Sunday, November 25, 2012

جهوڪ ڏانھن پنڌ - عاشق منگي


جهوڪ ڏانھن پنڌ
عاشق منگي
هر بھار جي موسم، منھنجي وجود کي نوان جذبا، امنگون، آسرا ۽ ولولا بخشيندي آئي آهي. ڪنھن فوجيءَ جو مورچو، جنگ ۾ تباهه ٿيندو آهي ته هو پنھنجي ذات کي ۽ مقصدن کي بچائڻ خاطر، جلد کان جلد، نئين پناهه گاهه ڳولي لھندو آهي.
منھنجو سال پھرين فيبروريءَ کان شروع ٿيندو آهي ۽ ۳۱ جنوريءَ تي ختم ٿيندو آهي. ائين شاخن ۽ ڏارن تي نوان گؤنچ ڦٽندو ڏسي، پنھنجا ڏک وساري ڦڪا، ڳاڙها، سفيد ۽ واڱڻائي رنگن جا گُل ڏسي، منھنجي اندر وارو انسان، سرنھن جي ڦولار وانگر رقص ڪندو، جهومندو ۽ ڳائيندو آهي. ائين ايندڙ گرم  ۽ سرد موسم سھڻ لاءِ، منصوبه بندي ڪري وٺندو آهيان. قدرت واري ائين ڀور ڀور ٿيڻ کان مون کي بچائي ورتو آهي.


۲۴ فيبروريءَ تي، سنگت سان صلاح ڪيم ته؛ مرشد لطيفؒ جو ميڙو پورو ٿيڻ تي آهي ۽ سنڌ جي سرويچ صوفي شاهه عنايتؒ جو عرس شروع ٿيڻ وارو آهي. هلو ته هلي اُتي مالڪ ڪائنات کي ٻاڏايون، فاتحه پڙهون ۽ صوفياڻي ڪلام جو لطف ماڻيون.
ائين تياري ٿي وئي.
هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.....
۲۰۰۸-۰۲-۲۵ تي ٽين بجي، لاڙڪاڻو ڇڏيوسين. ثناءُ الله آگاڻي صاحب، پنھنجي گاڏي هلائي رهيو هو. خدا بخش کي آڏو سيٽ تي ويھاريوسين. مان، عبدالخالق ۽ جان محمد صاحب پٺيان ويٺاسين. بي تڪلف ماحول ۾ ڪچھري ٿيندي رهي. چرچا ۽ ٽوٽڪا، شاعري ۽ اسان جا ٽھڪ. ائين منزل ڏانھن وڌي رهيا هئاسين. ماٺ پئي ٿئي ته مان سوچي پيو وٺان.
الله خير ڪري، منھنجي حساب سان نائين بجي ڄامشوري هوٽل تي رسڻو هيو. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ، ٻارھين بجي تائين، جهوڪ شريف پھچڻو هيو.
روڊ ڏاڍو خراب آهي. ڪلھوڙن جا قبا ۽ خدا آباد جي مسجد ڏٺيسين، ته سنڌ جي تاريخ مون سان سرگوشي ڪرڻ لڳي. مان ۷۴-۷۳ع ۾، آزاد سنڌ جي اڏيل هيءَ مسجد گهمي ڏٺي هئي. ڀٽي صاحب مرحوم هن جي مرمت ڪرائي هئي. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ڊهي وئي هئي. نوجوان ۽ ٻھراڙيءَ جو هئڻ ڪري، ڏاڍي تڪليف سان مسجد جي گنبذن جي اندر ڇت تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هيس. گنبذن جي اندران ئي اندران گيلري هئي. ڪبوترن جي وٺين جي بدبوءِ هئڻ باوجود اتر-اولھه کان شروع ٿي ڏکڻ-اوڀر کان اتي اچي پھتو هيس، جتان شروعات ڪئي هيم. نئين هوا ۾ ساهه کڻي، اوڀر کان اولھه ۽ اولھه کان اوڀر، ٽنھي گنبذن جي وچ ۾ ٻن گئلرين کي ڪراس ڪيو هيم.
مون کي ياد آهي؛ هيٺ لھي نه پيو سگهان. اتي ويٺل نيڪ مرد، مدد ڪئي هئي. منھنجي مسجد ۾ دلچسپي ڏسي، ڪلھوڙن جي ڳوٺن جو ڏس ڏنائين. مان ٽانگو ڪري اوڏانھن ويو هيس. مقبرا ۽ مقام گهميا هيم. ائين آزاد سنڌ جو روح مون ۾ سمائجي ويو هو.
خدا آباد جي مسجد جون صرف ٽي ڀتيون وڃي بچيون آهن. گنبذ ۽ گيلريون شھيد ٿي چڪيون آهن. سنڌ جو سابق وزيراعلى ارباب غلام رحيم سدائين عُمرن تي ويندو هو. هن مسجد، خانه خدا جي بدل تي، الائي ڇو نظر نه پيس؟
الله اسان سڀني کي عقل ڏئي. شل! هن خدا جي گهر جي عظمت بحال ڪريون. اسلامي جمھوريه پاڪستان گورنمينٽ آف سنڌ، صاحبِ حيثيت، شاهوڪار ۽ پڙهيل لکيل نوڪرين وارا همت ڪن ته ڇا نه ٿو ٿي سگهي.
رستي جي هوٽل تي چانھن پيتيسين ۽ ٻئي سبب ڪري ليٽ ٿي. ڏهين بجي ڄامشوري رند هوٽل تي پھتاسين. ماني وغيره کائي، اڳتي جو سفر شروع ڪيوسين. المنظر ۽ بئراج جي روشنين کي حسرتن سان ڏسندي، حيدرآباد ڏانھن وڌياسين.
مان اڳين سيٽ تي مزي سان ويٺو هئس. سڀ سنجيده ۽ پرسڪون هياسين. حيدر چوڪ ۽ ريلوي پل ڪراس ڪري، ٽنڊو محمد خان وارو روڊ ورتوسين. هر طرف رات ۽ اوندهه هئي. مون پنھنجو پاڻ کان پڇيو؛ ڇا سنڌين جو مستقبل هن اوندهه وانگر اونداهو آهي. مان ڊڄي ويو هئس. مون کي خوف وڪوڙي ويو هو.
مان کائي پي موٽيو آهيان. چار نوجوان گڏ هئا. مون کي اللهﷻ ۾ آسرو هيو ته هو سولائي ۽ سڻائي ڪندو. دل ۾ اِها به پڪ هئي ته؛ هتي اتر سنڌ وارو انڌير نه آهي. دير مدار، خير سان، ماڳ پھچي وينداسين.
ثناءُ الله آهستي ۽ خبرداريءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. رستو بھتر پيو اچي ته اسپيڊ وڌائي پيو. هيڪڙ ٻيڪڙ، گاڏيون اسان کي ڪراس ڪري رهيون هيون. آخر مون ضبط ٽوڙيو. يار! ڪافي ڊرائيو ٿي آهي. ٽنڊو محمد خان اچڻ گهرجي. ڪٿي اوندهه ۾ ڀلجي ته نه پيا آهيون. ائين رستي تي بيٺل هڪ گاڏي نظر آئي. فئمليءَ سان هئا. ٿورو اڳتي بيھي کانئن احوال ورتوسين. ٻه ڄڻا سُري آيا. چيائون؛ ٽائر پنڪچر ٿي پيو آهي، اسپيئر ٽائر به نه آهي. کين آفر ڏنيسين ته اسان سان هلي پنچر ڳنڍرائي پوءِ واپس اچو. اسان کي اجنبي ڏسي، مھرباني مڃيائون. هنن ٻڌايو ته؛ ٽنڊو اڳيان اٿوَ.
ٽنڊي محمد خان جو شھر بند هيو. هڪ هنڌ هوٽل وارو ٿانوَ ڌوئي رهيو هو. هُن کان چانھه جو پڇيوسين. هُن ها ڪئي. اسان جي عيد ٿي وئي. گاڏي پارڪ ڪري. خالي کٽن تي پاڻ اڇلائي رليڪس ٿياسين. ڏاڍي سٺي چانھه ملي ۽ پئسا به سٺا ڀريا.
سنڌ جي تاريخ، جيڪا منھنجي پنھنجي تاريخ آهي، سا منھنجي ڪمزوري رهي آهي. هزارين سالن کان، اسان وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيا آهيون. مانسرور ڍنڍ کان وٺي، ڪُلاچيءَ جي ڪُن تائين، جيڪا سُسندي سُسندي موجوده شڪل ۾ برقرار آهي. ”ڀاڱا ٿيندي سُھڻي، مڙندا مَڇَ هزار.“ الله سڀني کي پناهه ۾ رکندو. نيچر جا قاعدا ۽ قانون اٽل آهن. منھنجي ذهن ۾ گذريل ٻن سالن کان خلفشار آهي. اندر وارو ٻولي پيو؛ اسان پنھنجو وجود وڃائي چڪا آهيون. محبت ۽ نفرت مون ۾ ائين ڀريل آهي، جيئن منڇر ۾ پاڻي. منھنجي ذات، سوچيندي وسامي رهي آهي. سنڌ ۾ اوڏ، جوڳي، ڀيل، باگڙي، ڪولھي ۽ ٻيون شيڊولڊ ذاتيون به هن ڌرتيءَ جا اصل واڳ ڌڻي آهن. بي رحم ظالمن ۽ جانورن کانئن سڀ ڪجهه کسي ورتو پر ڌرتيءَ تان بي دخل ڪري نه سگهيا آهن. سندن افعالن کين هتي پھچايو آهي. تباهه ۽ برباد ٿيل قومن تي، لئبرريون ڀريون پيون آهن. سڀ کان وڌيڪ اعتبار وارو آفاقي ڪتاب، قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ۽ نتيجا ڪڍڻ لاءِ ڪافي ٿيندو. قرآن شريف ۾ قومن جا قصا، مون کي ڏاڍو متاثر ڪندا آهن.
سنگت چيو ته شاهه عنايت شھيد جي باري ۾ بنيادي معلومات ڏيو. مون پنھنجو پاڻ مان جند ڇڏائي، کين ٽافيون ۽ سوپاريون ڏئي، ڳالھائڻ شروع ڪيو.
دنيا جي تصوف جي تاريخ ۾، صوفي صاف سچا آهن. دنيا جي لذتن، عيش ۽ آرام کان پري رهڻ هن عقيدي جو بنياد آهي. هر انسان، ڪھڙي به ڌرم ۽ عقيدي جو هجي، ان جي عزت ڪريو. منھنجي مطالعي موجب؛ دنيا جي هر مذهب ۾ ٿوري گهڻي فرق باوجود، هي عقيدو عام رهيو آهي. ”الله، الله الله هُو، الله هُو“ دل سان بار بار چوڻ بنيادي سبق آهي. شريعت محمديءَ تي هلڻ، گهٽ کائڻ ۽ ڳالھائڻ، تن کي تڪليفون ڏيڻ، عرب، ايران، هند ۽ سنڌ ۾ اهڙن ماڻھن خوب نالو ڪڍيو آهي. دنيا جي ڪنھن به صوفي مسلڪ ۾، مون جنگ ۽ ويڙهه نه پڙهي آهي.
سواءِ جهوڪ جي سانحي جي. بزرگ جو پورو نالو عنايت الله ولد مخدوم فضل الله لانگاهه آهي. پاڻ ۱۰۶۵هه ۾ ڄاوا ۽ ۱۷ صفر ۱۱۳۰هه تي شھيد ٿيا. جهوڪ شريف جو پراڻو نالو، ميرانپور آهي. جيڪو ان وقت بٺوري پرڳڻي ۾ هيو. تختگاهه ٺٽو هيو ۽ حڪمراني دهليءَ جي هئي.
شروعات عمر کان وٺي، حق جي ڳولا ۾ هلندو رهيو. علم ۽ رياضت ورثي ۾ ملي هيس. ساٿين سان گڏ، ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي، دکن جي بيجاپور شھر جي بزرگ عبدالمالڪ شاهه قادريءَ وٽ پھچي، چلا ڪڍڻ شروع ڪيائين. ظاهري علم لاءِ دهليءَ، جھان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ پھتو.
سالن جا سال سير سفر، ظاهري علم ۽ مخفي علم جي حاصلات کان پوءِ مرشد عبدالمالڪ جي حڪم تي سنڌ موٽي جهوڪ ۾ دونھين دکايائين. ظلم، ڏاڍ ۽ اوندهه کان تنگ ٿيل مظلوم ۽ پيڙيل عوام، ان روشنيءَ تي آهستي آهستي اچي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. سک ۽ شانتي سان، اللهﷻ جي عبادت ڪرڻ لڳا. وحدة الوجودي، شاهه عنايت شھيد، هنن جي دلين کي روشن ڪرڻ لڳو.
سر جو سانگو لاهه، ڀل پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ،
عــشــق، عــشــق، دولــت، حُـسـن، جاهه و جلال....
سڀ فاني صورتون ۽ سوچون آهن. غالب جي چوڻ موجب؛ اهي دماغي خلل آهن. قوم، وطن، ڌرتي، شرافت ۽ انسانيت کان پوءِ عشق جو دائمي ۽ حقيقي مرڪز اللهﷻ جي ذات آهي. جاڏي ڏس، تاڏي صورت سبحان. خوشي ۽ ڏک، حاڪم ۽ محڪوم، حيات ۽ موت، ڌرتي ۽ آسمان، سڀ اصل صورت وٺي جڏهن انسان جي سامھون ايندا آهن تڏهن اهي، خدا جو نائب بڻجي پوندا آهن ۽ وحدة الوجود ۽ وحدة الشھود جو فرق به غرق ٿي ويندو آهي. انساني ڪيفيتن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڳ جھان کي سمجهڻ اڃا به وڌيڪ ڏکيو آهي. اسرار الاهيءَ کي مان سمجهڻ کان قاصر آهيان.
ڪارل مرڪس، لينن ۽ مائوازم کان سوين سال اڳ، آفاقي اقتصاديات جو اعلان شاهه عنايت شھيد جي واتان ٿيو. هُن چيو؛ ”الارض لله، جيڪو کيڙي سو کائي.“ ظالم زميندارن جي ظلم کان ڀڄي، هاري اچي جهوڪ ۾ آباد ٿيڻ لڳا. اڃا هزارين سالن جو ٿڪ ۽ پيڙا به نه لٿي هين ته نور محمد پليجو، حمل جت، فقير منش شاهه ڪريم جي اولاد مان سيد عبدالواسع ۽ ٻيا سازشون ڪرڻ لڳا. هُو سڀ ٺٽي جي حاڪم مير لطف علي وٽ دانھين ٿيا. ڪوڙ، مڪاريون ۽ بيھودگيون ٻُڌي وقت جي حاڪم هنن جون پٺيون ٺپيون ۽ هنن موٽ ۾، اچي مسڪين هارين سان ڪلور ڪيا. ڪيترا فقير، شھيد ٿي ويا. دانھون دهليءَ تائين پھتيون. خون بھا ۾ ظالمن جون زمينون، شھيدن جي وارثن کي مليون. ان وقت مغل شھنشاهه ”فرخ شير“ ۱۱۲۴هه - ۱۱۳۲هه هيو.
”همہ او ست“ جا نعرا اڳي کان وڏي آواز ۾ گونجڻ لڳا. حق ۽ باطل تي هلندڙن جا ويڇا وڌندا رهيا. ٺٽي جو حاڪم معزول ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي نواب اعظم خان مقرر ٿيو. آخر قصو کٽائـڻو، ڍل جو بھانو بڻائي، دهليءَ جي حڪمرانن کي اهو اطلاع ڏنائون ته، شاهه عنايت باغي آهي، پنھنجي حڪمراني چاهي ٿو. ويڙهه شروع ٿي. فقيرن جي اللهﷻ مدد ڪندو آهي آيو ۽ دنوي شھنشاهه نقصان ۾ اچي ويا. ڇاپا مار جنگ جو تصور به مون لاءِ عجيب آهي. آخر ڪلھوڙن جون فوجون آيون، پوءِ به فقير فاتح رهيا. آخر ڪلھوڙن، قرآن شريف وچ ۾ ضامن ڏئي، شاهه عنايت کي صلح لاءِ راضي ڪيو.
قضا پنھنجو ڪم ڪري وئي. لعنتي انسانن شاهه عنايت سان دوکو ڪري کيس جلاد جي آڏو آندو.
روايت آهي ته؛ جڏهن جلاد درويش جي ڪنڌ تي وار ڪيو ته ”فقير“ کي ڪجهه ڪو نه ٿيو. ”شاهه“ جلاد کي سمجهايو. پنھنجي مرشد کان مليل تلوار گهرايائين، جلاد کي ڪجهه رقم ڏئي چيائين ته، ڪنڌ ڪپڻ جي تنھنجي مزوري آهي. پاڻ حافظ جو هيٺيون شعر پڙهيائين: 
”مون کي هن قيد کان آجو ڪيئي،
شل! الله تعالى ٻنھي جھانن ۾ تنھنجو ڀلو ڪري.“ (حافظ شيرازي)
مرشد لطيف، ان وقت عمر ۾ اٺاويھن ورهين جو هيو.
اڄ نـه اوطـــاقــــــن ۾، طـــالـــب تـــنـــواريـــــن،
آديـسـي اُٿـي ويـا، مـڙهــيــون مــون مــاريــن،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاھ)
شاهه عنايت شھيد جي واقعي ڏانھن منسوب آهي. شاهه شھيد جو ڪلام اڻ لڀ آهي. ڪلھوڙن جي دعا ۽ ٻين موضوعن تي ڪجهه فارسي شعر پڙهڻ وٽان آهن. هڪ جو ترجمو آهي:
”جيڪي عشق سين زنده آهن، انھن جي دل ڪڏهن به مرندي نه آهي. اسان جي امرتا، دنيا جي اخبار ۾ لکيل آهي.“
واقعي! جيڪي اللهﷻ جي راهه ۾ انسانن جي سھنج خاطر، جان ڏيندا آهن، انھن کي ماريندڙ مٽجي ويندا آهن. يزيدن، فرعونن ۽ ابوجھلن جي لسٽ وڏي آهي. مون کي هيٺيون شعر ڏاڍو وڻندو آهي:
وٺي جنم هر هر وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو.
منصور، مخدوم بلاول، سرمد ۽ شاهه عنايت وغيرھ شھيدن جو ڪٽنب ايڏو وڏو آهي جو ڪنھن جا نالا وٺي ڪنھن جا وٺان.
سرمد ۽ قاضي عبدالقويءَ وٽ ٿيل گفتگوءَ دوران فارسي شعر، اعظم خان ۽ مولوين جي سوالن جي جواب ۾ شاهه عنايت جا فارسي شعر به پڙهڻ وٽان آهن. مون دوستن کي وڌيڪ ٻڌايو ته؛ شھيد جي فڪر جو سلسلو سڄي سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي فتحپور ۾ وڏي گادي رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه جي آهي. ذڪر ۽ فڪر سان گڏ، راڳ رنگ آهي، پر اصل اعلان جنگ نه آهي.[1]
جهوڪ شريف ڏانھن هلندي، شاهه ڪريم جي روضي تي پري کان ستارن جي جهرمر ۽ ڊيڪوريشن وارا بلب ڏسندي، اڳتي وڌياسين. تقريبن ۲ بجي، جهوڪ شريف شھر ۾، شھيد جي ميڙي جي حدن ۾ پھتاسين.
اوچتو نئون ديري جي غلام الرسول سيال تي نظر پئي. مون کي خبر آهي؛ سيال صاحب پراڻو پانڌيئڙو آهي. نئون ديرو ٽيڪنيڪل ڪاليج جو پرنسپل آهي. ساڻس مليس. روايتي سنڌي تھذيب موجب آڌرڀاءُ ڪيائين. جيتوڻيڪ نئون ديرو ۾ رهندي، اسان هڪٻئي جي ويجهو نه آهيون. ننگر وغيره جي صلاح پڻ ڪيائين.
ڪافي دير ٿي وئي هئي. ڪٿي ڪٿي راڳ رنگ هلي رهيو هو، نه ته هر هڪ آرامي هيو. ڪکائين اوطاق کي ٻاري سڏين. ٻاهران فاتحه پڙهي، راڳ وارين ٻارين تي آياسون. فقرائي ڪلام سڪون ڏنو. ڪلاڪ سوا ائين گذاريوسين. سيال صاحب هڪ ٻاريءَ تي آڻي، سوڙيون وغيره ڏنيون. قبلي جو طرف پڇي، پير ڊگهيري سمھي رهياسون. ڌرتيءَ تي سمھڻ جو به عجيب تجربو آهي. مان ننڍي هوندي کان ٻه وهاڻا مٿن کان رکندو آهيان. هت ته هڪ به ڪو نه هو، تنھنڪري بيچينيءَ منجھان ڪڏهن مٿي کي ٻانھن پيو ڏيان ته ڪڏهن اُٿي پيو ويھان. هڪ فقير پانڌيئڙي کي رحم اچي ويو. هُن ڀرت ڀريل وهاڻو مون کي ڏنو. مان اکين ئي اکين ۾ هُن جو ٿورو مڃيو. ننڊ ڪو نه آئي. آذانن کان پوءِ اُٿي، جهنگ جي خيال سان ٻنين ڏانھن هليو ويس. اُتي پاڻي به هيو. واپس اچي سنگت کي اٿاريم ۽ کين به، ٺھيل موريزن استعمال ڪرڻ بجاءِ، ٻاهر جھنگ وڃڻ لاءِ ڏس ڏنم. اٺين بجي تائين تيار ٿي، بزرگن جي روضي تي وڃي دُعائون گُهريوسين. ڪن دوستن ڪلام الله جي تلاوت ڪئي. اللهﷻ کان سنڌ ۽ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ دُعائون گهريوسين.
ٻاهر نڪتاسين ته شوخ رنگن ۾ ملبوس فئملي نظر آئي. عورتون ۽ ٻار هئا. لڳي پيو؛ اُهي اتي جا ئي هيا. وڻ وڻ جي ڪاٺين ۽ فقيرن کي ڏسندا، ساڳئي ماڳ تي پھتاسون. سيال صاحب لاءِ نياپو ڇڏي، واپس ٿياسين.
مان ۽ عبدالخالق اڳ ۾ به پيرين پنڌ آيا آهيون. چند فقيرن کان سواءِ، ويراني هُئي. هڪ فقير ته اسان سان ڏاڍي بي مروت نموني سان پيش آيو هو. پر صبر ڪري هر شيءِ سھي ويا هئاسين. هاڻي بَـرَ ۾ بازاريون ڏسي، اللهﷻ جي ڪاريگري ۽ حڪمت کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. سؤ کن رهائشي ٻاريون، هنڌ هنڌ راڳ رنگ، بازارون ۽ رونقون ڏسڻ وٽان هيون. وڌيڪ کُليل اظھار، منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي.
لاڙڪاڻو ڇڏيندي، مون سوچيو هو ته؛ واپس سجاول کان ٿيندو ٺٽي اچبو ۽ اتان واپس حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه پھچبو. دوستن چيو ته؛ شاهه ڪريم جي روضي تي فاتحه پڙهبي. سو اُتي پھچي دعائون گهريوسين.
مظلومن جا نسل به مظلوم ٿيندا آهن. اڳئين دفعي عبدالخالق ۽ مون کي هڪ اجنبيءَ زور ڀري چانھه پياري هئي. ڪاٺين ۽ پترن مان شيدين جي گهرن جا ٻار ۽ عورتون، اسان کي ڏسي رهيا هيا. ٻارن ۽ مردن سان، مان ائين ڳالھائي رهيو هيس ڄڻ منھنجا مائٽ هجن. مان هنن لاءِ اجنبي هئس پر هو منھنجا سائين هئا.
هنن جا وڏا آفريقا مان ائين قيدي ۽ غلام بڻجي آيا هوندا، جيئن هتان يوناني، عرب، ايراني ۽ افغاني وغيره سنڌين کي قيد ڪري ويا هوندا. عالمِ عرب ۾ ته غلام سنڌين، فقه ۽ حديث ۾ نالو ڪڍيو. زط يعني جتن جو ذڪر به عام ملي ٿو.
شيدي صدين گذرڻ کان پوءِ به پورهيت آهن. مون هنن مان ڪو زميندار يا رئيس نه ڏٺو آهي. جيڪي ڌاريا اسان لاءِ آقا بڻيا آهن، انھن لاءِ مون وٽ نفرت آهي. مان هنن کي وڏي سڏ، ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته، مان توهان کي لٽيرن ۽ وحشين جي ستن پيڙهين کان سُڃاڻان. جيڪي پنھنجي ثقافت، زمين، تاريخ ۽ ادب سان دغا ڪندا آهن، اُهي ڪنھن سان به وفا نه ڪندا آهن. هو انسانيت جا رت پيئاڪ آهن. هو کلم کلا، رب جا نافرمان ۽ ظالم آهن.
شاهه ڪريم جي روضي تي پھچي، فاتحه پڙهيسين. فوٽو ڪڍيا ۽ واپس ٿياسين. دوستن کي شاهه ڪريم جي سوانح ٻڌايم. سنڌ جي تصوف جي بزرگن ۾، سندس مقام تمام وڏو آهي. ۱۵۳۵ع ۾ مٽيارن ۾ ڄائو. پنھنجي ڀاءُ سان لڏي اچي، بلڙيءَ ۾ ويٺو. ٻني ٻارو ڪندو هو. صابرين، محنتي ۽ الله لوڪ هيو. مخدوم نوحؒ جو صحبتي هيو. سندن وڏا، شريعت جا صاحب، سماع ۽ وجد جي طريقي سان، ايراني صوفين وانگر هئا. ۸۶ سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. شاهه عبداللطيف، مٿن مقبرو جوڙايو. ڪجهه شعر، سندن شاعريءَ مان لکان ٿو:
مون ٻئا دَر گهڻا نھارئا، آهين تون هي تون.....
*
نـيـھـه نـيـاپـي نـه ٿـئـي، سَـڌيـن سـيـڻ نـه هُـوَن،
ڪارين راتين رَت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون.
*
پـيـريـن پـاڻ وڃـاءِ، پـاڻ وڃــائي لـھ،
تُھا ڌار نه سپرين، مُھه منجهين پاءِ.
*
صورت ليکي هت، معنى ليکي مارئين،
عمـر مـون جـي چـت، اوطـاقـون ٿــرن ۾.
*
ٽنڊو محمد خان پھچي ناشتو ڪيوسين. حيدرآباد ۾، سنگت کي سنڌ ميوزم گهمايو. عبدالخالق کي چيم ته؛ لساني هنگامن ۾ حيدرآباد جو قلعو گهمڻ آيا هئاسين. اُتي سنڌ ميوزم کي شر پسندن باهه ڏني هئي. سڄي قلعي ۾ شھيد هوش محمد جي قبر ڳولي هئيسين، پر اُها نه ملڻي هئي سا نه ملي. اتان مايوس ٿي موٽي آيا هئاسين. عبدالخالق کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. آهُن ۽ دانھن کي، سمجهي نه سگهيو ڪو ئي.
سا قوم ٿي زنده رهي، جا ياد ماضيءَ کي حال سان گڏي، تاريخ سازي ٿي ڪري.
غلام شاهه ڪلھوڙي جي حيدرآباد کي الوداع چئي، ڀٽ شاهه تي پھتاسين. تازو ميلو ختم ٿيو هو. جلدي وضوع ڪري دُعا گهري، راڳ ۾ اچي شريڪ ٿياسين.
ڪراڙ ڍنڍ ۽ اياز جي بُٺيءَ بابت، دوستن کي ٻڌائيندي اچي نيشنل هاءِ وي تي رسياسين. هالا مان ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪرڻو هو، پر گهڻو وقت گذرڻ ڪري سفر جاري رکيوسين. اتر سنڌ ۾ اٺين بجي کان پوءِ، جهنگ وارن جو قانون آهي. پوليس ۽ رينجرس، ڏينھن جي روشنيءَ ۾ عام ماڻھن لاءِ آهن. هندستان تي اشوڪ اعظم جي دور حڪومت ۾ هت هڪ يوناني سياح آيو هو. هُن سنڌ لاءِ لکيو آهي ته ”هتي ڏوهه ٿيندا آهن.“ سواءِ پلاند ۾ خون وغيره جي. اهو (ق. م) جو قصو آهي.
۳ بجي، مورو باءِ پاس جي هوٽل تي، مزي واري ماني کاڌيسين. پُرسڪون هوٽل ۽ سھڻ جوڳو بل آيو.
مورو-دادو پل تي پھتاسين ته منھنجو خيال سکر جي پلين ڏانھن هليو ويو. ياد پيو ته هيمون ڪالاڻي، يعقوب بسڪيٽ فيڪٽريءَ جي ڀرسان ريلوي پٽڙي اکيڙي هئي. کيس سکر جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي. هُن جو اسٽيچو/بت، دهليءَ جي پارليامينٽ ۾ لڳل آهي. مان سوچيو ته؛ ڪو موقعو ملي ته دهليءَ ويندس، اُتي آزادي پسندن جو يادگار ڏسندس. منھنجي اندر واري انسان چيو؛ اسلام ۾ بت پرستي حرام آهي. مان چپ ٿي ويس. دير سان ياد پيو؛ ڇا خدا آباد واري مسجد، شھيد ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ۽ لال مسجد تي حملو ڪرڻ، عين اسلام آهي؟ مان دهليءَ ضرور ويندس.
اٺين بجي لاڙڪاڻي چانڊڪا پُل ٽپي، المنصور هوٽل تي آياسين. هٿ منھن ڌوئي، چانھه وغيره وٺي، تازا توانا ٿياسين. نائين بجي گهر پھچي، خير وعافيت بابت فونون ڪيم ۽ ٽيپ هلائي ٻڌان ٿو:
الله هو، الله هو، الله هو، الله هو.....


[1] نوٽ: ڪجهه سال ۽ شعر وغيره ڪتابن تان ڏسي لکيا آهن، وڌيڪ پڙهندڙ تحفة الڪرام، نئين زندگي، مھراڻ ۽ شھيد تي جامع ڪتاب جيڪو حسين بادشاهه سھيڙيو آهي، اهو مطالعو ڪن.

No comments:

Post a Comment