Saturday, November 17, 2012

ايران ڏانهن اڏام - ڊاڪٽر مسرت خواجه


ايران ڏانهن اڏام
ڊاڪٽر مسرت خواجه
ڪراچي کان تهران هوائي سفر دوران، ذهن ۾ گهڻا ئي سوال اڀري رهيا هئا ۽ انهن سوالن جو اُڀرڻ هڪ فطري عمل هو، ڇاڪاڻ ته مغربي ملڪن ۽ آمريڪا طرفان ايران تي مڪمل کڻي نه پر گهڻي ڀاڱي پابنديون لڳل آهن. سوال جيڪي ذهن ۾ مانڌاڻ مچائي رهيا هئا، اهي هي هئا ته پابندين کان پوءِ ايران جون معاشي حالتون ڪهڙيون هونديون ۽ ترقياتي ڪمن تي ڪهڙو اثر پيو هوندو؟ بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي، انفرا اسٽرڪچر ۽ امن امان جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ ڇا ريلوي، ايران ايئر لائين، ايران اسٽيل مل جي حالت به پاڪستان جهڙي هوندي؟ وغيره. پر هڪ اهم ڳالهه جيڪا ذهن ۾ گهمريون ڏيئي رهي هئي، تنهن وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه آمريڪا جي ٽن ڏاهن ذهنن زبگينو برزنسڪي، برينيٽ اسڪو ڪرافٽ ۽ ڊيوڊ اگنيٽس وچ ۾ هڪ گفتگو آهي، جيڪا ڪتاب America and the world”“ جي صفحي ۵۹ تي لکيل آهي ۽ اهو ڪتاب ٽي سال اڳ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. انهن مان ٻه آمريڪي ڏاها ذهن برزنسڪي ۽ اسڪو ڪرافٽ، صدر جمي ڪارٽر ۽ جارج بش سينيئر جا نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر پڻ رهيا آهن ۽ ٽيون ڊيوڊ اگنيٽس واشنگٽن پوسٽ ۾ هفتيوار ٻه ڪالم لکندو آهي. برزنسڪي جو چوڻ ته ايران ايترو طاقتور ملڪ ناهي ۽ گهڻن ئي گهريلو مسئلن جو شڪار آهي، معاشي حالتون خراب آهن، نوجوان طبقو ايران حڪومت کان باغي آهي ۽ خاص طور عورتون ترڪي يا يورپ طرز جي حڪومت چاهين ٿيون. اسڪو ڪرافٽ جو چوڻ ته ايرانين سان ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا نبيريا وڃن، جڏهن ته ڊيوڊ اگنيٽس جو چوڻ ته ايران هن وقت به انقلاب واري دور مان گذري رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه انتظار ڪرڻ گهرجي ته هو پاڻ ئي تباهه ٿي وڃي، پر هيل تائين نه ٿيو آهي، جيڪا (بقول سندس) پريشاني واري ڳالهه آهي. پر جڏهن امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين ته اکين ۾ هڪ چمڪ پيدا ٿي. اهو ايئرپورٽ شهر کان ۴۰ ڪلوميٽر پري آهي ۽ هتان بين الاقوامي اڏامون ٿين ٿيون. جڏهن ته پراڻو مهر آباد ايئرپورٽ شهر وچ ۾ آهي، جيئن ڪراچي ۾ قائد اعظم ايئرپورٽ آهي، جتان اندروني ملڪ جون اڏامون ٿين ٿيون. امام خميني ايئرپورٽ جو افتتاح چار سال اڳ ٿيو آهي ۽ هن ايئرپورٽ جو ڏيک هانگ ڪانگ جي ايئرپورٽ جهڙو آهي. جتي انهيءَ وقت ايران ايئر جا ۲۰ کن وڏا بوئينگ ۽ جمبو جهاز ۽ ۱۰ مختلف ملڪن جا جهاز بيٺل هئا، جيڪي پنهنجي منزل طرف اڏام لاءِ تيار هئا. ايئرپورٽ کان شهر طرف ست اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ”بهشت زهرا“ قبرستان ۾ امام خميني جي مزار آهي ۽ ڀر ۾ يونيورسٽي ۽ مدرسي جو ڪم پڻ هلندڙ آهي. بهشت زهرا قبرستان ۾ تقريبن ٻه لک قبرون آهن. انهن مان هڪ اهي، جيڪي عراق خلاف جنگ وڙهيا ۽ ٻيا انقلاب دوران شهنشاهه ايران جي ظلمن سبب شهيد ٿيا.


ڪجهه ڏينهن تهران جو واءُ سواءُ ورتوسين. ٻئي ڏينهن ”نهجه البلاغه“ پارڪ ڏسڻ جو شوق ٿيو. اهو نئون پارڪ ٻه سال اڳ تيار ٿيو آهي. هونئن ته تهران ۾ سوين پارڪ آهن ۽ هر پارڪ جي پنهنجي سونهن آهي، پر هن پارڪ جي خوبصورتي اها آهي ته اهو ٻن جبلن جي وچ ۾ تقريبن ٻه ڪلوميٽر ڊيگهه ۾ آهي ۽ انهيءَ ۾ جيڪا لائيٽنگ ۽ گل لڳايا ويا آهن، اهي ڏسڻ وٽان آهن. جيڪڏهن زمين کان مٿئين حصي طرف اوچائي جي ماپ ڪبي ته اهو تقريبن ٻه هزار فوٽ آهي ۽ انهيءَ ۾ گهمڻ يا پڪنڪ لاءِ فيملي هٽس (Huts) پڻ ٺاهيا ويا آهن، جنهن جي ڪا به في ناهي ۽ نه ئي پارڪ گهمڻ جي ڪا ٽڪيٽ آهي. پارڪ ۾ اوهان کي اهي سڀ ورزش جون مشينون ملنديون، جيڪي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ موجود هونديون آهن. گڏوگڏ بيڊ منٽن راند کيڏڻ لاءِ ٽيبلز پڻ رکيل آهن.
تهران يونيورسٽي جو به پنهنجو هڪ اوج آهي، جنهن ۾ تقريبن پنج هزار طالب علم تعليم پرائين ٿا. اها يونيورسٽي وچ شهر ۾ شاهراهه انقلاب تي آهي، جنهن ۾ ايراني صدر احمد نجاد پڻ پڙهيو آهي. هن يونيورسٽي ۾ هر جمع نماز پڙهي ويندي آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪندا آهن، پر مهيني ۾ هڪ دفعو علي خامنه اي خطبو ڏيندو آهي ۽ ماڻهن جو تعداد تقريبن ڏهه لک هوندو آهي ۽ جيڪي به يونيورسٽي جي چوطرف روڊ ۽ رستا آهن، انهن تي جا ئي نماز وڇائي ويندي آهي. اهو خطبو ٻڌڻ لاءِ ماڻهو صبح ۸ وڳي کان ئي يونيورسٽي پهچي ويندا آهن، جيئن اڳئين صفن ۾ جاءِ وٺي سگهجي. پر تهران يونيورسٽي کان علاوه ٻيون به گهڻيون ئي ميڊيڪل سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون يونيورسٽيون آهن. يونيورسٽي جي ماحول ڏسڻ کان پوءِ ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته طالب علمن تي ڪو به ذهني دٻاءُ نه آهي ۽ جيڪي مغربي ڏاها ذهن اها ڳالهه ڪن ٿا ته اهي ترڪي يا يورپ طرز جهڙي حڪومت چاهين ٿا، بلڪل غلط ڳالهه آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ جڏهن منهنجي ڪجهه شاگردن سان اُتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مون اهو سوال ڪيو ته موجوده حڪومت ۽ شاهه جي حڪومت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب ڏنائون ته هن وقت اسان آزاد آهيون، جڏهن ته شاهه دور ۾ صرف هڪ طبقي جي ماڻهن کي آزادي هئي ۽ اسان جي زندگي غلامن جهڙي هئي. انهن مان هڪ طالب علم مون کان سوال ڪيو ته ڇا توهان هن يونيورسٽي جي سڏ پنڌ تي خيابان فردوسي ڏٺو آهي؟ مون پڇيومانس ته اُتي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي! چيائين ته توهان اُتي برطانيا، روس ۽ آمريڪا جا سفارتخانا ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته ايران جو عوام انهيءَ دور ۾ سکيو هو يا اڄ آهي؟
خيابان فردوسي شهر جي اهم شاهراهه آهي، جنهن تي ايران جي مشهور شاعر ابو القاسم فردوسي (۱۰۲۰-۹۴۰) جو نالو رکيل آهي. اُتي پهچڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو ته اهي سفارتخانا نه پر ننڍا ڪي ڳوٺ آهن. مطلب ته هر هڪ سفارتخاني جي پکيڙ چاليهن، پنجاهه ايڪڙن تي مشتمل آهي. جيئن اڄڪلهه ڪراچي ۾ آمريڪا جو نئون سفارتخانو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايران جي معيشت انهن ملڪن حوالي هوندي هئي ۽ شاهه مغربي ملڪن جو نور نظر هوندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اقتدار تان لهڻ کانپوءِ کيس آمريڪا به پناهه نه ڏني. مختلف ملڪن جا سفارتخانا ڏسڻ کانپوءِ دل ۾ اهو خيال آيو ته ڇو نه شهنشاهه ايران جا به ٺٺ ڏسجن ۽ محل گهمجي ته ڪيئن پنهنجي زندگي بسر ڪندو هو. تهران ۾ شهنشاهه جا مختلف محل آهن، پر سعد آباد وارو محل سڀني کان وڏو آهي ۽ انهيءَ ڪمپائونڊ ۾ 18 محل آهن، جن جي ايراضي ۲۷۴ ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ اهي محل جبلن تي ٺهيل آهن. (اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته تهران جو ڳچ حصو جبلن تي آهي).
چيو وڃي ٿو ته ۱۹۲۱ع ۾ جڏهن ڪجر بادشاهت جو پهلوين هٿان خاتمو ٿيو ته پهلوي خاندان مسلسل انهن محلن ۾ اضافو ڪندي ويا. اهي محل ايراني ثقافت ۽ هنر جا انمول شاهڪار آهن. ”شاهونڌ“ پيلس جنهن جو نالو هاڻي ”سائو محل“ رکيو ويو آهي، ڏسڻ سان ئي اکين کي راحت ملي ٿي. هن محل کي ساوَن پٿرن سان ٺاهيو ويو آهي، جيڪي زنجان صوبي کان آندا ويا هئا. پر ٻيا به محل هڪ ٻئي کان گهٽ ناهن، جنهن ۾ شيشي جو آرٽ، فرنيچر، لائبريري، قالين، فانوس، شاهه ايران ۽ فرح ديبا جا ڪپڙا، ڪراڪري جو سامان، ڪچن ۽ کين مليل تحفا ڏسڻ وٽان آهن. هڪ ڊائينگ ٽيبل، جنهن تي اهو لکيل آهي ته شاهه جي آخري سالن دوران جن مهمانن کي هن ٽيبل تي ڊنر ڪرايو ويو هو، انهن ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر، اردن جو شاهه حسين ۽ پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو شامل هئا. ”سعد آباد“ محلن جي ٽڪيٽ ڪا ايتري مهانگي ناهي ۽ سڀني محلن کي گهمڻ لاءِ تقريبن ۶ هزار تومن درڪار ٿيندا، يعني پاڪستاني سوا ٽي سئو رپيا.
سعد آباد محل کان علاوه شهنشاهه ايران جا ٻه ٻيا محل ”سمر پيلس“ ۽ ”نياوران پيلس“ پڻ آهن. نياوران پيلس ۾ مرر هال (Mirror hall) ڏسڻ وٽان آهي، جنهن ۾ ڪمال جو شيشي جو ڪم ٿيل آهي. گڏوگڏ هتي شاهه ايران جي لائبريري پڻ آهي، جنهن ۾ ۲۳ هزار ڪتاب رکيل آهن. مون جڏهن انهن ڪتابن تي نظر وڌي ته نيپولين بوناپارٽ جا گهڻا ئي ڪتاب نظر آيا. پر نوسٽراڊيمس جو ڪتاب پڻ موجود هو، جنهن ۾ ايران جي انقلاب جي اڳڪٿي ٿيل هئي. شايد اها اڳڪٿي شاهه جي نظرن کان اوجهل رهي.

No comments:

Post a Comment