Sunday, November 25, 2012

نيويارڪ، نسوار ۽ خوشبودار پان - آڪاش سنتورائي


نيويارڪ، نسوار ۽ خوشبودار پان
آڪاش سنتورائي
جيتوڻيڪ انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊرشپ پروگرام جي تحت ايڪنامڪ جرنلزم اسٽڊي ٽوئر ۾ شامل اسان جي 9 پاڪستاني صحافين کي لوئيسوِل مان سڌو نيويارڪ وڃڻو هو ۽ اهو اٽڪل سوا 2 ڪلاڪ جو هوائي سفر هو، پر سڌي فلائيٽ نه ملڻ سبب اسان لاءِ ايٽلانٽا جي رستي نيويارڪ جي فلائيٽ بڪنگ هئي، ان لاءِ ائين چئجي ته حيدرآباد کان ڪراچي وڃڻ لاءِ وايا ٺٽي وڃجي، مطلب ته اسان جو اهو هوائي سفر هاڻي سوا ٻن ڪلاڪن بدران 5 ڪلاڪن جو ٿي ويو. آمريڪا جي سڀ کان وڏي پرائيويٽ هوائي سروس ڊيلٽا ايئرلائين ذريعي اسان جي فلائيٽ جڏهن ايٽلانٽا ايئر پورٽ ڏانهن لينڊنگ شروع ڪئي ته ان دوران فلائيٽ ٻن موقعن تي اسان سمورن مسافرن جا ساهه مٿي چاڙهي ڇڏيا، مسافرن ۾ دانهون پئجي ويون، انهي هڪ هڪ سيڪنڊ جي “پاڪيٽ” لينڊنگ دوران سمورن جو ساهه مٺ ۾ وجهي ڇڏيو. بهرحال خيريت سان جهاز ايٽلانٽا ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي، پر مسافرن کي پهتل انهي تڪليف تي اڏام جي پائيليٽ کي ذري برابر به احساس نه ٿيو ته ڪو هو ان بابت وضاحت ڪري. ان کان اسان جي پي آءِ اي جا پائليٽ چڱا آهن، جيڪي اڏام دوران ٿورو به توازن هيٺ مٿي ٿيڻ سان ئي يا ان کان اڳ وضاحت ڪري ڇڏيندا آهن. موسم جي خرابي سبب اڏام ناهموار ٿي سگهي ٿي.


ايٽلانٽا ايئرپورٽ تي هڪ ڪلاڪ ترسڻ بعد وري ڊيلٽا ايئرلائين جي ٻي فلائيٽ ۾ سوار ٿياسين، اتفاق سان انهي فلائيٽ ۾ به نيويارڪ ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران ساڳيا جهڪٽا ڏنا، ايستائين جو منهنجي سيٽ جي ڀرسان ويٺل هڪ انگريز ناري ته اُڀي ٿي دانهون ڪرڻ لڳي ۽ ايئر هوسٽس جيڪا ان وقت اسان جي سيٽ ڀرسان ئي سافٽ ڊرنڪ، بيئر ۽ ريفريشمينٽ ڏئي رهي هئي، اها اتي ئي ويهي رهي. اهو جهٽڪو به ڪو هڪ سيڪنڊ جو هو، ان کانپوءِ نيويارڪ ۾ لينڊنگ لاءِ ڊيلٽا ايئرلائين جو پنهنجو ٽرمينل هو، جهاز جنهن ٽائيم لينڊنگ ڪري رهيو هو ان وقت ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ اهو سمنڊ ۾ ئي لهندو، ڇاڪاڻ ته هيٺ اسان کي پاڻي ئي پاڻي نظر آيو، ايستائين جو جهاز جا ٽائر به کلي ويا ۽ بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي ئي جهاز لينڊ ڪيو. بهرحال انهي منظر ۾ خوف سان گڏ ايڊوينچر به هو.
نيويارڪ ۾ اسان جي رهائش شهر جي پوش ايريا مين هنٽن ۾ “بيڪن هوٽل” ۾ هئي، حسب معمول اسان هوٽل تي پنهنجو سامان ڇڏڻ ۽ فريش ٿيڻ بعد کاڌي پيتي جاهنڌ ڳولڻ نڪتاسين. 3 ڄڻا هوٽل جي اتر طرف ويا ته وري 4 ڄڻا ٻئي طرف، بهرحال اسان کي هوٽل جي ويجهو ئي هڪ مصري عرب جو گاڏو هٿ چڙهي ويو، جنهن وٽ لنچ توڙي ڊنر اسان جي پسند مطابق هئي، پوءِ ته اسان جي ٽولي جا 4 ڄڻا فريال نجيب، پير ولايت شاهه، رياض خان دائود زئي ۽ آئون انهي مصري عرب جا پڪا گراهڪ ٿي وياسين. نيويارڪ ۾ وڃڻ شرط ئي ناليواري صحافي حسن مجتبيٰ کي فون ڪيم ۽ کيس ٻئي ڏينهن شام جو ملڻ لاءِ چيم ۽ هن به واعدو ڪيو ته آئون توهان جي هوٽل تي ايندس.
نيويارڪ ۾ اسان جي پهرين اسٽڊي وزٽ آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي ايڊيٽر سان گڏجاڻي هئي. ٻئي ڏينهن نيوز ڪارپوريشن جي شام وڏي بلڊنگ جي نائين فلور تي پهتاسين، جتي وال اسٽريٽ جي ايڊيٽر بدران ايڊيٽوريل پيج جي ڊپٽي ايڊيٽر بريٽ اسٽيفن سان ملاقات ٿي. ساڻن گڏ هڪ ڇوڪري ويٺل هئي، جنهن بابت منهنجو اڳ ۾ خيال هو ته اها ڪا ڀارتي آهي، پر بعد ۾ جڏهن گڏجاڻي جي شروعات ۾ تعارف جو سلسلو شروع ٿيو ته هُن ڇوڪري پنهنجو تعارف ميرا سيٺي طور ڪرايو ته لاهور مان آيل جرمن ريڊيو جي رپورٽر تنوير شهزاد يڪدم سوال ڪيو ته توهان جو نجم سيٺي خاندان سان ڪو تعلق آهي ته ڇوڪري يڪدم وراڻيو ته “ها اهي منهنجا والد آهن”. نجم سيٺي جي ڌيءَ ميرا سيٺي وال اسٽريٽ جرنل جي بُڪس (Books) سيڪشن ۾ ڪم ڪري ٿي. انهي گڏجاڻي ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ اليڪٽرانڪ ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ ميڊيا اچڻ بعد آمريڪا جي پرنٽ ميڊيا بحران جو شڪار آهي، پر وال اسٽريٽ جرنل تي ان جا ناڪاري اثر نه پيا آهن ۽ سرڪيوليشن گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. انهي گڏجاڻي ۾ ميرا سيٺي ۽ اسان جي وچ ۾ پاڪستان جي سياست ۽ ميڊيا بابت چڱو بحث ٿيو. اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي گڏجاڻي بعد اسان آمريڪي پرڏيهي وزارت جي آفيس وياسين. ان ڏينهن شهر ۾ هلڪي هلڪي برسات به وسي رهي هئي، پرڏيهي وزارت جي پاڪستان ۽ افغانستان بابت آفيس ۾ ايڪنامڪ ڊولپمينٽ ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ بابت صلاحڪار جيمز شيملن سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا اقتصادي لاڳاپن کي خصوصي طور فوڪس ڪيو ويو. شام جو 6 وڳي هوٽل تي حسن مجبتيٰ به ملڻ آيو، اسان جي گروپ ۾ شامل وائيس آف آمريڪا جي اسلام آباد جي نمائندي پير ولايت شاهه سان جڏهن مون لوئيسوِل ۾ حسن مجبتيٰ سان ملڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو مون کي حسن مجبتيٰ سان ملڻ جو وڏو شوق آهي، مهرباني ڪري منهنجي به ملاقات ڪرائجان. سو حسن مجبتيٰ اسان جي رهائش واري هوٽل جي لابي ۾ پهچندي ئي رسيپشن تان منهنجي روم تي فون ڪيو، پوءِ مون وري پير ولايت شاهه کي فون ڪيو ۽ پوءِ هيٺ لابي ۾ آيس.
حسن مجبتيٰ ڏاڍو گرم-جوشيءَ سان مليو، تيستائين پير ولايت به اچي ويو، پوءِ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين اتي ڪچهري ڪئيسين ۽ حسن مجبتيٰ سان وري ٻئي ڏينهن شام جو ملڻ جو پروگرام ٺاهي موڪلايو. رات جو اسان جي گروپ ۾ شامل اسماعيل دلاور خان سان سندس نيويارڪ ۾ رهندڙ ڪو مائٽ ملڻ آيو، جيڪو سندس لاءِ افطاري به کڻي آيو هو. اسماعيل مون کي ڪمري ۾ فون ڪري گهرايو ۽ پنهنجي مائٽ سان ملرايو. اسماعيل دلاور جي انهي مائٽ هڪ انگريزياڻي سان شادي ڪئي آهي، اٽڪل 22 سالن کان نيويارڪ ۾ رهي ٿو، ڪچهري ڪرڻ بعد هن اسان کي چيو ته هلو توهان کي پاڪستاني علائقو گهمايان. پوءِ رات جو اٽڪل 12 وڳي اسان هوٽل تان لٿاسين ۽ سڌو زير زمين هلندڙ تيز رفتار ٽرين ميٽرو جي ڀرواري ٽرمينل ۾ هيٺ لٿاسين. نيويارڪ ۾ هلندڙ انهي تاريخي ميٽرو ٽرين بابت اڳ ته ڪافي پڙهيو ۽ ٻڌو هئوسين، پر جڏهن ٽرمينل هيٺ لٿاسين ته واقعي به انهي نظام بابت اچرج ضرور ٿيو. اسان وٽ پاڪستان ۾ 64 سالن تائين ڪا نئين ريلوي لائين ته نه وڇائي وئي، پر انگريزن جي ٺاهيل ريلوي نظام کي به سنڀالي نه سگهيا آهيون. بهرحال اسان ميٽرو ذريعي شهر جي بروڪلين واري علائقي جي ٽرمينل تي لهي مٿي وياسين. ٿورو پنڌ اڳتي هلڻ بعد مون کي ائين لڳو ته ڄڻ آئون لاهور جي لبرٽي مارڪيٽ واري علائقي ۾ آيو هجان،. اتي سمورا دُڪان، ريسٽورنٽ ۽ اسپتالون پاڪستانين جون هيون. اتي اسپتالن ۽ دڪانن ٻاهران لڳل بورڊ اردو ۾ لکيل هئا ۽ روڊ تي پنجابي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت نظر آئي. اسماعيل دلاور جي مائٽ چيو ته هلو توهان کي “دوڌ پتي” چانهه پياريان. سو هو اسان کي هڪ هوٽل اندر وٺي ويو، جيڪا لاهور جي رهواسي جي هئي. ان هوٽل جي ٻاهران ڪراچي جي علائقي لياري جو رهواسي مِٺا ۽ خوشبودار پان وڪڻي رهيو هو. اٽڪل 70 سال ڄمار رکندڙ انهي جهوني ٻڌايو ته واجا ڪريم داد سندس دوست هو. (ان ڏينهن ڪراچي ۾ پ پ جي اڳواڻي ايم اين اي واجا ڪريم داد کي قتل ڪيو ويو هو) هن اسان کي پان کائڻ جي صلاح به ڪئي، پر پوءِ اسان پٺاڻن جي علائقي خيبر سوسائٽي وياسين، جتي خوشبودار پان وانگر خوشبودار نسوار جون ڪئبنون هُيون. رات جو اٽڪل اڍائي وڳي ڌاري ميٽرو ذريعي واپس هوٽل پهتاسين. ڪراچي وانگر نيويارڪ شهر به سڄي رات جاڳي ٿو، ميٽرو جي 24 ڪلاڪ سروس آهي.
ٻئي ڏينهن اسان جي گروپ جو گڏيل قومن جي هيڊ ڪواٽر ۽ اسٽيچو آف لبرٽي جو دورو رٿيل هو. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اسان جي گروپ لاءِ هڪ ڏينهن لاءِ خصوصي طور ميڊيا پاسون جاري ڪيون ويون، جيڪي سووينئر طور اسان کي ڏنيون ويون. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ٻاهران پهچندي ئي اسان فوٽوگرافي شروع ڪئي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ اسان عام طور گهمڻ ايندڙن لاءِ ٺهيل ڪائونٽر بدران خصوصي ڪائونٽر ذريعي اندر داخل ٿياسين جنهن بعد اسان کي سيڪيورٽي ڪائونسل هال، جنرل اسيمبلي هال، وزيٽرز گيلري جو وزٽ ڪرايو ويو. ان کانپوءِ اسان هڪ ڊگهو ڦيرو کائي خوبصورت نديءَ جو نظارو پسندي گڏيل قومن جي خصوصي ڪينٽين پهتاسين ۽ مانجهاندو ڪيوسين ۽ ان جي رقم ادا ڪئيسين. ان کانپوءِ سڌو اسٽيچو آف لبرٽي گهمڻ وياسين، اهو ٽوئر به اسان لاءِ مفت ڪيو ويو هو. عام طور تي ان جو ٽڪيٽ 80 ڊالر جو  آهي. هڪ وڏي ڪروز ٻيڙي ذريعي اٽڪل 15 منٽن جو سفر طئي ڪرڻ بعد آمريڪا جي نشاني اسٽيچو آف لبرٽي واري ٻيٽ تي لٿاسين. اتي ڪجهه ريفريشمينٽ ڪرڻ بعد انهيءَ قدآور مجسمي جي بلڊنگ جو اندريون حصو گهمڻ بعد مٿي وياسين. جيتوڻيڪ مون پنهنجي آمريڪا جي سفر جي هر لمحي کي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪيو آهي پر هتي مون ڪجهه وڌيڪ فوٽوگرافي ڪئي. پوءِ هيٺ لهي مجسمي جي سامهون واري هنڌ خصوصي فوٽوگرافي لاءِ گڏ ٿياسين. گروپ فوٽو ڪڍرائڻ بعد واپس ڪروز ٻيڙي ڏانهن وياسين جتان وري اسان کي هڪ ٻئي ٻيٽ تي وڃڻو هو جتي آمريڪي اميگريشن ميوزيم ٺهيل هو. اتي منجهند جي ماني به کاڌيسين ۽ پوءِ واپس ورياسين. واپسيءَ تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهه ٿيل هنڌ گرائونڊ زيرو پهتاسين جتي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي.
واعدي مطابق شام جو حسن مجتبيٰ به هوٽل پهتو. ٿوري دير حال احوال ڪرڻ بعد چيائين ته؛ اڄ رات 8 وڳي هڪ دوست آرٽسٽ جي تصويرن جي نمائش رکيل آهي. شوق هجي ته هلون. مون چيم ته؛ اهڙا موقعا ته آئون ڳوليندو وتان. بهرحال وري ميٽرو ذريعي تصويري نمائش واري هنڌ پهتاسين. پير ولايت شاهه به اسان سان گڏ هو. لاهور ڄائي آرٽسٽ ۽ فلمساز ممتاز احمد اسان جو استقبال ڪيو. ممتاز احمد جي تصويري نمائش ڏسڻ لاءِ ايندڙن جي به رش هئي. خاص ڪري پاڪستاني ۽ ڀارتي شهرين سان گڏوگڏ انگريز به گهڻي دلچسپي وٺي رهيا هئا. انهيءَ نمائش ۾ ممتاز احمد سنڌو جي تهذيب کي جديد 3D ٽيڪنالاجي ذريعي ڏيکاري رهيو هو. ممتاز احمد سان گڏ فوٽوگرافي به ڪئي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اسان ممتاز احمد کان موڪلائي نڪتاسين. پوءِ رات نيويارڪ جا رستا، حسن مجتبيٰ ۽ اسان. واشنگٽن اسڪوائر کان وٺي ٽائيمز اسڪوائر تائين، اسان پنڌ کي خوب انجواءِ ڪيو. هلڪي هلڪي برسات ۽ ٽائيمز اسڪوائر جي رش ۽ حسن مجتبيٰ جي ڪچهريءَ جو سنگم يادگار هو. ان رات به اٽڪل اڍائي وڳي ڌاري ميٽرو ذريعي واپس هوٽل پهتاسين. ٻئي ڏينهن اسان جي آمريڪي دوري جو آخري ڏينهن هو. اسان جي گروپ مان 2 ڄڻا اتي ئي وڌيڪ ڏينهن لاءِ ترسڻا هئا. ڪراچيءَ لاءِ مون ۽ دي نيوز جي بزنيس ايڊيٽر عامر ضياءُ جي فلائيٽ رات جو 12 وڳي هئي، جيڪا دوها رستي هئي. جڏهن لاهور جي دوستن جي فلائيٽ لنڊن رستي ۽ منجهند جو هئي. سو حسن مجتبيٰ آخري ڏينهن به صبح 11 وڳي اسان جي هوٽل پهتو. ان وقت آئون ۽ فريال نجيب موجود هئاسين پوءِ پنڌ نڪري پياسين. ڪجهه بڪ اسٽالن تان ڪتاب خريد ڪياسين. پوءِ سينٽرل پارڪ وياسين. واپسي تي برياني کاڌي ۽ ڪافي پيتي. مون شام جو ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ شٽل بڪ ڪرائي هئي، عامر ضياءَ پنهنجي دوستن وٽ ويل هو، هوٽل ۾ گروپ مان منهنجي آخري روانگي هئي، شٽل ٺيڪ ٽائيم تي پهتي، ڊرائيور منهنجو سامان ڪيبن ۾ رکيو ۽ اڳ واري سيٽ تي ويهڻ جو چيو، سيٽ تي ويهندي پويان نظر گهمايم ته ٻه عورتون ويٺل هيون. اتان کان شٽل وري ٻي هوٽل تان مسافر کنيا ۽ ايئرپورٽ طرف روانا ٿياسين. نيويارڪ ۾ به ڪراچي وانگر ٽرئفڪ جام ٿيڻ جو آزار رهي ٿو، سو ڪجهه وقت اسان کي ڀوڳڻو پيو ۽ پوءِ ڊرائيور رستو بدلايو. رستي ۾ ڊرائيور موبائيل فون تي پنهنجي زال کي اردوءَ ۾ چيو ته “ٻار کي دوا ڏني اٿئي يا نه؟” ته منهنجو ڌيان يڪدم ان طرف ويو. جڏهن هن پنهنجي زال سان ڳالهه ٻولهه بند ڪئي ته مون به اردو ۾ پڇيو ته ڇا توهان پاڪستاني آهيو؟ ته هن هاڪار ۾ جواب ڏيندي چيو ته آئون ڪراچي جو آهيان، ان تي مون به فخر سان چيو ته يار آئون حيدرآباد جو آهيان، پوءِ ته اسان جي ڪچهري شروع ٿي وئي. هن ٻڌايو ته هو لالوکيت جو رهندڙ هو ۽ ايم ڪيو ايم جو سيڪٽر انچارج به رهيو، پر گذريل 15 سالن کان نيويارڪ ۾ رهي ٿو. هن پاڪستان جي سمورن سياستدانن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته اهي اسان جي قوم کي ويڙهائي ۽ مارائي رهيا آهن، هتي اچي مون کي خبر پئي آهي ته مون کان به ڪافي غلطيون ٿيون، ڇاڪاڻ ته هتي خبر پئي ته سڀ انسان ۽ سڀ قومون برابر آهن. بهرحال پاڪستان جي سياست تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ به اچي ويو. آئون اتي پهچڻ بعد وري ايئرپورٽ جي مختلف ٽرمينلز لاءِ هلندڙ شٽل ٽرين تي چڙهيس، جيڪا به ٻئي فلور تي هلي ٿي. مون کي ٽرمينل 8 تي پهچڻو هو، اتي پهچڻ بعد بورڊنگ پاس وٺي سيڪيورٽي چيڪ ان مان ٿي، سڌو گيٽ نمبر15 تي پهتس. ٿوري دير کانپوءِ عامر ضياءُ به پهتو ۽ آخرڪار قطر ايئر لائين جي فلائيٽ ذريعي نيويارڪ مان دوها لاءِ روانا ٿياسين. اٽڪل 12 ڪلاڪ جو مسلسل هوائي سفر کٽڻ جو نالو نه پيو وٺي. ان دوران مون سيٽ جي سامهون لڳل ويڊيو تي 2 ڀارتي فلمون به ڏٺيون پر ان ۾ صرف 4 ڪلاڪ گذريا، جهاز ۾ منهنجي ڀر واريون ٻئي سيٽون خالي پيل هيون، اٽڪل اڌ سفر کانپوءِ جينز ۽ ٽي شرٽ پاتل هڪ ڀارتي ڇوڪري مون وٽ آئي ۽ ڀر واري سيٽ تي ويهڻ جي اجازت گهري ته مون به ها ڪئي. هن ويهندي ئي ايئر هوسٽس کي شراب کڻي آڻڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ هو به ميوزڪ ٻڌندي رهي ۽ شراب پيئندي رهي ۽ ان دوران هر هر پنهنجي اڳ واري سيٽ ڏانهن ڏسندي رهي. مون کي لڳو ته ان سيٽ جي ڀرسان سندس والدين ويٺل هئا جن کان لڪي شراب پيئڻ لاءِ اها سيٽ ڇڏي پويان آئي هئي. بهرحال شراب پيئڻ بعد ڏاڍي ننڊ ڪئي ۽ اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ واپس پنهنجي سيٽ ڏانهن هلي وئي. ان  دوران مون وري اي آر رحمان، لتا، مڪيش، رفيع جا گيت ۽ جگجيت جا غزل ٻڌڻ شروع ڪيا. اهي گانا ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيس پر سفر نه پيو کٽي. هر هر اسڪرين تي ٽائيم به ڏسندو وڃان. ڪجهه گهڙين لاءِ جهوٽن ۾ ننڊ آئي پوءِ ته بس لتا ۽ مڪيش جو گيت “ڦول تمهين ڀيجا هي خط ۾، ڦول نهين ميرا دل هي” بار بار رپيٽ ڪري ٻڌندو رهيس. آخرڪار 12 ڪلاڪ جو سفر پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويس. ايئر هوسٽس ڪمبل، هينڊ فري ۽ ٻيو سامان واپس وٺڻ شروع ڪيو ۽ آخر اسان دوها ايئرپورٽ تي لٿاسين. دوها ۾ وري ڪراچي لاءِ فلائيٽ 5 ڪلاڪن جي وقفي بعد هئي، هاڻي اهي 5 ڪلاڪ ڪيئن گذرن. ايئرپورٽ اندر گهميم، ڊيوٽي فري شاپ تي موجود هڪ هڪ شيءِ ڏٺم، وکون آهستي آهستي کنيم پر 5 ڪلاڪ ڏکيا ٿي پيا، پوءِ ڪينٽين تي وڃي ويٺس، اسٽيرلنگ برگر کاڌم، پوءِ به اڃا 3 ڪلاڪ گذريا هيا. پوءِ وري هيٺ اچي ڊيوٽي فري شاپ تان ڪجهه خريداري ڪيم ۽ آخرڪار ڪراچي فلائيٽ لاءِ چيڪ اِن شروع ٿيو ۽ اڍائي ڪلاڪن بعد صبح 5 وڳي ڪراچي جي قائداعظم ايئرپورٽ تي لٿاسين.

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete