الهاس نگر
۾ هڪ رات
تاجل
بيوس
هوٽل روز ووڊ ۾ ئي
هئس، جو هري موٽواڻيءَ فون ڪري ٻڌايو ته مان هوٽل مان لڏو پٽي، وٽس پهچان، جتان
نارائڻ ڀارتي مونکي الهاس نگر وٺي وڃڻ لاءَ اٻاڻڪو آهي. هريءَ ٻڌايو ته؛ وٽس نند
جويري ۽ نند ڇڳاڻي به پهچڻ وارا آهن. جيول آف انڊيا ۽ نٽراج هوٽل جي آجياڻن جي
تصويري البم ۽ ڪجھ سوکڙيون موڪلڻ لاءِ هتان شري آر جي آڏواڻي صاحب، پروفيسر رام
پنجواڻي ٽرسٽ جي چيئرمين جو به فون آيو. سندس ٿورا مڃيندي آڏواڻي صاحب کي چيم ته؛
جيئن ته مان هوٽل ڇڏي رهيو آهيان. ان ڪري تصويرون مونکي هري موٽواڻيءَ جي گھر موڪليون
وڃن. (تصويرن جو اهو البم مون کي اڄ تائين ڪو نه مليو، جيڪو مون لاءِ ڏاڍو قيمتي
هو.)
سامان سڙو هري جي
گھر پهچائي، اسان هيٺ لٿاسين. هري پهريائين پنهنجي دڪان تي وٺي آيو، جتان نارائڻ
ڀارتيءَ سان گڏجي مان الهاس نگر روانو ٿيس. اسان وڪٽوريا ٽرمينل ريلوي اسٽيشن تي
آياسين، جتان جو چهچٽو ڦڙتيءَ سان ريلن مان لهڻ، چڙهڻ، ٽڪيٽ وٺڻ جو طريقو، پليٽ
فارم تي گهماگھمي، مسافرن جي رهنمائي جا بورڊ، نرخ-ناما، لائوڊ اسپيڪرن وسيلي هر
ٽرين جي اچڻ ۽ روانگيءَ جا تفصيل ٻڌي ۽ ڏسي مون کي جاپان جي ٽوڪيو جون ريلوي
اسٽيشنون ياد اچي ويون.
ٽوڪيو ۽ وڪٽوريا ۾
فرق اهو هو جو هڪ ته هتي ٽڪيٽون وٺڻ جو خودڪار طريقو ڪين هو. ٻيو ته هن اسٽيشن جا
مسافر گھڻو ڪري غريباڻي لباس وارا نظر ٿي آيا ۽ بس. مون کي هوند توڙي اڻهوند واري
قانون جو احترام هڪ جھڙو نظر آيو. ڪو نظام، ڪا رٿا، ڪا حڪمت عملي هئي، جنهن شهري جيوت
جي ضمانت ٿي ڏني، جنهن سان هڪ ڀارت واسي ٻئي ڀارت واسيءَ جو احترام ٿي ڪيو. فرسٽ
ڪلاس ۾ چڙهڻ سان ئي اسان کي ويهڻ جي جاءِ ملي وئي.
الهاس نگر پهچڻ ۾
اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو. واٽ تي هڪ اسٽيشن تان اسان واري گاڏيءَ ۾ ٻه جوانڙيون
چڙهيون ۽ راڊ ۾ لٽڪندڙ گول ڇلن ۾ هٿ ڦٻائي اسان جي مٿان اچي بيٺيون. مون نارائڻ کي
چيو ته؛ ”يار! عورتون بيٺيون هجن ۽ پاڻ چڱا مڙس ٿيا ويٺا هجون، مون کي خراب ٿو
لڳي.“ چيائين اخلاقي ڪم ۾ دير ڇو، اسان اٿي کڙا ٿياسين ۽ ٻئي جوانڙيون اسان کي
ٿورائتن نگاهن سان مالا مال ڪندي سيٽن تي ويٺيون. مون ڏٺو ته بيٺل توڙي ويٺل سڀني
مسافرن، اکين ئي اکين ۾ اسان جا ٿورا مڃيا، خاص ڪري مون وديشيءَ جا.
الهاس نگر ريلوي
اسٽيشن تي لهي، بازار مان گھمتاريون ڏياري، نارائڻ لڪشمي مارڪيٽ ۾ واقع پنهنجي
آفيس ”سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن“ ۾ وٺي آيو. (جتي نارائڻ ڪتاب ڇپائڻ جو ڪاروبار هلائيندو
آهي) ڪٻٽ ۾ هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيل ڪجھ سنڌي ڪتاب سجايل هئا. نارائڻ، موهن ڪلپنا کي فون
ڪيو. جنهن چيو ته؛ ”سندس آفيس ۾ غير ملڪي وفد آيل آهي. اسان وٽ رات جو ڏهين وڳي
ڌاري پهچندو.“ چانھ پياري نارائڻ وري به گھٽيون گھمائيندو (مونکي قمر ڀٽي جا ڪتاب
”هند ۾ جلاوطن سنڌي، ۽ سڀاش چندر بوس ياد اچڻ لڳا.) مون کي منوهر مٽلاڻي جي فوٽو
شاپ تي وٺي آيو، جتي هيري ٺڪر به دريءَ مان ديدار ڪرايو. اسٽوڊيو ۾ ڀاءُ ٻلديو مٽلاڻيءَ
اسان جا چڱا خاصا فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ الهاس نگر جي شاهي بازار ۾ سنڌين جا دڪان ڏسندا
جگديش لڇاڻي جي گھر آياسين.
جگديش، ڪاليج ۾
پروفيسر آهي ۽ وينا پبلڪيشن ۾ آنرري ايڊيٽر طور به ڪم ڪندو هو. هن جي گھر ۾ ايڏي
ته پنهنجائپ هئي جو جڳديش جي گھر واري، ”منهنجي ڀاڄائي“ مون کي پنهنجي هٿن سان
پاپڙ-پاڻي پيش ڪيو. مون اڃا تائين جڳديش لڇاڻيءَ جي چپن تي ڊوڙندڙ مرڪن کي دل جي
هڪ خاني ۾ سنڀالي رکيو آهي. هيري ٺڪر ۽ جڳديش جو ساٿ ۽ پيرن هيٺان الهاس نگر جي
زمين مون کي سنڌ پهچائي ڇڏيو. مون کي جڏهن به مايوسي ويڙهي ويندي آهي ته مان اک
ڇنڀ ۾ ڪلپنا جا پر پائي، پاڻ کي الھاس نگر پهچائي ڇڏيندو آهيان. جڳديش جي گھران
پيٽ ۾ پاپڙ پاڻي داخل ڪري اسان پريم چند وارن جي گھر آياسين.
پريم چند، ٻلديو ۽
منوهر ٽيئي ڀائر آهن. ٻلديو جئي هند ڪاليج ممبئي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراھ آهي.
مٽلاڻي برادران ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ زندگيءَ جي گاڏي پنهنجن هٿن سان هلائڻ سکيا آهن.
سندن قرب ۽ گھر ۾ حسن اخلاق ڏسي مونکي هي ٽيئي ڀائر هڪ ئي ٽاريءَ ۾ ٽڙيل ٽي گل نظر
آيا. خوب رهاڻيون ٿيون، ساڳيو ئي پنهنجي گھر وارو ۽ جيوت چاولا جي گھر وارو ماحول،
ڄڻ ته سڀني قسم کڻي ڇڏيو هو ته اڄ رات سمهڻو ڪنهن کي به ناهي. ان رات ڪراچيءَ
ڳالهائڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ڪئيسين. سڀ دوست ٿڪجي پيا پر فون جا گھربل نمبر نه مليا.
رات جو دير سان
سمهي، صبح جو سوير اٿياسين. چانھ پاڻيءَ کان پوءِ اسان هرداس ماکيجا وٽ پهتاسين.
جتي اسان جي ناشتي جو انتظام ٿيل هو. هرداس الهاس نگر جي واٽر سپلاءِ اينڊ ڊرينج
ڪاميٽي جو سيڪريٽري ۽ پوليس ڪاميٽي جو ميمبر آهي. جيڪو الهاس نگر ۾ وڏي عزت ماڻيندڙ
شخصيت جو مالڪ آهي. ادب شناس ۽ ادب نواز هئڻ ڪري، سندس دوستيءَ جو حلقو اديبن ۽
شاعرن تائين پکڙيل آهي.
نيرن پاڻي ڪري اسان
جيوت گوگيا ”جوت“ سان ملڻ سندس آفيس وياسين. جتي هن جھونڙي کل مُک ۽ هر دل عزيز
اديب نه رڳو چانھ بسڪيٽ کارايا پر ان سان گڏ گنگارام سمراٽ جو لکيل ڪتاب ”هندستان“
۽ ڪهاڻين جو ڪتابڙو ”شينهن ۽ ٻڪري“ به سوکڙي طور ڏنا. گوگيا ”جوت“ سان ڪجھ گھڙيون
گھاري، جوت مان جوت جلائي، ڪرشن لال بجاج پنهنجي گھر وٺي آيو. ۽ منهنجي تقاضا تي
هندي-سنڌي لغت پنهنجي صحيح سان ڏنائين.
ان کان پوءِ ماکيجا
صاحب اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويو. جتي پيٽ ڀرڻ کان پوءِ غزل جي قدآور شخصيت ايم
ڪمل سان ملڻ لاءِ سندس گھر وياسين.
سج ٻه چار ڪنا چڙهي
چڪو هو، وڻن واهيرن ۽ گلن ڦلن تان ماڪ خشڪ ٿي چڪي هئي. الهاس جون محل ماڙيون سج جي
روشنيءَ ۾ وهنجي سهنجي مون کي نمسڪار چئي رهيون هيون. ايندڙ ويندڙ ۽ ملندڙ مان سنڌ
جي مٽيءَ جي مهڪ محسوس ڪري رهيو هئس. جنهن سان به ڳالهائجي پيو، ڄڻ پن ڇڻ پڄاڻان
دل بهار جي سڳند سان واسجيو پئي وئي. هر مک مان سنڌيت ٽپڪي رهي هئي، جيئن انگوڇي ۾
وڌل ماکيءَ جي ڦر کي مٺ جي زور ڏيڻ سان ماکي لارون ڪري وهندي آهي.
ايم ڪمل کان اسان
غزل ۽ وايون ٻڌيون. سندس غزل نه رڳو تخليقي عمل ۾ رچي راس ٿيل هئا پر منجھن آفاقي
پيغام به هئا. توڙي جو غزلن جو تاڃي پيٽو، علم عروج جي پابندين سان اڻيل هو، اهو
به پڙهيو هئم ته ايم ڪمل غزل ته واھ جو ٿو لکي پر ردم ۾ ڪڏهن ڪڏهن مار کائي ٿو
وڃي. ايم ڪمل کان مون جو به غزل ٻڌو، ان ۾ علم عروض واري ئي رواني هئي، مون کي ته
ڪو به عيب نظر نه آيو هو، سندس پتو آهي، بلاڪ سي ۵۴، الهاس نگر ۴۲۱۰۰۴ ڀارت. سنڌ
جا احوال اوريندي مان جذباتي ٿي ويس. اکين جا بند ڀڄي ڳوڙها ڏڙھ ڏڙھ ڪري، قميص
پسائڻ لڳا. ڳالهائڻ بيهي ويو. هر ڪو شش پنج ۾ پئجي ويو. هن قسم جي شوٽنگ ختم ڪرائڻ
لاءِ هيرو ٺڪر مون کي پهرين منزل تي وٺي وڃي منهن ڌورايو. پهريان ته هيري ٺڪر
پنهنجي رومال سان پنهنجا ڳوڙها اگھيا. (هيري لکيو آهي ته اهو رومال سنڀالي رکيو
اٿائين) منهن تي پاڻي جون ٻه لپون وري اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺس. اکين جي آلاڻ ۽ جذبات
ڪري، بس مان ايم ڪمل جا غزل ئي ٻڌندو رهيس. ڪيڪ پيسٽريون کائي ايم ڪمل سان ڀاڪر
پائي اسان الهاس نگر جي ريلوي اسٽيشن پهتاسون.
ريلوي جي بڪ اسٽال
تان مون ڪجھ اخبارون ۽ مخزنون خريد ڪيون. هيري ٺڪر جي تعارف ڪرائڻ ڪري ان سنڌي بڪ
سيلر مون کان پئسا ئي نه ورتا. جيسين گاڏي اچي اسان پليٽ فارم تي ٽهلنداسين. اهو
پليٽ فارم جنهن پليٽ فارم تي اسان کان وڇڙي ويل هن وطن سنڌين جا معصوم ٻارڙا
کٽمٺڙا ۽ پاپڙ، پڪوڙا ۽ لائي، وڪڻندي ريل جي ڦيٿن ۾ پنهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون ڪٽائي
ويهندا هئا ۽ ڪڏهن ته زندگيءَ تان به هٿ ڌوئي ويندا هئا.
ڀارت جي سنڌين جا جسَ
جوڳا ڪارناما سنڌ جا هندو پنهنجي ساڻيھ مان ڌڪجي ڌار ٿي جڏهن ڀارت جي سرزمين تي
پهتا ته مٿي ڍڪڻ لاءِ اجھا اڏيائون. درن تي ڳوڻيون ۽ پال ٽنگي جيئڻ لاءِ جتن
ڪيائون ته ان وقت هنن پنهنجي ٻوليءَ کي کٽا ۽ اُگرا پير سمجھي اڇلي ڇڏڻ بدران کيس
اکئين لائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. مائرون ۽ ڀينرون سنڌ ۾ خالي پينگھا ته ڇڏي آيون پر
ٻچڙن ۽ ڀائرن کي سنڌيءَ ۾ لولي ڏيڻ نه وساريائون. پنهنجن ٻچڙن کي ٿري پائرن وانگر
ڪپڙن جي ٽڪر ۾ سمهاري کٽ جي ٻانهين سان ٻڌي سنڌي ۾ لوليون ڏيئي زخمي مامتا تي،
آسرن اميدن جا پها رکيائون.
اڄ سمورا سنڌي ڀارت ۾
خوشحال آهن، ٻيو نه تڏهن به پيٽ ڀرڻ لاءِ داڻو پاڻي هر سنڌيءَ وٽ جھجھو آهي. سندن
ٻولي ڀارت جي پندرنهن زبانن وانگر قومي ٻوليءَ جو درجو رکي ٿي. يعني ۱۹۶۷ع ۾ ڀارت
جي آئيني اٺين شيڊول مطابق سنڌيءَ سميت ڀارت جي پندرنهن ٻولين کي قومي ٻوليءَ جي
حيثيت ڏني وئي. جيڪو ڀارت جي سنڌين جو خاص ڪري جھونڙن اديبن، پارکن، گھڻ گھرن جو
وڏو ڪارنامو آهي، جنهن سنڌ جي اديبن جي دلين ۾ ڀارت واسي سنڌين لاءِ احترام پيدا
ڪيو آهي. اهو ڪارنامو انهن سنڌين نه ڏيکاريو آهي، جن جي پيرن هيٺان پنهنجي زمين
آهي. جيڪي نه رڳو صدين کان سنڌ ۾ رهندا پيا اچن پر سندن سڀيتا دنيا جي ٽن وڏين مھذب
۽ قديم تهذيبن جي حوالي سان ڄاتي سڃاتي ٿي وڃي. سال ۱۲۹۷۲ع کان پوءِ هتان جي سرڪار
سنڌ کي ٻه زبانون صوبو ظاهر ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي ٽٻڻيءَ ۾ بند ڪري، مٿانئس ڪارو
نانگ ويهاري ڇڏيو آهي. ڏيهي پنهنجي ڏيھ ۾ پرڏيهين وانگي پيا گذارين. هتي سنڌي ٻولي
انهن ويهن ٻولين ۾ شامل ڪرائي وئي آهي، جن جي واڌاري لاءِ مرڪزي سطح تي ڀارت
ساهتيه اڪيڊمي ڪم ڪري رهي آهي. هري موٽواڻي ٻڌايو ته؛ ساهتيه اڪيڊمي طرفان هر سال
سنڌي جي بهترين ڪتاب تي ليکڪ کي ۲۵۰۰۰ رپين جو انعام ڏنو وڃي ٿو.
No comments:
Post a Comment