ڀريي شھر
ڀنڀور ۾
ڀٽ شاھ جو سفر
ڀٽ شاھ جو سفر
عاشق منگي
خبر پئي ته تاريخ ۲۵ مئي ۲۰۱۲، اربع جي رات جو
ڀٽ شاھ تي مُرشد جي ڄمڻ جي تقريب/ سالگرھ ٿي رهي آهي. اڱاري ڏينھن، ۲۴ مئي تي، منجھند
ڌاري لاڙڪاڻي مان، حيدرآباد واري ويگن تي چڙهي رات جو ۹ بجي کان پوءِ
درگاھ تي پهتس.
معمول کان وڌيڪ
ماڻهو هئا. اسٽيج به تيار هُئي. وضو ڪري، فاتحہ پڙهي، زيارت ڪئي. نماز ادا ڪري،
مسجد جي صحن ۾ ٿيلهي تي مٿو رکي آهلي پيس. ڏٺم ته روضي جي صحن ۾ عورتون ۽ ٻار سُتا
پيا هئا. منجھانئن ڪي دُعائون گهري رهيون هيون ته ڪي وري ڪچهري ڪري رهيون هيون.
اسان وٽ به ملان ۽ ڇوڪرن جو ساڳيو حال هو.
گذريل ٻن ٽن سالن
کان شاھ صاحب جي سالگرھ ملهائڻ جي رسم هلي رهي آهي. آهستي آهستي ماڻهو وڌندا وڃن
ٿا. مون کي مِني ميلو لڳي رهيو هو. فقيرن جي راڳ سان گڏ، اسٽيج تان به آلاپ اچي
رهيا هئا.
ڪجھ عمر رسيده
مسافر منهنجي ڀرسان اچي ويٺا. مان اٿي هنن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ڪي گهوٽڪي جا، ته ڪي
خيرپور جا هئا. بلڪل فقير منش ۽ عقيدتمند هئا. کين ٻڌايم ته نئون ديري کان آيو
آهيان.
منهنجي زندگيءَ ۾
ههڙيون راتيون، بلڪل ٿوريون آيون آهن. ٺٽي ۾ عبدالله شاھ اصحابيءَ تي سڄي رات،
فقير عبدالخالق ۽ مان جاڳيا هياسين. اُهو مهاجرن جو پير آهي. سنڌي ٿورا هياسين. ان
درگاھ جي خصوصيت اِها هئي ته عورتون اندر روضي ۾ نه پيون وڃن. اتي جنن واريون
ڇوڪريون به ڏٺيون. هتي ته بلڪل اڪيلو آهيان. اجنبين جي ميڙ ۾ مون کي سُڪون ملي
رهيو آهي. موبائيل ۽ پرس جو الڪو هيو، پر ننڊ ته ڪرڻي ئي ڪو نه هئي.
”ساري رات سبحان کي، جاڳي جن ياد ڪيو.“ (شاهه)
اتي ئي S.M.S آيو ته سڀاڻي جيئي سنڌ وارن جي
هڙتال آهي. مون سوچي ڇڏيو ته؛ اربع جي منجهند تائين درگاھ تي رهبو، پوءِ حيدرآباد
هلي آرام ڪبو. ماني ڄاڻي واڻي نه کاڌم. بسڪيٽ، فروٽ ۽ جوس وغيره تي گذارو ڪرڻو
آهي. پاڻي به ٿورو پيئان پيو، نه ته هر هر
اٿڻو پوي ها.
خالص عوامي ميڙ، منهنجي سامهون هو. ڪو به V.I.P يا عالم
۽ دانشور ڪو نه هو. سڀ مرشد جي سِڪ مان پنهنجي گهران خرچ ڪري آيا هئا. اهو سوچي
مان مُرڪي رهيو هيس ته هر سال ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارا لکين روپيه T.A، D.A خرچ
ڪري، درگاھ تي اچي حاضري ڀريندا آهن. گلن جون چادرون، اجرڪ، کائڻ پيئڻ، تيل پاڻي،
سڀ اڳاڙيل ٽيڪس مان خرچ ٿيندو آهي. جڏهن گورنر ۽ چيف منسٽر ايندو آهي ته خلق خدا
تي لٺ پئي وسندي آهي. سڀ دڳ بند ٿي ويندا آهن. جيسيتائين برهمڻ، درگاھ تان موٽ
کائن. يار! هنن کي ڪو فضيلت سان سمجهائي ڇو نه ٿو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ اچي افتتاح
ڪيو. يا اتي موجود سجاده نشنين کان ئي افتتاح ڪرايو. مون لکين ماڻهن جي تڪليف ۾
خواري ڏسي ۽ پسي چڪو آهيان، ميلي دوران.
اچو ته هڪ شعر تي سوچيون:
نڪو ليکو ٿيو، نڪو تتو ڏينهن،
تِهان اڳي نينهن، ڇنو آتڻ وارين. (شاھ)
سنڌ جي گورنر کي گورنري ڄڻ ڪليم ۾ مِلي آهي. ڪراچيءَ ۾ ماڻهن مرڻ جو حڪومت ڄڻ
ڪنهن کي لائسنس ڏنو آهي. ڇا هيءُ سڀ ڪجھ، سنڌ تان هٿ کڻڻ جي برابر نه آهي.
ڪهڙن ڦٽن تي پها رکجن. ڪهڙي واويلا ڪجي!
سڀ جيئرا جاڳندا ويٺا آهيون. نه مئاسون، نه زخمي ٿياسون. ائين ويٺي ويٺي سنڌ جي عظمت ۽ غيرت کي وساري، پنهنجي جي ڏاڙهي
پٽ ۾ پورا آهيون.
رات جو ٻي ٽين بجي ميلي جي موٽ آهستي آهستي شروع ٿي. جهونڙن، مُرڪون ۽ دُعائون
ڏيندي، مون کان موڪلايو. باقي ٽائيم مان اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ گذاريو. صبح جو نماز
پڙهي وري مسجد اندر، بي فڪر ٿي سمهي پيس. انهن ٻن ڪلاڪن مون کي رليڪس ڪري ڇڏيو.
مسجد ۽ روضي جو صحن سان گڏ، ٻاهرئين ايوان ۾ صفائي ۽ پوچي وغيره شروع ٿي چُڪي
هئي. ٻاهر وڃڻ تي دل نه ٿي. هڪ همراھ جي ڀر ۾ اچي ويٺم. اُتيِ ئي چانھ پيتي. ٿوري
ٽائيم ۾ هڪ ٻئي سان مانوس ٿي وياسين. منهنجي پڇيل سوالن جي جواب ۾ هُن ٻُڌايو:
1.
گذريل سال ٻن ڪروڙ روپين جي ماربل جو ڪم ٿيو آهي. ڪم جي
ڪوالٽي اوهان جي سامهون آهي. جن سنگ مرمر جي سرن تي اسين ويٺا آهيون، اُهي هم چورس
هڪ فوٽ آهن. اُهي جوڌپور کان آيل آهن. ڏاڍو پائدار ۽ وزندار آهن. اُهي سرون اکيڙي نيون
لڳايون اٿائون.
2.
روضي جي اندروني حالت بابت هُن ٻڌايو ته؛ انجنيئرن جي هڪ
ٽيم اچي، روضي جو مٿان معائنو ڪيو هو. بعد ۾ هنن رپورٽ ڏني ته؛ ”روضو مضبوط آهي.“
هُن روضي جي اڳيان پلرن ۽ ڇت بابت به ٻُڌايو. روضي جي اڳيان واڌارو بعد ۾ ڪيو ويو
هو. ڇت ۽ پلر، ڏاڍا خوبصورت آهن.
هڪ ٻن فقيرن سان به ڪچهري ٿي. هنن جو چوڻ هو ته:
1.
سيد حبيب شاھ کي ٽي زالون
هيون.
2.
روضي اندر ڀٽائي صاحب سان گڏ سيد جمال شاھ جي قبر آهي. اُهو
سندس وڏو ڀاءُ آهي. مائرون الڳ اٿن.
3.
شاھ صاحب جي حويلي کي ٽي گنبذ هئا، جن مان هڪ ڊهي پيو آهي. ڪافي
عرصو ٿي چڪو آهي، پر ڪم ڪو نه ٿو هلي.
اُتي ئي ويٺو هئس ته نوجوان جاپاني جوڙا اچي پهتا. سڄي ٽيم هئي. ڪئميرائون
وغيره هئن. راڳ وارن جي ڀرسان جڏهن اُهي پهتا ته مون کانئن پڇيو؛ ”شاھ جي شاعري
پڙهي اَٿو.“ هُن نھڪر ۾ جواب ڏنو. منهنجو ٽيمپو لوز ڏسي، ٻي ڇوڪريءَ چيو ته اردو
به ايندي اٿن. مون کيس صرف ايترو چيو؛ ”سنڌ گورنمينٽ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن، شاھ
صاحب جي پوئٽريءَ کي انگريزيءَ ۽ اُردو ۾ شايع ڪرايو آهي. اُهي وٺي پڙهو.“ هُن ها
ڪئي پر اُها به نھ جهڙي هئي. ڪو دڪان هجي ها ته خريد ڪري، گفٽ طور ڏيانس ها. مان
وڌيڪ سوچيو ته؛ ”پُٽ گهرڻ جي عمر ڪو نه اٿس. باقي الله کان مڙس گهرڻ، زيارت ڪرڻ ۽
سنڌ جي ثقافت ڏسڻ لاءِ آئي هوندي.“
مون کي ان وقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن اُن ڇوڪريءَ، روضي جي دروازي جي چانئٺ تي
بيهي، هٿ چانئٺ تي رکيو، وري سيني ۽ نرڙ سان لڳايو، پوءِ اندر وئي. اصل ۾ پهريائين
هڪ اردو ميڊيم واري ڇوڪري هُن کي اهڙي رهرسل ڪري ڏيکاري. مون سمجهي ورتو ته؛ ”هيءَ
ٻڌ مذهب سان تعلق رکي ٿي. باقي پرڪار سنڌي عورتن جهڙا اٿس. تعليم، پينٽ شرٽ ۽
انٽرنيٽ هُن ۾ تبديلي ڪو نه آندي آهي.“
مان ٻاهر نڪري آيس. وهنجي ڪپڙا بدلايم. نيرن ڪئي. سُٺي چانھ ملڻ جو پڇي، اتان
وڃي چانھ پيتم. ڪڙڪ چانھ تازو ڪري ڇڏيو.
ڪراڙ ڍنڍ، شيخ اياز ۽ ميوزم ڏانهن رخ رکيو. چوڌاري ڀتيون، لوهيون گرلون انهن
جي مٿان گلن جون وليون. مون کي ياد پيو: ۱۹۶۲ع ۾ هنن عمارتن جو سنگ بنياد محمد خان
جوڻيجي رکيو هو. هو ايوب خان جي دور ۾ مرڪزي وزير هو. گذريل چڪرن ۾ عبدالخالق ۽
مان سڄو ڀٽ شاھ گهميو هو.
ڀٽي صاحب ۽ بينظير صاحبه جي وقت ۾ به ڪافي ترقي ٿي هئي. گرم ڏينهن، ٿوري هوا،
اياز جي ڌرتيءَ کان ۱۰ فوٽ کن مٿي سنگ مرمر جي قبر، ڪراڙ جو خوبصورت نظارو. مون
اياز جي قبر کي ڏسي جھونگاريو؛
ورهــيـن کان واســو، سڄـڻ تنـهنــجــو ســاھ ۾،
پنهنجن کان پاسو، مناسب ناهي منهنجا پرين.
اياز جي طبيعت ۾ ڏاڍي ارڏائي هئي. هر هڪ کان بي نياز، پنهنجي ڳالھ چوڻ ۽ ڪرڻ
وارو. پنهنجي شھر شڪارپور اندر آبائي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ بجاءِ، هتي اچي دفن ٿيو!
سنڌ ۾ ڀٽائيؒ، سائين جي ايم سيد ۽ اياز وري نه ڄمندا. هيءُ منهنجي اندر جو
وجدان آهي. مان ڪرامتن ۾ يقين نه رکندو آهيان. سڄي سنڌ ۽ اسان جا افعال، مون کي
ائين چوڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.
حيرت آ يار!
برو ھو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو. (شاھ)
ملي ته ملندياس، نه ته گھوري جان جتن تان. (شاھ)
سائين جي ايم سيد، سنڌ ۽ سنڌين کان ڪڏھن ڪين رُٺو. ڪجھ ته ڏٺو، سمجھيو ۽ سوچيو
ھوندائين تڏھن ته سنڌ جي تاريخ ۾ کيرٿر جبل وانگر ناقابل شڪست آھي. ڪو نفيس انسان
به ائين محبت ڪندو آھي؟!
مرشد لطيفؒ سڄي عمر ٿر، بر ۽ جبل جهاڳيا. گوتم ٻُڌ جهنگ وسايو. ماڻهن کي ڀڳوان
بڻايو. اياز بيپرواھ سُتو پيو آهي. هُن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آهي. تڪليف ڏيڻ، چلن
پچائڻ ۽ نور نچوئڻ ۾ ڪجھ ته ملي ٿو، انهن انسانن کي.
ايـڪ قـصــر، در لک، ڪــوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. (شاھ)
مرشد لطيفؒ جي ان دعويٰ کي مان سچ سمجهان ٿو. منهنجو جيئڻ جو انداز جُدا آهي،
تنهنڪري عقل ۽ فهم کان اهي ڳالهيون ئي ۽ اوپريون لڳن ٿيون.
شيخ اياز جي مزار تان دُعا گهري هيٺ لٿم. ڏٺم ته ڪجھ فيمليز جدا جدا وڻن جي
ڇانئن، ويرانڊي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ ويٺيون آهن. مرد ۽ ٻار هيڏي هوڏي ڦِري رهيا آهن.
ميوزم جو درواز بند هو. ڪئميرا ڪنڌ ۾ وجهي، ٿيلهو لوڏيندو، اجنبي زائرين سان اچي
مليس. حوال مليو؛ ”ميوزم جا رکوالا چون ٿا ته اربع آهي. اڄ ميوزم بند آهي.“
مون ڏٺو ته ڪجھ اهڙو بورڊ يا لکت وغيره نه آهي.
ٻئي ٻڌايو ته؛ ”۱۱ بجي بجلي ايندي، پوءِ دروازو کوليندا.“
ٽئين ٻڌايو: ”پئسا ٿا گهرن.“
مار پوين سڄي سنڌ جي، اهڙي بي شرمائي، مرشد جي حدن ۾. هڪ ڳوٺاڻو سنڌي، جنهن
سان عورتون ساڻ هيون، پئسا گڏ ڪري رهيو هيو. مون به ۱۵- ۲۰ رپيا انهن کي ڏنا.
سقراط چيو آهي؛ ”هڪ سچو ماڻهو، هميشه هڪ ٻار وانگر هوندو آهي.“ مان پاڻ کي
ڏوهاري سمجهي رهيو هيس. جي گوڙ ڪيان ها ته دروازو ئي نه کلي ها ۽ پوءِ هيتريون
فيمليون جيڪي هزارين روپيه خرچ ڪري آيون هيون، انهن جي اندر ۾ حسرتون رهجي وڃن ها.
هو ميوزم گهمي نه سگهن ها.
مين گيٽ کُليو. ميوزم جو دروازو بند هو. مون انب جي
ڀرسان، سيمينٽ جي بئنچ تي ويهي، ڪئميرا جا سيل مٽايا ۽ ڪجھ تصويرون ڪڍيون، جن مان
هڪ تصوير ميوزم جي مين گيٽ جي اولھ طرف ڪنهن آفيسر جي وِرانڊي جي ڪڍي. اُتي گندگي،
ڪبوترن جون وٺيون. آکيرا پکين جا، ڪاٺيون ۽ ڊنگهر ڏيکارجي رهيا هئا. انهن جي مٿان A.C جا Fans لڳل هئا. ٻي تصوير ان ملازم جي
هئي جيڪو پئسا وٺي، ميوزم جي گيٽ ۽ دروازو کولي رهيو هو.
”برو هو ڀنڀور، اچي آرياڻيءَ اُجاريو.“ (شاھ)
ڪنهن مسيحا ۽ رهبر جي اچڻ جي اميد ڪو نه آهي، پر اسان سڀ سنڌي ۽ سوچي متفق
ٿيون ته؛ نه صرف آرياڻي نروار ٿيندو پر وڏو ڀڀڙ به ڀڙڪي سگهي ٿو.
هڪ تصوير مِٺيءَ جي ڀِيل فئملي جي به، مردن ۽
عورتن کان اجازت وٺي ڪڍي.
ميوزم گهمي ڏٺم. ڪافي سال اڳ مرشد لطيفؒ جون ڪافي شيون گڏ ٿيل هيون. اُهي نظر
ڪو نه آيون يا اُهو هال ئي بند هو.
وري درگاھ تي اچي راڳ ٻُڌم. بعد ۾ تمر فقير، ڊاڪٽر دائود پوٽه ۽ ٻين جي قبرن
جون جائزو ورتو ۽ دُعا گهري. هڪ فقير کان پڇيم؛ ”گذريل سال هڪ چري هتي درگاھ تي
هُئي. هُن ٻڌايو ته؛ ڪنهن اثر رسوخ واري ماڻهوءَ هُن سان زيادتي ڪئي، هُن کي
دارالامان ۾ پٽ ڄائو. ڪنهن خدا ترس انسان هُن سان شادي ڪئي آهي.
هوءَ پٺاڻ نوجوان عورت هئي، هن کي اردو يا سنڌي نه پئي آئي، جيڪو ڳالهائي پئي،
اهو به ڪنهن کي سمجھ ۾ ڪو نه پيو اچي. هوءَ بلڪل عليل يا پاڳل هئي.
مون کي لوئيس برائون جو ڪتاب ياد پيو، جيڪو هُن ڇھ سال محنت ڪري، لاهور جي
هيرامنڊيءَ تي لکيو آهي. اُتي جيڪي به ڇوڪريون ۽ عورتون ويٺل آهن، اُهي به عياش
مردن ۽ مٿانهين طبقي جون نشانيون آهن. لوئيس، لنڊن ۾ پڙهائيندي هئي. هوءَ مهينن جا
مهينا لاهور ۾ هيرامنڊيءَ اندر رهي. هُن گند کي صاف ڪري، خرچ ڪري ۽ خواري کڻي اُهو
ڪتاب لکيو آهي. سنڌ جا وڏيرا ون يونٽ جي دور ۾، ڀلاوڻن کان پئسا وٺي، لڏو وڃي
لاهور ۾ لاهيندا هئا. مير علي نواز خان واري بالي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو؟
”ٻَانهن وِجهي واتَ، ريهون ڪيان رُڃَنِ ۾.“ (شاھ)
اندر مان هڪ آھ نڪتي؛ ڪاش! چريءَ مان ناجائز طريقي سان ڄاول ڇوڪرو هن ملڪ جو
ولي برانڊٽ ٿئي. وِلي برانڊٽ (۱۸ ڊسمبر ۱۹۱۳ع- ۸ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع) مغربي جرمنيءَ جو
سال ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۴ع تائين چانسلر رھيو. کيس ۱۹۷۱ع جو امن جو نوبل انعام به مليو
ھيو. کيس به پيءُ جو نالو مليل نه هو.
”واڪا ڪنديس وو، مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري.“ (شاھ)
No comments:
Post a Comment