Sunday, November 25, 2012

سونهن جي سرزمين پئرس جا کاڌا - عبدالحي پليجو


سونهن جي سرزمين پئرس جا کاڌا
عبدالحي پليجو
جڏهن قديم رومين فرانس کي پنهنجي شهنشاهت جو حصو بڻايو، تڏهن انهن پنهنجي سرحدن کي رائين نديءَ جي ڪناري ۽ پئرس وارن ٻيلن تائين وڌائي ڇڏيو. شهنشاهه جوليئس سيزر جي شهرت، جيڪا کيس بادشاهه ور سينگيٽورڪس کي ۵۲  ق. م ۾ شڪست ڏيڻ سان حاصل ٿي، تنهن جي اشاعت هن قديم دنيا جي ادبي شاهڪار ’گئولن جون جنگيون‘ Gallic Wars نالي ڪتاب جي صورت ۾ جلدي ڪرڻ پئي چاهي. انهيءَ سال سسين واديءَ جي هڪ جزيري لوٽيشيا Lutetia ۾ رومين پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي، جنهن کي اڳتي هلي پئرس سڏيو ويو.


پئرس شهر ۾ ويجهڙائيءَ ۾ به ٻه واقعا ڏاڍا اهم ٿيا، جيڪي هن ريت آهن: ۱۹۹۷ع ۾ فرانس ۾ آمريڪي سفير، جيڪا چرچل جي پٽ هيريسن جي زال هئي، تنهن جو قتل ٿيو. هن خاتون جي زندگي ۽ سندس عشق پئرس شهر ۾ گفتگوءَ جو موضوع ٿي پيو ۽ سندس شخصيت ماڻهن جي دلين کي فتح ڪري ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لڳاتار سرد تعلقات کي ان واقعي هڪ دفعو وري گرمائي ڇڏيو. سندس قتل کان هڪ سال کن اڳ سندس واپس وڃڻ جا افواهه شهر کان ٻاهر به پکڙي ويا هئا.انهيءَ کانپوءِ وري پئرس ۾ ليڊي ڊائنا ۽ سندس بواءِ فرينڊ ڊوڊي الفائڊ جو پئرس شهر ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو. جنهن لاءِ عام مشهور اهو ٿيو ته ليڊي ڊائنا ڊوڊي الفائڊ (عماد الدين محمد عبدالمنعم الفائد) مان اميد سان هئي ۽ مذهب مٽائي ڊوڊي الفائڊ سان جلدي شادي ڪرڻ واري هئي. اها ڳالهه انگريز بهادر کي نه وڻي ته ليڊي ڊائنا جو هڪ پٽ انگلينڊ جو بادشاهه عيسائي ۽ ٻيو پٽ مصري مسلمان ..... تنهنڪري ليڊي ڊائنا سميت سڄي واردات ئي گم ڪئي وئي، يعني ڪاري ٿي هئي يا کيس ڪاري ڪري ماريائون.
اتر سنڌ جي سماج ۾ ڪارو ڪاري جو ڏاڍو آزار آهي، جنهن تي اسانجي ٻن بزرگ ليکڪن شيخ اياز ۽ جمال ابڙي پنهنجي لکڻين ۾ ڏاڍي سُٺي روشني وڌي آهي. خاص ڪري جمال ابڙي پنهنجي سوانح حيات جي چوٿين ڪتاب ”ورندو نه وري هي وڻجارو“ ۾ ڪارو ڪاريءَ متعلق تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ڪارو ڪاريءَ جو رواج اڄ ته جام ٻڌجي پيو پر اسانجي پراڻي تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي. جنهن جا ڪئين مثال آهن، جن مان صرف ٻه مثال آئون توهان جي اڳيان پيش ڪريان ٿو. هڪ ته جڏهن راڻو، مومل سان ڪاڪ ۾ ملڻ ويو ۽ پاڻ ڏٺائين ته مومل سان ڪو ٻيو مرد سُتو پيو آهي، پاڻ مومل کي ڪاري ڪري مارڻ بدران پنهنجي اچڻ جي نشانيءَ طور ٻنهي جي وچ ۾ لڪڻ رکي ويو. ٻيو مثال مارئيءَ جو آهي، جيڪا به عمر جي ڪوٽ مان واپس آئي ته انهيءَ کي به ڪاري ڪري ڪونه ماريو ويو. سڄي دنيا ۾ انهيءَ نوعيت جا ڪئين قتل ٿيا آهن. جيئن آمريڪا ۾ مارلن مئنرو ۽ انگلينڊ ۾ ليڊي ڊائنا جا مثال پنهنجي اڳيان آهن. پر اهي انفرادي واقعا آهن، انهن جو آمريڪا يا انگلينڊ جي سماج سان ڪو واسطو ڪونهي.
اسان شانزلي جي ٽيوب اسٽيشن ۾ چڙهي پنهنجي هوٽل واري ٽيوب اسٽيشن تي اچي لٿاسين، جتان پنڌ پنڌ پئرس جي رنگين رونقن ۽ نظارن کي ڏسندا واسندا اچي پنهنجي هوٽل رسپيشن تان رسپيشنسٽ ڇوڪريءَ کان چاٻيون وٺي اچي پنهنجي ڪمري تي پهتاسين. جتي ٿوري دير آرام ڪري ڪافي پي آئون ۽ مِنا ٻاهر وڙڪڻ نڪري وياسين. هلندي هلندي ڪافي اڳيان هليا وياسين، جتي هڪ هوٽل تي پهچي فرينچ اونين سوپ جو آرڊر ڏنوسين، جيڪو مِنا خود به ڏاڍو سٺو ٺاهيندي آهي. مِنا پاڪستاني، چائينز ۽ انگلش کاڌن ٺاهڻ جي ته ماهر آهي، پر فرينچ ۽ انڊين کاڌن ۾ به فرينچ اونين سوپ ۽ ڊوسا تيار ڪري وٺندي آهي. هينئر به جڏهن آئون ٻني، گهر ۾ سفر جون هي سِٽون لکي رهيو آهيان، منهنجي اڳيان فرينچ اونين سوپ جو وڏو پيالو ڀريو رکيو آهي. يورپ ۾ هوٽلون اندران ۽ ٻاهران ايڏيون ته سهڻيون سينگاريل هونديون آهن، جو ماني ته پنهنجي جڳهه تي پر دل ڪانه چاهيندي آهي ته هوٽل مان ٻاهر نڪرجي. ماڻهو چاهيندو آهي ته هوٽل ۾ ئي ويٺو هجي. فرينچر ۽ اندرين سجاوٽ اهڙي ته نفاست سان ٿيل هوندي آهي، جو هر هوٽل کي ڏسندي ماڻهو چاهيندو آهي ته آئون به پنهنجو گهر ائين ڊيڪوريٽ ڪندس پر ايترا سارا ڊيڪوريشن جا نمونا ڪنهن کي ٿا ياد پون! واپس ملڪ پهچندي سڀ ڪجهه وسريو وڃي.
سوپ ڏهن منٽن ۾ آڻي اسانجي اڳيان رکيائون، جنهن مان دونهن ائين پئي نڪتا، جو دل پئي چاهيو ته کڻي مٿس هٿ سيڪجن. وڏو سارو پيالو، جيڪو ڪنن تائين ٽمٽار، جنهن ۾ ڊبل روٽيءَ جي هڪ سلائس، هڪ بيدو ڳترا ڳترا ٿيل، سنهان سنهان ٽڪرا - جنهن ۾ تمام ٿورو ڪريم پيل. سڄي سوپ جي پيالي مٿان سڻڀ ۾ داغ ٿيل سان بصر، جنهن جي وڻندڙ خوشبو – سوپ ڄڻ ته ماڻهو تِڪَ سان پِي ڇڏي، پر ڪوسو اهڙو، جو هڪ هڪ ڦڙو به ڦوڪي ٿي پيئڻو پيو. سوپ ايتري مقدار ۾ هو، جو ٻي ڪنهن شئي کائڻ لاءِ پيٽ ۾ گنجائش ئي ڪانه هئي. سو اسان بل ڏيئي واپس گهمندي ڦرندي اچي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رستي ۾ مِنا منهنجي لاءِ کير ۽ ٻي به ڪا هڪ اڌ شئي خريد ڪئي. مون ڪمري تي پهچي محبوب کي فون ڪئي پر ٺلهي گهنٽي وڄندي رهي. پاڻ شايد اڃا ٻاهران موٽي ڪونه آيو هو. هيڏي ساري گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ رات جو رڳو پلنگ تي ليٽڻ جي دير ٿيندي هئي. ننڊ جو ته ڪو انتظار ئي ڪونه ڪرڻو پوندو هو ۽ جاڳ دستور مطابق مِنا جي ڪلام پاڪ جي دور جي مِٺي آواز تي ٿيندي هئي، جنهن کان پوءِ گهڻو ڪري ٻاهر واڪ تي هليا ويندا هئاسين. تنهن کانپوءِ اچي تيار ٿيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن واڪ تي ڪو نه به وڃبو هو پر ائين تمام گهٽ ٿيندو هو. اسان تيار ٿي هيٺ هوٽل ۾ ناشتي لاءِ پهتاسين ته مختلف ملڪن جون ناريون ۽ مرد خوش پوش لباس ۽ خوشبوئن ۾ ٻهڪي چمڪي هڪ ٻئي کي سلام ڪري رهيا هئا. اسان به هلندي هلندي اهڙا رنگين نظارا ڏسندي ڏسندي اچي سون قسمن جي طعامن مٿان بيهي رهياسين، جيڪي اسانجي کائڻ لاءِ گرما گرم ۽ هڪيا تڪيا حاضر هئا. جن جي صرف پليٽن ۾ وجهڻ جي دير هئي. ناشتي، لنچ يا ڊنر ۾ ايترن قسم جا طعام، جوس ۽ فروٽ هوندا هئا، جو ڏسندي ئي ڏسندي پيٽ ڀرجي ويندو هو. ماڻهو ڇا کائي ڇا کائي! فيصلو ئي نه ڪري سگهبو هو. اکيون ته ڏسڻ شرط ڍاپجي وينديون هيون. سو سنڌي مثال ته، ڦٻيا اُهي، جيڪي ڦاٽي مئا. سو هتي به پيٽ پوڄا ڪرڻي آهي. هڪ فرينچ پليٽ کڻي پهريائين ته پليٽ کي ڏٺم ..... ڇا ته نفيس ۽ خوبصورت هئي. جنهن تي ڪيترن رنگن جي چٽسالي ٿيل هئي. آئون اڃا پليٽ ڏسڻ ۾ مشغول هئس ته ”معاف ڪجو“ (Excuse Me) جو زنانو آواز ڪنن تي پيم. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته هڪ حسين، نازنين مهجبين مرڪندي ڏٺم. انهيءَ جي پٺيان ڪيترا سارا ماڻهو منهنجي اڳتي وڌڻ جي انتظار ۾ بيٺل ڏٺم. سڀني سان مشڪندي معذرت ڪندي تڙ تڪڙ ۾ جيڪي ڪجهه اڳيان ڏٺم، پليٽ ۾ وجهندي وڃي ڪرسين تي ويهي کاڌو کائڻ لڳاسين. تيستائين محبوب به اچي سهڙيو. مون کيس ٻڌايو ته رات مون توهانجي ڪمري تي فون ڪيو هو، پر توهان شايد ٻاهر هئا. انهيءَ جو نه ڪي هن جواب ڏنو، نه وري ٻيهر مون سوال ڪيو.
مِنا مونکان پڇيو ته توهان لاءِ ڪهڙو جوس کڻي اچان. مِنا جيسين ڪُرسيءَ تان اُٿي، تيستائين محبوب چيو ته توهان ويهو، آئون ٿو جوس کڻي اچان ۽ ائين هن مون لاءِ انناس ۽ مِنا لاءِ اورينج جوس جا ٻه وڏا مگ ڀري کڻي اچي اسان جي اڳيان رکيا ۽ اسان به گلاس خالي ڪرڻ ۾ ڪا دير ئي ڪانه ڪئي. اسانجي ٽوئر جا سياح آهستي آهستي ٿي ڊائننگ هال مان نڪرڻ لڳا. اسان به انهن جي پٺيان ٻاهر نڪري اچي پنهنجي بس جي ويجها وڙڪڻ لڳاسين، جتي سج پنهنجي آب تاب سان روشنين جي ورکا ڪري يورپين کي سندن چمڙيءَ جي روشنين جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري رهيو هو ۽ اسين وري انهن روشنين جي ڪري وڃي ڪنهن ڇانوَ جي پناري پياسين.

1 comment:

  1. This comment has been removed by a blog administrator.

    ReplyDelete