يورپ کان ايشيا اڌ ڪلاڪ جو
سفر!
عبدالحي پليجو
جڳهه
جي تر ۾ موجود حوض اڄ به پاڻيءَ سان ڀريل آهي. جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سِڪا هزارن جي
تعداد ۾ پيل هئا، جيڪي ڇت ۾ لڳل بجليءَ جي روشنيءَ سبب صاف نظر اچي رهيا هئا. اسان
جي روبرو به ٽوئرسٽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ سِڪا اُڇلائي رهيا هئا. چون ٿا ته ڪنهن دور ۾
هتي پاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ مان نهر وسيلي هن پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پهچندو هو، جتان وري
اهو پاڻي سنهين نالين يا ڪسين ذريعي سڄي استنبول شهر جي سمورن گهرن ۾پهچايو ويندو
هو. هن واٽر سپلاءِ اسٽيشن جي ڇت کي سنگ مرمر جي 363 ٿلهن پيلرن تي بيهاريو ويو
آهي. ”جيمس بانڊ ڊبل زيرو“ سيون فلم جي هڪ سيڪوئل جي شوٽنگ به هن پاڻيءَ جي تلاءِ
۾ ڪئي وئي هئي. واقعي! ماڻهو پنهنجي سک لاءِ ڪيڏي نه محنت ۽ ڪيترا نه ٽڪساٽ ٿو ڪري
۽ پنهنجي انهيءَ سک کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن جا نه سُک ٿو ڦٽائي!
بعد
۾ اسان هتان کان ٽيوب ٽرين ۾ سفر ڪندي، سمنڊ ۾ ٺهيل ٽنل منجهان لنگهندا، باسفورس
کاريءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچي وياسين. هن ڪناري کان ئي باسفورس سمنڊ واري کاريءَ جو
سير ڪرڻ لاءِ سوين لانچون ۽ جهاز هزارين سياحن ۽ مسافرن کي روزانو هن کاريءَ جو
سير ڪرائڻ ۾ مشغول آهن. سمنڊ جي هن ڪناري تي سمنڊ گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارن
جون ڪيتريون ئي قطارون لڳيون پيون هيون. اسين به هڪ لائين ۾ لڳي بيٺاسين ۽ ٽڪيٽ
خريد ڪياسين. ٽڪيٽ تي اسان کي سير ڪرائڻ لاءِ مقرر ٿيل جهاز جو نمبر به لکيو پيو
هو. اسان کي انهيءَ نمبر واري جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو ۽ جهاز
۾ چڙهڻ لاءِ وري به قطار ۾ بيهڻو پيو. جهاز ٽي ماڙ هو، منجهس اڍائي ٽي سئو کن
ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، جهاز جو ٽيو ماڙ صفا کليل هو، تنهن ڪري هر مسافر
اوڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. هن جهاز اندر هڪ عاليشان هوٽل به هئي. جهاز باسفورس
سمنڊ جي نيري پاڻيءَ کي چيريندو هلڻ لڳو. سمنڊ جي وچ تي ترندڙ هن جهاز مان اسان کي
سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود ٽڪرين تي اڏيل استنبول شهر اڳ کان وڌيڪ وڻندڙ ۽ وڌيڪ
شاندار ٿي لڳو. جڳهين سان گڏ شهر جي وڻڪار هن شهر کي ڄڻ ته چار چنڊ هڻي ڇڏيا هئا.
مٿي ٽڪرين تي اهو منظر ته سمنڊ ۾ وري سوين ٻيڙين ۽ انهن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل
سامونڊي پوليس جي لانچن به ڏاڍو سٺو چهچٽو ڇڏيو هو. استنبول شهر جو الهندو ڀاڱو
يورپ کنڊ ۽ اڀرندو ڀاڱو ايشيا کنڊ ۾ آهي. انهيءَ جهاز ۾ گهمندي اڌ ڪلاڪ اندر يورپ
کان ايشيا پهچي وياسين. جهاز باسفورس جي اڀرندي ڪناري تي ڏهه پندرهن کن منٽ ترسي
وري اڳيان هلڻ لڳو ۽ انهن پُلينِ (Bridges) هيٺان لنگهيو، جيڪي جيمس بانڊ زيرو زيرو
فلم ۾ ڏيکاريل آهن ۽ جت فلم ۾ فائيٽ جا سين فلمايل آهن. اڳي استنبول شهر جي ٻنهي
ڀاڱن کي ملائڻ لاءِ فقط هڪڙي پل ٺاهي وئي هئي، پر هاڻ سمنڊ جي مٿان ٻي پل به ٺاهي
اَٿن. انهن ٻنهي پُلين تي ماڻهن کي پيادو هلڻ جي اجازت ڪانهي.
جڏهن
جهاز هن باسفورس سمنڊ جي وچ تي پهچي ٿو ته ماڻهو پاڻ کي دنيا جي ٻن کنڊن يعني يورپ
۽ ايشيا جي وچ ۾ ڏسيو پنهنجي اندر ۾ هڪ عجيب خوشي وارو احساس محسوس ڪري ٿو ته مار!
هينئر آئون دنيا جي ڪهڙي نه عجيب ماڳ تي موجود آهيان! جتان ماڻهو ٻنهي کنڊن کي هڪ
ئي وقت ۾ پيو ڏسي. هزارين سال اڳي ته هتي پهچڻ لاءِ بادشاهن کي به ڪيتريون ئي
جنگيون ڪرڻيون پونديون هيون، جن ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي کين هتي پهچڻ جي سعادت
نصيب ٿيندي هئي. هن باسفورس سمنڊ هزارين سالن دوران زماني جا ڪيترا نه رنگ تبديل
ٿيندي ڏٺا هوندا! پر خود هي سمنڊ پنهنجو اهو ساڳوڻو هلڪو بلو رنگ برقرار رکيو اچي!
باسفورس
سمنڊ تي هينئر ري ٿنڀين ري ٿوڻين پُلين کان سواءِ ٻه ٻيون به پليون ٺهيل آهن، جتي
سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو بيهندي ڪنڊين سان مڇيون پيا مارين. استنبول شهر جي يورپ
واري پاسي سمنڊ جي ڪناري تي سَوَن جي تعداد ۾ عاليشان هوٽلون اڏيل آهن، جت توهان
کي هر وقت لذيذ مقامي توڙي مغربي کاڌن کان سواءِ استنبول جي مشهور ۽ لاجواب مڇي Palamut (پلامُٽ) به ملي
سگهندي، جنهن جو بيحد لذيذ سواد هر استنبول ايندڙ سياح کي ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي.
ٻئي ڏينهن صبح سوير هوٽل ۾ ناشتو ڪري استبول شهر جي هڪ تمام قديم ۽ عظيم بازار
جنهن کي هتي جا ماڻهو ڍڪيل بازار سڏيندا آهن ۽ ڪي ان کي گرانڊ مارڪيٽ به چوندا
آهن، اها بازار گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. اڄ اسان جو استنبول ۾ ٻيو ڏينهن هو. اهو گمان
غالب آهي ته موجوده ڍڪيل بازار واري ماڳ تي شهر جي آڳاٽي دور ۾ به هڪڙي بازار يا
منڊي موجود هئي. انهيءَ دور ۾ انهيءَ وقت جي حاڪم رومي شهنشاهه ڪانسٽينٽائين طرفان
هن شعر جو نالو ڪانسِٽينِٽينوپل (Constantinople) سڏبو هو. جديد منڊين ۽ بازارين جي تعمير کان
اڳ واري دور ۾ ڍڪيل بازارين جي تعمير دنيا جي اوڀر طرف رهندڙ قومن جو رواج هو.
ڍڪيل بازار نه رڳو سڪون ۽ سولائي جو سبب هئي، پر اها چورن چڪارن جي ڦرلٽ کان به
بچيل رهندي هئي. استنبول شهر واري هيءَ ڍڪيل بازار، دنيا جي سڀني ڍڪيل بازارين مان
وڏي ڍڪيل بازار آهي. 1954ع واري لڳل باهه کان پوءِ هن بازار ۾ ٿيل نقصان جي ازالي
طور وري به گهربل مرمت ڪرائي ويئي. اڄڪلهه هيءَ بازار خود هڪ شهر جي صورت اختيار
ڪري ويئي آهي، جنهن ۾ هزارين عاليشان دڪان ٺهيل آهن ته ان سان گڏ هن ڍڪيل بازار ۾
مختلف هنڌن تي هڪ شاندار مسجد، هڪ سٺو اسڪول، هڪ وڏي پوسٽ آفيس ۽ هڪ پوليس اسٽيشن
پڻ قائم آهي. هيءَ بازار روزانو صبح جو اٺين وڳي کان شام جو ستين وڳي تائين کليل
هوندي آهي. هيءَ ڍڪيل بازار رڳو سياحن ۽ سيلانين کي راحت رسائڻ لاءِ ڪا نه جوڙي
وئي هئي، پر هن بازار ۾ هيرن جواهرن کان وٺي مِٽي کڻڻ وارن سُپَن تائين هر قسم ۽
قيمت جي وَٿَ وڪري لاءِ موجود ملندي. تنهن ڪري هن بازار ۾ ٿيندڙ واپار شهر جي
وِکرَندڙِ رونق کي بحال ڪيو آهي. شايد انهيءَ مقصد جي حصول خاطر سلطان محمد فاتح
پنهنجي نالي مسجد ۽ توپ ڪپي محل جي اڏاوت کان پهرين هيءَ ڍڪيل بازار جوڙائي هئي.
No comments:
Post a Comment