Sunday, November 25, 2012

هل ته دهلي گهمون - يوسف سنڌي


هل ته دهلي گهمون
يوسف سنڌي
هر نئون شهر، مسافر جي لاءِ تجسس جو سبب هوندو آهي ۽ هو ان جي هر شيءِ کي تجسس ۽ شوق سان ڏسڻ لڳندو آهي، انتهائي ڌيان ۽ باريڪ بينيءَ سان ۽ نظر ايندڙ شين کي ڏسڻ سان گڏ، انهن کي نظرن ئي نظرن ۾ توريندو تڪيندو ۽ انهن تي ويچار ڪندو ويندو آهي.هر شهر پنهنجي اندر ۾ ڪئين داستان سمائي ويٺو هوندو آهي. هڪڙا اهي جيڪي لکت ۾ هوندا آهن، ٻيا اهي، جيڪي نسل در نسل سيني در سيني منتقل ٿيندا رهندا آهن. ماڻهن جيان شهرن جا به ڪردار هوندا آهن. رضا علي عابديءَ چواڻي، ”ڪهاڻي جي ڪردارن جيان خدا شهرن جا ڏينهن به ڦيري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري اهي نه به ڦيريندو آهي. شهر فقط گهرن ۽ گهٽين سان نه ٺهندا آهن پر هر گهر کي ان جا رهاڪو به گهربل هوندا آهن.“
۽ هر شهر جي پاڙي جي وري پنهنجي ڪهاڻي هوندي آهي.


ماڻهن جيان شهرن جا به مزاج هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ان شهر جي مزاج سان ٺهڪي ٿو اچي ته پوءِ هو ان ئي شهر جو بڻجي رهجي ٿو وڃي ۽ شهرن جو مزاج به موسمن جيان هوندو آهي. هنن ۾ تبديلي به ايندي آهي، موسمن جي تبديليءَ جيان ۽ ماڻهن جي مزاجن جيان هو به مختلف ڪيفيتن ۾ مبتلا ٿيندا آهن. ماڻهن جي دلين جيان سُسندا، ڦنڊندا ۽ ڏڪندا آهن ۽ پوءِ وري خوشيءَ مان ٽڙي پوندا آهن. رضا علي عابديءَ چواڻي، ”شهر به اسان جيان هوندا آهن. هو به پنهنجي قسمت پاڻ سان گڏ کڻي پيدا ٿيندا آهن.“ ۽ هر شهر ۾ وري ڪيترائي شهر سمايل هوندا آهن. افلاطون ته صديون اڳ چيو هو، ”هر شهر ۾ ٻه شهر وسن ٿا، هڪ اميرن جو شهر ۽ ٻيو غريبن جو شهر.“
دهلي به اهڙو ئي شهر آهي، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪئين شهر سمايو ويٺو آهي. دهلي پوءِ ڀلي ڪهڙي به نالي سان مشهور رهيو هجي. لال ڪوٽ، مهرولي، شهر نويا تغلق آباد- پر هن جي حيثيت سدائين شاهاڻي رهي آهي ۽ ان شاهاڻي حيثيت جي ڪري ماڻهن جا مزاج به شاهاڻا رهيا آهن.
دهلي جي شروع کان ئي وڏي اهميت رهي آهي ۽ هن شهر جي تاريخ به عجيب ۽ غريب آهي. پراچين دور ۾ هندستان جي راجائن، مهاراجائن جي گاديءَ جو هنڌ ”هتناپور“ هوندو هو، جيڪو گنگا نديءَ جي ڪناري آباد هو. جڏهن هندستان ۾ ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي وچ ۾ ”مها ڀارت شروع ٿي ۽ انهن جي گڏيل حڪمرانيءَ ۾ نفاق پيدا ٿيو ته پانڊوئن، جمنا نديءَ جي ڪناري هڪ شهر آباد ڪيو، جنهن جو نالو ”اندر بٿ“ رکيو ۽ ان کي پنهنجي راڄڌاني قرار ڏنو.
ڪجهه وقت کانپوءِ يعني 440 بڪرمي سن ۾ ”راجا آنند پال ترنول“ اندر بٿ جي ڀرسان ”دهلي“ شهر آباد ڪيو. ان کانپوءِ راجا راءِ پٿو راءِ اتي هڪ قلعو ٺهرايو ۽ شهر آباد ڪيو. قطب الدين ايبڪ ۽ سلطان شمس الدين التمش جي رهائش به هن ئي شهر ۾ هئي. سلطان غياث الدين بلبين ٻيو قلعو اڏرايو. ان کانپوءِ ڪيقباد، جمنا نديءَ جي ڪناري تي ’ڪيلو کري‘ جي نالي سان هڪ نفيس شهر آباد  ڪيو. جلال الدين خلجيءَ شهر ’ڪو هشڪ لال‘ ۽ علاوالدين خلجيءَ ”ڪوهشڪ سيري“ آباد ڪري، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو. اهي سڀ شهر دهليءَ جي آسپاس آباد ڪيا ويا. غياث الدين تغلق هڪ ٻي شهر جو بنياد رکيو. فيروز شاهه تغلق ’فيروز آباد‘ جو بنياد رکيو. جنهن کي جمنانديءَ مان ڪڍيل نهر سيراب ڪندي هئي. مبارڪ شاهه،  ’مبارڪ آباد‘ وسايو. همايون 938 هجريءَ ۾ ”اندر پت“ قلعي جي مرمت ڪرائي ’دين پناهه‘ نالو رکي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. شير شاهه سوريءَ وري ’ڪوهشڪ سيري‘ ويران ڪري هڪ ٻيو شهر آباد ڪيو. سندس پٽ سليم شاهه 953 هجري ۾ ’سليم ڳڙهه‘ قلعو اڏرايو. جيتوڻيڪ انهن بادشاهن ڌار ڌار شهر وسائي پنهنجي گاديءَ جا هنڌ مقرر ڪيا پر پرڏيهه ۾ ’دهلي‘ کي ئي هندستان جو دارالسلطنت سمجهيو ويندو هو. آخرڪار شاهجهان بادشاهه 1648ع ۾ دهلي جي ڀرسان ’شاهجهان آباد‘ نالي شهر آباد ڪرايو. ان شهر جي آبادي ۽ رونق ايتري ته وڌي ويئي جو پراڻا سڀ شهر ان ۾ شامل ٿي ويا. ان کانپوءِ، شاهجهان هڪ قلعي جو بنياد رکيو، جيڪو لال قلعي جي نالي سان سڏجي ٿو.
1857ع جي آزاديءَ جي جنگ کانپوءِ مغل حڪومت پڄاڻي تي پهتي ۽ انگريزن گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي (ڪولڪتا) منتقل ڪيو. ڪلڪتو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي راڄ ۾ خوب وڌيو ۽ ويجهيو پر جلد ئي انگريزن، جن لاءِ نيپولين چوندو هو ته اها واپارين جي قوم آهي، دهلي جي اهميت محسوس ڪئي ۽ دهليءَ کي ٻيهر اها حيثيت موٽائي ڏني. انگريزن 1911ع ۾ گاديءَ جو هنڌ ٻيهر دهلي کڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بادشاهه جارج ۽ راڻي ميريءَ، نئين دهليءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ 1912ع ۾ باقاعده نئين دهليءَ ۾ حڪومتي ڪاروهنوار جي شروعات ٿي.
ائين به ڪونهي ته ڪو دهليءَ کان اهو اوج کسڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي هئي. ڪي وقت اهڙا به آيا، جڏهن دهلي ويران ۽ ڀڙڀانگ بڻجي کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. انهيءَ جي پويان بادشاهي مصلحتون به هيون ته انتقامي جذبا به. اهڙي ئي هڪ انتقامي جذبي جو ذڪر ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ پڻ ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”ماڻهو بادشاهه (محمد تغلق جي ظلمن کان تنگ ٿي، خط لکي سيل مهر هڻي ”بادشاهه جي سر جو قسم ته هي خط بادشاهه کانسواءِ ٻيو ڪو به نه کولي“، لکي رات جو وڃي ديوان خاني ۾ رکي ايندا هئا. بادشاهه وري جڏهن اهي خط کولي پڙهندو هو ته انهن ۾گارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل نه هوندو هو. تنهن تي بادشاهه ناراض ٿي دهليءَ جي شهر کي برباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڇا ڪيائين جو شهر جي رهاڪن کي سندن رهڻ جي جاين جي اصل قيمت ادا ڪري، ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هو وڃي دولت آباد رهن. ماڻهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته هڪدم ڍنڍورو ڏياريائين ته پورن ٽن ڏينهن کانپوءِ شهر ۾ ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ نه اچي. جنهن تي ڪيترائي ماڻهو هليا ويا پر اڃا به ڪي ماڻهو اُتي لڪي ويهي رهيا. بادشاهه غلامن کي حڪم ڏنو ته وڃي ڏسو ته شهر ۾ ڪو ماڻهو اڃا رهيو ته ڪونهي. هو ويا ۽ ٻن ماڻهن کي، جيڪي هڪ گهٽيءَ ۾ لڪا ويٺا هئا،  جهلي وٽ آيا. انهن مان هڪ انڌو هو ۽ ٻيو منڊو. بادشاهه انهيءَ منڊي کي ته منجيق ۾ ويهاري کيس هوا ڪري ڇڏيائين، باقي انڌي لاءِ حڪم ڏنائين ته هن کي دهلي کان دولت آباد تائين (جيڪو چاليهن ڏينهن جو پنڌ هو) گهلي پهچايو وڃي. هن کي اهڙي نموني گهليندي جڏهن دولت آباد پهچايو ويو ته هن جو فقط هڪ پير سلامت بچيو، باقي سڄو واٽ تي گسي ويو. شهر ۾ ترسيل ماڻهن جو اهو ٻُڌو، سو ڊپ ۾ پنهنجا مال ۽ متاع سڀ اُتي ئي ڇڏي وٺي ڀڳا. اهڙي طرح سڄو شهر ويران ٿي ويو. هڪ رات بادشاهه سلامت محل جي ڇت تي چڙهي، شهر جي طرف ڏٺو ته اُتي هن کي ڪو دونهون نظر نه آيو ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪو ڏيئو ٻرندو نظر آيس. اهو حال ڏسي بادشاهه چيو، ”هاڻ منهنجي دل تي ڇنڊو پيو آهي.“ دولت آباد هجي يا آگرو، ڪلڪتو هجي يا ڪو ٻيو شهر، خشونت سنگهه چواڻي ”دهليءَ جا رهاڪو دنيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهڻ جي بدران، مرڻ کي ئي ترجيح ڏيندا.“
اڄ اسين، ان ئي دهليءَ کي گهمڻ جي لاءِ نڪتا آهيون. ڪلهه اسان هوٽل جي معرفت دهلي گهمڻ جي لاءِ ٽن ٽن سئو روپين ۾ ٻه ٽڪيٽون بوڪ ڪرايون. دهلي گهمڻ جو اهو ئي بهترين طريقو هو. ان سان هڪ ته پئسن جي ڪافي بچت ٿي ٿئي ۽ ٻيو وقت به ڪافي بچي ٿو. البت اهو نقصان ضرور ٿئي ٿو ته محدود وقت ۾ شين کي تفصيل سان ڏسي نٿو سگهجي. اسين تيار ٿي، ناشتو پاڻي ڪري، هوٽل جي هڪ ملازم کي پاڻ سان گڏ وٺي فرلانگ کن پرڀرو مين روڊ تي ئي ’آر ڪي کنا‘ اسٽيڊيم جي موڙ وٽ اچي بيٺاسين، جتان رائو ٽريولس جي ٽوئرسٽ بس کي سوا نوين بجي اسان کي کڻڻو هو، اسين موڙ وٽ پهچي روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ ۽ آسپاس جو جائزو وٺڻ لڳاسين ۽ موقعي مان فائدو وٺندي فوٽوگرافي به ڪندا رهياسين، جنهن لاءِ ڊاڪٽر مشتاق چيو، ”سائين خوب فوٽو گرافي ڪريو... ڪو به خرچ ڪونهي.“
دهليءَ جا روڊ ڪشادا، صفائي سٿرائي بهتر، ٽرئفڪ جو نظام به ٺيڪ ٺاڪ، وقتي طور تي جام به ٿيندي هوندي. ماحولياتي آلودگي کان بچڻ جي لاءِ دهليءَ ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول گاڏين تي پابندي آهي. دهلي سڄو مندرن، مقبرن ۽ مورتين جو شهر آهي. هر ٻي روڊ تي نظرون ڪنهن نه ڪنهن مندر، مقبري ۽ تاريخي هنڌ ڏانهن کڄي ٿي ويون. جتي اسين بيٺا هئاسين، ان جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هڪ وڏي ڪليسا جي عمارت هئي، جيڪا ڳاڙهي رنگ سبب ڏاڍي سهڻي نظر اچي رهي هئي. اسين روڊ تي ئي بيٺا هئاسين، جو سوا نوين بجي کان ٿورو دير سان ’رائو ٽريولس‘ جي هڪ ننڍي ٽوئرسٽ بس اچي بيٺي. اسين روڊ ڪراس ڪري گاڏيءَ وٽ پهتاسين. گائيڊ ٽڪيٽ چيڪ ڪري اسان کي ’نمستي‘ چئي، گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي لاءِ چيو. ڪجهه مسافر اڳ ۾ ئي بس ۾ ويٺا هئا ۽ اسان جي چڙهڻ سان سڀ سيٽون ڀرجي ويون. ڊاڪٽر مشتاق دروازي جي پاسي واري سيٽ سنڀالي ۽ مون سندس پويان واري اڪيلي سيٽ- منهنجي پاسي ۾ هڪ ڪراڙو بنگالي جوڙو ويٺل هو. عمر ستر سالن کان مٿي هُين- پويان ٻه اڪيليون ناريون ويٺل هيون، جيڪي بس ۾ چڙهڻ شرط اسان جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويون. جن کانپوءِ ڪمپني وٺڻ جي لاءِ ڊاڪٽر مشتاق کي وڏي محنت ڪرڻي پيئي ۽ پوءِ بار بار مون ڏانهن ڏسي اکين ئي اکين ۾ پُڇڻ ٿي لڳو، ”ڪيئن سائين؟“ ۽ مون به وري کيس داد ڏيڻ ۾ اصل ڪنجوسي نه ٿي ڪئي، ڀلا ڪهڙا پئسا ٿي خرچ ٿيا. ٻيوته جڏهن آئون ڪو تير ماري نه سگهيس سندس تير مارڻ تي ارهو ته نه ٿيڻ کپيم ها. ”موج ڪريو سائين!“ مون به اکين ئي اکين ۾ ٿي وراڻيو مانس.
هندستان جتي ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ خوب ترقي ڪئي آهي، اتي سياحت تي به خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. رڳو دهليءَ ۾ ئي ڪيتريون ئي ٽوئرسٽ ڪمپنيون آهن، جيڪي هندستان جي سياحت کاتي وٽ باقاعدي رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ اهي ڪمپنيون ٻاهران ايندڙ سياحن توڙي ملڪ جي مختلف حصن کان ايندڙن کي دهلي جو سير ڪرائن ٿيون ۽ پئسا پڻ مناسب وٺن. رائو ٽريولس اسان کان في ماڻهو ٽي سئو روپيا (يعني ڇهه سئو پاڪستاني) ورتا. منهنجي خيال ۾ سڄي ڏينهن جي لاءِ اهو اگهه واجبي آهي. انهيءَ جو هڪ سبب ٽوئرسٽ ڪمپنين جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي پڻ آهي. اسين جي اڪيلي سر اهي هنڌ گهمون ها، جيڪي ٽوئرسٽ بس ۾ گهمياسين ته اسان جي چوڻ تي يا پنجوڻ تي خرچ اچي ها. اسين جنهن ڪمپنيءَ جي بس ۾ چڙهياسين، انهيءَ جي ڏنل بروشر مان خبر پئي ته ان جي شيڊول ۾ سترهن مختلف ٽوئر شامل هئا، جن ۾ ڪجهه روزاني جا هئا ته ڪجهه وري هڪ کان وڌيڪ ڏينهن جا هئا. اها ته فقط هڪ ڪمپني جي شيڊول جي ڳالهه آهي. هونئن الائجي ڪيتريون ٽريولس ڪمپنيون آهن، جيڪي روزانو هزارن جي تعداد ۾ سياحن کي مختلف شهرن مان کڻيو وڃيو هندستان جا مختلف علائقا گهمائين ڦيرائين ٿيون. انهن ۾ ملڪي ماڻهن سان گڏوگڏ غير ملڪين جو به ڪافي تعداد هجي ٿو، جنهن سان نه رڳو هندستان هر سال الائجي ڪيترو پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو، پر هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو، گائيڊ، ڊرائيور، فوٽوگرافر وغيره جي صورت ۾ روزگار سان به لڳل آهن. هندستان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ سياحت ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونهي ۽ نه ئي وري ٽوئرسٽن جي لاءِ گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ ڪي مناسب سهولتون آهن. اسان وٽ سياحت تي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي اترين علائقن ۾ سياحت ڪنهن حد تائين اُتان جي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هو، پر حاڪمن جي غلط پاليسين ۽ طالبانن جي حملن سبب امن ۽ امان جي تباهه ٿيڻ ۽ عدم تحفظ سبب اُتي به سياحت ختم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اسان ٽوئرزم تي ڌيان ڏيون ۽ سياحن کي گهربل سهولتون وغيره مهيا ڪريون ته نه رڳو هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن کي روزگار ملي پوي پر ڪافي پرڏيهي ناڻو به ملڪ ۾ اچي وڃي، پر ڇا ڪجي؟ اسين ٻاهرين ملڪن ۽ بئنڪن کان قرض وٺي پوءِ ترقي جي نالي ۾ خرچ ڪري، ملڪي توڙي غير ملڪي بئنڪن جا جيڪي پيٽ ڀريندا آهيون، اهي ڳالهيون ڪنهن کان ڳجهيون ڪونهن. خدا شل اسان جي اقتدار ڌڻين کي اهڙي سمجهه ۽ ساڃاهه ڏي، جيئن هو اهڙن ڪمن ڏانهن به ڌيان ڏين.
اسين بس ۾ چڙهي ٿانيڪا ٿي ويٺاسين ته گائيڊ، جنهن جو نالو ’ويد‘ هو تنهن هڪ ڀيرو ٻيهر ’نمشڪار‘ چئي ۽ ٿورا مڃيا ته اسان بس جي مسافرن دهلي گهمڻ جي لاءِ ’رائو ٽريولس‘ جي چونڊ ڪئي. پوءِ هن مختصر طور تي ڪجهه هدايتون ڏنيون، خاص ڪري گهمڻ ڦرڻ جي دوران پنهنجو سامان سنڀالڻ، جيب ڪترن، ڳنڍي ڇوڙن کان خيال رکڻ ۽ وقت جي پابندي ڪرڻ جو. دهلي جي ان ٽوئر ۾ ڪمپني جي شيڊول ۾ اٺ جايون شامل هيون يعني قطب مينار، بوٽس ٽيمپل، اڪشري رام مندر، راج گهاٽ، انڊيا گيٽ، برلا مندر، اندرا گانڌي ميوزم ۽ نهرو ميوزيم. انهن اٺن جاين تي اسان کي لهڻو هو. ڪن ٻين جاين جهڙوڪ: لال قلعو، پارليامينٽ هائوس، راشٽر پتي ڀون، فيروز شاهه ڪوئله ۽ انڊين سپريم ڪورٽ جو ٻاهران ئي نظارو ڪرڻو هو. بس دهليءَ جي وڏن ويڪرن ۽ صاف رستن کي لتاڙيندي جمنا نديءَ کي ڪراس ڪيو ته گائيڊ چوڻ شروع ڪيو ”هيءَ يمنا (جمنا) ندي آهي. دهلي جو شهر يمنا نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. هاڻ يمنا شهر جي وچ مان ٿي لنگهي.“
جمنا ندي جو پيٽ ڪو ايڏو وڏو ۽ ويڪرو نه هو. پاڻي به نه هئڻ جي برابر هئس. ٻنهي ڪنڌين تي وڏيون وڏيون عمارتون اڏيل هيون. جمنا نديءَ جي پل ڪراس ڪئي سين ته گائيڊ ويد چيو، ”هاڻ اسين ٽوئر جي پهرين جاءِ ’اڪشري رام مندر‘ پهچڻ وارا آهيون. اندر ڪئميرا کڻي وڃڻ جي منع آهي پنهنجو سامان، ڪئميرا وغيره هت بس ۾ ئي ڇڏي وڃو.اهي اسان جي حفاظت ۾ رهنديون. هتي اسين اڌ ڪلاڪ ترنداسين. هينئر ڏهه ٿيا آهن اوهان کي ساڍي ڏهين بجي واپس پهچي وڃڻ کپي. اسين پنج منٽ وڌيڪ انتظار ڪنداسين، پوءِ روانا ٿي وينداسين. جيڪڏهن ڪو هت رهجي وڃي ته اهو اسان کي راج گهاٽ اچي جوائن ڪري سگهي ٿو. اسان جو ايندڙ اسٽاپ راج گهاٽ آهي.“
اسين گائيڊ جي هدايتن کي ڌيان سان ٻُڌي هيٺ لٿاسين ۽ گيٽ ڪراس ڪري اندر گهڙياسين. سامهون ’اڪٽسر دام ٽيمپل‘ هو. مندر ڇا هو، فنِ تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو هو ۽ اهو اڌ ڪلاڪ ۾ ڏسڻ ۾ ته ممڪن هوئي ڪونه. وقت جو خيال ذهن ۾ ايندي ئي اسان جي وکن ۾ تيزي اچي ويئي. سيڪيورٽي گيٽ ڪراس ڪري اندر گهڙياسين ته جهان ئي ٻيو هو. ڄڻ ته ڌرتيءَ تي جنت جي ڪنهن خوبصورت حصي کي لاهي رکيو يو هجي، آخر به ته ڀڳوان جو گهر هو، ڪا اهڙي تهڙي ڳالهه ته نه هئي. چوڌاري خوبصورت ڪونڊيون، جن تي ٿيل سنگتراشي ۽ انهن ڪونڊين ۾ پوکيل ڀانت ڀانت جا گل ڏسڻ سان دل ته ڀرجي ئي نٿي سگهي. مندر جي باري ۾ پتو پيو ته ان جي سڄي اڏاوت ۾ ڪٿي به ستر (Block) جو استعمال نه ڪيو ويو آهي. اندر وڏي هال ۾ هندو مئٿالاجي کي سنگتراشي جي ذريعي چٽيو ويو آهي. سڄي ڳالهه اها آهي ته فن جو اهو شاهڪار، هندستان جي گادي جي هنڌ ”نئين دهليءَ“ ۾ ثقافت ۽ آرٽ جو هڪ يونيڪ ڪمپليڪس آهي.
مندر جو سڄو نالو ’سوامي نارائڻ اڪٽسري دام‘ آهي، جيڪو ’سوامي نارائڻ‘ کي ٽربيوٽ ڏيڻ جي لاءِ سندس ياد ۾ تعمير ڪرايو ويو. ايم اي جناح روڊ ڪراچي وارو ’سوامي نارائڻ مندر‘ به سندس ئي ياد ۾ اڏيل آهي. مندر جي پکيڙ هڪ سؤ ايڪڙ آهي ۽ اهو فقط پنجن سالن جي عرصي ۾ اڏجي تيار ٿيو آهي. مندر جو مهور پُرمک سوامي مهاراج 5 نومبر 2005ع تي ڪيو. هي مندر پڻ سوامي مهاراج جي تخليقي ذهن جو ئي ڪمال آهي.
’اڪشري دام هند‘ جا ڪُل 19 حصا آهن، جيڪي سڀ ڏسڻ وٽان آهن. انهن ۾ هڪ حصو Boat Rider جو آهي، جنهن ۾ ٻيڙيءَ تي چاڙهي، ٻيڙي هڪ ننڍي نديءَ ۾ هلائي، پراچين هندستان جي ثقافت ۽ سڀيتا جو نهايت خوبصورت نمونو درشن ڪرايو وڃي ٿو. ان جو ڪُل دورانيو پندرنهن منٽ آهي، اهو ڏسڻ وٽان آهي. اڌ ڪلاڪ ۾ اسين ڇا ٿي ڏسي سگهياسين؟ اهو ائين آهي، جيئن ڊوڙي ڀت تي هٿ لاهي واپس ورڻ.
اسين تڪڙو تڪڙو ڊگهو چڪر هڻي، مندر جي واکاڻ جا ڍُڪ ڀريندا واپس اچي ڪينٽين تي پهتاسين، جتي اسان کي گڏ ٿيڻ جي لاءِ چيو ويو هو ۽ اتي وڙڪڻ لڳاسين. گڏوگڏ وقت جي گهٽ هئڻ تي افسوس ڪرڻ لڳاسين. تيسين بس ۾ موجود فوٽو گرافر به ڪئيمرا لڙڪائي اچي اُت پهتو ته اسان سان گڏ بنگالي بابو ۽ سندس زال پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لڳو، اهو ڏسي مون کي به ريچڪ اچي ويو ۽ ڊاڪٽر مشتاق کي ڇڪي پاڻ سان بيهاري، گڏجي فوٽو ڪڍرايو. بنگالي بابو جو ٻارڙو به صفا ڪو جل ڦٽاڪو هو. دم ماڻهنس کي مٺي ڏي ته دم پڻهنس کي. اتي خبر پئي ته مندر جي ٻاهران فوٽو گرافي ڪري سگهجي ٿي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر مشتاق به گاڏيءَ مان ڪئميرا کڻي اچڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.
ڳالهين ڪندي بنگالي بابو کان پڇيم، ”ڪٿي جو آهين؟“ وراڻيائين، ”ڪولڪتا جو!“ پوءِ هو دهليءَ ۾ مهانگائي جي شڪايت ڪرڻ لڳو. پڇيومانس، ”مهانگائي ته سڄي هندستان ۾ هوندي. دهليءَ ۾ وري کڻي ٻه ٽڪا وڌيڪ هوندي.“ ته چيائين، ”بنگال ۾ اوهين ڇهن روپين ۾ پيٽ ڀري ماني کائي سگهو ٿا ۽ هت دهلي ۾ ته ڇهن روپين ۾ پاڻي جي بوتل به نٿي ملي.“
پڇيومانس، ”ايترو فرق ڇو آهي؟“
”بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هنن ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ سٺا قدم کنيا آهن.“
”پوءِ ته تنهنجو به ڪميونسٽ پارٽيءَ سان واسطو هوندو.“ پڇيومانس.
”نه سر!“ وراڻيائين، ”منهنجو واسطو ترنمول ڪانگريس سان آهي، جنهن جي اڳواڻ مهتابئنرجي هينئر ريلوي جي مرڪزي وزير آهي.“
اهو ٻُڌي پڇيومانس، ”اوهين ڪميونسٽ پارٽي جي مخالف پارٽيءَ سان ٿا واسطو رکو ۽ پوءِ به بنگال ۾ حڪومتي پارٽي جي قدمن جي ساراهه ٿا ڪريو.“
”سُٺن قدمن جي ته ساراهه ڪرڻ گهرجي.“ وراڻيائين.
”اوهين ڪميونسٽ حڪومت جا مخالف ڇو آهيو؟ پڇيومانس.
”بنگال ۾ گذريل چاليهارو سالن کان ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ رهندي پئي اچي، هاڻ ماڻهو تبديلي ٿا چاهين.“ وراڻيائين،
”بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽي چونڊن جي وسيلي اقتدار ۾ ايندي رهي آهي ۽ لازمي آهي ته بنگال جو عوام جيڪو پارٽيءَ کي هيترو مينڊيٽ ٿو ڏي، ان جي پويان سٺي ۽ مطمئن ڪندڙ ڪارڪردگي ئي هوندي. سندن ڪارڪردگي جي ڪري ته گذريل چئن ڏهاڪن کان پارٽي عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. پوءِ هاڻ اوهين تبديلي ڇو ٿا چاهيو؟“
”بنگال ۾ هاڻ پارٽيءَ وٽ قيادت ڪونهي. اڳتي جيوتي باسو هو. هاڻ جيوتي باسو جهڙي قيادت ڪونهي.“ بنگالي بابوءَ وراڻيو.
جيوتي باسو، ڪيترائي سال بنگال جو وزيراعليٰ رهيو ۽ رضاڪارانه طور تي قيادت ٻين جي حوالي ڪيائين. جڏهن هندستان ۾ يونائيٽڊ فرنٽ چونڊون کٽيون ته کيس هندستان جو وزيراعظم ٿيڻ جي به آڇ ڪئي ويئي، جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جي فيصلي سبب هن قبول نه ڪئي ۽ سندس جاءِ تي يونائيٽڊ فرنٽ ديوگوڙا کي هندستان جو وزيراعظم نامزد ڪيو. ڪامريڊ جيوتي باسو 17 جنوري 2010ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 95 سال هئي. جيوتي باسو کان اڳ ڪامريڊ نمبودري پد مشرقي بنگال جو چيف منسٽر رهيو. ڪامريڊ جيوتي باسو 17 جنوري 2010ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 95 سال هئي. جيوتي باسو کان اڳ ڪامريڊ نمبودري پد مشرقي بنگال جو چيف منسٽر رهيو. هن به وڏي عمر ماڻي ۽ رضاڪارانه طور تي قيادت ٻين جي حوالي ڪئي. نمبودري پد کي سندس جيئري ”هندستان ۾ مارڪسزم جي يونيورسٽي“ چيو ويندو هو.
شايد قيادت جي کوٽ سبب ئي مشرقي بنگال جي عوام تبديليءَ لاءِ پي سوچيو، جنهن جو اندازو، پوءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪراڙي بنگالي ۽ سندس زال سان ڪچهري ڪندي به ٿيو. هنن به چيو ته هاڻ اسين تبديلي ٿا چاهيون ۽ مهتائنبرجي جي پارٽيءَ جا حامي آهيون ۽ مهتاجي کي ووٽ ڪنداسين.“
مون کلندي کين چيو، ”سوويت يونين جي ماڻهن به سرمائيداري جي اکيون کيريون ڪندڙ چمڪ ڌمڪ ڏسي سوشلزم مان بيزاري جو اظهار ڪيو. پارٽي جي بيورو ڪريسي جي غلط پاليسين سبب پارٽي جي حڪومت ختم ٿي ۽ سڄي سوويت يونين جي دور کي ياد پيا ڪن. اوهين به وقت اچڻ تي ڪميونسٽ دور کي ياد ڪندا. منهنجي ڳالهه ٻڌي ٻئي جهونا کلي پيا.
ان وقت هندستان جي ٻين رياستن ۾ مئي ۾ ٿيندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ چونڊ مهم هلي رهي هئي ۽ مئي 2011ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ يقينن بنگالي بابوءَ ۽ جهوني جوڙي پنهنجو ووٽ تبديلي جي لاءِ ڏنو هوندو. انهن چونڊن ۾ بنگال ۾ مهتائنبر جي ترنمول ڪانگريس، ڪميونسٽ پارٽيءَ کي هرائي، 38 سالن جي سندن راڄ جو خاتمو آندو.
راج گهاٽ: مهاتما گانڌيءَ جو يادگار
شيخ اياز ڪيڏو وڏو شاعر آهي، انهيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس شاعري پڙهجي ٿي ۽ عملي طور تي سندس شاعريءَ ۾ ذڪر هيٺ آيل موضوعن کي ڏسجي ٿو. شيخ اياز صحيح معنيٰ ۾ بين الاقوامي شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ دنيا جي انيڪ شخصيتن جو ذڪر ٿيل آهي ۽ اياز انهن کي شاندار نموني خراج تحسين پيش ڪيو آهي. انهن شخصيتن ۾ مهاتما گانڌي به آهي. شيخ اياز ته پنهنجي هڪ شعري مجموعي جو نالو ئي ”راج گهاٽ تي چنڊ“ رکيو آهي. راڄ گهاٽ اهو هنڌ آهي، جتي مهاتما گانڌي جي سماڌي آهي. گانڌي جي قتل کانپوءِ اتي ئي سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو ۽ سندس سماڌي ٺاهي وئي. شيخ اياز مٿي ذڪر ڪيل شعري مجموعي ۾ گانڌي کي هنن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
راج گهاٽ تي چنڊ
بيٺو سوڍي ٿو
هي نيرو آڪاس مٿان آ
آڌي رات اکنڊ!
راج گهاٽ تي چنڊ
بيٺو سوچي ٿو.
پرڪرتي جي ايڪائيءَ ۾
هي ماڻهو جو منڊ
راج گهاٽ تي چنڊ
بيٺو سوچي ٿو.
ڌرتيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ؟
ڏنڊ به ايڏو ڏنڊ.
راج گهاٽ تي چنڊ
بيٺو سوچي ٿو.
’اڪشري دام مندر‘ مان سڌو راج گهاٽ روانا ٿياسين. راج گهاٽ تي پهچي هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي بس مان هيٺ لٿاسين ۽ ڀرپاسي جو جائزو وٺندا گانڌيءَ جي سماڌيءَ ڏانهن وڌڻ لڳاسين. مهاتما گانڌي جنهن نه رڳو هندستان جي سياست کي نوان رخ ڏنا، پر اهنسا کي پهريون ڀيرو بطور نظريي ۽ پاليسي جي اختيار ڪيو. هن چيو ته دشمن جي مزاحمت نه ڪريو، ساڻس روحاني ۽ اخلاقي هٿيار سان مُنهان منهن ٿي مقابلو ڪريو. حضرت عيسيٰ به چيو هو ته ’جيڪو اوهان کي هڪ ڳل تي ٿڦڙ هڻي ته کيس ٻيو ڳل به ورائي ڏيو، مون کي گانڌي جي حوالي سان ڪنهن برطانوي اڳواڻ، شايد سر ونسٽن چرچل جا لفظ ياد ٿا اچن ته، ”اهو بکيو ۽ اڌ اگهاڙو فقير چوي ٿو ته اسين هيڏو وڏو ملڪ هندستان خالي ڪري هليا وڃون.“
پاڪستان ۾ گانڌيءَ جو جيڪو تصور پيش ڪيو ويندو آهي، اهو انتهائي ناڪاري هندو دوست ۽ مسلم دشمني وارو آهي. پر اهو گانڌي ئي هو، جنهن هندستاني حڪومت کان پاڪستان کي پنهنجي حصي جا 55 ڪروڙ روپيه وٺي ڏيارڻ لاءِ ’مرن برت‘ (روزو) رکيو. جنهن تي نيٺ مجبور ٿي جواهر لال نهرو ۽ سردار ولڀ ڀائي پٽيل، اهي پئسا پاڪستان کي ڏنا ۽ پاڪستان حڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ جي لائق ٿيو. اهو گانڌي ئي هو، جنهن ملڪ ۾ ٿيندڙ فسادن، خاص ڪري مسلمانن تي ٿيندڙ حملن کي روڪڻ جي لاءِ ’مرن برت‘ رکيو ۽ هندن ۽ سکن جي جنونيت کي ننديو. گانڌي جي ان ’مرن برت‘ کان مجبور ٿي جنونين، مسلمانن تي اهي حملا روڪيا ۽ وٽس اچي وچن ڪيو ته هو آئنده مسلمانن تي حملا نه ڪندا. گانڌي کي قتل ڪندڙ جنونين جو هڪ الزام اهو به هو ته ”گانڌي هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمان جو پاسو ٿو کڻي.“
گانڌيءَ جي آخري ڏينهن جي رائيداد ’لوئي فشر‘، گانڌي تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ ڏاڍي سهڻي نموني چٽي آهي، جيڪا پڙهيو اکين ۾ لڙڪ تريو اچن. ان ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو نجم عباسي ڪيو آهي. هن وقت به ٻن پبلشرن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
راج گهاٽ ۾ ڏاڍو سهڻو پارڪ ٺاهيو ويو آهي. ان جي وچ ۾ هڪ ننڍي دائري جي اندر گانڌي جو يادگار ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي هڪ پاسي هڪ مشعل سدا ٻرندي ٿي رهي. سڄي دنيا مان گانڌي جا مداح هن هنڌ اچيو گانڌي کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهن. آئون گانڌي جي يادگار جي سامهون ڪنڌ جهڪائي بيهي گانڌي کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان ۽ پوءِ پٺٽي هٽي آسپاس جو جائزو ٿو وٺان ۽ سوچيان ٿو ته وقت ۽ تاريخ ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن نه رڳو دنيا جي نقشي ۾ تبديليون آنديون، پر ماڻهن ۽ قومن جون قسمتون به بدلائي ڇڏيون. گانڌي به وقت ۽ حالتن جي جبر جي پيداوار هو. جيڪڏهن ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ معمولي هندستاني وڪيل ’موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ‘ کي ريل جي ”فقط گورن لاءِ بوگي“ مان ڌڪا ڏيئي هيٺ نه لاٿو وڃي ها ته شايد ’موهن داس گانڌي‘ مستقبل جو ”مهاتما گانڌي“ نه بڻجي ها ۽ گانڌي جي هلايل هلچل ۽ اختيار ڪيل پاليسين نه رڳو کيس ’باپو‘ بنائي عوام جي دلين جي ڌڙڪن بنائي ڇڏيو، پر نيٺ انگريزن کي هندستان مان پنهنجو سامان ويڙهڻو پيو. پر هتي ’مائيڪل هارٽ‘ جي انهن لفظن کي ورجائڻ جي به ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ”هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون“ ۾ گانڌي جي لاءِ لکيا آهن. مائيڪل هارٽ لکي ٿو ، ”اهو چئي سگهجي ٿو ته گانڌي جي بنيادي اهميت سندس ’اهنسا‘ جي پاليسي تي زور هو (پر اهي خيال به هن جا پنهنجا نه هئا. خود هڪ هنڌ چيو اٿس ته هن اهي ٽوريو، ٽالسٽائي، عهدنامي جديد ۽ ٻين ڪيترين ئي هندي لکڻين تان ورتا آهن). انهيءَ ڳالهه ۾ البت ڪو شڪ ڪونهي ته گانڌيءَ جون پاليسيون جيڪڏهن عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺن ها ته اهي دنيا کي بدلائي ٿي سگهيون. بدقسمتيءَ سان هندستان به انهن جو لحاظ نه ڪيو. 55-1954ع ۾ پورچو گالين کان ”گوا“ تان قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ اها پاليسي اختيار ڪئي وئي، پر هلچل ناڪام ثابت ٿي. ڪجهه سالن کانپوءِ نيٺ هندستاني حڪومت ان تي حملو ڪري ڏنو. گذريل 50 سالن ۾ هندستان، پاڪستان سان ٽي ۽ چين سان هڪ سرحدي جنگ وڙهي آهي..... ته ڇا اهو نتيجو صحيح ڪونهي ته هڪ فلسفي جي حيثيت سان گانڌي مڪمل طور تي ناڪام رهيو.
اسين وڙڪندا ٻاهر نڪرڻ ٿا لڳون. تيسين ٻارن جو هڪ ڊنڀ اچي اندر گهڙيو. آچر يعني موڪل جو ڏينهن هئڻ سبب ڪنهن اسڪول جي انتظاميا کين گهمائڻ جي لاءِ وٺي آئي هئي. آئون انهن جي وچ ۾ بيهي رهيس. ٿي سگهي ٿو ته انهن ٻارڙن ۾ ڪو اهڙو به هجي، جيڪو مستقبل ۾ مهاتما گانڌي جي ”اهنسا“ جي فلسفي جو وڏو پوئلڳ ۽ پرچارڪ نڪري پوي.
مکيه گيٽ تي پهتاسين ته هڪ جوڙو ڄڻ ٻکيو پيو هو. نڪو جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾. اک ٽيٽ بدران سڌو کڻي ڏٺومان. مون تي نظر پوندي ئي مُرڪي پيا ۽ ڪئميرا کڻي مون ڏانهن وڌايائون. مون مُرڪندي کانئن ڪئميرا ورتي ۽ ٻن ٽن زاوين کان سندن فوٽو ڪڍي، ڪئميرا واپس ڪئيمان. سندن خوشي ۽ زنده دليءَ تي رشڪ اچڻ لڳو. اسان به ساڻن هڪ ٻه فوٽو ڪڍرايا ۽ ’باءِ- باءِ‘ ڪري موڪلائي، هر ڪو پنهنجي راهه وٺي رمندو رهيو. هاڻ فقط فوٽن ۾ ئي هڪ ٻئي کي ڏسي، انهن گهڙين کي ساري سگهنداسين.
گائيڊ جي وٺ وٺان، ”سر جلدي ڪريو.“ پر آئون لاپرواهيءَ مان گفٽ شاپ ۾ گهڙي ويس. مون کي اها ئي پِٽَ ڪتابن جي، جنهن اڪثر ڊاڪٽر مشتاق کي بور ڪري ٿي وڌو. اتي مهاتما گانڌي جي آتم ڪهاڻي ”تلاش حق“ جو هڪ خوبصورت نسخو صفا سستي اگهه يعني ٽيهن روپين ۾ دستياب هو. مون بنا دير جي اهو خريد ڪيو ۽ گانڌي جي اسڪيچ واري ’ڪي چين‘ به ورتم. مون کي ڏسي ڊاڪٽر مشتاق به خريد ڪيا. پوءِ ٽوئرسٽ بس ۾ ويهندي خيال آيم ته ڪتاب جون چار پنج ڪاپيون ٻيون به خريد ڪري وٺان ها ۽ واپس سنڌ وڃي دوستن کي سوکڙي طور ڏيان ها پر چوندا آهن ته ”سنڌي سدائين دير سان سوچيندو آهي.“ هاڻ سوچڻ جو ڪو به فائدو نه هو. بس زوزاٽ ڪندي ’لوٽس ٽيمپل‘ ڏانهن وڌڻ لڳي.
لوٽس ٽيمپل (Lotus Tample)
راج گهاٽ کان بس لوٽس ٽيمپل ڏانهن رواني ٿي ته گائيڊ ’ويد‘ چيو ”اسين لوئس هلڻ کان اڳ ’آندرا پرديش‘ ڀون هلنداسين، جتي لنچ ڪنداسين، آندرا پرديش ڀون جي اندر ريسٽورانٽ ۾ لنچ ڏاڍي سُٺي آهي. خاص ڪري برياني-سيلف سروس آهي، پئسا ڪائونٽر تي ڏيئي ٽوڪن وٺي ميزن تي ويهجو، بيرو ٽوڪن وٺي اوهان کي گهربل شيءِ مهيا ڪندو.“
”واهه سائين واهه! ساڍي ٻارهين بجي ڪهڙي لنچ ڪبي... اڃا ته ’ڊسپيزان‘ هوٽل جو ڪامپليمنٽري ناشتو ئي هضم ناهي ٿيو.“ اعلان ٻُڌي مون چيو.
”ها سائين ڏسو ٿا.“ ڊاڪٽر وراڻيو.
بس اچي ’آندرا پرديش ڀون‘ جي اڳيان بيٺي. اسين به ٻين مسافرن سان گڏ بس مان لهي ريسٽورانٽ ڏانهن وڌڻ لڳاسين. هو ٻيئي به اسان جي اڳيان هلي رهيون هيون. سروقه بُت تي ساڙي پاتل، مٿي تي تلڪ لڳل، سندس هر وک ۾ وقار جهلڪيون ڏيئي رهيو هو، ڄڻ ڪا ديوي هجي، جيڪا پنهنجي ’داسن‘ ۽ ’داسين‘ جي سرواڻي ڪندي کين ريسٽورانٽ ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي ۽ اسان جو يار مشتاق ان ديوي جو ’شش‘ بنجڻ جي لاءِ بي چين هو.
آندرا پرديش ريسٽورانٽ ۾ ڏاڍي رش هئي، بُک نه هئڻ جي باوجود به نوي روپيا ڏيئي، برياني جي هڪ پليٽ جو ٽوڪن وٺي، واسطيدار بيري کي ڏيئي هڪ ميز تي اچي ويٺاسين ۽ برياني جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين ۽ هِتان هُتان جون خبرون ڪرڻ لڳاسين. ”اصل ۾ ٽوئرسٽ ڪمپنين جا هوٽلن ۽ گفٽ شاپس وارن سان کانچا فٽ ٿيل هوندا آهن. ڪمپنيءَ کي کڻي سڌيءَ ريت ڪميشن نه به ملندي هجي پر بس ڊرائيور ۽ گائيڊ جي ماني مفت ۾ هوندي آهي. پاڻ وٽ به اڪثر سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي بسيون ۽ ويگنون مخصوص هوٽلن تي اچي بيهنديون آهن، پوءِ مسافر ته مجبوريءَ وچان يا ائين ئي هوٽل جي مهانگي ماني کائيندا ۽ ڦنگي چانهه پيئندا آهن، باقي انهن گاڏين جو عملو ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر وغيره مسافرن جي کل لهرائڻ جي بدلي ۾ موج سان دل کولي ڀُڳا ۽ بريانيون کائيندا ۽ ٿڌا ڪوسا پيئندا آهن.“ اسان پاڻ ۾ اهڙن خيالن جو اظهار پي ڪيو، تيسين ويٽر اسان جي اڳيان برياني جون ٻه فل پليٽون اچي رکيون. اسان هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ سمجهي وياسين ته هڪ ٽوڪن ۾ ٻه پليٽون ڀُلپ ۾ ملي ويون آهن. اسان به داڻي داڻي تي کائڻ واري جي مُهر هوندي آهي، سمجهي، روايتي پاڪستاني ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندي، شروع ٿي وياسين کائڻ... برياني ايتري ته لذيذ هئي، جو ”بک ته ڪونهي پر مڙيوئي ٽيسٽ ٿا ڪريون.“ جو بهانو ڪندي، جڏهن هٿ ڪڍياسين ته پليٽن ۾ سواءِ هڏن ۽ ڪجهه گرهن جي باقي سموري برياني اسان جي پيٽن جي غفائن ۾ گم ٿي چڪي هئي.
”واهه سائين! هڪ ٽوڪن ۾ ٻه پليٽون.... خير ٿيو... پوشنيءَ وارن پئسن مان ڪجهه ته وصول ٿيا.“ چمچو پليٽ ۾ ڇڏيندي، اوگرائي ڏيندي چيم.  لنچ مان واندا ٿي سڀ هوريان هوريان بسن ڏانهن وڌڻ لڳاسين. جڏهن سڀ اچي ويا ته بس رواني ٿي لوٽس ٽيمپل يعني ”ڪنول مندر“ ڏانهن. لوٽس ٽيمپل ’بهائي يا بابي مذهب‘ وارن جي دهليءَ ۾ عبادت گاهه آهي، اهو مندر ’لوٽس‘ يعني ڪوئي/ڪنول جي گل وانگر ڊيزائين ڪري ٺاهيو ويو آهي. ان ٽيمپل ۾ عبادت گاهه يعني ’مراقبي جي هال‘ کانسواءِ عملي جون رهائش گاهون، آفيسون، ڪانفرنس هال، لئبرري، آڊيو ۽ وڊيو هال پڻ آهن. ٽيمپل ۽ ان جي پارڪ جي سونهن به ڏسڻ وٽان آهي. ٻه ڏينهن اڳ سليم راز ۽ انوار زيب اسان کي چيو هو ته اوهين ’لوٽس‘ ضرور ڏسجو. ٻيئي پٺاڻ حضرات ’لوٽس‘ جي واکاڻ مان ڍاپيا ئي نٿي. مکيه عمارت جي چئني طرفن پارڪ نهايت ترتيب سان ٺهيل ۽ ڀانت ڀانت جي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريل آهي ۽ انهن جي خوشبو وري ماحول کي وڌيڪ معطر ۽ وڻندڙ بنائي ر هي هئي.
نئين دهليءَ ۾ اڏيل ان لوٽس ٽيمپل جي اڏاوت لاءِ اها زمين 1953ع ۾ خريد ڪئي ويئي هئي، جيڪا ايراضيءَ ۾ ساڍا چوويهه ايڪڙ آهي ان عمارت جي اوچائي 34.27 ميٽر آهي ان جي ٺهيل هال ۾ هڪ ئي وقت تيرهن سئو ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. عمارت جا نو ٿنڀا ۽ 27 پنکڙيون آهن مکيه بلڊنگ جي اوچائي ستر ميٽر آهي. ٽيمپل جي ڊيزائين Mr Faribura Sahba نالي انجنيئر جي ڊيزائيلن ڪيل آهي.
لوٽس ٽيمپل جي اڏاوت جو ڪم 21 اپريل 1980ع ۾ شروع ٿيو ۽ 24 ڊسمبر 1986ع تي عام ماڻهن جي لاءِ کوليو ويو. ٽيمپل جي ارپنا ”خدا، مذهبن جي ٻڌي ۽ انسانذات جي ٻڌي“ جي نالي ڪئي ويئي. ٽيمپل جي اڏاوت هندستان ۽ سڄي دنيا جي ’بهائي ڪميونٽي‘ جي ڏنل رضاڪارانه چندي سان ڪئي ويئي. لوٽس گل جون 27 پنکڙيون خاص اڇي Concrate ۽ مهانگي يوناني ماربل سان اڏيون ويون آهن. بابي/بهائي تحريڪ جي شروعات 1844ع ۾ ٿي. جنهن جو پس منظر اهو آهي ته مسلمانن ۾ اهل تشيح جو اهو پختو عقيدو آهي ته ”امام غائب‘، ”امام مهدي‘ جي شڪل ۾ دنيا ۾ موٽي اچي، دنيا کي سڌي رستي تي آڻيندو. ان عقيدي کي هڪ يراني عالم شيخ احسائيءَ ٻي رنگ ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ته سندس وفات (1826) کانپوءِ ايندڙ صديءَ جي اڌ ڌاري ’امام منتظر’ پيدا ٿيندو ۽ اهو ئي پنهنجي وقت جو ’امام مهدي‘ هوندو. شيخ احسائيءَ جي ان تصور کي ”علي محمد شيرازي“ پاڻ کي ”آل محمد“ قر ار ڏيئي عملي جامون پهرايو ۽ پاڻ کي ’باب‘ ظاهر ڪندي، پهرين امام مهدي هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ پوءِ نئين دين جو اعلان ڪيو. جنهن کي بابي يا بهائي مذهب چيو وڃي ٿو. باب جي معنيٰ آهي ”دروازو.“ سر علام محمد اقبال پنهنجي مشهور ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ”فلسفئه عجم“ ۾ بابين جي تحريڪ تي بحث ڪندي لکيو آهي ته ”باب جي تعليم جو بنيادي ’ماخذ‘ ملاصدره (وفات: 1620) جو فلسفو آهي، جيڪو شيخ احسائي اختيار ڪيو ۽ ان جي تشريح لکي. بابي فڪر ۾ يهوديت، پارسيت، باطنين ۽ قديم ايراني روايتن جا چٽا اهڃاڻ موجود آهن. اها مذهب جي نالي ۾ سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جي عجمي سازش هئي جيڪا ناڪاميءَ کانپوءِ مذهبي دنيا ۾ ”بهائيت“ جي نالي سان هڪ نئين روپ ۾ جلوه گر آهي.“
سبط حسن بابي تحريڪ جي حوالي ”انقلاب ايران“ ۾ لکي ٿو ته ”محمد علي باب پنهنجي تقريرن ۾ سلطنت جي اميرن جي عياشين ۽ حڪومت جي آفيسرن جي بدعنوانين تي سخت تنقيد ڪندو هو ۽ ماڻهن کي چوندو هو ته گهٻرايو نه، اهو ڏينهن جلد ئي اچڻ وارو آهي جڏهن ايران ۾ نه امير هوندو نه ڪو محتاج، نه آقا هوندو نه غلام. پر سڀني کي برابريءَ جي بنياد تي حق حاصل هوندا. ظلم ۽ پرماريت جو خاتمو ٿي ويندو. هن پنهنجي خيالن جي تشهير جي خاطر هڪ ڪتاب به لکيو، جنهن جو نالو ”بيان“ آهي.“
1848ع ۾ بابين هٿياربند بغاوت جو ارادو ڪيو. ان بغاوت ۾ سندن اڳواڻ جو نالو محمد علي ”برفروش“ هو. هن عدل ۽ انصاف جي حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ سموري ملڪيت، گڏيل ملڪيت قرار ڏني وئي ۽ هر شخص تي اهو لازمي ٿي پيو ته هو گڏيل اصولن موجب محنت ڪري ۽ پنهنجي روزي ڪمائي. ان بغاوت کي سختي ۽ بي رحميءَ سان ڪچليو ويو ۽ 1850ع ۾ ان تحريڪ جي سڀني ميمبرن،جن ۾ ”غلام محمد باب“ ۽ سندس ويهارو هزار پوئلڳ به شامل هئا، نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ ’باب‘ جي جانشين (ظيفي) طور بهاءُ الله 1853ع ڌاري تحريڪ کي وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن 1863ع ۾ بادشاهن ۽ مذهبي اڳواڻن کي ”بهائين“ جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ ”بهائيت“ کي زور وٺائڻ جي لاءِ ”حيفه“ منتقل ٿي ويو، جتي ئي هن 1892ع ۾ وفات ڪئي. تنهن کانپوءِ بها الله جو پٽ ”البها“ جي نالي سان جماعت جو جانشين مقرر ٿيو. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ هن فرانس، برطانيا، جرمني ۽ هڪ صيهوني تنظيم ”ڊبليو- زيڊ- او“ جي مالي سهڪار سان ”بهائيت“ جو پرچار ڪيو. 1921ع ۾ کيس برطانيا سرڪار پاران ”سر“ جو خطاب ڏنو ويو. هن 1921ع ۾ ئي وفات ڪئي. تنهن کانپوءِ سندس فرزند ”شوق آفندي‘ جانشين (خليفو) ٿيو.هن بهائي /بابي مذهب جي تاريخ سهيڙي- بهائي ڪتابن جا دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪرايا ۽ گڏيل قومن سان رابطا ڪيا. هن 1957ع ۾ وفات ڪئي. جيئن ته کيس ڪو به اولاد نه هو، تنهن ڪري جماعت جو انتظام هلائڻ جي لاءِ هڪ نون ڄڻن جي ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي. اهو سلسلو 1963ع تائين جاري رهيو. 21 اپريل 1963ع تي Universal House of justice (بيت العدل اعظم) قائم ڪيو ويو، جيڪو ”حيفه“ اسرائيل ۾ آهي، جتي ”بهائي“ مذهب جي باني ’علي محمد باب“ جو مقبرو پڻ آهي. ان يونيورسل هائوس جي حيثيت ’بهائي ڪميونٽي“ لاءِ هڪ قانون ساز اداري جهڙي آهي. انسان به عجيب مخلوق آهي. ظاهري ڏيک ويک تي ڪروڙين اربين روپيا خرچ ڪريو ڇڏي. انهيءَ خرچ جو بنيادي مقصد ذهني تسڪين ۽ خودنمائيءَ جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو بک پيا مرن، کين صاف پاڻي ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪونهن. تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن. پر ڌرمي/ مذهبي اڳواڻن جو انهن شين ڏانهن ڌيان ڌرڻ بدران، جيڪا صحيح انساني خدمت ۽ عبادت آهي، گهڻو زور عبادت گاهن ٺاهڻ طرف رهي ٿو جنهن جا ٻه مثال ”اڪشري رام ٽيمپل“ ۽ ”لوٽس ٽيمپل“ به آهن. خدا ته هر هنڌ، هر جاءِ ۽ هر دل ۾ وسي ٿو ۽ ان جي عبادت ٺاهڻ جي لاءِ هيڏيون وڏيون عظيم الشان عبادتون ٺاهڻ جي پويان ڪهڙا محرڪ جذبا آهن؟ عبادت ته ڪٿ به ڪري سگهجي ٿي هاڻ ته اسان جن مسلمان ڀائرن به پنهنجي وس ۾ ناهي گهٽايو. برن ۾ بازاريون ڪري ڇڏيون اٿن.
اڪشري رام ٽيمپل ۽ لوٽس ٽيمپل ڏسي مون کي هڪ واقعو ياد اچڻ لڳو. 1969ع ۾ سڄي دنيا جي يهودين چندو گڏ ڪيو ته جيئن يروشلم ۾ هڪ وڏي سنگانگ (عبادت گهر) اڏائي سگهجي. اها رقم هڪ بلين آمريڪي ڊالرن تي مشتمل هئي، اها سموري رقم چيف ربائي جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويئي پر چيف ربائي ”سنگانگ“ جي رٽ ڪندي چيو، ”خدا سڄي دنيا جو مالڪ آهي. سڀئي شان ۽ واڌايون سندس جي لاءِ آهن. اسين ڪير ٿيندا آهيون، سندس واسطي هڪ بلين ڊالرن جو محل اڏڻ وارا. سندس عبادت ته هر هنڌ، ننڊ توڙي جاڳ ۾ ڪري سگهجي ٿي. خدا کي سڃاڻڻ لاءِ علم ضروري آهي. وڃو! هن رقم مان هڪ تعليمي ٽرسٽ جوڙيو ته جيئن دنيا جو ڪو به يهودي بي علم نه رهي. اهڙي طرح 1970ع ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو تعليمي ٽرسٽ اسرائيل ۾ وجود ۾ آيو.
اسرائيل ۾ چيو وڃي ٿو ته خدا کانپوءِ سڀ کان وڏو درجو تعليم جو آهي. اسرائيل ۾ تعليم، هوا ۽ پاڻي وانگر مفت ڪئي ويئي آهي اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل جو هر فرد اعليٰ تعليم يافته آهي
”لوٽس ٽيمپل“ سڄي دنيا ۾ ”بهائي ڪميونٽي“ جي ستن وڏن ٽيمپلس مان هڪ آهي. ٻيا ڇهه اپيا (Apia) ويسٽرن سامورا، سڊني آسٽريليا، ڪمپالا (يوگنڊا) پنا ماسٽي (پاناما)، فرينڪفرٽ (جرمني) ولميٽ (آمريڪا) ۾ آهن جيڪي سڀ اڏاوت جا شاهڪار نمونا آهن.
اسان هوريان هوريان لوٽسن جي مکيه عمارت ڏانهن وڌڻ لڳاسين ۽ ٽيمپل جو تقدس برقرار رکڻ جي لاءِ، پنهنجا بوٽ لاهي، جمع ڪرائي، ٽوڪن وٺي ڀيڙ ۾ گم ٿيڻ لڳون ٿا. ڊاڪٽر مشتاق، ان تلڪ لڳل ۽ ساڙهي پاتل ديوي جي پويان پويان! ۽ آئون وري دال ۾ ’ڪارو“ ٿيڻ جي بدران، وڇوٽي ڇڏي اڳتي وڌڻ لڳس ۽ لوٽس ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ڀانت ڀانت جي ڊريسن ۾، ڏورانهن ڏيهن کان ايندڙ ماڻهن کي ڏسندو، قطار ۾ اڳتي وڌندو، مکيه عمارت ڏانهن وڌڻ لڳس. منهنجون نظرون مٿي کڄن ٿيون، ڇرڪ ڀريان ٿو پنهنجي سامهون ”سونهن ديوي“ ايفرو ڊائيٽ کي بيٺل ڏسي. هوءَ هڪدم منهنجن حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿي. لوٽس جي سونهن ۽ سندرتا ته اڳ ۾ ئي من کي موهي وڌو هو پر هن تي نظر پوڻ سان ئي آئون پنهنجي وجود کي وساري ويٺس. خيالن جا پکي پرواز ڪري الائجي ڪٿ پهچي ويا. منهنجي روح ۾ سرمدي گيتن جا آلاپ ٻُرڻ لڳا ۽ عجيب سرشاريءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويئي. سونهن جي سامهون انسان ڪيڏو نه بي وس بڻجي ٿو وڃي. ٽوئرسٽ بس مان لهي گيٽ جي اندر گهڙياسين ته ”لوٽس“ جي بيهڪ ۽ چئني طرفن ٽڙيل گلن جي سندرتا ۽ خوشبوئن، پارڪ ۾ ڊيلن جيان ٽيلارا ڪندڙ حسينائن من مندر ۾ ديپ ٻارڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. دور ديسن ۽ هندستان جي ڏورانهن هنڌن تان آيل سياحن جي ڪئميرائن جي فليشن، موويز ۽ انهن جي اکين جي ماڻڪين ۾ لوٽس جو هر حصو محفوظ ٿي رهيو هو. هڪ ڇڪ هئي... ازلي ڇڪ... ۽ اسين ان ڇڪ ۾ ڇڪبا، مختلف نظارن کي ڏسندا هڪ قطار ۾ اچي ٿا بيهون. هال ۾ اندر گهڙڻ جي لاءِ- ٻنهي پاسن کان ايندڙ قطارون هڪ گنبذ نما دائري ۾ داخل ٿي بيهجي ٿيون وڃن دروازا کلڻ جي اوسيئڙي ۾...
اوچتو نظرون سامهون کڄي ٿيون وڃن. هُن کي ڏسي ڄڻ اکيون کيريون ٿي وڃن ٿيون ۽ بُت پنڊ پاهڻ... اڇي ساڙهيءَ ۾ هڪ حور خرامان خرامان، ڪنهن ڊيل جيان ٽيلار ڪندي اچڻ لڳي. ڄڻ ڪوهه قاف جي پري هجي پر ڪوهه قاف جي پريءَ جي هن جي اڳيان ڪهڙي حيثيت هئي. هوءَ ته جنت جي حور هئي، جنهن کي ڌرتيءَ تي موڪليو ويو هو.
خاموشي- پن ڊراپ خاموشي ٿي وڃي ٿي ۽ هوءَ سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻجي وڃي ٿي:
اي عاشقان، اي عاشقان، شڌا شڪارا وجه حق
دفع حجب گرديد هان از قدرت رب خلق.
(اي عاشقو! اي عاشقو! حق جو چهرو ظاهر ٿي ويو. ڏسو آسماني رب جي قدرت سان حجاب جا پردا هٽي ويا).
هن جي سونهن، هر طرف تنهنجو تجلي بڻجي ٿي وڃي هن جو حسن سڀني کي موهي ٿو وجهي.
سونهن سان ايڏي ته ٽٻ آهين
لڳي ٿو هار جي نه پوين.
قرت العين طاهره... ذهن ۾ نالو ’ڪلڪ‘ ٿئي ٿو. خيالن جو سلسلو آبشار جي صورت ۾ وهي ٿو نڪري. قرت العين طاهره نئون جنم وٺي آئي آهي. الائجي ڪيڏي مهل هال جا دروازا کلن ٿا. پير ’بهائي هال‘ ڏانهن وڌڻ ٿا لڳن، پر روح ڄڻ سندس سامهون ’ڪورنٽس‘ بجا آڻي بيهي ٿو وڃي. بهائي هال ۾ سروس جاري هئي. چوڌاري سانت لڳي پيئي هئي. اهڙي سانت جيڪا هڪ احترام لائق هنڌ تي هوندي آهي. منهنجون نظرون بار بار پٺتي مُڙي ڏسڻ ٿيون لڳن ۽ ان مدهوشيءَ مان تڏهن نڪتس جڏهن اسان جي بس ”قطب مينار“ ڏانهن وڌڻ لڳي.


2 comments:

  1. This comment has been removed by a blog administrator.

    ReplyDelete
  2. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete