Sunday, November 25, 2012

فردوسيءَ جي شهر ۾ - يوسف سنڌي


فردوسيءَ جي شهر ۾
يوسف سنڌي
اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ٽئڪسيءَ اسان کي ‘طوس’ ۾ فردوسيءَ جي مزار جي ٻاهران اچي لاٿو. اسين گيٽ وٽان پنج سؤ تومان في ماڻهو ٽڪيٽ خريد ڪري اندر “باغ فردوسيءَ” ۾ گهڙياسين. ٽڪيٽ تي تخت جمشيد جي آثارن جي تصوير ڇپيل هئي. اهائي ٽڪيٽ اسان کي هر هنڌ، هر ميوزم ۽ تاريخي جاءِ ۾ گهڙڻ مهل ملي، جنهن مان اهو سمجهيوسين ته ايراني حڪومت نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي ورثي تي فخر ٿي ڪري، پر اُنهن کي اُڀاري به ٿي ۽ سياحن کي سياحت واسطي ايران اچڻ تي آماده ڪري ٿي. اُن سلسلي ۾ منهنجي سامهون ايران جي “عالمي سياحتي اداره وزارت وار شاهه اسلامي” پاران ڇپايل هڪ “ايران جي سياحتي گائيڊ” پيئي آهي، جنهن ۾ سياحن کي ايران جي سياحت واسطي آماده ڪندي لکيو ويو آهي، “ايران پنهنجي تاريخي قدامت ۽ دائم اجتماعي ۽ ثقافتي ڪوششن جي ڪري مختلف قسم جون ڏسڻ جهڙيون شيون ۽ هنڌ رکي ٿو، جيڪي سياحت جي خواهش رکندڙن جي هڪ وڏي تعداد جي توقعات کي پورو ڪري سگهي ٿو. هر مسافر، جيڪو ڪنهن به نظريي يا مقصد تحت ايران جو سفر ڪري ٿو، پنهنجي مقصد، منصوبن ۽ ذوق موجب ايران ۾ پنهنجي پسند جي شين کي ڏسي سگهي ٿو.”


سامهون ئي فردوسيءَ جو مقبرو هو، اڇي رنگ جي سنگ مرمر مان ٺهيل اهو مقبرو ڏاڍو پروقار ۽ سهڻو آهي، جنهن جي ٻاهرين ڀتين تي شاهنامي جي چونڊ حصن جي سنگ مرمر تي اڪر ڪئي ويئي آهي. فردوسيءَ جو اهو مقبرو شهنشاهه ايران، ايران ۾ شهنشاهيت جي اڍائي هزار سالا جشن ملهائڻ جي موقعي تي ٺهرايو هو. هن نه رڳو فردوسي، پر عمر خيام، شيخ فريد الدين عطار، ڪمال الملڪ، شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازيءَ جي مزارن کي به اڏرايو ۽ انهن جي تزئين و آرائش تي پڻ ڌيان ڏنو. شاهه ايران جي سياسي پاليسين سان ڪير ڪيڏو به اختلاف ڪري ۽ مٿس تنقيد ڪري، پر هن ايراني قومپرستي جي جذبي تحت ايران شناسي جي حوالي سان ساراهه جوڳا ڪم ڪيا ۽ انقلاب کانپوءِ جي حڪومتن کي به داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، جنهن ان شهنشاهي دور ۾ ٺهيل يادگار ۽ قديم دور جي ورثي کي سنڀاليو آهي. انقلاب دوران، ايراني عوام جتي شاهه ايران جي مجسمن کي جوتن جا هار پارائي، ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ شاهه ۽ شاهه ايران جي نالي منسوب هر شيءِ کي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيو، اُتي هنن فردوسي، خيام ۽ ٻين مشاهيرن جي مجسمن يا اسلام کان اڳ جي پنهنجي قديم ورثي کي هٿ به نه لڳايو، پر پاڻ انهن کي سنڀاليو، جيڪا ڳالهه ايراني عوام جي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي ورثي سان دلي لڳاءُ ۽ وابستگي جو ثبوت آهي. ايراني حڪومت، افغانستان جي طالبان جيان تخت جمشيد ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل مجسمن کي غير اسلامي چئي ڊاهي پٽ نه ڪيو. جيئن طالبانن “باميان” ۾ هزاين سال اڳ ٺهيل ۽ عالمي ورثو قرار ڏنل گوتم ٻُڌ جي مجسمن کي ٽئنڪن جي ذريعي تباهه ڪري نه رڳو پاڻ تان جڳ کلايو، پر پنهنجي تاريخي ورثي کي به تباهه ڪيو. اسين اڳتي وڌي هڪ ننڍي پاڻيءَ جي حوض جي اڳيان ٿا بيهون. فردوسيءَ جو سنگ مرمر سان ٺهيل اهو مجسمو حوض جي وچ ۾ کتل هو ۽ هن جي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ گوڏي تي هو ڪتاب رکيل، ڳوڙهي سوچ ۾ ٻڏل نظر آيو، ڄڻ شاهنامي جي تخليق ڪري رهيو هجي.
“يار منهنجو فردوسيءَ سان گڏ هڪ فروٽو ته ڪڍ” مون فردوسيءَ جي مجسمي جي اڳيان حوض جي ڪناري تي ويهندي امين کي چيو، پوءِ ته سڀني دوستن واري واري سان فردوسيءَ سان فوٽو ڪڍرايا. مون فردوسيءَ کي مخاطب ٿي چيو:
“فردوسي! آئون شاهه لطيف جي ڌرتي سنڌ ۽ اُن جي پيغام جو وارث تو کي، تنهنجي عظمت، وڏائِي ۽ قومپرستيءَ کي سلام ٿو پيش ڪريان. جيتوڻيڪ تو پنهنجي شاهه نامي ۾ جن بادشاهن جي جنگي ڪارنامن کي واکاڻيو آهي، انهن مان ڪن منهنجي ڌرتي سنڌ کي پنهنجو غلام بنايو ۽ انهن جي فوجن منهنجي ابن ڏاڏن جو رت وهايو. تون جي شاهنامو نه لکين ها ته انهن بادشاهن جي ڪارنامن کي ڪير پُڇي به نه ها... آئون توکي ان ڪري به سلام ٿو ڪريان ته توکي پنهنجي ديس ايران سان وڏي محبت هئي. تون اول ايراني هئين ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه. تو ٻاهرين حملي آورن کي ننديندي شاهنامي ۾ لکيو:
ز شير شتر خوردن سو سهار
عرب را بجاءِ رسيد است ڪار
ڪه تخت ڪيان را ڪند آرزو؟
تفو بر تو اي چرخ گردان تفو.
(اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهون کائيندڙن کي اهڙي جرئت ٿي آهي جو ڪيان جي تخت تي (قابض ٿيڻ جا) خواب ٿا ڏسن. اي گردش زمانه (آسمان) تو کي حيف هجي).
تنهنجي اُن ادا کي سلام! پر اي فردوسي اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن ٻي ڌرتيءَ تي حملو نه ڪيو. اسان جي شاعر شاهه لطيف سنڌ سان گڏ سڄي عالم جي آسودي هئڻ جي دعا گهري آهي. جڏهن تنهنجي ڌرتيءَ تي اي فردوسي انهن اٺڻين جي کير پيئندڙن حملو ڪيو ته منهنجي ڌرتيءَ جا هزارين سپاهي تنهنجي وطن جي فوج ۾ شامل هئا ۽ انهن سنڌي سپاهين مان ڪيترن ئي تنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ واسطي جنگ ڪندي، پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اي فردوسي! منهنجو تو کي سلام آهي. پر تو ۽ منهنجي شاهه لطيف ۾ اهو فرق آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه يا حاڪم جي ڪارنامن کي نه واکاڻيو ۽ نه منظوم ڪيو.... هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ديس جي مارو ماڻهن کي ڳايو آهي. پنهنجي ديس جي لاڻن، لين، ليارن، ڪُمن ۽ ڪوڻين، ڍنڍن ۽ ڍورن، وڻن ۽ وستين، ڪمين ۽ ڪاسبين جي واکاڻ ڪئي آهي. هن ‘جيها جي تيها، مون مارو مڃيا’ چئي پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان اٿاهه پيار جو اظهار ڪيو آهي.
آئون فردوسيءَ جي ڳنڀير چهري تي نظر وجهان ٿو ۽ کيس اُنهي سوچ ۾ غلطان ڇڏي اڳتي وڌي وڃي پنهنجي ساٿين سان گڏجان ٿو، هو سامهون ويٺل هڪ فنڪار جي گٽار مان نڪتل مڌر سُرن ۽ سندس وات مان نڪتل لفظن تي مست ٿي هُن ڏانهن وڌي رهيا هئا. اسين سندس ويجهو ٿياسين ته هُن جو آواز اڃا به تيز ٿي ويو. سندس اڳيان ٽوپي رکي هئي، جنهن ۾ ڪجهه نوٽ پيا هئا، صفدر شاهه به اڳتي وڌي وڃي سندس ٽوپيءَ ۾ هڪ نوٽ وڌو ۽ امين هن جي گٽار جي مڌر سُرن ۽ آواز جي لئه تي هٿڙا کڻي نچڻ لڳو. اُتان لنگهندڙ ايراني مُرڪندا اڳتي وڌندا ويا. مون امين جي کنيل انهن اُبتن سبتن هٿن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو.
فردوسيءَ جي خوبصورت مزار جي چوڌاري ڦرندي اسان اچي اُن جي دروازي جي اڳيان بيٺاسين. سچ ته هڪ عجيب خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿي رهيو هو. هڪ عظيم شاعر جي در جي حاضري ڀريندي مون سوچيو، “اهڙي خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ته ڪنهن حاڪم جي مزار تي وڃڻ سان نٿو ٿئي.” مون مڪلي، دهلي، لاهور، تهران ۽ مشهد ۾ ماضي جي حڪمرانن جي مزارن جا چڪر ڏنا آهن، پر اُتي سواءِ ويراني ۽ عبرت جي مون کي ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو.
اتي ئي بيٺا هئاسين ته ٻه ٽي ايراني ڇوڪريون، هڪ اڌڙوٽ عمر جي ايرانڻ سان گڏ اچي لنگهيون. صفا ماڊرن، جينز پاتل ۽ مٿي تي دوپٽو، اسان کي ڏسي بيهي رهيون.
ڪٿي جا آهيو؟ انهن مان هڪ ڄڻي پڇيو. نظر کڻي ڏٺومانس ڄڻ ته سنگ مرمر جي ٺهيل مورتي هجي.
“سنڌ- پاڪستان جا” وراڻيوسين.
“فردوسي ايترو مشهور آهي ڇا؟” پڇيائين.
“نه رڳو فردوسي، پر حافظ، خيام، سعدي، عطار....”
“جامي!”
“انوري ۽ رودڪي” وراڻيم.
“گڊ....!” وراڻيائين.
“اوهان جي ٻولي ڪهڙي آهي؟” پڇيائين....
“سنڌي” وراڻيم.
“سنڌي” ورجايائين.
“پاڪستان ۾ چار وڏيون ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون. سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي.”
“اوهه بلوچي” وراڻائين، “بلوچي از ايراني لينگويج، اور سيم ڪلچر.”
“ييس.... فارسي اٺ سؤ سالن تائين ننڍي کنڊ سان گڏ سنڌ جي به سرڪاري زبان رهي... فارسي ٻولي ۽ ايراني ڪلچر جا سنڌ تي وڏا اثر رهيا آهن....
“واقعي...” حيرت مان چيائين.
“هائو... اسان وٽ ته فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر به ٿي گذريا آهن.”
“اوهان پاڪستان ۾ ڇا ڪندا آهيو؟” پڇيائين.
“هيءَ جنرلسٽ آهي۽ آئون رائيٽر....” مون امين ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“اوهه گڊ! اوهين ڇا لکندا آهيو؟”
“آءِ ايم فڪشن رائيٽر....” وراڻيومانس.
اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري هئي، جو امين وچ ۾ چيو، “اوهان اجازت ڏيو ته اوهان سان هڪ فوٽو ڪڍرايون.”
“نو!” ان کان اڳ جو هوءَ ڪو جواب ڏي، ساڻس گڏ وڏي عمر واري ايرانڻ ٿوري شوخيءَ مان جواب ڏنو.
“او ڪي....” امين وراڻيس.
“نائيس ٽو ميٽ يو...” ان وراڻيو.
“يو آر ويلڪم....” اسان وراڻيو ۽ اها پوپري پنهنجي ساهيڙين ۽ اڌڙوٽ ايرانڻ سان اڳتي وڌي ويئي. کيس ويندي ڏسي منهنجي ذهن ۾ آثم ناٿن شاهيءَ جو هيءَ شعر تري آيو:
ملڻ جي هجي آس، حد کان زياده،
ڪيئن لاهن پياس، سلامن جون ڳالهيون.
هنن کي ويندو  ڏسي اسين به هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين ۽ “باغ فردوسيءَ” واري ريسٽورنٽ وٽان ٿيندا ميوزم ڏانهن وڌڻ لڳاسين ته اسانجن ڪنن تي هلڪن سُرن ۾ سامهون هڪ ٿنڀي ۾ لڳل ننڍڙي ايڪو ٽائپ سائونڊ مان فردوسيءَ جو ‘شاهنامو’ ڪنهن سُريلي فنڪار جي آواز ۾ ٻُڌڻ ۾ آيو. اهو آواز ايترو ته سُريلو هو جو دل چاهيو پي ته بيهي ٻُڌندو رهجي. اهو فنڪار ضرور فردوسيءَ کي سهڻي انداز ۾ ڳائيندڙ ڪو مشهور فنڪار هوندو. هن جي گائيڪي ۾ ايترو ته سوز سمايل هو، جو فارسي نه سمجهندي به لفظ ڄڻ اندر ۾ پيهي ٿي ويا. ميوزم ۾ گهڙياسين ته اها پوپري ۽ سندس ساهڙيون ٻاهر نڪرندي نظر آيون. ڪنڌ ڌوڻي مرڪي ٻيهر هڪٻئي کي سلام ڪيوسين. ميوزم ڏاڍو سهڻو ڪري ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ ‘شاهنامي’ سان لاڳاپيل قصن ۽ داستان کي ناليوارن مصورن جي ٺاهيل پينٽنگز سان سجايو ويو آهي. اتي ٻيا به ڪيترا ئي تاريخي نوادرات، قرآن شريف ۽ شاهنامي جا قلمي نسخا رکيل هئا. پاسي ۾ هڪ ننڍو گفٽ شاپ به هو، جتي ڪيترا ئي سهڻا مِني ايچرز وڪري لاءِ موجود هئا. پر انهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هيون. مون کي اهڙين شين سان گهڻي دلچسپي رهي آهي، پر کيسي ان ڳالهه جي اجازت نه پي ڏني ته انهن مان ڪا شيءِ وٺجي. هونئن به اهي ساڳيون شيون عام دوڪانن تي ڪافي سستيون پونديون آهن. ههڙن هنڌن تي گفٽ شاپس ته رڳو سياحت کي ڦرڻ لاءِ هوندا آهن. ان ئي گفٽ شاپ تي شاهنامي جا ڪجهه خوبصورت ايڊيشن به رکيل هئا ۽ مون عادت موجب انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو. ايران ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ سورهن يا سترهن مختلف سائيزن ۾ ڇپيل شاهنامه ڪتاب گهرن تي ڏٺا. جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ “شاهه جي رسالي” جا مختلف سائيزن ۾، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران ڇاپا ڇپايا ويا آهن، نئين ايران ۾ فرودسيءَ جو شاهنامو به ائين ڇپجي ۽ وڪرو ٿئي ٿو. قم مان رعايتي اگهه سان 25 هزار تومان ڏيئي “شاهنامي” جو هڪ محور ڇاپو خريد ڪيو هو. مون کي قم ۾ ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو سهڻو ڇاپو نظر نه آيو هو. پر هت هڪ محور ڇاپو ڏسي دل ۾ خيال آيم ته مون قم ۾ اهو وٺڻ ۾ تڪڙ ڪئي. نه ته هي ڇاپو وٺان ها، جنهن جو اگهه 45 هزار تومان هو.
ميوزم مان ٻاهر نڪري سامهون فردوسيءَ جي مزار ۽ پوءِ فردوسيءَ جي خوبصورت مجسمي تي نظر وڌم ۽ اهو سوچيندي هلڻ لڳس ته فارسي اٺ سؤ سالن تائين ننڍي کنڊ جي حاڪم طبقي جي زبان ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ رهي. فارسي پڙهڻ، سکڻ ۽ ان ۾ مهارت ترقي جي نشاني سمجهي ويندي هئي ۽ ان وقت اها چوڻي مشهور هئي ته “فارسي، گهوڙي چاڙهسي.” ساڳئي نموني سنڌ به صدين کان فارسيءَ جو مرڪز رهي ۽ سنڌ ۾ اڪثر تصنيف ۽ تاليف ۽ شعر گوئي فارسي زبان ۾ ٿيندي هئي. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن فارسيءَ ۾ ديوان لکيا، جن مان ڪجهه “سنڌي ادبي بورڊ” ۽ ٻين ادارن ڇپايا به آهن. تنهن کانسواءِ عام ماڻهن تي پڻ فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. ڪو دور هو جڏهن سنڌ جي مڪتب ۾ گلستان و بوستان ڪورس طور پڙهايا ويندا هئا. سنڌ ۾ فردوسي، رومي، حافظ، خيام ۽ عطار وغيره جو وڏو اثر ۽ مرتبو رهيو آهي ۽ انهن جي شعرن جا سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ٿيا آهن. جيتوڻيڪ انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ 1857ع ۾ سنڌ ۾ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري حيثيت ڏني ويئي. پر پوءِ به لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين اهي شاعر ۽ سندن ڪلام، سنڌ جي محفلن جو سينگار رهيو.
شاهنامي جي به سنڌ ۾ وڏي حيثيت رهي آهي ۽ اهل سُخن شاهه نامي جا اڪثر حصا ياد ڪندا هئا. انهن کي “شاهنامي جو حافظ” سڏيو ويندو هو. ٺٽي جي هڪ فارسي گو شاعر “لالا آسا رام” کي ته سڄو ‘شاهنامو’ ياد هو. پير حسام الدين راشديءَ چواڻي، “سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي. ٽالپر حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون.”
شاهنامي جي سنڌ ۾ اثرن جي حوالي سان پير صاحب وڌيڪ لکي ٿو، “سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون ئي مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن، پر ڪجهه تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي.”
اچو ته دنيا کي بڇڙن جي حوالي نه ڪريون،
سعيو ڪري نيڪيءَ کي زور وٺايون.
جيڪا ماڪوڙي داڻو کڻيو پئي وڃي
تنهن کي نه آزار
اها به نهايت پياري، وڻندڙ ساهواري آهي
جيڪو اُن کي ستائڻ چاهيندو
اُن جو اندر ڪارو هوندو
۽ دل پٿر جي ٺهيل هوندي.
(فردوسي)

1 comment:

  1. ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو

    انهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
    ،
    منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
    مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
    ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
    منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
    دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
    هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
    مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
    ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
    بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
    تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
    مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
    اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
    مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
    (albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
    توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
     پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.

    ReplyDelete