Wednesday, November 14, 2012

استنبول ڏانهن اڏام! - عبدالحئي پليجو


استنبول ڏانهن اڏام!
عبدالحي پليجو
ٽن چئن سالن کان ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڪو نه ٿيو، جيتوڻيڪ انهيءَ دوران نور محمد ۽ محبوب انگلينڊ پڙهڻ ويا ۽ نوڪريءَ ۾ لڳي سينٽرل لنڊن ۾ پنهنجا گهر وٺي انهن ۾ رهڻ لڳا ۽ هاڻ مون کي ٽڪيٽ وٺي لنڊن پهچڻ جي دير هئي. پرهه هڪ مهينو اڳ ترڪيءَ ۾ مولانا روميءَ جو ميلو گهمڻ بهاني سڄو ترڪي ملڪ گهمي آئي ۽ مون کي پڻ صلاح ڏنائين ته بابا لنڊن ويندي استنبول شهر ۾ ترسي پوءِ لنڊن وڃجو. آئون ترڪي، شينگن (گهڻو ڪري سڄو مغربي يورپ انگلينڊ کان سواءِ گهمڻ لاءِ گهربل ويزا کي چون شينگن ويزا) انگلينڊ ۽ آمريڪا جي ويزائن وٺڻ ۾ لڳي ويس. آمريڪا ۾ نائين اليون جي واقعي کان پوءِ ۽ پاڪستان ۾ خودڪش حملن کان پوءِ هاڻ پاڪستان جي شهرين لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن لاءِ ويزا وٺڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي. پر جيئن ته گذريل ٽيهن سالن دوران آئون گهڻو ڪري هڪ نه ٻي سال ملڪ مان ٻاهر ويندو رهندو هئس ۽ تقريباً چاليهه کن ملڪ گهمي آيس، جنهن ڪري منهنجو هڪ نه پر پنج پاسپورٽ انهن ملڪن جي ويزائن ۽ ٺپن سان ڀرجي ويا، جنهن ۾ آمريڪا، انگلينڊ، جپان ۽ باقي يورپ جون ويزائون به شامل آهن. تنهن ڪري آمريڪا ۽ انگلينڊ کان سواءِ باقي ٻين ملڪن جون ڪيتريون ئي ويزائون ۽ اميگريشن اسٽيمپس ڏسي الاءِ جي ڇو مون کي ۽ منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي رلائي رلائي ته هي ڪاغذ ڪونهي، هُو ڪاغذ ڪونهي وغيره پر نيٺ ويزا ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح سڀ ويزائون وٺي ترڪش ايئر لائينز جي ٽڪيٽ خريد ڪري آئون ۽ مِنا پهريائين استنبول پوءِ اڳتي لاءِ روانا ٿي وياسين. اسان ڪراچي ايئرپورٽ يا تان پڇاڻا ڏيندا وڃي ترڪن جي جهاز ڀيڙا ٿياسين. ترڪش ايئر لائين جي هيءَ اڏام جيئن ته بنگلاديش جي شهر ڍاڪا مان اچي رهي هئي، تنهن ڪري منجهس ڪافي تعداد ۾ اتان آيل مسافر اڳ ۾ ئي ويٺل هئا، نه ته ڪراچي ايئرپورٽ تان جهاز ۾ هينئر تمام ٿورا مسافر چڙهيا. ڪراچي ايئرپورٽ تي هونئن به هاڻي اها رش ڪانهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هوندي هئي، يا جيئن دنيا جي ٻين ايئرپورٽن تي رش ٿئي ٿي.


پاڪستان ۾ هاڻ ٽوئرسٽ ته اچن ئي ڪو نه، سو هتان هاڻ گلف ۾ نوڪري ڪندڙ يا ٻين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ شاگردن کان سواءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڪنهن بهاني ملڪ کان ٻاهر وڃي. ٻيو وڏو سبب هي به آهي ته اڳ ۾ سڄي دنيا جون ايئر لائينون پاڪستان ۾ پنهنجي ايئر سروس هلائينديون هيون، پر هاڻ آمريڪا ۽ يورپ ته ٺهيو پر مسلمان ملڪن جون هوائي ڪمپنيون به پاڪستان ۾ پنهنجي ايئر سروس بند ڪري ويٺيون آهن، جن ۾ مصر، لبيا، شام، اردن، الجزائر، موراڪو ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ به شامل آهن. هاڻ ترڪي کان سواءِ صرف گلف جا ٽي چار ملڪ پنهنجي ايئر سروس پاڪستان مان هلائن ٿا، تنهن ڪري هاڻ ڪراچي ايئر پورٽ تي اها گهما گهمي ڪانهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هوندي هئي. جهاز ۾ چار سئو پنجهٺ (465) کن مسافر ۽ ويهارو کن اسٽاف ميمبر سوار هئا. سڀني مسافرن کي چادر، ڪمبل، ويهاڻو، ايئر فون، اخبارون، چانهه، ڪافي، پاڻي، شربت، جوس، وسڪي، بيئر، ماني وغيره سيٽ تي ويٺي ويٺي پهچايو ويو، پر صفائي ايتري جو ماني، پاڻي، جوس ۽ چانهه وغيره جو سڄي جهاز اندر هڪ ٽِڪو به ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. انهيءَ جي مقابلي ۾ ٻهراڙيءَ جي شاديءَ ۾ به تقريباً چار پنج سئو کن ماڻهو هوندا آهن، پر اتي ڪيڏو نه گوڙ، بدانتظامي ۽ افرا تفري هوندي آهي! چار پنج سئو ماڻهن لاءِ سوين ديڳيون ڀت ۽ ٻوڙ جون تيار ٿين، تڏهن به ڪافي ماڻهو بکيا اڃيا رهجي ويندا آهن ۽ زناني ڇني ۾ ته ٻارن جون رڙيون ۽ عورتن جو گهڻو گوڙ لڳو پيو هوندو آهي. گهر هجي يا شاديءَ جو ڪاڄ يا ملڪ، جتي به Miss management هوندي، اتي افراتفري ۽ بدمزگي ضرور ٿيندي. جهاز جي اڏام کانپوءِ هر سروس شروع ٿيو وڃي. جنهن ۾ کائڻ پيئڻ سان گڏ فلم به ڏيکارين. اڳي هڪ وڏي اسڪرين تي فلم ڏيکاريندا هئا، هاڻ هر سيٽ جي پويان اسڪرين لڳي پئي آهي، سڄي اڏام دوران ويٺا فلمون، ڊراما ڏسو ۽ خبرون ٻڌو. ٻار ڪارٽون ڏسن، جهاز جي مسافريءَ جو ٽائيم به هاڻي وڃي گهٽبو. جِت ويهه سال اڳ ڏهه ڪلاڪ لڳندا هئا، اُت هاڻ ست اٺ ڪلاڪ لڳن. ماني کائڻ شرط مِنا سمهي پئي، مون کي وري سفر دوران ننڊ اچي ئي ڪا نه! پوءِ ڀلي اها مسافري گهوڙيءَ جي هجي يا هوائي جهاز جي.
جهاز پاڪستان کان پوءِ سڄي ايران ۽ سڄي ترڪيءَ مٿان اڏامندو  وڃي ترڪي جي يورپ واري آخري ڇيڙي، استنبول شهر مٿان پرواز ڪرڻ لڳو ته پهريائين ترڪيءَ ۾ پوءِ انگريزيءَ ۾ انائونسمينٽ ٿي ته پاڻ هاڻ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون. مون جڏهن ڪراچيءَ مان استنبول لاءِ ويزا ٿي ورتي، تڏهن مون کي بوبيءَ ٻڌايو ته ترڪيءَ جي ويزا واري ويب سائيٽ تي لکيل آهي ته ڪراچيءَ مان جيڪو مسافر Turkish air lines ۾ لنڊن، پيرس يا آمريڪا ويندو ته استنبول ايئرپورٽ تي وِيهه پائونڊ فِي ڏيئي هو، استنبول لاءِ هڪ هفتي جي ويزا وٺي سگهي ٿو. پر ان سان گڏ لفظ May be به لکيل هو، تنهن ڪري مون May be واري رسڪ نه کنئي، هينئر ايئرپورٽ تي ڏٺم ته ٽرانزٽ ويزا لاءِ جدا اڪائونٽر هو ۽ اتي اسان واري لائين کان به وڏي لائين لڳي پئي هئي، ڇو ته اڄڪلهه استنبول ۾ به سياح ايتري تعداد ۾ اچن، جيترا پيرس ۽ لنڊن ۾ اچن، خاص ڪري روس جي ٽٽڻ کان پوءِ رشيا ۽ اوڀر يورپ جا سياح گهڻو ڪري موڪلون ملهائڻ ترڪيءَ اچن، ڇو ته هنن کي مغربي يورپ جي ڀيٽ ۾ اهو ويجهو آهي ۽ پڻ لنڊن، پيرس ۽ ٻين مغربي ملڪن جي مقابلي ۾ ترڪي ڪجهه سستو آهي. تنهن ڪري جيئن اڄڪلهه پاڪستان جا ماڻهو، آمريڪا ۽ يورپ جي ويزا جي سختين ڪري دبئي يا ملائيشيا گهمڻ ويندا آهن. آئون سمجهان ٿو ته ماڻهو جيڪڏهن هڪ دفعو ترڪي ڏسي اچن ته جيڪر وري ڪڏهن به ترڪيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ ڪو نه وڃن. اها ته ٿي استنبول جي تعريف، ان ملڪ ۾ ٻيو ڇا ڇا هو، سو وري اوهان کي ٻڌائبو ٻي ڪچهريءَ ۾.

No comments:

Post a Comment