استنبول جا جزيره ۽ سنڌ جي اوج جا
ڏينهن!
عبدالحي پليجو
استنبول شهر جي يورپي يعني الهندي ڀاڱي کان هنن جزيرن تائين پهچڻ ۾
وڏن تفريحي ٻيڙن کي عموماً ڏيڍ ڪلاڪ کن لڳي ٿو، پر اڀرندي يعني شهر جي ايشيائي
ڀاڱي کان هنن جزيرن تي پهچڻ ۾ ٻيڙين کي فقط منو ڪلاڪ لڳي ٿو. تقريباً سڀئي پاتڻي
ٻيڙيون چئين ئي مکيه ٻيٽن تي مسافرن کي سلسيوار پهچائن ٿيون، پر انهن ٻيٽن جي نالي
سان ٻيڙي بيهڻ جو اعلان ڪو نه ڪندا آهن، تنهن ڪري هر مسافر کي ٻيٽ جي تڙ يعني گهاٽ
تي انهيءَ ٻيٽ جي نالي وارو شاهي بورڊ چڱي ريت جانچي ڏسڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجي
گهربل ٻيٽ تي پهچي سگهي. هيءَ به مزيدار ڳالهه آهي ته هنن ٻيٽن تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ
ڪا آٽوموبائيل سواري جهڙوڪ موٽر سائيڪل يا رڪشا وغيره آهي ئي ڪانه! البته گهوڙي
گاڏيون، جهڙيون ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ هلنديون هيون، سي هر ٻيٽ جي هر تڙ تي
حقيون بيٺيون آهن. تڙ کان ٻيٽ جي مختلف ماڳن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ انهن گهوڙي گاڏين
جو ڀاڙو مقرر ٿيل آهي ۽ مسافرن جي تعداد موجب نه، پر يڪي گاڏيءَ جو آهي، جنهن ۾
سوڙ سنگهوڙ ڪري وڌ ۾ وڌ چار مسافر ويهي سگهن ٿا. البته ٽي مسافر آرام سان ويهي
سگهن ٿا ۽ اسين به ٽي ڄڻا هئاسين، تنهن ڪري سڄي ٻيٽ تي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي
آيو. بُيُوڪاڊا ٻيٽ تي By
Sukru نالي
هوٽل سمنڊ جي ڪناري تي تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ مختلف تازين سامونڊي مڇين، ڀاڄين ۽
لذيذ ڪبابن تي مشتمل بهترين کاڌا پيش ڪيا وڃن ٿا. هن هوٽل جي ئي هڪ ڪنڊ ۾ هر ڇنڇر
جي رات موسيقيءَ جي محفل سجائي ويندي آهي. گهاٽ کي ويجهي هئڻ سبب هن هوٽل ۾ تمام
گهڻي رش هوندي آهي، تنهن ڪري ويهن آمريڪي ڊالرن عيوض بڪنگ سياحن لاءِ سڪون جو سبب
بنجي ٿي. جيڪڏهن توهان ٻيٽن تي رات گذارڻ نٿا چاهيو ته گهاٽ واري عمارت مان ٻاهر
نڪرڻ کان اڳ، شهر ڏانهن ٻيڙين جي موٽڻ جا وقت نوٽ ڪرڻ نه وساريندا. جيئن موٽڻ ۾
سهولت رهي. خاص ڪري سياري جي مند ۾ وڏا تفريحي مسافر بردار جهاز شهر ڏانهن واپسي
گهٽ ڪندا آهن.
ٻيٽن کان سڀ کان دير سان استنبول واپس ورندڙ ٻيڙيون بوستانسي تڙ تي
لنگر انداز ٿينديون آهن. تقسيم اسڪوائر ڏانهن وڃڻ لاءِ انهيءَ گهاٽ تان بسون ملن
ٿيون، يا ته توهان تڙ سان لڳ گهٽي ٽپي، سامهون ريلوي لائين جي هيٺان گذرگاهه مان
لنگهي ٻئي پاسي پهچي، کاٻي هٿ تي ٺهيل ڏاڪڻ نمبر ٻه تان مٿي چڙهي اچي هڪ اسڪوائر
وٽ رسندا، جتان پڻ تقسيم اسڪوائر لاءِ بسون ملن ٿيون. هيءَ ڳالهه ڌيان لهڻي ته
سرءَ، سياري ۽ بهار جي مندن دوران ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ وڏين لهرن سبب هنن ٻيٽن
ڏانهن پاتڻي ۽ تفريحي ٻيڙيون وغيره ڪو نه وينديون آهن. انهيءَ عرصي دوران اهي ٻيٽ
ساري جهان کان جدا رهندا آهن. هينئر به تقريباً بهار جهڙي موسم آهي ۽ بگي تي يا
پنڌ گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو پيو اچي. جهڙيون اڄڪلهه ڪراچي بيچ تي وليج هوٽل کان اڳيان هوٽل
کليون آهن، هتي هن ٻيٽ جي ڪناري تي به اهڙي قسم جي پر وڏي ۽ سٺي هوٽل ٺهيل آهي.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ هڪ سنڌي پبلشر نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻي انگريزن جي دور ۾
۽ ان کان اڳ ۾ سنڌ ۾ آيل سياحن، انگريز آفيسرن ۽ ڪن ٻين ليکڪن جي ڪل يارهن ڪتابن
جو مختصر ترجمو ڪرائي ”ميراڻي سنڌڙيءَ“ نالي سان دهليءَ مان ڪتاب ڇپرايو، جنهن جي
صفحي 167 تي يورپي ليکڪ پونسٽن Ponston)) جي ڪتاب Personal observations in Sindh جو حوالو ڏنل آهي. انهيءَ ۾ لکيل آهي ته،
”شڪارپور جي بازار ۾ جهڙي رونق آهي، اهڙي مصر جي شهر قاهره کان سواءِ ٻين ٿورڙن
هنڌن ڏسجي ٿي. عجيب غريب چهچٽي واريون ٽوليون، هت وچ ايشيا جا واپاري ۽ اڀرندي
الهندي هندستان جا واپاري پاڻ ۾ ملندا جلندا ڏسڻ ۾ ايندا. اٽڪل چئين بجي شام جو
بازار تيز ٿيندي آهي.“
معلوم ٿيو ته سنڌ جو هڪ شهر شڪارپور مصر جي شهر قاهره سان رونق ۾
برابري ٿو ڪري ته وري ٻيو شهر ڪراچي انگريز دور حڪومت ۾ ايشيا جو پهريون نمبر صاف
سٿرو شهر قرار ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ دور جون ڳالهيون پڙهيو وري اڄوڪي سنڌ کي ڏسيو دل
۽ اکيون آليون ٿيو پوَن. اسان جو سامونڊي جهاز هاڻ باسفورس سمنڊ جي يورپ واري
ڪناري تي اچي پهتو آهي. هر انسان کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق هوندو آهي، پر اسان جي پاڪ
ڪتاب قرآن شريف ۾ ته اهو حڪم آهي ته ”سيروا في الارض“ يعني ڌرتيءَ تي سير ڪريو.
الله پاڪ جا لک ٿورا جو منهنجي هٿن ۾ سفر جون ريکائون ڪجهه زياده ئي ڏئي ڇڏيائين.
يورپ، آمريڪا، مڊل ايسٽ ۽ فار ايسٽ سميت تقريباً اڌ دنيا گهمي آيو آهيان. هن سموري
سفر دوران منهنجي خواهش رهي ته دنيا جي عظيم سياحن يعني محمد ابن بطوطه ۽ مارڪو
پولو جا شهر ۽ گهر ڏسان، سو مالڪ سائين جي مهر سان اٽليءَ جي شهر وينس ۾ مارڪو
پولو جو گهر وڃي ڏٺم، پر ابن بطوطه جو ملڪ موراڪو ۽ سندس اباڻو ڳوٺ طنجيئر اڃا
تائين ڏسي ڪو نه سگهيو آهيان.
اميد اٿم ته هاڻ جڏهن به ولايت وڃڻ ٿيو ته سڀ کان پهرين موراڪو وڃي،
طنجيئر پهچي هن عظيم سيلانيءَ ابن بطوطه جي گهر جو ديدار ڪبو. تنهن کان پوءِ ئي
ڪنهن ٻئي شهر ۽ ملڪ ڏانهن اسهَندس. ابن بطوطه چين کان سواءِ گهڻو ڪري فقط اسلامي
دنيا گهميو، ڇو ته هو علمي لحاظ کان سني فقه جو وڏو عالم هو، تنهن ڪري هو اسلامي
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قاضي يعني جج جي اعليٰ عهدي تي فائز رهيو. هن سنڌو نديءَ
ذريعي سڄي سنڌ ڏٺي، هو لاهري بندر بابت لکي ٿو ته ”هي تمام وڏو بندر آهي، جت فارس
۽ يمن جا تجارتي ٻيڙا ۽ سوداگر تمام گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. بندر جي سالياني
آمدنيءَ جو محصول سٺ لک دينار هو.“ انهيءَ وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو ۽
هجري سن 724 هو. سنڌ تي دهلي طرفان مقرر حاڪم امير سرتيز هو ۽ دهليءَ جو حاڪم محمد
شاهه تغلق هو.
No comments:
Post a Comment