Sunday, November 25, 2012

دهلي جو درشن - يوسف سنڌي


دهلي جو درشن
 يوسف سنڌي
دهليءَ ۾ پهرئين ڏينهن جڏهن ”آڪاش واڻيءَ“ تي وينا شرنگيءَ سان ملاقات ٿي ته مون کانئس پڇيو هو، ”دهليءَ ۾ ڪو اهڙو ڪتاب گهر آهي، جتي سنڌي ڪتاب وڪري لاءِ موجود هجن؟“
”نه، اهڙو ڪو به ڪتاب گهر ڪونهي.“ وينا وراڻيو.
پوءِ جڏهن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي سان ملاقات ٿي ۽ موڪلائڻ مهل هن پڇيو، ”هاڻ ڪيڏانهن ويندا؟“ مون وراڻيو، ”اسين ساهتيه اڪاڊمي دهلي وڃڻ ٿا چاهيون، جيئن اتان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري سگهون؟“


”ٺيڪ....!“ ڊاڪٽر رويءَ وراڻيو، پوءِ هن اسان کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي اچي ميٽرو اسٽيشن تي ڇڏيو.
”ساهتيه اڪاڊميءَ جي ڪتاب گهر تان سنڌي ڪتاب ته ملي ويندا؟“ موڪلائڻ مهل مون پڇيومانس.
”هائو، ڪجهه ملي ويندا... جيڪي ساهتيه اڪاڊمي وارن جا ڇپرايل آهن.“ ڊاڪٽر رويءَ وراڻيو.
ساهتيه اڪاڊمي جي آفيس، ’رويندر ڀون‘، فيروز شاهه مارگ (روڊ) نئين دهليءَ ۾ آهي. اسين جڏهن اتي پهتاسين ته حيران ٿي وياسين. ٽي ڏينهن اڳ اسين ان ئي روڊ جي سامهون واري چوڪ وٽ، بلڪل ڀر ۾ ڳچ دير بيٺا هئاسين. پاسي ۾ ئي موجود آڊيٽوريم ۾ فيض احمد فيض ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن صبح وارو سيشن ۽ شام جو مشاعرو هو.
روڊ ٽپي ٻئي پاسي وياسين ته سامهون ’رويندر ڀون‘ ۾ ساهتيه اڪاڊمي جو بورڊ لڳل نظر آيو. اندر داخل ٿي اڪاڊميءَ جي ڪتاب گهر جو پڇيوسين جيڪو بلڊنگ جي ٻي ماڙ تي هو. بلڊنگ ڏاڍي سهڻي، مختلف تصويرن ۽ مورتين سان سجايل هئي.
مون ۾ اها عجيب عادت آهي ته جت به وڃان، ننڍي توڙي وڏي شهر ۾، جيڪڏهن اتي ڪو ڪتاب گهر موجود آهي ۽ ان هوندي به ان ۾ نه وڃان ته پوءِ هڪ عجيب تشنگي رهجيو وڃي. پوءِ ڪو ڪتاب وٺان يا نه وٺان... اهي ٿوريون گهڙيون جيڪي ڪتاب ۾ گذرنديون آهن، اهي منهنجي لاءِ بيحد خوشيءَ واريون ۽ روح کي راحت ڏينديون آهن. دهليءَ ۾ جت به ڪو ڪتاب گهر نظر ٿي آيم ۽ موقعو ٿي مليم ته جهٽ ان ۾ گهڙي ٿي ويس. ساهتيه اڪاڊميءَ جي ڪتاب گهر ۾ گهڙي، دخل تي ويٺل همراهه کي سلام ڪري، چوڌاري شيلفن ۾ رکيل ڪتابن جو جائزو وٺڻ لڳاسين. شيلفن ۾ مختلف ٻولين جا ڪتاب رکيل هئا. پر اسڪرپٽ جي واقفيت نه هئڻ سبب خبر ئي نه ٿي پئي ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي ٻوليءَ جو آهي. چوڌاري چڪر هڻڻ سان اردو ۽ انگريزي ڪتابن تي نظر پئي. آئون اتي بيهي هڪ هڪ ڪري ڪتاب ڏسڻ لڳس.
ساهتيه اڪاڊمي، هندستان سرڪار پاران مختلف ٻولين جي ادب جي ترقي وغيره لاءِ برپا ڪيل آهي. جيڪو هن وقت 24 هندستاني ٻولين ۾ نه رڳو ڪتاب ڇپرائيندو آهي، پر انهن ٻولين جي اديبن جي مان ۾ تقريبون ڪري ٿو ۽ هر سال انهن چوويهن ئي ٻولين ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي ڪئش پرائز پڻ ڏي ٿو. انهن ۾ سنڌي ٻولي پڻ شامل آهي. اهي 24 ٻوليون اُهي آهن، جن کي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊول ۾ قومي ٻولين جو درجو مليل آهي. ساهتيه اڪاڊميءَ اهو ايوارڊ 1954ع ۾ قائم ڪيو ۽ پهريون ڀيرو 1955ع ۾ ڏنو ويو. ان وقت هر ٻوليءَ لاءِ پنج هزار روپيا هو. 1983ع ۾ ان جي رقم وڌائي 10 هزار روپيا ڪئي ويئي. 1988ع ۾ پنجويهه هزار روپيا ڪئي ويئي. 2001ع ۾ 40 هزار روپيا، 2003ع ۾ وڌائي 50 هزار روپيا ڪئي ويئي ۽ 2009ع ۾ اها رقم ٻيڻ تي هڪ لک روپيا ڪئي ويئي. ساهتيه اڪاڊميءَ جي ان ايوارڊ جي وڏي اهميت آهي. نه رڳو اهو پر اڪاڊمي، انعام يافته ڪتابن کي مختلف هندستاني ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي پڻ ڇپرائي ٿي. اڪاڊميءَ پاران ’هندستاني ادب جا اڏيندڙ‘ جي سري هيٺ هڪ ڪتاب جو سلسلو پڻ شروع ڪيل آهي. جنهن ۾ هندستان جي مختلف ٻولين جي ليجنڊر ۽ اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو ورتل آهي. سنڌي ٻولي جي پڻ ڪيترن ئي اديبن تي ڪتاب لکرائي ڇپرايا ويا آهن، جن مان ’سچل سرمست‘ تي ڪلياڻي آڏواڻي کان، ڪاڪي ڀيرو مل تي هيري ٺڪر کان ۽ ليکراج عزيز تي اي جي اتم کان لکرايل ڪتاب هن وقت ياد اٿم. اڪاڊمي اديبات پاڪستان پڻ ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“ جي عنوان سان اهڙن ڪتابن جو سلسلو شروع ڪيو آهي.
ساهتيه اڪاڊميءَ پاران جن 24 ٻولين ۾ هر سال انعام ڏنو وڃي ٿو، انهن جا نالا هن ريت آهن:
آسامي، بنگالي، بودو، ڊوگري، انگريزي، گجراتي، هنڌي، ڪنڙ، ڪون ڪني، ميٿلي، مليالم، مينپوري، مراٺي، نيپالي، اڙيا، راجسٿاني، سنسڪرت، سنٿالي، سنڌي، تامل، تيلگو، اردو ۽ ڪشميري.
ساهتيه اڪاڊميءَ پاران 2010ع جي جن ڪتابن تي ’اڪاڊمي ايوارڊ‘ ڏنو ويو، انهن ۾ سنڌي ٻولي جي جنهن ڪتاب کي اهو ايوارڊ مليو، اهو لڪشمڻ دبي جو شعري مجموعو ”اڃا ياد آهي“ شامل آهي. هتي اها ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته اهو سنڌ ۾ ”مون ۾ مان ناراض“ جي نالي سان، مون 2009ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. ان ڪتاب جي ڇپائي ۾ منهنجي دوست مشتاق گبول ”سنگت“ سان ڀرپور سهڪار ڪيو.
هندستان ۾، سنڌي ٻوليءَ کي ڏهين اپريل 1967ع تي قومي ٻولي جو درجو مليو. ان وقت هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌي هئي. جنهن هندستان ۾ سنڌي جاتيءَ جي گهر کي مان ڏيئي لوڪ سڀاءَ راجيه سڀا ۾ اهڙي رٿ پيش ڪرائي ۽ سڀني پارٽين اتفاق راءِ سان اهو بل پاس ڪيو. ان کانپوءِ هندستان سرڪار پاران سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ، ٻين ٻولين جيان هڪ ڪروڙ روپيا سالياني گرانٽ منظور ڪئي ويئي. پر افسوس جو پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اڃا تائين آئيني طور تي قومي ٻولي جو درجو ملي نه سگهيو آهي.
پاڪستان ۾ به ”ساهتيه اڪاڊمي“ جي نموني تي ”اڪاڊمي ادبيات پاڪستان“ قائم ٿيل آهي. جيڪا پڻ هر سال ستن اٺن پاڪستاني ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن تي ڪئش انعام ڏيندي آهي. پر هڪ فرق اهو رکيو ويو آهي ته اردو ۾ نثر ۽ نظم تي ڌار ڌار انعام ۽ باقي ٻين ٻولين کي هڪ هڪ انعام ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته ڪتاب به گهڻو ڪري اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپرايا ويندا آهن. باقي ٻين ٻولين ۾ بس رڳو خانه پوري ڪئي ويندي آهي ۽ ڪو هڪ اڌ ئي ڪتاب ڇپرايو ويندو آهي.
ادبي انعامن جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اڳ ته ڪو اهڙو ايوارڊ ڪونه هو. پر هاڻ گذريل ڪجهه سالن کان ”سنڌي ٻولي اٿارٽي“ پاران، سنڌي ٻولي ۾ مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي روڪ انعام ۽ شيلڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جيڪو 25 هزار روپين جو آهي ۽ وري اهو انعام حاصل ڪندڙن ليکڪن کي ثقافت کاتي پاران پڻ 25 هزار روپيا ڏنا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ان انعام جي حيثيت وڌندي.
ڪتابن کي اٿلائيندي پٿلائيندي مون ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کان پڇيو، ”سنڌي ڪتاب آهن؟“
”جي سر بلڪل آهن.“ هن سامهون اشارو ڪندي چيو، ”هو تيلگو ڪتابن جي سيڪشن جي پاسي ۾.“
آئون ان شيلف ڏانهن وڌي ويس ۽ اتي رکيل سنڌي ڪتاب ڏسي ايتري ته خوشي ٿيم، جو ڄڻ ڪو املهه خزانو هٿ لڳي ويو هجيم. مون مشتاق کي سڏ ڪيو. جنهن به خوشيءَ جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ اُتي ڪتابن جي ڪليڪشن ڪا گهڻي نه هئي، پر مون ۽ مشتاق ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻ جي لاءِ چونڊيا. جن ۾ هڪ ڪتاب ڪاڪي لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي جي چونڊ لکڻين جو مجموعو ”چونڊ رچنائون“ به هو، جيڪو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سهيڙيو آهي.
ڪتاب گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ صوفا رکيل هئا ۽ اوهين چاهيو ته ڪو ڪتاب کڻي ڪيتري به دير تائين اتي ويهي پڙهي سگهو ٿا. اوهان کي ڪو به نه جهليندو. ٻيو ته اتي هڪ وزيٽر بوڪ به رکيل آهي، جنهن تي اوهين پنهنجا تاثرات ۽ رايا لکي سگهو ٿا. مون ڊاڪٽر مشتاق جو ان پاسي ڌيان ڇڪائيندي کيس تاثرات لکڻ جي لاءِ چيم. جيڪي هن انگريزيءَ ۾ لکيا، مون وري سنڌيءَ ۾ لکيا ته ڪائونٽر تي ويٺل همراهه چيو، ”سر! انگريزي يا هندستانيءَ ۾ به لکو... جيئن اسين سمجهي سگهون.“
”اهو ته ٺيڪ آهي... پر سنڌي هندستان جي قومي ٻولي ڪونهي ڇا؟“ مون پڇيومانس.
”هائو سائين، بلڪل آهي.“
”مون پنهنجا تاثرات سنڌيءَ ۾ لکيا آهن... جيڪا هندستان جي قومي زبان آهي... ساهتيه اڪاڊميءَ وٽ ضرور سنڌي ڄاڻندڙ هوندا، جيڪي اهي پڙهي سگهندا.“ وراڻيم.
ڊاڪٽر مشتاق جي سڏ تي منهنجو ڏانهنس ڌيان ويو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو ۽ ان جو هڪ صفحو کليل.
”ڇا ته نظم آهي سائين...!“
”ارشاد ٿئي...!“
ڊاڪٽر پڙهڻ شروع ڪيو:
مون تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا آهن
الف کان وٺي ’ي‘ تائين
پر مان....
تنهنجي سمنڊ جي گهراين جهڙي بدن کي پڙهي ڪين سگهيو آهيان.“
”واهه سائين واهه... ڪنهن جو لکيل آهي.“ پڇانس ٿو.
”انيندتا سني گپتا جو.... هندستاني شاعر آهي.... جيڪا انگريزيءَ ۾ شاعري ڪري ٿي.“ مشتاق چيو.
”غضب جو خيال اٿس.“
ڪتابن کي ڦلهوريندي هڪ ننڍو ڪتاب هٿ چڙهيم، جيڪو مراٺيءَ جي شاعر ”ڪسم اگرڄ“ جي چونڊ هڪ سؤ نظمن جو اردوءَ ۾ ترجمو هو: ترجمو وري ڪنهن ڪيو هو: گلزار.
جنهن شاعر جي شاعريءَ جو ترجمو گلزار ڪيو هجي، اها ڪيئن هوندي، ان تي راءِ ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. بس انهيءَ ڪتاب جي ٽن ننڍن نظمن جو ترجمو پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
مون کي ڇا گهرجي
سمجهه ۾ نٿو اچي
ڪٿي آهي’هو‘
ڪٿي ملي ئي نٿو.
’ڪٿي‘ ۽ ’ڇا‘ جي ان گهري اونداهيءَ ۾
جيڪو آهي، اهو به نظر نٿو اچي.

مون چيو هو،
چنڊ پراڻو ٿو لڳي
ان جون تشبيهون
هاڻ ڪيترا ڀيرا ورجايون؟
پر چنڊ توتي
ايترو ته گهڻو لٿو آهي
جو ڪابه ’تشبيهه‘ هتي
فقط ’گناهه‘ ٿي لڳي.
اسان ڪيترائي ڪتاب خريد ڪيا. ڪجهه اهڙا به هئا، جيڪي خريد ڪرڻ تي دل هرکي رهي هئي. پر وزن وڌڻ جي خيال سبب ڇڏڻا پيا.
”اڄ ته مزو اچي ويو... سائين!“ ڪتاب گهر مان ٻاهر نڪرندي ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو:
”ڪيئن ڀلا؟“
”ڪتابن جي چونڊ ۽ خريداريءَ واهه جو مزو ڏنو.“
”متان نه مڃين ڊاڪٽر.“
”ڪيئن نه مڃينداسين.... مڃيوسين.... بلڪل مڃيوسين.“ ڊاڪٽر وراڻيو. ساهتيه اڪاڊمي جي خوبصورت ڪاغذ جي ٿيلهن ۾ ڪتاب کڻي چهڪندا هوريان هوريان هيٺ لهڻ لڳاسين. منهنجي خواهش هئي ته اڪاڊميءَ جي تنظيمن سان گڏجان ۽ اڪاڊميءَ بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪريان. پر دهليءَ ۾ آخري ڏينهن هئڻ سبب وقت جي تنگيءَ جو خيال ڪندي، اها خواهش دٻائڻي پئي. اسين جڏهن سنڌي اڪاڊمي دهلي ۽ سنڌي وڪاس بورڊ ويا هئاسين، تڏهن به پاسي ۾ اردو اڪاڊمين جون آفيسون ڏسي، اها ساڳئي خواهش جاڳي هئي. پر وقت جي تنگي سدائين اڳيان اچي ٿي ويئي.

2 comments:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete
  2. This comment has been removed by a blog administrator.

    ReplyDelete