ٿر
سيمينار
عمر ڪوٽ (۱۶-۱۷
۽ ۱۸ فيبروري ۲۰۰۷ع)
عاشق منگي
تاريخ ۱۴ فيبروري تي، هاءِ اسڪول ماهوٽا جو هيڊماستر رٽائر ٿي رهيو هو. اسٽاف
ميمبرن سان گڏ ويھارو کن مھمانن جي ماني وغيرھ جو بندوبست ڪرڻو هو. گڏجي پلاننگ
ڪري، گلن جا هار، اجرڪ، ٽوپي ۽ تحفا، عبدالحميد ڪوريجي صاحب کي ڏناسين. تعليم کاتي
۾ صرف پگهار تي گذر ڪرڻ وارو هيو ۽ هٿ سنڌوءَ وانگر پاڪ پوتر هئس. فوٽوگرافي، وڊيو
۽ اسڪول اندر گلاب جي گلن ۽ ڏسڻ جھڙي ساوڪ، سڀني آيل مھمانن کي خوش ڪري ڇڏيو.
زيتونن جي باغن جي وچ ۾ روڊ کان سڏ پنڌ تي، مان اهڙو اسڪول، ۳۵ سالن جي سروس دوارن، اڳي ڪڏھن نه ڏٺو آهي.
گهر پھتس ته ڪجهه ٽائيم آهلي
پيس. چانھه پي، ٿيلھو ٺاهڻ شروع ڪيم. نائين بجي گهر ڇڏي نئين ديري اسٽيشن تي پھتس.
وڃڻ وارن ۾ ٻه ٽي مسافر هئاسون. ويرانيءَ ۾ ڪجهه ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. بولان ميل
هڪ ڪلاڪ ليٽ يعني ڏهين وڳي آئي. برٿ جي بڪنگ ڪرائي، ٿيلھو مٿن کان ڏئي، لوئي پائي
سمھي پيس. ننڊ ۽ جاڳ سان وقت ۽ سفر گذرندو رهيو. پيٽارو پھچي، اونداهيءَ ۾ ڳوٺ ۽
شھرن جون ٻرندڙ روشنيون ڏسندو رهيس ۽ پنھنجي ديس جي روشن ۽ تاريڪ پھلوئن تي
سوچيندو رهيس.
فلسفي ۾ ”اونداهي“ ظلم جي نشاني
آهي ۽ روشنائي ”منزل“ ۽ ”جشن بھاران“ وانگر آهي. اسان سنڌين جي اندر ۾ رڳو
اونداهيون وڃي بچيون آهن. ٻاهريون خوشيون اسان جي اجتمائي ڏکن کي گهٽائي نه سگهيون
آهن. ايندڙ نسل ۽ اولاد جي فڪر سان گڏ، سنڌ جي امن، معيشت ۽ غيرت جي سوال، اسان کي
وقت کان اڳ پوڙهو ۽ چيڙاڪ ڪري ڇڏيو آهي. غور فڪر ۽ سنجيدگيءَ لاءِ، ڪو وقت
نه ٿو ملي. ڪو رهبر، ڪو فڪر نه آهي، جو زندگيءَ کي صحيح دڳ ڏانھن هلڻ لاءِ سائي
بتي ڏيکاري.
جيئڻ جو سھارو صرف مالڪ الملڪ
وڃي بچيو آهي. دنيوي ساٺ سڳا سڀ بيڪار ٿيا آهن. هن ڌرتيءَ تان مٽجڻ جو سڀ سامان
اسان ٺاهي ڇڏيو آهي. مولانا عبدالوهاب سھتي کي چيو هيم؛ ”ڇا اسان جو شمار دنيا جي
زنده قومن ۾ ڪري سگهجي ٿو يا اهو صرف اسان جو ضد يا محبت آهي؟ منھنجي خيال ۾ اسان
قوم جي حيثيت سان مٽجي چڪا آهيون.“
هن جواب ڏنو هو؛ ”پوءِ ڇا ٿي
پيو، هن ڌرتيءَ تي ڪيترين قومن کي، الله تعالى بداخلاق ٿيڻ تي مٽائي ڇڏيو. پاڻ مٽجي
وياسون ته ٻيا اچي جاءِ والاريندا.“
هن منھنجي زخم تي، مرهم رکڻ جي
بجاءِ نشتر رکي هئي. مان صرف ايترو چئي سگهيو هيس ته؛ ”جيڪي اسان جي جاءِ تي اچن
ٿا، اُهي اسان کان وڏا ظالم ۽ بداخلاق نه آهن، هنن جي سٺائي صرف اها آهي جو هو
منظم آهن.“
”الله کان ڪير پڇڻ وارو آهي؟“
هن جواب ڏنو هو.
آهستي آهستي سھتي صاحب جو جملو
سھي رهيو آهيان ۽ سچ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان.
ڄامشوري لھي، سيلون تي گرم
پاڻيءَ سان غسل ڪري، تيار ٿي، رند هوٽل تي آيس. امڙ جي کڻايل ماني کولي کاڌم.
پٽاٽا، تريل مڇي، ڪوفتا ۽ ڪڻڪ جي مانيءَ سان گڏ چانورن جي ماني به هئي. ڪجهه کاڌم
۽ ڪجهه بچائي رکيم. هوٽل جي ماني مون کي بيمار ڪري وجھندي آهي. سٺي پستن واري
چانھه پي، ٿيلھو کڻي ”المنظر“ ڏانھن نڪتس. درياهه جي پل تي تازي هوا آجيان ڪئي.
فوٽوگرافي ڪيم. بلڪل ٿورا جوڙا، هڪ ٻئي سان سُسُ پُس ڪري رهيا هئا. جيڪو موقعو
اسان کي ويران گهٽين ۾ ملندو هو، اهو ھو سر عام، انجواءِ ڪري رهيا هئا. کين ڏسي
مان جوان بڻجي ويس. پنھنجو ظاهري روپ وساري ويٺس. شل! الله هنن جي محبتن جو محافظ
بڻجي. نوجوان، ناجائز کي جائز بڻائڻ ۽ ٻين جي عزتن ۽ سنڌي ڪلچر کي داغدار ٿيڻ کان
بچائين.
گهر، ٻئي هنڌ ۽ دوستن کي فونيون
ڪري وري چانھه پي اچي ڪراچيءَ جي ڪوچ تي چڙهيس.
ڪراچيءَ پھچي، پنھنجي پٽ سان
مليس. هن جي اوسيئڙي ۽ ادب، محبت ۽ خدمتن وري من کي پوڙهو ڪري ڇڏيو. روڊ ۽ رستا،
هوٽلون ۽ بازارون، فليٽون ۽ بنگلا سڀ غيرن جا، انھن جي وچ ۾ اسان پيءُ پٽ گهمڻ
وارا ۽ سنڌي ڳالھائڻ وارا اجنبي ماحول ۾ ”عجوبا“ لڳي رهيا هئاسون.
پليجي صاحب جا نعرا؛ ”هي شھر
ڪنھن جا؟ هي روڊ رستا ڪنھن جا؟“ صدين جون صدائون ۽ پڙاڏو بڻجي ويا، جنھن جو حقيقت
سان ڪو واسطو ڪو نه هو. منھنجو اندر وارو انسان چئي رهيو هو؛ ”تنھنجو وجود ڀيلن ۽
باگڙين وانگر آهي.“
منجهند ڌاري ڪراچيءَ پھتو ھئس.
پنھنجي پٽ وٽ پڄي، سفر جا ٿڪ لاٿا ھيم. ڪچھريون ڪري، رات جو آرام ڪيو ھيم. صبح جو
سوير تيار ٿي، سھراب ڳوٺ مان ڪلفٽن جي بس پڪڙي، ڪلاڪ سفر ڪري ان ماڻھوءَ وٽ پھتس،
جيڪو مون کي پنھنجو عاشق سڏيندو آهي. هو مون کي پرينءَ جي پيار وانگر پيارو آهي.
هن سان هڪ عقيدت ۽ احترام آهي. اسين ۴۰ سالن
کان هڪ ٻئي کي سڃاڻون ۽ ٻئي پوڙها آهيون. دل ۾ چوندو آهيان؛ ”اجايو ايڏو اعتبار ٿو
ڪري.“
ناشتي ۽ چانھه سان گڏ مختصر
احوال ٿيو. وري الڳ ٿياسين ۽ پوءِ فونن تي رابطو رهيو. سندس صلاح سان، عمرڪوٽ جي
قلعي ۾ پھتس. سفر آرامده رهيو. سي ڊيز، آڊيو، کائڻ پيئڻ ۽ ڪچھري.
قلعي جي اندر داخلا جي وڏي
اُڀ-ڪپري چاڙهي چڙهڻ سان صفائي، ڇڻڪار ۽ ٻيو بندوبست ڏسي، احساس ٿيو ته هر شيءِ
تيار آهي. ڪافي ماڻھو گڏ ٿي چڪا هئا. گاڏيءَ مان لھندي مون کي شاهه جي شعر جي سٽ
ياد آئي ھئي:
”اِيءُ نه مارن ريت، جو
سيڻ مٽائن سون تي.“
”سيڻ“ چئبو آهي زال ۽ مڙس جي
پيئرن کي، گهوٽ ۽ ڪنوار جا والدين پاڻ ۾ سيڻ ٿين. زال يا مڙس مٽائبو ته سيڻ مٽجي
ويندا. اها اسان مسڪينن، غريبن، مارن، سانگيئڙن، پنھوارن، ڌنارن ۽ سنڌ جي ماڻھن جي
ريت ئي نه آهي جو سيڻ مٽايون. ”اهو اسان جو ڪلچر آهي.“
هي ميڙو ”ڪلچرل ڊپارٽمينٽ“ وارن
مچايو آهي. وڏي پوسٽر تي نظر پئي؛ ريگستان، اٺ ۽ اوٺي ڪلچر. تصويرون منھنجي ڪمزوري
آهن. مان پاڻ کي اُٺ، اوٺي ۽ رڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيو. لطيف سائينءَ جو شعر ياد آيو:
منجھان منھنجي روح، جي
وڃي ساجن وسري،
مَــرُ لڳـــي
لُـــوهَه، ته ٿـــر ٻـــاٻـيـھــــو ٿــي مران. (شاھ)
ايتري محبت ۽ وابستگي، لطيف
سرڪار جو شان آهي. ايڏي خود احتسابي ۽ سزا، منھنجي سوچن ۽ وجود کي جلائڻ لاءِ ڪافي
آهي. مون محسوس ڪيو؛ رڻ مان اٿيل واريءَ جي ذري وانگر، سڄي عمر ڀٽڪندو رهيو آهيان.
ٿورو وقت، سرڪٽ هائوس جي هال ۾
وڃي ويٺس. عمرڪوٽ ضلعي جو ناظم، مگهن فقير مڱريو، ڊي سي او صاحب شمس جعفراڻي،
پوليس عملدار (سول ڊريس ۾)، سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگي ڪچھري ڪري رهيا هئا.
موضوع سيمينار ئي هيو. سڀ خوش هئا ۽ متفق ٿيا ته هر سال هتي ٿر سيمينار ٿيڻ گهرجي.
ناظم صاحب سنجيده، بردبار ۽ مڙس ماڻھو لڳو. منگي صاحب پراڻو ”ميڙن“ مچائڻ جو شوقين
رهيو آهي. هو ”سورج مکيءَ“ جي گل وانگر لڳي رهيو هو. سڀني سان پنھنجائپ واري لھجي
سان ڳالھائي رهيو هو. ڪنھن ڪنھن وقت ٽھڪ ۽ مرڪون به هلن پيون. بلڪل بي تڪلفانه
ماحول هيو. شمس جعفراڻي صاحب مون کي ڏاڍو وڻيو. جيتوڻيڪ کيس، مون اڳي روبرو نه ڏٺو
هيو. اخبارن ۾ نالو پڙهيو هيومان. ڏاڍي مڻ وارو انسان لڳو.
اتي ويٺي، ڪنھن اچي ٻڌايو ته
”ملھه جو ميدان“ تيار آهي. سڀ اوڏانھن اُسھيا. دهل وڄي رهيو هو. ماڻھن جو چڱو خاصو
ميڙ هيو. سنڌ جي روايتي لباس؛ سٿڻ ۽ سندري ۾ ملھه موجود هئا. ملھه جو مزو، سامھون
ڏسڻ ۾ آهي. فلم رپورٽ ۾ ان جو لطف اڌورو رهجيو وڃي. ملھن جي هڪ جوڙي زور آزمائي
ڪئي. ڀاڪرين پئجي، فن جا داءَ پيچ، هڪ ٻئي تي آزمائڻ لڳا. هڪ حمله آور پيو ٿئي ته
ٻيو پنھنجو بچاءُ پيو ڪري. هڪڙي ملھه، ٻئي کي کڻي ڦيرائڻ شروع ڪيو. مٿي کڄيل ملھه
پنھنجا پيرَ مقابلي واري ملھه جي سٿرن تي رکي ڇڏيا. هن ڦيراٽيون کائيندڙ کي هيٺ
ڌرتيءَ تي سٽيو ته ڦڙتائيءَ سان هو پير زمين تي کوڙي، پنھنجا داءَ آزمائڻ لڳو.
نوجوانيءَ ۾ پاڻ به هڪ جيڏا ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملھه کيڏندا هئاسين، پر اهڙو ملھن جو رقص
ڏسندي ڏينھن ٿيا هئا. تاڙيون وڳيون. داد مليو پر ملھه جو فيصلو نه ٿيو. ٻنھي ملھن،
هڪ ٻئي جي سندرن مان هٿ ڪڍيا ۽ پاڻيءَ لاءِ پڪاريو.
هاءِ ڙي پاڻي! انسان سان ڄمڻ
کان وٺي، مرڻ تائين تنھنجو رشتو آهي. شل! سنڌ ۾ ڪو سڻائو واءُ گهلي ته ايريگيشن
سيڪريٽري، ڄامشوري کان ٿرين جي جهوپڙين تائين پاڻيءَ جون ٽونٽيون ائين پھچائي جيئن
اسان نئون ديري وارا سئي گئس جون ٽونٽيون هلايون ٿا. اسان جا سيڪريٽري، سچائي ڪن
ته هر کاتو تبديل ٿي سگهي ٿو. سياسي پارٽيون جيئن ڌرتيءَ کي پنھنجي ماءُ ۽ عوام کي
پنھنجي حاڪميت جو سمبل چون ٿيون، سچائي ڪن ته رڻ به باغ بڻجي سگهي ٿو. ڇا نه آهي
اسان وٽ؟
ايتري ۾ ڪنھن اچي ٻڌايو ته؛ سنڌ
حڪومت جو ثقافت جو وزير رئوف صديقي صاحب پھچڻ وارو آهي. سڀ اُٿي سرڪٽ هائوس ڏانھن
هليا ويا. هڪ وي آءِ پي ديوان ۽ مان ويٺا رهياسون. ڏاڍو بيباڪ، همت ڀريو ۽ سُريلي
گفتي وارو ھيو. پھريائين سرڪٽ هائوس واري نشست ۾ گفتگو ڪئي هئائين. دل چيو ته
تعارف ڪرائي، ڪچھري ڪيانس، پر پوءِ هن کي هن جي حال تي ڇڏي، اسٽال ڏانھن هليو ويس.
سرڪاري سطح تي ٿيل انتظام ڏسي ۽ ماڻھن جو جوش خروش ۽ خوشي پسي، مسافريءَ جو ٿڪ لھي
ويو. ڪن شين جون قيمتون پڇيم. جواب ۾ چيائون؛ سڀاڻي قيمتن جون لسٽون هڻنداسين، اڃا
افتتاح نه ٿيو آهي. ۱۰-۱۵ اسٽال سينگاريل هئا، جن ۾ رلھيون، ڪپڙا، کٿا، چادرون، چوڙيون، جتيون،
پراڻا ٿانءَ ٿپا وغيره ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سجائي رکيل ھيو. ڪجهه فوٽو ڪڍيا. آوارگي ۽
ونڊو شاپنگ (بغير ڪنھن خريداري ڪرڻ جي) ڪرڻ کان پوءِ، ملھه واري ميدان تي اچي
ويٺس. مون کي ياد پيو ته سڪندر جي سڪندر اعظم ٿيڻ کان اڳ، يونان ۾ رانديون ٿينديون
هيون، جن کي لائي ڪرگس يا ٻئي ڪنھن تلفظ سان سڏبو هو. يونان جا حاڪم، امراءَ،
شاهوڪار ۽ خوشحال خاندان جا نوجوان ان ۾ حصو وٺڻ کي باعثِ فخر سمجهندا هئا. طاقت،
خاص ڪري جنگي حرفتون، گهوڙي سواري وغيره جا مقابلا ميدانن تي ٿيندا هئا. نتيجي ۾
يونان، دنيا تي ان تربيت ڪري ڇانئجي ويو. اڻويھين ۽ ويھين صدي، سائنس جون صديون
آهن. خاص ڪري پھرين جنگ عظيم کان پوءِ، يورپ ۽ آمريڪا پنھنجي يونيورسٽين جي سائنس
فئڪلٽين وارو علم، جنگي حرفتن ۾ ڪم آندو. نتيجي ۾ هو سڄي دنيا کي آڱرين تي نچائي
رهيا آهن. مسلم دنيا ۽ اسان، ڏينھون ڏينھن سائنس ۽ باقي علم کي اهميت نه ڏيڻ ڪري
کانئن پٺتي رهيا آهيون.
مسٽر رئوف صديقي، عبدالقادر
منگي، ناظم صاحب ۽ ٻيا اچي پنھنجي جاين تي ويٺا. پوليس انتظام سنڀالي رهي هئي. مون
کي پوليس نه، پر ٽيچرس لڳي رهيا هئا. اتر سنڌ جي پوليس وانگر داٻو، رعب ۽ ڪڙڪو نه
هيو.
ملھه شروع ٿي، هوڪريا پئجي ويا.
منسٽر ۽ سيڪريٽري صاحبان ملھن جون پٺيون ٺپيون ۽ روڪ رقم انعام ڏني. ملھه جا
مقابلا ڏسي، مھندار ماڻھو وي آءِ پي اسٽالن جي افتتاح لاءِ اُٿيا. منھن انڌارو ٿي
چڪو هو. روشنيون ٻريل هيون. خاص طور تي موهن جي دڙي جي اڀريل کوهه وانگر وڏي ٺھيل
گول ۽ مٿانھين ڀتين تي ٻرندڙ ڊيڪوريشن وارا مرچ اکيون هڻي رهيا هئا ۽ پنھنجي خوشين
جو اظھار ڪري رهيا هئا.
مان وري اڪيلو ٿي ويس. سوچڻ
لڳس؛ صدين کان هي ويران قلعو هن وقت ڇا پيو سوچي؟ ڇا وري سومرن حڪمرانن جا پونئير
(وارث) ننڊ مان جاڳيا آهن. يا خلجين جو اولاد وري ڪنھن ”ٻاگهيءَ“ لاءِ حمله آور
ٿيو آهي؟ يا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ تفريح لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.
هن قلعي جا چمڙا بي گهر ٿي،
ڏاڍو دربدر ٿيا هوندا. مان بلڪل صوفي بڻجي ويس. چمڙن تي رحم اچڻ لڳو. منھنجي وڏڙن
پاڻ جھڙن انسانن، جيڪي بي گهر ۽ بدحال هئا، جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون. بعد ۾ انھن
احسانن جي بدلي ۾ اسان جي پيٽن ۽ ڪنڌن تي اهڙا ڪات هنيا ويا آهن جو هاڻي، جانورن ۽
پکين تي رحم ڪري سگهجي ٿو، ڪنھن انسان تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.
مون کي بک جو احساس ٿيڻ لڳو.
بسڪيٽ، جوس ۽ پاڻي وٺي توانو ٿي ويس. اهو سڀ ڪجهه ٿيلھيءَ ۾ مون وٽ موجود هيو.
سرڪاري سطح تي سنڌي ماڻھن جي تفريح جو سامان ڏسي وري مان مالڪ کان دعائون پنڻ شروع
ڪيون؛ يا الله، سڀني کاتن کي ساڃاهه ڏي. جيئن جهنگن ۽ برن ۾ منھنجي ماڻھن کي
خوشيون ڏين، اهو هنن جو حق آهي. اسان کي فقيرن واري خيرات نه گهرجي. عزت ۽ وقار
سان اسان ۾ پنھنجائپ جو احساس پيدا ڪر. ڌرتي، ڪلچر، معيشت ۽ سڀ ڪجهه اسان جي نسلن
جي اسان وٽ امانت آهي.
اتي خبر پئي ته؛ شِوَ جو به اڄ
ميلو آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن الائي ڇو اهو ڏينھن چونڊيو. خلق خدا ته ورهائجي
وئي، نه ته اڃا وڌيڪ ماڻھو مزو ماڻين ها. اسٽالن ڏانھن نظر ڦيرايم. خلق ۽ پيھه
ڏسي، مٿانھينءَ تي بيھي لقاءُ ڏسڻ لڳس پر ماڻھن جي نعرن کان سواءِ ڪجهه ڪو نه ڏسڻ
۾ پيو اچي.
وڏي راڳ جي اسٽيج تي ڪم هلي
رهيو هو، اوڏانھن هليو ويس. ساڄي ۽ کاٻي ڏهه ڏهه لائوڊ رکيل هئا. کليل پنڊال وڏو ۽
ويڪرو هيو. ڪافي ڪرسيون ويھڻ لاءِ رکيون ويون هيون. ماني، پاڻي ۽ انگ ڍڪڻ جيتري
ڪپڙي کان پوءِ ”راڳ“ اسان جي جيءَ جو جياپو آهي.
منسٽر، بنگلي تي هليو ويو. ناظم
۽ منگي صاحب، پنھنجي ساٿ وارن سان وري سرڪٽ هائوس جي هال ۾ اچي ويٺا. تقريباً
نائين وڳي کان، اسٽيج تي تعليم کاتي طرفان تيار ڪرايل ٽيبلوز شروع ٿيا. ٻارن محنت
۽ محبت سان پنھنجي اداڪاري ڏيکاري. سڀ عام ماڻھو وندري پيا هئا. سائونڊ وڏو ۽ بھتر
هيو. ٻارڙا ۽ ٻارڙيون گيت به ڳائي رهيون هيون. ڪي ٿري لباس ۾ ته ڪي تنگ ڪپڙن ۾
جهومي رهيا هئا. مون کي ٻارن کي ٻڌل پٽڪا، اڇي ڏاڙهي ۽ اڇيون مڇُون ڏسي لطف اچي
رهيو هو. سڀ تاڙيون وڄائي، کين داد ڏئي رهيا هئا.
آخر ڏهين وڳي منسٽر صاحب پنھنجي
ساٿ سان پنڊال ۾ آيو. آخري ٻه ٽيبلوز دل ۾ لھي ويا. نج ٿري ڪلچر هيو؛ هڪ ڊگهي
ڇوڪري، ٿري لباس ۾ ويڙهيل سيڙهيل، باقي ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کليل منھن سان هيون.
هو ڳائي ۽ اداڪاري ڪري رهيا هئا. ويڙهيل ڇوڪري پنھنجي ڪلچر ۾ جهمريون ۽ ڦيراٽيون
کائي رهي هئي ۽ ٻيا ان جو ساٿ ڏئي رهيا هئا. هن نينگريءَ جو جوش ۽ جذبو ڏسي سڀ
ميڊيا وارا متحرڪ ٿي ويا ۽ تيزيءَ سان فلم بندي ڪرڻ لڳا. انھن ۾ اڪثريت اردوءَ
وارن جي هئي جن سنڌ جي روح کي، ان جي لطافتن کي اڃا محسوس نه ڪيو آهي. وڻندڙ ٿڌڙي
هير ۾ ننڊ اڏامي چڪي هئي. مرشد لطيف رح جو شعر آهي:
”الـسـت
بِـربـکـم“ جـڏهـن ڪـن پــيــوم،
”قالو بلى“ قلب سين،
تڏهن تت چيوم،
اُنھيءَ وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن
سين. (شاھ)
هن شعر ۾ منھنجو سڄو توجهه
”ويڙهيچن“ لفظ تي ھيو. ”ويڙهو“ جي مُروج مفھوم ۽ اصلاحي معنى مون وٽ هيٺين ريت
آهي:
”هڪ وڏي لنگهه يا دروازي جي
اندر هڪ ذات وارا، پنھنجي پنھنجي گهرن ۽ جدا جدا اڱڻن سان گڏجي حياتي گذاريندا
آهن. هو رت جي رشتن، ناننگ يا ڏاڏنگ طرفان ڪو نه ڪو رشتو هڪٻئي سان رکندا آهن.
سندن ٻولي، ريتون ۽ رسمون، اٿڻ ۽ ويھڻ، تاريخ ۽ معيشت سڀ گڏيل هوندا آهن. سندن
گھرن جي چوڌاري، ڊينگهرن جو وڏو لوڙهو ڏنل هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪنڌين ۽ ڀتين
۾ تبديل ٿي ويندو آھي.“
ائين مختلف ذاتين جا ويڙها
گڏجي، هڪ ڳوٺڙو يا ڳوٺ ٺاهيندا هئا. ڳوٺ جا سڀ رهواسي ڏک سک ۾ سڀ گڏ هوندا هئا.
ڳوٺ جي ان ويڙهي کي، سنڌ جي ڪلچر جو ”بڻ بڻياد“ سڏي سگهجي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل شعر ۾ الله جو پڇيل
سوال جو جواب به، اچي چڪو. پر مرشد لطيف رح ان کي ”ويڙهيچن سان وچن“ ڪري شعر مڪمل
ڪيو ۽ اسان سڀني کي قيامت تائين پابند ڪري ڇڏيائين ته انھن جو هميشه خيال رکڻو
آهي. ان جي ايڏي اهميت آهي جيتري آفاقي قدرن جي آهي. لطيف سائينءَ جي ان ڪمٽمينٽ
هميشہ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ بالغ ٿيڻ سان ان جي سحر ۾ وڪوڙيل آهيان.
اچـي عـزرائـيـل، سُـتـي جـاڳـائــي
سـسـئـــي،
پئي ڊوڙائي دليل، پنھونءَ ماڻھو
موڪليو. (شاهه)
محبت ۾ ملڪ الموت کي محبوب جو
پيغام آڻيندڙ سمجهڻ، لطيف سائينءَ جو ڪمال آهي. محبت ۾ هڪ ڪمزور عورت، پنھنجي مڙس
تان پنھنجو وجود گهوري ڇڏي ٿي. ”سنڌ“ سان ته اسان جي روح جو اڻ ٽٽ رشتو آهي.
تنھنڪري عقل جي ليول تي سنڌ، صاف سٿري ۽ خوشحال رهڻ گهرجي. اها اسان جي ڪلچر جي
تقاضا آهي ۽ آسمان تي لکيل صحيفو آهي.
جنھن ويڙهي ۾ اسان جوان ٿياسين،
اُهي ويڙها اُجڙي ويا آهن. ياد ٿو پوي ته اسان ڇوڪرن تي پوڙها نظر رکندا هئا ۽
وڏڙيون عورتون نينگرين تي عقاب واريون نگاهون رکنديون هيون. نتيجي ۾ ڪا خجالت ته
پري ٿي، پر ننڍي حرڪت ڪرڻ جو به موقعو نه ملندو هو. اهڙو ڪلچر، نه ڪنھن رائيٽر
لکيو آهي، نه وري سيٽلائيٽ سنڌي ميڊيا وارن فوڪس ڪيو آهي. هنن ٻولي، سنڌين ۽ ڪلچر
جي نالي تي، ڇوڪري جي سينڍ تي پينٽ شرٽ سان ڇوڪري ائين ڊڪندي ڏيکارڻ شروع ڪئي آھي
جيئن بربلي کارڪ تي ايندي آهي. باقي قومون دنگ رهجي ويون آهن ته؛ ”سنڌي انٽرنيشنل
ڪلچر“ جو حصو بڻجي ويا آهن. وڏا ترقي يافته بڻجي ويا آهن. سنڌ جي ڪاليجن ۽
يونيورسٽين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڪو-ايجوڪيشن ئي ۱۰ سيڪڙو مس ٿيندي.
شمس جعفراڻي صاحب مائيڪ سنڀالي.
محسن ڀوپاليءَ سنڌي ۽ اردو مشاعري جو اعلان ڪيو. لوڪل شاعرن سان گڏ، تاج جويو ۽
پروفيسر قلندر شاھ لڪياري صاحب نمايان هئا. اردوءَ وارا نه هئڻ جي برابر هئا.
مشاعري هلندي، اعلان ٿيو ته دعوتنامه نه ملڻ ڪري، لوڪل شاعرن بائيڪاٽ ڪيو آهي. شمس
جعفراڻيءَ بعد ۾ وضاحت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ مشاعرو ٿي چڪو آهي. اتي به اسان
لوڪل شاعرن کي مائيڪ تي دعوت ڏني هئي. توهان به مھرباني ڪري انھن وانگر تعاون ڪريو. توهان مھرباني ڪري اچي پنھنجي ميڙي ۾ رنگ
ڀريو. پر هو دوست نه آيا.
مشاعرو هلي رهيو هو ته ڪافي
اردوءَ جا شاعر اچي اسٽيج تي ويٺا، جيڪي قلعي جي عمارت ۾ ڪٿي ترسيل هئا. شمس
جعفراڻي صاحب، منسٽر ثقافت، سيڪريٽري ۽ ناظم صاحب کي اسٽيج تي سڏيو. فرشي نشست هئي ۽ سڀ گڏجي وڃي ويٺا. صدارت، منسٽر صاحب
ڪري رهيو هو.
اردو شاعرن جي گهڻائي ٿي وئي. لوڪل شاعر شريڪ ٿين ها ته بھتر لڳي ها ۽ گهڻائي
سنڌي شاعرن جي ٿي وڃي ها. اردوءَ وارا شاعر ڪراچيءَ کان آيا هئا. هنن کي ڪير
سمجهائي ته ڄامن ۽ ڪلھوڙن جو دور نه آهي.
مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا!
ٻِنهِين پارين ڏُکُ!
هِتِ عُمرَ جو آهُکُ، هُتِ مارو
ڏِينِم مِنهڻان! (شاھ)
ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ کي چيو ويو
هو ته، سنڌ وارا ڪجهه ڪري ئي نٿا سگهو. ڊپارٽمينٽ ان چئليج کي قبول ڪيو ته پنھنجن
پڙ ڪڍيو. هنن کي ٻيو ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي پر ”رقص زنجير پھن ڪر بھي ڪيا جا
سڪتا هي“ يا ”بول ڪه لب آزاد هين تيري“ وانگر ڪجهه اچي ٻڌائين ها ته چڱو لڳي ها.
مشاعري جي پوري ٿيڻ کان پوءِ، راڳ رنگ شروع ٿيو. لوڪل فنڪار، ٻارڙا فنڪار، مٺو
فقير ۽ ديبا سحر ته ڇھه ڪلام ڳايا. ٿڌ وڌي وئي هئي. شڪر جو مون کي ڪوٽ هيو. نوجوان
ڪمپيئرنگ ڏاڍي سٺي نموني ڪري رهيو هو. صادق فقير اسٽيج تي آيو ته ضبط ڪري نه
سگهيس. اُٿي کيس پئسا ڏنم ۽ ٻانھون به ٻڌم. هن ڳائيندي به شڪريو ادا ڪيو. شفيع
فقير اسٽيج تي ئي ھيو جو اسان قلعو ڇڏيو. ٽي ٿي چڪا هئا. آرام ڪيم. ساڍي پنجين وڳي
اٿيس. لڇ پڇ کان پوءِ اُٿي تيار ٿي، اٺين وڳي ٻاهر اچي اُس جو مزو ورتم.
نيرن ڪئي. سنگت کان موڪلائي،
يارهين وڳي عمرڪوٽ ڇڏي، لاڙڪاڻي لاءِ اڪيلو ئي ڪوچ تي نڪتس. ساڳيو ماحول؛ ٻٻر،
ليون، ڪانڊيرا ۽ فصل ڏسندو حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ گهر پھچي، امڙ جي پيرن تي هٿ رکيم.
هن ٻانھون کوليون. ائين مون کي سنڌ جي ڪک ۾ پناهه ملي وئي ۽ سفر جو ٿڪ لھي ويو.
No comments:
Post a Comment