خواجه جي درٻار ۾ دعائن ڀري حاضري ۽ امن جي آس
جئه پرڪاش موراڻي
ڪو وقت هو جڏهن هي خطو دنيا جو امير ترين
علائقن ۾ ڳڻيو ويندو هو، دکن جا نظام هجن يا گواليار جا سنڌيا، بڙودا جا گائيڪواڙ
هجن يا ڀوپال جا نواب، بهاولپور جا حاڪم هجن يا قلات جا خان، سنڌ جا مير هجن يا
جوڌپور، جئه پور، اڌيپور، ميواڙ ۽ ٻاڙ مير جا رجواڙا! دولت انهن جي در جي باندي
هوندي هئي. سندن شان شوڪت، هتي جي من موهڻي موسم، سنڌو، گنگا، جمنا، برهمپترا،
چناب، راوي، بياس، ستلج ۽ ڪاويري جي ڪنارن تي جهولندڙ سون ورنا سنگ، سرسبز ميدان،
ماڻڪن جهڙا ماڻهو ۽ برف سان ڍڪيل چوٽيون، سنڌڻ ململ هجي يا نيرولي جي جياپي جو
سهارو نير هجي، ڪوهنور ۽ ان جهڙا ٻيا هيرا هُجن يا مور پنکن وارا تخت، ايڪڙن ۾
پکڙيل محل هجن يا سون جهڙي سنهري واري رکندڙ صحرا هجن، اهي سدائين اولهه جي “غريب“
ملڪن لاءِ ڪشش جو سبب رهيا. انهي ڪشش انگريزن، پورچوگيزن، ڊچن ۽ فرينچن کي
”انڊيا“ جي ڳولا لاءِ کارو کيڙڻ تي مجبور ڪيو.
جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني کان سندن بيٺڪيت جي
حاڪميت راڻي جي حوالي ٿي ۽ راڻي پاران مقرر ڪيل وائسراءِ هندستان آيو ته ان پاران جيڪا پهرين خط و ڪتابت راڻي
سان ٿي ان ۾ هن ٻه ڳالهيون ڏاڍيون اهم لکيون. هڪ اها ته هتي جا نواب ۽ رڄواڙا وڏي
شان شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر وارا آهن. آئون غريب انگلينڊ جو عملدار، منهنجو پگهار گهٽ
آهي. ان ڪري جڏهن آئون انهن سان ملان ٿو ته مون کي پنهنجو نه پر اوهان جي شان شوڪت
۽ عزت جو خيال ٿئي ٿو. ان ڪري منهنجو پگهار وڌايو وڃي ته جيئن آئون انهن سان سندن حيثيت مطابق ملي
سگهان ۽ اوهان جي شان ۾ به گهٽتائي نه ٿئي.
ٻي اها ته هڪ قبر سڄي هندستان تي راڄ ڪري ٿي.
اها قبر ڪنهن جي نه پر خواجه معين الدين چشتي اجميري جي هئي. جنهن جي معتقدن،
مريدن ۽ چاهيندڙن ۾ هر مذهب، رنگ، نسل ۽ قوميت جا ڪروڙين ماڻهو شامل هئا ۽ آهن.
خواجه جي درٻار جا در هر هندو، مسلم، سک ۽ عيسائي لاءِ هر وقت کليل آهن. اُهي عقيدت
سان اتي اچن ٿا ۽ خالي جهوليون ڀري موٽن ٿا. هي اهو در آهي. جتان ماڻهن کي مرادون
پلئه پونديون آهن ۽ خوشين جي خيرات ملي ٿي.
هي اهو در آهي جنهن جي حاضري ڀرڻ جي آس آمر
مشرف به ڪئي هئي جڏهن هو 2005ع ۾ صدر ۽ آرمي چيف جي حيثيت ۾ ڀارت جي دوري تي آيو
هو پر واجپائي سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ سبب هو خواجه جي چائنٺ چمڻ بنا ئي وطن واپس
وريو هو. سندس تڪڙي واپسي بعد جڏهن ميڊيا تڏهوڪي ڀارتي پرڏيهي وزير ڪنور جسونت
سنگهه کان اهو سوال ڪيو هو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوهان مشرف کي اجمير وڃڻ جي اجازت
نه ڏني ته خواجه جي در جي پراڻي سوالي جسونت سنگهه ترت وراڻيو هو ”اسان ڪير ٿيندا
آهيون ڪنهن کي خواجه جي درٻار ۾ وڃڻ کان روڪڻ وارا، اهي جنهن کي چاهيندا آهن
گهرائيندا آهن. جنهن کي نٿا پسند ڪن اهو سندن درٻار ۾ نه وڃي سگهندو. “
لڳي ٿو ته اجمير وارو خواجه صاحب صدر آصف علي
زرداري تي سندن قسمت وانگر مهربان آهي. جو خاص طور تي حاضري لاءِ طلبيو ويو آهي ۽
آصف علي زرداري پڻ پنهنجي سياسي ولي عهد بلاول ڀٽو زرداري سوڌو خواجه درٻار ۾ اچي
پهتو.
اهو ته ٿي نٿو سگهي جو پاڪستان جو سربراهه
مملڪت ڀارت وڃي ۽ اتي جي حڪومت هُن کان لاتعلق رهي. جيتوڻيڪ چيو اهو پيو وڃي ته
آصف علي زرداري جو اهو دورو بلڪ ”نجي“ نوعيت جو هو پر ان باوجود هو پهرين نئين
دهلي جي پالم ايئرفورس ايئر بيس تي لٿو ته ڀارت جي مهماننوازي واري وزير آر ڪي بنسل
پرڏيهي سيڪريٽري راجن مٿائي ۽ پاڪستاني سفير شاهد ملڪ صدر ۽ سندس 44 ميمبرن واري
وفد جي آجيان ڪئي. ايئربيس تي جيتوڻيڪ صدر ميڊيا جي ماڻهن کي ڏسي مسڪرايو ۽ سندن
هٿ لوڏي ٿورا مڃيا پر انهن سان ڳالهايو ڪجهه به نه. اتان هو سڌو نئين دهلي ۾ 7 ريس
ڪورس روڊ تي واقع ڀارتي وزير اعظم جي رهائشگاهه تي پهتو جتي ڀارتي وزير اعظم ڊاڪٽر
من موهن سنگهه ۽ پارليامينٽري معاملن جي وفاقي وزير پون ڪمار بنسل سندس آجيان ڪئي.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن زرداري ۽ سنگهه وچ ۾ ٿيل
نوڪيلائي واري ملاقات جو مدو 30 کان 40 منٽ ٻڌايو آهي پر اڌ ڪلاڪ ۾ معاملا گهڻي
قدر بهتري ڏانهن ٿي ويا. ڀارتي وزير اعظم پاڪستاني صدر پاران ڏنل دوري جي دعوت کي
نه رڳو قبول ڪيو پر ايترو به چيو ته کيس پاڪستان ايندي خوشي ٿيندي. هن اهو پڻ چيو
ته هو هن ملاقات کان تمام گهڻو مطمئن آهي.
صدر زرداري جي هن دوري کي ميڊيا ”درگاهه
ڊپلوميسي“ جو نالو ڏيئي رهي آهي. اهو 2005ع واري مشرف جي ڀارت واري ناڪام دوري کان
پوءِ ڪنهن به پاڪستاني سربراهه مملڪت جو پهريون دورو آهي. ڀارت جي نامور صحافي ۽
هندستان ٽائمز جي ايڊيٽر تيکر گپتا لکيو آهي ته 2005ع واري مشرف جي دوري وقت واري
صورتحال بلڪل تبديل آهي. ان وقت مشرف پاڪستان جو صدر ۽ آرمي چيف هجڻ جي حيثيت ۾
مڪمل طور تي بااختيار هو ۽ کيس پنهنجي طاقت جو گهمنڊ هو. ساڳئي صورتحال ڀارت جي
وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي سان به هئي. جيڪو پارليامينٽ ۾ پنهنجي واضح اڪثريت جي
گهمنڊ سبب ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻي گهمندو هو. ان گهمنڊ ٻنهي کي اقتدار جي مسند کان ڌڪي ڌار
ڪيو. هن وقت صدر آصف علي زرداري جيتوڻيڪ حڪومتي سياسي سفر ۾ ڪافي رڪاٽون پار ڪري
اڳتي آيو آهي پر ملڪ جي خراب ٿيندڙ معاشي صورتحال ۽ دهشتگردي جي وارداتن ايندڙ
چونڊن ۾ سندس پارٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن. ساڳئي صورتحال ڀارت جي وزير اعظم
ڊاڪٽر من موهن سنگهه ۽ سندس پارٽي ڪانگريس سان پڻ لاڳاپيل آهي. اتي پڻ ڪانگريس
پارٽي پ پ وانگر پنهنجي گهٽ ٿيندڙ مقبوليت ۽ اتحادين جي مطالبن ڪري پريشان آهي.
ايندڙ چونڊن ۾ سندن لاءِ وڏو امتحان آهي.
ڪانگريس پارٽي جي سربراهه سونيا گانڌي جيئن ته
اٽلي ڄائي آهي ان ڪري هوءَ ڀارت جي وزير اعظم جي عهدي لاءِ اميدوار طور چاهڻ
باوجود به اڳتي نٿي اچي سگهي. ان ڪري ئي هوءَ پنهنجي پٽ راهول گانڌي ۽ نياڻي
پريانڪا کي اڳتي آڻي پارٽي جي مقبوليت جو گراف وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان ۾
کيس ڪجهه قدر ڪاميابي پڻ ٿي آهي. ساڳئي ريت صدر آصف علي زرداري جيتوڻيڪ ايوان
صدارت تائين ته ڪامياب رسائي حاصل ڪري چڪو آهر پر پوءِ به کيس چونڊ سياست ۾ پنهنجي
پارٽي جي ووٽ بئنڪ کي بهتر ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي پٽ بلاول ۽ ڌيئرن بختاور ۽ آصفه کي
اڳتي آڻڻو پيو آهي. جنهن جا نتيجا خوشگوار نڪرڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.
هن وقت جڏهن پاڪستان جو پراڻو اتحادي بڻجي رهيل
سپر پاور آمريڪا آهستي آهستي پنهنجا پير پوئتي ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردي خلاف
ويڙهاند جي لاءِ پاڪستان جي ڪجهه اترين علائقن کي مشقت جو ميدان بنائڻ جو خواهشمند
آهي ان جو اظهار اهو ڊرون حملن
ذريعي به ڪندو رهيو آهي، ان صورتحال ۾ پاڪستان سان آمريڪا جا لاڳاپا ايترا آئڊيل
ناهن رهيا جيترا آمرن ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ رهيا هئا. اهي اهڙا دور هئا جڏهن
آمريڪا کي فرد واحد سان ڏي وٺ ڪرڻي هوندي هئي. هر ماڻهو جو ڪونه ڪو ملهه هوندو
آهي. ان ڪري انهن فردن سان ڏيتي ليتي ڪري کين پنهنجا مطالبا مڃائڻ ۾ مشڪلاتون پيش
نه اينديون هيون. هن دور ۾ انهن کي هڪ سياسي حڪومت سان ڳالهائڻو پوي ٿو. جنهن ۾
اتحادين جو به پورو عمل دخل آهي. هاڻي ان سياسي حڪومت کي پرڏيهي قوتن سان ڳالهائڻ
کان اڳ پنهنجي ماڻهن جي موڊ ڏانهن ڏسڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته کين وري انهن ڏانهن ئي
موٽڻو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آصف جي پارٽي ۽ حڪومت آمريڪا جي هر جائز
ناجائز مطالبي تي اکيون پوري هاڪار ناهي ڪئي. نتيجو نيٽو سپلاءِ جي معطلي جي صورت
۾ نڪتو جيڪو افغانستان ۾ پنهنجي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آخري ڇڙيون هڻندڙ آمريڪا لاءِ
وڏو ڌچڪو هو. انهي فيصلي پاڪ آمريڪا صورتحال کي خراب ته ڪيو پر اهو ان لحاظ کان هڪ
سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو. جو پاڪستان کي پنهنجن پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر بنائڻ جو
موقعو ميسر ٿيو. هن وقت جيئن ته پاڪستان ڀارت کي سڀ کان پسنديده ملڪ جو درجو ڏيڻ
جي فيصلي ويجهو اچي پهتو آهي ته ٻنهي ملڪن جي معاشي صورتحال بهتر طرف سفر شروع ڪيو
آهي. ڀارت جي ڀٽنڊه ريفائنري مان پاڪستان لاءِ تيل جي مصنوعات جي شروعات ٿيڻ وار
آهي. ساڳئي صورتحال گجرات، ڄام نگر واري ريفائنري ذريعي شروع ٿيندي. واگها اٽاري
تي ايڊوانس ڪسٽم پوسٽ قائم ٿي رهي آهي. جڏهن ته راجسٿان سنڌ سيڪٽر ۾ کوکرا پار
موڻا بائو تي پڻ واپارين لاءِ سهولتن جي بندوبست جو ڳالهيون پڻ هلندڙ آهن.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين پاڪستان سان ڪرڪيٽ
جا لاڳاپا بهتر بنائڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ناهي ٿيو پر پاڪ ڀارت هاڪي مئچ ٿيندا
رهيا آهن. آءِ پي ايل ۾ جيتوڻيڪ پاڪستاني ڪرڪيٽر نظر نٿا اچن پر هاڪي ليگ ۾
پاڪستان جو بهترين اسٽرائيڪر ريحان بٽ ممبئي جي مهيندرا اسٽيڊيم ۾ چنديگڙهه واريئر
پاران پوني اسٽرائيڪرس خلاف کيڏندي سڀني ڏٺو.
هي اهو وقت آهي جڏهن ٻنهي ملڪن کي پنهنجي نام
نهاد ڪور اشوز کان اڳتي به ڪجهه سوچڻ جي ضرورت محسوس ٿي آهي.
تجزيي نگار ۽ ڀارت جي وزير اعظم جي ميڊيا بابت
اڳوڻي صلاحڪار سنجئه بارو چواڻي جيڪڏهن ماضي ۾ هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهندڙ يورپي
ملڪ پنهنجي سمورن اختلافن کي پاسيرو رکي هڪ سڪو ۽ هڪ پاسپورٽ ڪري سگهن ٿا. اتي جا
سبراهه هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ ايئن وڃي سگهن ٿا جيئن ڪنهن پاڙيسري جي گهر ۾ چانهه جي
دعوت تي وڃبو آهي. هڪ ٻئي کي مُور نه سهندڙ ٻئي جرمني برلن ديوار کي ڊاهي هڪ ٺاهين
ٿا پاڪستان ۽ ڀارت کي اختلاف جن جي حقيقت ۾ ڪابه قدر قيمت ناهي پاسيرا رکي دوستي
جو هٿ وڌائڻ ۾ ڪيتري تڪليف آهي. ماضي ۾ مشرف ڪرڪيٽ ڊپلوميسي ذريعي لاڳاپن جي بهتري
جي ڪوشش ڪئي پر آمريت ۽ جمهوريت ۾ دوستي نه ٿي سگهي. هنن ٻنهي ملڪن کي هن وقت بهتر
پاڙيسري طور رهڻ جي ضرورت آهي. آصف زرداري جي هي ڪوشش برف ٽوڙڻ لاءِ بهتر قدم آهي.
ڇاڪاڻ ته هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ جمهوريت به آهي.
آصف زرداري جيڪي لفظ اجمير جي درگاهه جي مهمانن
واري ڪتاب تي لکيا هئا اهي هندستان پاڪستان جي سوا ارب ماڻهن جي دلين جي ترجماني
ڪن ٿا ته
”شال مالڪ انسانيت لاءِ بهتري آڻي“
اسان جي به اها دعا آهي ته گلابي راجسٿاني پڳڙي
۽ سنڌي اجرڪ اوڍيل صدر ۽ سندس فرند جو هي دعائن ڀريو دؤرو ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاءِ
معطر هوائون آڻي.
No comments:
Post a Comment