Wednesday, November 14, 2012

استنبول ۾ پاڻيءَ اندران ريل جو سفر ۽ گيلاٽا ٽاور - عبدالحي پليجو


استنبول ۾ پاڻيءَ اندران ريل جو سفر ۽ گيلاٽا ٽاور
عبدالحي پليجو
اسان ناشتو ڪري ترڪي جي مشهور ۽ قديم گيلاٽا ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اوڏانهن روانا ٿياسين. انسان جي اها فطرت آهي ته هو پنهنجا گهر ۽ شهر، مٿانهين جڳهين تي ٺاهي رهڻ لڳي ٿو. انسان انهن شهرن ۾ وڏا وڏا ٽاور يعني منارا يا بُرج ٺاهي حال سارو سطح ارض کان وڌ ۾ وڌ اوچائيءَ تي پهچي گهڻي کان گهڻن ڏورانهن هنڌن ۽ ماڳن تائين موجود هر شيءِ جو مشاهدو پيو ڪري ۽ انهن منارن يا بُرجن تان ڏسڻ ۾ ايندڙ انسانن کي به خبر پوي ٿي ته انهن برجن تي پهتل ماڻهو اسان کي به ڏسن پيا. آئون سمجهان ٿو ته انهيءَ خيال، اميد ۽ ارادي انسان کي هوائن تائين رسايو ۽ انسان نيٺ اڏام کٽولي يعني هوائي جهاز ايجاد ڪيو، جو هاڻ انسان وڃي آسمانن ۽ خلائن ۾ اڏامندو ۽ سير ڪندو وتي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سَوَن سالن کان ٽاور ٺاهڻ جا آثار ملن ٿا، جن ۾ ڪيترائي ته ختم ٿي ويا آهن، پر ڪجهه اڄ به قائم آهن. اڃا تائين دنيا ۾ نوان نوان ۽ اوچا ٽاور يا بُرج ٺهن پيا ۽ سندن بلنديءَ جا رڪارڊ ٽُٽن ۽ ٺهن پيا. تازو يعني فقط ٻه ٽي سال اڳ دنيا جو بلند ترين ٽاور برج الخليفه جي نالي سان دبئي ۾ جڙي راس ٿيو آهي. انهيءَ جي اوچائي جو رڪارڊ اڃا تائين ڪنهن به نئين ٽاور ڪو نه ٽوڙيو آهي. دنيا جا جيڪي مک ٽاور گيلانا ٽاور کان اڳ مون ڏٺا آهن، سي هي آهن، (1) اٽلي وارو پيرز ٽاور (2) ٽاور آف لنڊن (3) دهليءَ وارو قطب مينار (4) پيرس وارو ايفل ٽاور (5) ٽوڪيو ٽاور (6) ڪوالالمپور وارو پيٽرونس ٽاور (7) سکر وارو معصوم شاهه جو منارو (8) دبئي وارو برج الخليفه (9) استنبول وارو گيلاٽا ٽاور. پر سڄي دنيا جا سڀ ملڪ ۽ هر ملڪ جا سمورا ماڳ مڪان ۽ منارا ڏسڻ بلڪل ناممڪن آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪراچيءَ جا ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا، جن اڃا تائين سڄي ڪراچي به ڪا نه ڏٺي هوندي. ڪروڙين پاڪستاني اهڙا هوندا، جن اڃا تائين سڄو پاڪستان به ڪو نه ڏٺو هوندو. سو سڄي دنيا جا سڀ ملڪ ۽ انهن ملڪن جا سڀ ماڳ مڪان ڏسڻ ممڪن ئي ڪونهي. آمريڪي ماڻهن مان گهڻن کي آمريڪا جي سڀني رياستن جا نالا به ڪو نه ايندا هوندا. پاڻ هاڻ اچون ٿا گيلاٽا ٽاور جي سير تي.


مون دنيا ۾ جيڪي به ٽاور ڏٺا آهن، تن ۾ هي گيلاٽا ٽاور سڀني ۾ وڌيڪ پراڻو آهي. جيتوڻيڪ اٽليءَ وارو پيزا ٽاور هن ٽاور کان گهڻو اڳ ٺهڻ شروع ٿيو هو، يعني سن 1173ع ۾، پر اهو ٺهڻ دوران ئي هڪ طرف جهڪي پيو، جنهن کي وري ٺاهڻ ناممڪن سمجهي تقريباً پوڻا ٻه سئو سال ان جي اڏاوت جو ڪم بند رهيو، پر وري سن 1350ع ۾ هن پيزا ٽاور کي ٺاهڻ شروع ڪيائون. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ گيلاٽا ٽاور سن 1350ع ۾ ٺهي راس ٿي چڪو هو. ترڪي جي حڪومت هن قديم تاريخي يادگار جي چوڌاري تمام سٺي تعميرات ڪرائي آهي ۽ گل گلزاري ڪري هن ماڳ کي سياحن لاءِ هڪ تمام پرڪشش پوائنٽ ڪري ڇڏيو آهي. گيلاٽا ٽاور توهان کي استنبول شهر ۾ پري پري کان نظر ايندو. هي ٽاور سلطنت عثمانيه ۾ هڪڙي ڪوٽ جو حصو هو. انهيءَ دوران هن ٽاور جي چوٽيءَ تي رات جي وقت ۾ باهه ٻاري روشني ڪئي ويندي هئي، جيڪا هڪ لائيٽ هائوس وانگر پري پري کان نظر ايندي هئي، تنهن ڪري هن ٽاور کي انهيءَ وقت باهه وارو ٽاور پڻ سڏيندا هئا. اسان کي ٽيڪسيءَ ٽاور کان ٿورو پرڀرو لاٿو، جنهن ڪري اسين ڪجهه پنڌ ڪري اچي ٽاور وٽ پهتاسين. ٽاور ۾ داخلا جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون هيون، پر ٻاهرين ملڪن ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جو اهڙو ته سٺو انتظام ٿيل هوندو آهي، جو انهيءَ ۾ ڪا گهڻي دير ڪا نه لڳندي آهي. ماڻهن کي مٿي پهچائڻ لاءِ ٻه جدا جدا لفٽون هلي رهيون هيون، هر لفٽ ۾ ويهه کن ماڻهن جي چڙهڻ جي گنجائش هئي. اسان به هڪ لفٽ ۾ چڙهي مٿي پهتاسين. ٽاور جي مٿان چوڌاري هڪڙي لوهي مضبوط گِرل لڳل هئي، جنهن کي جهلي سياح اڳتي هلندا ٿي ويا، مٿي ايڏي ڪشادگي ۽ ماڻهن جي ايتري رش ڪا نه هئي، جيتري ٽوڪيو ٽاور ۽ ايفل ٽاور تي ٿيندي آهي. اهي ٽاور جيئن ته هن جديد دور ۾ جڙي راس ٿيا آهن ۽ انهن کي موجود تقاضا موجب تعمير ڪيو ويو آهي، پر هي گيلاٽا ٽاور پراڻي دور ۾ جوڙايو ويو هو. اسان ٽاور تان سڄي استنبول شهر کي ڏسي پوءِ هن ئي ٽاور اندر هڪ تمام سٺي ڪيفي ۾ ڪجهه وقت ويهي ڪجهه کائي پي پوءِ هيٺ لٿاسين.
هن ٽاور جي ٻئي ماڙ تي هڪ نائيٽ ڪلب پڻ قائم آهي. ان جي مشهوريءَ جا پوسٽر ۽ بينر ٽاور اندر توڙي ٻاهر لڳل ڏٺاسين. هن ٽاور جي آس پاس ڪنهن زماني ۾ غريب ماڻهن جا ننڍڙا ننڍڙا گهر ٺهيل هوندا هئا، پر هاڻ انهن ماڻهن کي شهر جي ٻئي ڪنهن هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ هن علائقي کي ڪشادو ۽ صاف سٿرو بنايو ويو آهي. گيلاٽا ٽاور جي ڀرسان ئي هن شهر جي الهندي ۽ اڀرندي ڀاڱي کي ملائيندڙ واحد ٽيونل شهر جي وچ مان وهندڙ استنبول شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري باسفورس سمنڊ يا سامونڊي کاري هيٺان ٺهيل آهي. هي دنيا جو سڀني کان ننڍو زير زمين ۽ زير آب ريل گاڏيءَ جو گذر گاهه آهي، جنهن به سياح يا سيلانيءَ استنبول شهر ۾ اچي هي نه ڏٺو، انهن ڄڻ ته استنبول شهر ئي نه ڏٺو!
هي ٽيونل گيلاٽا ٽاور کان تقريباً 600 گز هلڪي چاڙهيءَ وانگر ڊگهو ٿيندو، وڃيو استقلال شاهراهه وٽ ڇيهه ڪري. هن چاڙهي نما ريلوي گذر گاهه جي تعمير جي اصل مقصد جي ڄاڻ ته معلوم ڪونهي، پر چوڻ ۾ اچي ٿو ته شهر جي گهٽين واري گپا گيهه کان بچڻ ۽ وقت بچائڻ خاطر خصوصاً چوپايومال گهڻي تعداد ۾ شهر جي ٻنهي ڀاڱن ۾ جلد کان جلد آڻڻ ۽ نيئڻ لاءِ اهڙي گذر گاهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. هن ٽيونل کي مذاق خاطر “ڪوئي جو ڏر” به چوندا آهن. هن 2034 فوٽ ڊگهي زير آب گذر گاهه مان ريل گاڏيءَ کي لنگهندي ڪجهه منٽ ٿا لڳن ۽ ماڻهو منٽن اندر هڪڙي کنڊ مان ٻئي کنڊ يعني يورپ يا ايشيا ۾ پهچيو وڃي ۽ اها ڳالهه ڳڻي حيرت ۾ پئجيو وڃي.
اسين سينٽ سَيوِيئر چرچ جي گيٽ وٽ اچي ٽيڪسي مان لٿاسين، جتي ڪيتريون ئي ٽوئرسٽ بسون ۽ سياح گهڻي تعداد ۾ نظر آيا. انهن سان گڏ اسين به چرچ ۾ گهڙي وياسين، ڊِرَيمَين روڊ جي دنگ وٽ هي سينٽ سَيوِيئَر وارو چرچ يا ڪليسا اڏيل آهي. هن علائقي کي ڪورا يا ڪاريا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، تنهن ڪري هن گرجا کي ڪورا چرچ به ڪوٺيندا آهن. هن عيسائي عبادتگاهه ۾ Mosaics يعني رنگين پٿرين ۽ شيشي جي رنگين ٽُڪرين جو جڙاءُ ۽ ديوارن تي ٿيل رنگين مصوري بازنطيني فن مصوريءَ جو بهترين نمونو آهي، جيڪو سڄي تُرڪي ملڪ ۾ بيمثال آهي. هن گرجا گهر ۾ نِيري پلستر تي ٿيل رنگين مصوري آرائش ۽ زيبائش ۾ بيمثال آهي. اها Fresco  (فريسڪو) مصوريءَ آهي، جيڪا بائيبل مقدس ۾ ڄاڻايل واقعن جي تصوير نگاري ۾ به بيحد سهڻي نموني ڪتب آندل آهي. انهن تصويرن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل تصوير Last Judgment يعني  يعني آخري فتويٰ تي مشتمل اها تصوير آهي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام فتويٰ وارو دستاويز  هٿ ۾ جهلي، مٿي ڪري ماڻهن کي ڏيکاري رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment