاءِ
ٻئي روڊ تان هلڻ لڳي. ايلورا جي ويجهو ٽن ڪلوميٽرن تي خلدآباد جو ننڍو شهر آهي
جيڪو اورنگ آباد جو تعلقو ۽ ميونسپل ڪائونسل آهي. خلدآباد مسلمانن جي زيارت گاهن
جو شهر آهي، جنهن کي اوليائن جي حوالي سان روضه پڻ سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هتي ۱۵۰۰ صوفي دوريش دفن
آهن. زر زري زر بخش نالي اولياءُ جي وڏي درگاهه آهي. هڪ ٻئي وڏي درگاهه صوفي
اولياءُ شيخ برهان الدين غريب چشتي جي آهي. درگاهه جي آڳنڌ ۾ هڪ پراڻي گهاٽي وڻ
هيٺان مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي قبر آهي. هڪ ڇپري هيٺ فوٽ کن ٿلهي تي اها
سادي قبر ٺهيل آهي. اورنگزيب جي قبر جي ساڄي پاسي سندس پٽ اعظم شاهه، هن جي زال ۽
ڌيءَ جون قبرون آهن. دکن جو پهريون نظام آصف جاهه، سيد يوسف الحسين راجو قتال ۽
احمد نظام شاهه به خلدآباد ۾ دفن ٿيل آهن. بس ٿوري دير جي لاءِ اورنگزيب جي مزار
وٽ بيٺي ۽ اسين قل پڙهي آياسين.
بس اڳتي هلي ته ۳۴ ڪلوميٽرن کان پوءِ
دولت آباد جي قلعي تي اچي بيٺي، قلعي جي پاسي ۾ هڪ ڳوٺ اهي. ڳوٺ جي ماڻهن جو گذر
گهڻو ڪري سياحن تي آهي. دولت آباد پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته هتي ٻن سالن جي لاءِ
هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هو. محمد بن تعلق دهلي شهر جي ماڻهن کي زوريءَ لڏائي هتي
وٺي آيو هو ۽ ٻن سالن کان پوءِ واپس دهلي هلڻ جو حڪم ڏنو هئاسين. ان اڙانگي ۽ ڊگهي
سفر ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. دولت آباد جي گاديءَ جي هنڌ وارا آثار ته
ڪڏهوڪو مٽجي چڪا هئا. دولت آباد جو اصل نالو ديواگري هو جنهن جو بنياد يادو گهراڻي
جي راجائن ۱۱۸۷ع ۾ وڌو هو. ديواگري جو قلعو ۱۲۰۳ع ۾ جڙي راس ٿيو هو.
علاوالدين خلجيءَ ۱۲۹۶ع ۾ هي قلعو فتح ڪيو. بعد ۾ محمد بن تغلق ان جو نالو
بدلائي دولت آباد رکيو.
دولت آباد جو قلعو
گهمائي بس جڏهن اورنگ آباد پهتي ته شام ٿيڻ واري هئي. شهر جي ٻاهران بيبيءَ جي
مقبري وٽ بس اچي بيٺي ۽ اسان کي جلدي گهمي اچڻ جي لاءِ چيو ويو. بيبيءَ جو مقبرو
مغل شهزادي اعظم شاهه پنهنجي ماءُ رابعه بيگم دراني (جيڪا اورنگزيب بادشاهه جي
پهرين زال هئي) جي ياد ۾ ٺهرايو. هن مقبري جي ڊزائن تاج محل جهڙي آهي، پر اها
سونهن سوڀيا ۽ شان ان ۾ ناهي. بيبيءَ جي مقبري کي دکن جو ننڍڙو تاج محل سڏيو وڃي
ٿو. هن مقبري کي ٺهڻ ۾ ڇهه سال لڳا ۽ اهو ۱۶۷۹ع ۾ مڪمل ٿيو.
بس شهر ۾ داخل ٿي ته
ماڻهو ٽولن ۽ جلوسن جي صورت ۾ ڪانگريس
پارٽي جا جهنڊا ۽ راجيوگانڌي جا فوٽو کنيو نعرا هڻندا روڊ تان ويا پئي. خبر پئي ته
وزيراعظم راجيوگانڌي جو جلسو ٿيڻو هو. هوٽل تي پهتاسين ته اها به ڪانگريس جي اڳواڻن
۽ اسيمبلي جي ميمبرن سان ڀريل نظر آئي. اسين ڪمري مان تازا توانائي ٿي اورنگ آباد
شهر جو مختصر چڪر لڳائڻ لاءِ نڪتاسين. اورنگ آباد هڪ تاريخي شهر آهي ۽ ان جي آسپاس
گهڻيون جايون ڏسڻ جهڙيون آهن، پر اسان وٽ ايترو وقت ڪو نه هو. اسان کي ان ئي رات
واپس ممبئي وڃڻو هو، سو هڪ آٽو رڪشا ڪري شهر جي رڳو جهلڪ ڏسي سگهياسين. آٽو رڪشا
وارو مسلمان هو. هن ٻڌايو ته اورنگ آباد ۾ مسلمان به چڱي تعداد ۾ رهن ٿا. هو اسان
کي هڪ مسلمان ڪاريگر جي گهر ۾ وٺي ويو. هڪ جوان عورت آڏاڻي تي شال ٺاهڻ جو ڪم پئي
ڪيو. اورنگ آباد جون ريشمي شالون ۽ ساڙهيون مشهور آهن. اسان گهر لاءِ شالون ورتيون
۽ مختصر چڪر هڻي موٽي آياسين. اورنگ آباد مهاراشٽرا رياست جو ان لحاظ کان اهم شهر
آهي ته اتي دنيا جي گهڻ قومي ڪمپنين جون آفيسون ۽ فئڪٽريون آهن. تاريخي طور اورنگ
آباد ملڪ عنبر قائم ڪيو هو، جيڪو احمد نگر جي نظام جو وزير هو. تڏهن ان جو نالو
کڙڪي هو. ملڪ عنبر جي پٽ فتح خان کڙڪي جو نالو بدلائي فتح نگر رکيو. مغل بادشاهه
شاهجهان ۱۶۵۳ع ۾ جڏهن اورنگزيب کي دکن جو گورنر ڪري موڪليو ته هن فتح
نگر کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو ۽ ان کي اورنگ آباد جو نالو ڏنو. اورنگ آباد
بعد ۾ نظام جي رياست حيدرآباد دکن جو حصو بڻجي ويو. ۱۹۳۰ع ۾ ان کي مهاراشٽرا
رياست ۾ شامل ڪيو ويو. اردو جو اولين ڪلاسيڪي شاعر ولي دکني اورنگ آباد جو هو.
اورنگ آباد بابت ٻڌجي ٿو ته هاڻي اهو هڪ وڏو صنعتي شهر بڻجي ويو آهي.
No comments:
Post a Comment