ترڪيءَ ۾ “ترڪي ٽوپي” ۽
شام ۾ “شامي ڪباب” ڪونهي!
عبدالحي پليجو
استنبول
ايئرپورٽ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ، گيٽ وِڪ، ٽوڪيو جي ناريٽ ايئرپورٽ ۽ پيرس جي
چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جهڙو ۽ جيترو ئي مصروف ايئر پورٽ آهي، جتي سڄي دنيا جا
ڪيترائي جهاز پئي لٿا ته ٻيا پئي اڏاڻا، مسافرن لاءِ اميگريشن ڪائونٽر تي لڳل بورڊ
پڙهياسين. پهريون ۽ ٻيو نمبر ڪائونٽر نيٽو ملڪن جي شهرين جي لاءِ، ٽيون ۽ چوٿون
ترڪ شهرين لاءِ، پنجون، ڇهون، ستون ۽ ڪجهه ٻيا باقي ٻين ملڪن لاءِ هئا. جيڪڏهن
ڪنهن وٽ يورپ جي ويزا آهي ته ان کي ايئرپورٽ تي ئي ٽرازٽ ويزا فراهم ڪئي ٿي وڃي.
انهن سڀني ڪائونٽرن کان جدا ۽ ٿورو پرڀرو هڪ ٻيو به ڪائونٽر هو، جتان ٽرانزسٽ ويزا
ملي، انهيءَ ويزا لاءِ هر ملڪ بابت جدا جدا قائدا ۽ قانون آهن، اسان Other countries واري ڪائونٽر تان
پنهنجي پاسپورٽ تي اِميگريشن آفيسر کان ٺپا هڻائي پنهنجو سامان کڻي اچي ٻاهر
پهتاسين. اسان کي رسيوِ ڪرڻ لاءِ اتي محبوب کي پهچڻو هو، جيڪو لنڊن مان استنبول
گهمڻ لاءِ اتي اڳواٽ ئي پهتل هو. هن اڳواٽ ئي ٻڌايو هو ته هو اسان کي ايئرپورٽ تان
ته وٺڻ ايندو، پر جيئن ته استنبول جي انڊر گرائونڊ ٽرين ستين بجي شروع ٿئي ٿي،
تنهن ڪري ٿوري دير ٿيندي ۽ توهان ايئر پورٽ تي منهنجو انتظار ڪجو. هڪ اها ڳالهه
ٻيو ته اسان جو هوائي جهاز ايئرپورٽ تي ڪجهه وقت سوير پهتو، ان ڪري جيستائين محبوب
پهچي تيستائين اسان هڪ ڪينٽين تي وڃي ويٺاسين. ڪينٽين تي هڪ نوجوان سان ملاقات ٿي.
هن
ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي، C.N.G KITS جو ڌنڌو ڪندو آهيان ۽ ٻه ٽي ڏينهن استنبول ۾
رهي پوءِ روم ويندس، جتان سامان خريد ڪري ڪراچي پورٽ لاءِ بوڪ ڪرائي واپس ڪراچي
ويندس. ائين چئي هو ڪينٽين جي ڪائونٽر تان اسان لاءِ ڪافي جا ٻه مگ وٺي آيو، جنهن
سان ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. ڪافي پي اسان ٻاهر آياسين ته پاڻ اسان کان موڪلائي ٽيڪسيءَ
۾ چڙهي شهر روانو ٿي ويو. ويندي ويندي پنهنجو ڪارڊ به ڏيئي ويو. مون سوچيو ته ڪي
ڪي نوجوان ڪيئن نه پنهنجي روزگار جو بندوبست ايئن ڪن ٿا، جو انهن جو ڪاروبار به
هلندو رهي ٿو، ۽ هو دنيا جي سياحت به ڪندا ٿا رهن. هونءَ اسان وٽ ڏسجي ته نوجوانن
۾ گهڻو ڪري اهو ٽرينڊ آهي ته اهي پڙهائي ان ڪري ڪن ٿا، جيئن ڪا سرڪار نوڪري وٺي
سگهن. اهو ئي ٽرينڊ آهي، جنهن جي ڪري هو ڊگري وٺڻ کان پوءِ پنهنجي صلاحيتن تي ڪو
روزگار حاصل ڪرڻ بدران سرڪاري نوڪريءَ لاءِ تر جي وڏيرن جا در کڙڪائيندا رهن ٿا.
اسان جي نوجوانن کي روزگار جي حوالي سان ٻين آپشنز تي به سوچڻ گهرجي، دنيا انتهائي
وسيع آهي. ان وسيع دنيا تائين اسان تڏهن ئي پهچي سگهنداسين، جڏهن پنهنجي سوچ کي
وسيع ڪنداسين.
ٿوري
دير ۾ ئي محبوب پهتو ۽ اسان ٽيڪسيءَ واري کي چاليهه ليرا ڀاڙو ڏيئي اچي ٽيڪسيءَ ۾
ويٺاسين. ٽيڪسي اهڙي قطعي به نه هئي، جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ڦڪيون ٽيڪسيون
ڊوڙنديون وتن ٿيون، جن کي ڏسي ٽيڪسيءَ ۾ ويهڻ بدران پنڌ هلڻ تي دل چوندي آهي.
ٽيڪسي بلڪل نئين هئي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي مون کان به سٺو فُل سوٽ پيل هو، هن اسان
جون بيگون کڻي اچي ٽيڪسيءَ ۾ رکيون ۽ ڪار استنبول جي شاهراهن تي ڊوڙائڻ لڳو. جيئن
اتان جا روڊ رستا صاف شفاف هئا، ايئن ئي ٽيڪسي ڊرائيور جيان هر ماڻهو به صاف سٿرو
ٿي پئي گهميو. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته ترڪيءَ جا ماڻهو جماليات جا
وڌيڪ قائل آهن. اتان جي ماڻهن جيان ان وقت جي موسم به ڏاڍي عاشقانه لڳي پيئي هئي.
هونئن به استنبول تاريخي شهر هئڻ سان گڏ رومانوي منظرن ۽ ماڳن جي ڪري هڪ رومانوي
شاهڪار ڪري ليکيو ويندو آهي. جيئن ڪنهن محبوب کي ماڻهو ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪندو
آهي، تيئن هن شهر تي به ماڻهن ڪيترائي نالا رکي ڇڏيا آهن، مثلاً قسطنطنيه،
اسلامبول، اِسڪي، استانبول، ايتنول، ڪشتا، ڪونڌ، پلي، گاسڊنتنوبولس، ڪانسٽيٽينوپل،
زار گراڊ، رومت الڪبريٰ، نئون روم، نئون يروشلم، شهر زيارت، باب مملڪت، پادرين جو
شهر، شهر خلافت، تخت سلاطين، خوشين جو دروازو، چشم دنيا، عالم پناهه، پولس ۽ ٻيا
به ڪيترائي نالا آهن، جن سان مختلف خطن جا ماڻهو هن شهر کي پڪارين ٿا. دنيا جي هن حسين
ترين شهر جي روڊ رستن تان ٿيندا تقريباً اڌ ڪلاڪ اندر اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين،
هوٽل رسيپشن تي ويٺل نوجوان ڇوڪرو جنهن جو نالو سمير هو، تنهن اسان کي ترڪي ٻوليءَ
۾ چيو “گونائيڊن” معنيٰ گڊ مارننگ. هوٽل جو نالو ڊروم هو، جيڪا سلطان احمت علائقي
۾ آهي. هن علائقي تي اهو نالو سلطان احمد جي نالي تان پيو، پر جيئن ته ترڪ
احتراماً احمد ۽ محمد نالا ڪو نه رکن، تنهن ڪري هن علائقي کي چون سلطان احمت.
هوٽل
جي لکپڙهه کان واندو ٿي ڇوڪريءَ کان پڇيم ته اسان جي ملڪ ۾ هڪڙي مخصوص قسم جي
ٽوپيءَ کي اسان چئون ترڪي ٽوپي، اها رنگ جي ڳاڙهي ٿئي ۽ ان ۾ هڪ وڏو ٽوئر ٿيندو
آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ اڄڪلهه مون فقط نوابزاده نصرالله کي پاتل ڏٺي ۽ مون
سمجهيو ته ترڪيءَ ۾ ماڻهو هيءَ ٽوپي ڏاڍي شوق سان پائيندا هوندا. اسان جي ملڪ جي
ٽي وي چينلن تي به ترڪي گانن تي راڳين کي اها ترڪي ٽوپي پاتل هوندي آهي، پر هتي ته
اها ٽوپي مون هڪ ماڻهوءَ کي به پاتل ڪا نه ڏٺي. کِلي چيائين ته اها ٽوپي اسان ترڪن
جي نه، پر مراڪش وارن جي قومي ٽوپي آهي. اهو ٻڌي ڏاڍي کل آئي ۽ عجب پڻ ٿيو ته
ترڪيءَ ۾ ترڪي ٽوپي ڪا نه ٿئي ۽ شام ۾ شامي ڪباب ڪو نه ٿئي. چين ۾ توهان ڪنهن به
ماڻهوءَ کي چيني بوسڪيءَ جا ڪپڙا پاتل ڪو نه ڏسندا ۽ يونان ۾ توهان کي ڪٿي به
يوناني دوا ڪا نه ملندي.
ترڪيءَ
۾ مغربي طرز زندگي اختيار ڪرڻ وارو عمل تاريخي طور تي هڪ بلڪل نرالو عمل هو.
وِيهين صدي عيسويءَ جي وِيهَن ۽ ٽِيهَن وارن ڏهاڪن دوران تُرڪ قوم جهڙي ريت تمام
گهڻا سماجي سڌارا عمل ۾ آندا، اهڙو عزم ۽ همٿ انسان ذات جي سماجي تاريخ ۾ وِرلي
نظر ايندو. انهن سڌارن جو مقصد تُرڪ قوم هٿان ڪيئي صدين تي مشتمل وڃايل وقت جو
ازالو ڪرڻ هو. انهيءَ مقصد جي حصول خاطر خلافت وارو سرڪاري نظام رد ڪيو ويو. تعليم
۽ ازدواجي نظام کي مذهب کان ڌار ڪرڻ سان گڏ ترڪي ٽوپي پائڻ تي بندش لڳائي وئي.
ترڪي ملڪ ۾ عيسوي سن رائج ڪيو ويو ۽ آچر جو ڏينهن آرام لاءِ موڪل وارو ڏينهن مقرر
ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment