Sunday, November 25, 2012

دهليءَ ۾ خواجه نظام الدين جي مزار تي - يوسف سنڌي


دهليءَ ۾ خواجه نظام الدين جي مزار تي
يوسف سنڌي
آئون جڏهن دهليءَ جي لاءِ اُسهيس ته دل ۾ اها خواهش هئي ته موقعو مليو ته حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ ضرور ويندس. خواجه صاحب جي لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام جو جذبو هو. ان عقيدت ۽ احترام جي پويان ڪا وڏي ڪهاڻي ڪونهي. بس، شايد الله وارا مون جهڙن بڇڙن بندن کي پنهنجي نظر ڪرم سبب پاڻ ڏانهن ائين ڇڪيندا آهن، جيئن لوهه کي چقمق ڇڪيندو آهي.


اهو شايد ڊسمبر 2006ع جو ڪو ڏينهن هو، هڪ ڏينهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نصير مرزا وٽ ويٺو هوس، جو ڳالهين ڪندي هڪ ڪتاب “نظامي بئنسري” جو ذڪر ڪيائين، جيڪو ان مهل وٽس موجود به هو. ٻڌايائين ته کيس اهو ڪتاب دهليءَ مان ‘لڇمڻ ڪومل’ سندس خواهش تي وٺي موڪليو آهي. نصير مرزا اِن ڪتاب جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ چيائين، “جيتوڻيڪ مان اهل تشيعت سان واسطو ٿو رکان، پر هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ منهنجي دل ۾ خواجه نظام الدين اولياءَ لاءِ وڏي عقيدت آهي.”
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ‘پريس ڪلب حيدرآباد’ ۾ لڳل “ڪتابي ميڙي” ۾ ڪتاب ڏسندي منهنجي نظر وڃي ان ڪتاب جي پاڪستاني ڇاپي تي پيئي، جيڪو لاهور جي ڪنهن اداري ڇپرايو هو. ڪتاب هڪدم خريد ڪيم ۽ ڳوٺ اچي ٿورو ٿورو ڪري پڙهڻ لڳس ۽ جيئن جيئن ڪتاب پڙهندو ويس، تيئن منهنجي دل ۾ خواجه صاحب لاءِ عقيدت جو جذبو وڌندو ويو.
اهو ڪتاب خواجه نظام الدين جي هڪ هندو مريد ‘هرديو راجڪمار’ جو لکيل آهي. ڪتاب خواجه صاحب جي سوانح ۽ ملفوظات تي ٻڌل آهي. راجڪمار هرديو دکن جي هڪ علائقي “ديوگير” جو رهاڪو هو ۽ سندس واسطو “ديوگير” جي راجائي شاهي گهراڻي سان هو ۽ هو سلطان علاؤالدين خلجي جي هڪ نائب خواجه حسن سنجريءَ جي رفاقت ۾ خواجه نظام الدين اولياءَ جي صحبت ۽ مجلس ۾ پهتو ۽ اڳتي هلي فارسيءَ ۾ “چهل روزه” جي نالي سان ڪتاب لکيائين. هن ڪتاب جو اردو ترجمو “حسن نظامي” “نظامي بئنسري” جي نالي سان ڪيو.
راجڪمار هرديو، جيڪو پوءِ خواجه نظام الدين اولياءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ سندس نالو ‘احمد اياز’ رکيو ويو ۽ کيس ‘خواجه جهان’ جو خطاب مليو. کيس گجرات جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. محمد تغلق جي وليعهدي ۾ هو ‘مير عمارت’ به رهيو. ڪن مورخن لکيو آهي ته محمد تغلق پنهنجي پيءَ سلطان غياث الدين تغلق جي بنگال مان واپسيءَ تي جنهن نئين ٺهرايل عمارت ۾ دعوت ڪئي هئي، اها ‘احمد اياز’ ئي محمد تغلق جي هدايت جي روشني ۾ ٺهرائي هئي. عمارت ڪجهه اهڙي نموني اڏي ويئي، جو جونا خان جيڪو پوءِ محمد تغلق جي نالي سان تخت تي ويٺو، بادشاهه کي تحفي طور هاٿي پيش ڪيو ته عمارت جو فرش، هاٿيءَ جو وزن سهي نه سگهيو ۽ عمارت ڊهي اچي پٽ پيئي ۽ بادشاهه پنهنجي پٽ سميت دٻجي مري ويو. خواجه جهان دهلي ۾ نائب وزير به مقرر ٿيو، نيٺ سلطان محمد تغلق کيس وزيراعظم بنايو. محمد تغلق جي لاڏاڻي کانپوءِ، فيروز شاهه تغلق جي حڪم تي کيس ساسانه (پنجاب) ۾ قتل ڪيو ويو، جڏهن فيروز شاهه جو هڪ امير کيس قتل ڪرڻ جي لاءِ آيو ته هن جلاد کي چيو، “منهنجي سسي سجدي ۾ لاهي.” پوءِ هن غسل ڪيو ۽ حضرت نظام الدين جي ڏنل ڪلاهه مٿي تي رکي، ان مٿان عمامو ٻڌائين ۽ سجدي ۾ ويو ته جلاد سندس خواهش موجب تلوار جي ڌڪ سان سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. ان وقت سندس عمر نوي سالن جي لڳ ڀڳ هئي.
ڪتاب مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ساڍا ڇهه سئو سال اڳ خواجه نظام الدين شيخ المشائخ هندي (اردو) زبان جو بنياد رکيو. ڪتاب ۾ هڪ سڄو باب “اردوءَ جو بنياد” جي عنوان سان ڏنل آهي. ليکڪ موجب خواجه صاحب اها جماعت رائج ڪرڻ جي لاءِ هندن ۽ مسلمانن جي هڪ گڏيل جماعت تيار ڪئي هئي ۽ اهو به پتو پوي ٿو ته جنهن زبان کي هينئر پاڻ “اردو” سڏيون ٿا، اها شروع ۾ “هندوي” سڏبي هئي. ڇو ته امير خسروءَ، حضرت جن جي حڪم تي “خالق باريءَ” جي نالي سان جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان ۾ “هندي” جو لفظ ڪتب آندل آهي.
امير خسرو، خواجه صاحب جو بيحد پيارو مريد هو. هن سندس حڪم تي هندوي (اردو) ۾ شاعري ڪئي. پاڻ امير خسروءَ کي اردو جو پهريون شاعر به چئي سگهون ٿا.
ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ، خواجه صاحب سان منهنجي عقيدت جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو نه رڳو پاڻ کي عوام جي ويجهو رکندا هئا، پر منجهس ڪنهن به قسم جو مذهبي تعصب، ڀيد ۽ ڀاو نه هو. پاڻ بزرگن/ صوفين جي ان سلسلي مان هئا، جن غريب طبقن کي پنهنجو ڪيو، انهن جي ڏک سک ۾ گڏ رهيا. خواجه نظام الدين هندستان تي اٺن سلطانن کي بادشاهي ڪندي ڏٺو، انهن مان ڪي ته سندس عقيدتمند هئا، ته ڪي وري سخت مخالف. انهن جي مخالفت جو سبب به اهو هو ته هو عوام ۾ ايترا ته مقبول هئا، جو کين ڊپ هوندو هو ته متان هو عوام جي مدد سان کين تخت تان لاهي ڦٽو نه ڪن.
خواجه صاحب، چشتي طريقي جي بزرگن مان هو، جنهن ۾ سماع جائز هو، هنن جي نظرن ۾ سماع خدا تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو آهي، جنهن ڳالهه تي ڪٺ ملان مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ مٿس شريعت جي ابتڙ هلڻ جون فتوائون ڏنيون. سلطان غياث الدين تغلق خواجه صاحب تي لڳايل انهن الزامن جي ڇندڇاڻ لاءِ مولوين جي هڪ ڪميشن ويهاري، جنهن ۾ پنج سئو کان به وڌيڪ مولوي شامل هئا، جيڪي هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهرايا ويا هئا. خواجه صاحب کي انهن جي اڳيان حاضر ٿيڻو پيو ۽ سوال جواب ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ خواجه صاحب مولوين کي لاجواب ڪري خاموش ڪرائي ڇڏيو ۽ سلطان غياث الدين، خواجه صاحب کي ڪا سزا ڏيئي نه سگهيو پر خواجه نظام الدين کي سزا نه ڏيڻ جو وڏو سبب اهو هو ته کيس عوام ۾ ايتري ته مقبوليت حاصل هئي، عام ماڻهوءَ جي ساڻس ايڏي ته همدردي هئي، جو وقت جا حڪمران کيس سزا ڏيڻ جي همت ساري نه سگهيا.
ڪتاب پڙهڻ ۽ خواجه نظام الدين اولياءَ سان عقيدت قائم ٿيڻ کانپوءِ مون 31 جنوري 2007ع تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو هو، “جڏهن به دهلي وڃڻ ٿيو ته خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه تي ضرور حاضري ڀريندس. پالڻهار شل منهنجي اها آس پوري ڪري.”
سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي تصور ۾ به نه هو ته ڪو ڪڏهن دهلي ويندس پر پالڻهار پنهنجون رمزون پاڻ ڄاڻي ٿو ۽ مناسب وقت تي دعائن کي قبوليت جو شرف بخشي ٿو.
اسين جڏهن “سرمد شهيد” جي مزار تان حاضري ڀري ٻاهر نڪتاسين ته امداد چيو؛ “مرزا غالب جي مزار تي هلبو.”
“حڪم ڪريو بادشاهه... واپس پاڪستان هلڻ کانسواءِ في الحال جيڏانهن دل چوي اوڏانهن هلو.”
“ڇو هاڻ هتي رهي پوڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟”
“هتي ٿا پاڻ کي رهڻ ڏين... منهنجو مقصد آهي ته لالي انوار زيب جيان واپس پاڪستان هلڻ جا دڙڪا ڏيڻ بدران جيترا ڏينهن ويزا آهي، اوترا ڏينهن ته پاڪستان هلڻ جو نالو به نه وٺو.”
“ٺيڪ آهي سائين... ٺيڪ آهي اسان هاڻ پاڪستان نه هلنداسين.”
پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته “مرزا غالب جي مزار ‘بستي خواجه نظام الدين’ ۾ خواجه صاحب جي مزار جي ڀرسان آهي. غالب اڪيڊمي به اُتي آهي. جڏهن اسين رڪشا ڪري ‘بستي خواجه نظام الدين’ ۾ خواجه صاحب جي مزار جي ٻاهران اچي لٿاسين ته منهنجي دل، منهنجو ذهن، منهنجو انگ انگ عقيدت سان سرشار هو. خواجه صاحب جي زيارت منهنجي هڪ اهڙي خواهش هئي، جيڪا اڄ پوري ٿي رهي هئي. مون هڪدم اڳيان وڌي هڪ دوڪان تان بانس جي ننڍي ڇٻيءَ ۾ گل ورتا ۽ نقل به. اسين ٽيئي ڄڻا درگاهه وڃڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳاسين. اسين هڪ ڊگهي ۽ ڪنهن حد تائين اونداهي گهٽيءَ مان لنگهي، گهٽيءَ جا ور وڪڙ اُڪري، اوچتو ئي اوچتو درگاهه جي اڱڻ ۾ اچي نڪتاسين. سامهون خواجه صاحب جي درگاهه روشنين ۾ جهرمر ڪري رهي هئي. اسان جو ڊگهي، سوڙهي ۽ اونداهي گهٽيءَ مان لنگهي اوچتو درگاهه جي اڱڻ ۾ اچڻ بيهڻ ائين لڳو، ڄڻ اسين دنيا جي اونداهيءَ مان نڪري هدايت جي روشني جي جهان ۾ پهچي ويا هجون. اها هدايت ۽ نصيحت جنهن سان خواجه صاحب ڇهه سال اڳ پنهنجي باؤلي جي ڀرسان ويهي وٽس ايندڙ هر انسان، ڪافر توڙي مومن جا من روشن ڪندو هو. خدا وارن جي هڪ ئي نظر، اندر تان ڪاراٺ لاهي، من کي اڇو اجرو ڪري، خدا ۽ ان جي مخلوق سان محبت سان سرشار ڪريو ڇڏي. خواجه نظام الدين اولياءَ جو فرمان آهي ته، “خدا هڪ آهي پر اسين ان کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيون ٿا. قرب الاهي جا بي شمار رستا آهن. بهتر اهو آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي ان کي اهو رستو اختيار ڪرڻ ڏنو وڃي. ان تائين پهچڻ جي لاءِ رستو مسجد مان به وڃي سگهي ٿو، ته ديول مان به ته بيابان جي ڪنهن ويران غار مان به. اهم ڳالهه اها ڪونهي ته ڪهڙو رستو اختيار ڪجي، پر اصل اهميت ان انداز جي آهي، جيڪو اوهين اختيار ڪريو ٿا، جيڪڏهن دل جي نگر ‘عشق’ سان آباد ڪونهي ته پوءِ اوهين جيڪو به رستو اختيار ڪندا، اهو اوهان کي گمراهين جي غفائن ڏانهن وٺي ويندو.”
درگاهه جي اڱڻ ۾ ڪافي رش هئي. ماڻهن جا هڪ ٻئي سان ڪلها پي گٺا. ان رش ۾ گوريون به هيون ته گورا به هئا، ڀورا به هئا ته ڪارا به هئا. هندستاني به هئا ته پاڪستاني به. اسين ان رش مان هلندا درگاهه جي دروازي تائين پهتاسين ۽ اندر گهڙڻ لڳاسين. درگاهه جي دروازي جي ساڄي پاسي هڪ مجاور ويٺو هو، سندس چوڌاري مريد به حلقو ٺاهيو ويٺا هئا. ٻيو همراهه بلڪل دروازي تي هڪ ٿلهو نوٽ بوڪ کنيو بيٺو هو ۽ هر ايندڙ جي اڳيان اهو وڌائي صدا ٿي هنيائين. “بابا جي درگاهه لاءِ نذرانو.” اها مجاورن جي مخلوق به عجيب آهي، جيئن مُلن جي هڪڙي مخصوص ذهنيت ٿئي ٿي، تيئن هنن پيرن، مجاورن ۽ گادي نشينن جي به. اهي اوهان کي هر هنڌ، هر درگاهه تي نظر ايندا. ڏسڻ ۾ ئي اڍنگا، ٿلها متارا، ڏنڊا مشٽنڊا. مفت هنن جي نذرانن تي مچي مواڙ ٿيل، نه ڪم نه ڪار، سڄو ڏينهن اها تاڙ ته زائرين ۽ مريدن مان ڪيئن پئسا ڪڍجن ۽ درگاهه جي نذرانن تي هٿ صاف ڪري، عيش ڪندڙ ۽ موجون ماڻيندڙ... امداد کيس سئو روپيا ڪڍي ڏنو. ان دوران اسين اڳيان وڌي وياسين.
اندر گهڙڻ سان ئي هڪ عجيب احساس ورائي ويو. هزارين ميلن کان ڪهي آيل هي بيڪار بندو، رڳو هڪ ڪتاب پڙهي، خواجه صاحب جي حق پرستي ۽ وقت جي ظالم ۽ جابر سلطانن جي اڳيان حق جو ڪلمو چوڻ ۽ عوام دوستي جهڙن گڻن سبب، سندس عقيدتمند بنجي اچي حاضر ٿيو هو پر انهن ماڻهن جو ڇا حال هوندو، جيڪي سندس محبت ۾ سرشار، سندس حياتي ۾ ئي، سندس مجلس ۾ ويهندا هوندا ۽ روبرو سندس ڳالهيون ٻڌندا هوندا. خواجه صاحب کي سلام ڪري، سندس مرقد تي گلن جي ورکا ڪري هڪ پاسي تي بيهي رهيس. درگاهه اندر ڪافي ننڍي هئي. بلڪل سادي. ٻاهران به ائين هئي بلڪل سادي. اتي گهڻي دير بيهڻ جي گنجائش نه هئي، جو زائرين اندر ڌوڪيندا پي آيا. اسان ٻين جي لاءِ جاءِ ڇڏڻ پنهنجو فرض سمجهي، دعا گهري ٻاهر نڪري آياسين ۽ سماع جي محفل ڏانهن وڌياسين، جيڪا درگاهه جي سامهون جاري هئي.
ان سماع جي  محفل ۾ ڪي بيٺا هئا ته ڪي ويٺا هئا. اتي گهڙي پل بيهي اسين امير خسروءَ جي مزار طرف روانا ٿياسين، جيڪا ڪجهه ئي وکن تي هئي. واپس ورندي در تي بيٺل ساڳئي همراهه نوٽ بوڪ کڻي اسان جي اڳيان ڪيو، “سر، اوهين ڪافي پري کان آيل ٿا ڏسجو. اوهين هن بوڪ ۾ پنهنجو نالو لکو. رات جو اسين هن بوڪ ۾ لکيل نالا “محبوب الاهي” جي بارگاهه ۾ دعا لاءِ پيش ڪندا آهيون. انشاءَ الله اوهان جي دل جون مرادون پوريون ٿينديون.”
مون بوڪ وٺي هٿ ۾ کنيو ۽ ان ۾ پنهنجو نالو ۽ مڪمل ايڊريس لکي، معنيٰ خيز مرڪ سان دوستن ڏانهن وڌايم جن ۾ ھنن پنهنجا نالا ۽ پتا لکيا. بوڪ ۾ ڪجهه نذرانو رکي، همراهه کي واپس ڪري ٻاهر نڪرڻ لڳاسين. “ائين نه سمجهو ساٿيو ته اسين ڪو نظرن ۾ ناهيون، جت ڪٿ نظرداري جي لاءِ مختلف ٻهروپن ۾ ماڻهو مقرر آهن.”
“ها بلڪل.”  ٻنهي هائوڪار ڪئي.
مون هڪ ڀيرو ٻيهر مُڙي هڪ ڀرپور نظر پهرين خواجه صاحب ۽ پوءِ امير خسرو جي مزار تي وڌي ۽ ٻنهي جي پويان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ ان سوڙهي گهٽي ۾ داخل ٿي ويس، جتان ٿوري دير اڳ لنگهي اندر گهڙيا هئاسين. ان مهل منهنجي ڪنن تي سماع جي محفل ۾ قوالي ڳائيندڙ، قوال جي امير خسرو جي شعر جون هي سٽون، هوا جي دوش تي اچي ٽڪرايون:
‘خسرو’ زتشنگي به بيابان هجر سوخت
اي آب زندگي تو بچوي ڪه مي روي؟
(خسروءَ کي ته هجر جي بيابان ۾ اُڃ ٿڪائي وڌو آهي، اي زندگي جي جر وارا پاڻي تون ڪهڙي نهر ۾ وهي رهيو آهين؟)

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete