هالينڊ
جي ٻهراڙي
تنوير
عباسي
ائمسٽرڊام جي شپول
ائير پورٽ تي لٿاسين، ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺوسين، پڪـ هئي تـ لڪي ۽ ڪيس
اُتي هوندا پر اُهي نظر نـ آيا، سامهون هڪـ هنڌ لکيل هو ” ملڻ جي جا، ميٽنگ پليس“ مون سوچيو تـ ان جاءِ تي
وڃي بيهجي تـ بهتر آهي، ڇو تـ جي ٻئي ڌريون هيڏانهن هوڏانهن گھمنديون رهن تـ ٿي
سگھي ٿو، يڪدم هڪٻئي سان ملي نـ سگھن. اها ”ملڻ جي جاءِ“ جي ڳالھ مونکي پسند آئي ۽
قمر کي سامان جي ريڙهي سان لائونج ۾ ڇڏي، اُتي وڃي بيٺس، اڌ ڪلاڪـ تائين لڪي ۽ ڪيس جو ڪو بـ
پتو ڪونـ پيو نيٺ تنگ ٿي موٽي قمر وٽ آيس.
قمر چيو ” سرمد ضرور
فون ڪئي هوندي سرمد چيو هو تـ هو لنڊن مان فون ڪري لڪي کي اسان جي
اُڏام جو نمبر ۽ وقت ٻڌائيندو.“ نيٺ صلاح اها بيٺي تـ مان فون ڪريان. قمر لاءِ ڪجھ
سينڊ وچ وٺي، پئسا موٽايم ۽ سڪا وجھي فون جو نمبر ملايم، ڪو
بـ جواب نـ ، اهو طريقو ٻـ ٽي دفعا ورجايو پر نتيجو ساڳيو نڪتو.
لڪي ۽ ڪيس اوڻيهن سو
اسي عيسوي ۾ پاڪستان ڇڏيو، بندرنهن سالن جي سڪـ هئي، بي صبري سان انتظار ڪيوسين،
نيٺ ٽيلي فون کان مايوس ٿي ايئر پورٽ جي معلومات واري ڪائونٽر تي ويٺل سلڇڻي ڇوڪري
وٽ آياسين. هن کي ڪيس جي ايڊريس ڏيکاريسين ٽيلي فون جي باري ۾ احوال ٻڌايوسين،
مِٺي مُرڪـ، سان وراڻيائين ” ٽيلي فون ڪندا رهو ممڪن آهي هو گھر کان ٻاهر ويل هجن.“
”ٽيلي فون خراب بـ ٿي
سگھي ٿي“
” ناممڪن“ هن يقين سان
وراڻيو ۽ اسان کي پنهنجي بيوقوفي تي ندامت ٿي. پنهنجي ملڪـ جي حال تي هريل جو
هاسين. ٽي ڪلاڪـ تـ واھ جا گذريا ان پريشاني ۾، ان وچ ۾ ٻـ ٽي دفعا ان معلومات
واري ڇوڪري وٽ وياسين هن ائين ٿي سمجھايو، جيئن ٻارن کي سمجھائبو آهي.
چيائين ”جي هو نـ
مليا تـ هن ملڪـ ۾ اهڙو بـ بندوبست آهي جو پوليس اوهان کي وٺي هن ايڊريس تي چڏي
ايندي.“
ٽن ڪلاڪن کانپوءِ
فون رُڌل مليو. ڪجھ اميد ٿي تـ گھر ۾ آيا آهن ۽ ڪنهن سان ڳالهائين پيا، اڌ ڪلاڪـ اها
حالت رهئي، نيٺ نمبر ملي ويو ۽ ٻئي پاسي ڪنهن ڳالهايو، مون چيو” مان تنوير عباسي
ٿو ڳالهايان لڪي آهي.“
هن چيو،” ٿوري دير
انتظار ڪيو، مان سڏي ٿي اچانس، هاڻي هاڻي ٻاهر وئي آهي، پر مان کيس پٺيان سڏي وٺي
ايندس.“
ٻن ٽن منٽن جو
انتظار ٻن ٽن جبلن جو بار هيو، نيٺ ٻئي پاسي لڪي جي ”هيلو “ آئي، چيائين سرمد کين
اطلاع ڏنو آهي، پر توهان هئين ڪيو جو اتي ائيرپورٽ وٽ ريلوي اسٽيشن تان اُتريخ جي
ٽڪيٽ وٺو ۽ اسٽيشن تي پهچي مون کي فون ڪريو ڇو تـ جي مان ڪار کڻي ائمسٽرڊام جي
شپول ائيرپورٽ تي ايندس تـ اوهان کي ٽي ڪلاڪـ کن انتظار ڪرڻو پوندو
۽ ٻيو اڌ ڪلاڪـ گھر پهچڻ ۾ لڳندو. ۽ ريل جي ڪري اڌ ڪلاڪـ بچي پوندو. انتظار
سفر جي ٿڪـ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو، ويتر جو ڪراچي کان استنبول، اتي ڪلاڪـ ٻـ ترسي
جهاز مٽائيڻ، وري استنبول کان ائمسٽرڊام ۾ وقت جو پوئتي ٿيڻ، ائير پورٽ تي انتظار
سڀ ڳالهيون ٿڪـ کي وڌائڻ جو سبب بنيون ۽ اسان جلد از جلد لڪي جي گھر
وڃي آرام ڪرڻ ٿي چاهيو.
شپول اسٽيشن تان
ٽڪيٽ ورتيسين، ٽڪيٽ واري کان سفر جا تفصيل پڇاسين، هن چپ چاپ هڪـ ڪاغذ اسان جي حوالي
ڪيو، جنهن ۾ سفر جا سڀ تفصيل هئا. ڪهڙي ٽرين ڪهڙي مهل ويندي، ڪٿي ٽرين تبديل
ٿيندي.اتان ڪهڙي ٽرين ڪهڙي نمبر پليٽ فارم تان ڪهڙي وقت کڻندي. ريل ۾
چڙهياسين ته، خوشقسمتي سان ان ۾ هڪـ پاڪستاني بـ هو، جيڪو هالينڊ جو رهاڪو هو. ان
رهنمائي ڪئي ۽ هڪـ ٽرين مان لاهي ٻئي ۾ چاڙهيائين ۽ پوءِ ٽين ۾ چاڙهي چيائين
هيترين اسٽيشنن کانپوءِ اتريخ اسٽيشن ايندي اتي لهجو.
اتريخ اسٽيشن تي لهي
لڪي کي فون ڪيم، چيائين” ڏهن منٽن ۾ ڪار کڻي پهچان ٿي، اوهان ٽڪيٽ جي درين جي سامهون
منهنجو انتظار ڪيو.“
قمر کي ٽڪيٽ جي درين
آڏو بيهاري مان ٿورو اسٽيشن جو جائزو وٺڻ لڳس، ٻين سينگار جي شين سان گڏ هڪـ وڏو ۽
سهڻو مجسمو نظر آيو. يورپ ۾ هر عوامي جاءِ تي فن جو ڪو نـ ڪو موقعو موجود ملندو آهي. اهو
چوسول هجي، اسٽيشن هجي يا بس اسٽينڊ، مان دل ئي دل ۾ ان مجسمي جي خالق کي سارهائي
رهيو هيس، ۽ ان جي باريڪن جو اڀياس ڪرڻ لڳس تـ لڪي پهچي وئي. قمر سان قربائتو ڀاڪر
پائي ملي، ساڳي لڪي، اوڻيهن سو اسي واري لڪي، پندرنهن سالن جو عرصو وڏو عرصو آهي،
پر ان عرصي لڪي تي ڪو معمولي اثر ڪيو آهي. ساڳيو ڀريل بت، ساڳيا ڀريل ڳٽا، ڳاڙها
ڳٽول، ساڳي مٺڙي دلفريب مرڪـ ، رڳو وار جيڪي اڳي رڳو ڳاڙها هئا، انهن ۾ ڪجھ اڇن
جون تندون هيون. هن چيو” ڪار پارڪنگ ڪجھ پنڌ تي آهي، ڪجھ سامان
مون کي ڏيو تـ کڻائي هلان.“
مون وٽ ٻـ شِون
هيون، هڪـ ننڍو ڪلهي وارو ٿيلهو ٻيو وڏي ۾ وڏو سوٽڪيس، مون ننڍو ٿيلهو تـ پنهنجي
ڪلهي ۾ وڌو ۽ سوٽڪيس لڪي ڏي وڌايم.
لڪي ڪجھ حيرت مان
ڏٺو، شايد سوچيو هئائين تـ ” عجيب ماڻهو آهي هلڪو ٿيلهو تـ پاڻ وٽ ٿو رکي مون عورت ڏانهن وڏي
۽ ڳري بيگ ٿو وڌائي“ پر جڏهن بيگ هٿ ۾ کنيائين تـ اچي ٽهڪن ۾ پئي، ان سان گڏ مان ۽
قمر بـ ٽهڪـ ڏيڻ لڳاسين، حقيقت اها هئي جو اها وڏي سائيز واري بيگ خالي هئي.
کيس ان خالي بيگ جو
فلسفو سمجھائيندي ٻڌايوسين تـ نيويارڪـ ۾ هر هوائي سفر ۾ هر هوائي مسافر کي ٻن
ڪيترن بـ وڏي سائيز ۽ ڪيتري بـ تور جي بيگ کڻڻ جي اجازت آهي، تنهن ڪري قمر هڪـ بيگ
سامان سان ڀريل کنئي ۽ ٻي خالي جيئن موٽ تي ان ۾ شاپنگ جو سامان کڻِي سگھي.
ڪراچي ائير پورٽ تي
همراھ تور ڪرڻ وقت اها ڳالھ سمجھي ويو هو تـ چرچي ۾ چيائين تـ ” خالي بيگ کڻي وڃڻ
جي اجازت نـ آهي، جي کڻي ويندو تـ ان جا وڌيڪـ پيسا لڳندا“
قمر ٻن وڏين بيگن تي
بـ اڪتفا نـ ڪئي، آمريڪا ۾ هن جي شاپنگ جون حدون ايتريون تـ وڌي ويون جو هڪـ بيگ سرمد کي
وٺڻي پئي ۽ هڪـ نئين بيگ فرانس جي (ڊيلس) سڀ کان وڏي سائيز جي خريد ڪرڻي پئي. اهو سڀ
ٿيو پر ان جي باوجود قمر جو آمريڪا ۾ ٽيھ سيڪڙو سامان جنهن ۾ چاڪليٽ، شيمپو، صابڻ،
دڪانن تي موٽائي ڏيڻو پيو، جو اهو سامان انهن سڀني بيگن ۾ سمائيجي نـ سگھيو.
لڪي سامان گاڏي ۾
رکي گاڏي چالو ڪري پارڪنگ مان نڪري ٻڌائڻ شروع ڪيو تـ سرمد اسان کي فون نـ ڪئي هئي،
اڄ مان گھر کان ٻاهر وئي هيس، اوچتو پاڙي واري نظر آئي ۽ ان سان گپ شپ ۾ لڳي ويس،
جڏهن منهنجي ڌي اوهان جي فون جو ٻڌايو تـ چمپل بـ نـ پاتم، پيرن اگھاڙي ڊُڪـ پاتم،
جي پاڙي واري نظر نـ اچي ها تـ اوهان کي اڃا بـ انتظار ڪرڻو پوي ها.
ٿيو ائين هو جو،
سرمد پنهنجي ڪانفرنس فـون تي اسان ۽ لڪي سان ٽي دفعو رابطو ڪيو هو ۽ اهو طي ٿيو هو
تـ جولائي مهيني ۾ اسان لڪي جن وٽ وينداسين ۽ سرمد کين تاريخ ۽ فلائيٽ نمبر
ٻڌائيندو. اها خبر سرمد وٽ پهچي وئي تـ هن لڪي جن کي ڇو نـ اطلاع ڪيو، ڇو
تـ هن جي ڪمپيوٽر ڊائري وڃائجي چُڪي هئي.
تاريخ کان ڊي بلٽ (
لڪي ڪيس جي ڳوٺ) جو مفاصلو ڏهن منٽن ۾ طي ٿي ويو.
هالينڊ سڄو ساوڪـ،
ڳوٺ ۾ گھڙڻ سان ئي هڪـ وڏو چهچ سائو ميدان آيو ۽ لڪي اشاري سان ٻڌايو ”
اهو سامهون اسان جو گھر آهي“ هوءَ گاڏي ڦيرائي رستو وٺي گھر جي اڳئين در وٽ آئي،
گھنٽي وڄايائين هڪـ ڇوڪري در کوليو، وڏي حجت ۽ پنهنجائيپ مان مون
ڏي ڏسي پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”ايڊٿ يا ائسٽر؟“
ڄڻ تـ اها گھجارت
هئي، جڏهن لڪي ۽ ڪيس خيرپور ۾ هئا تـ انهن کي ٻـ ڌيئون هيون، ايڊٿ ۽ ائسٽر اُهي
ٻئي اسان جي ٻارن سرمد، مارئي ۽ پارس سان کيڏنديون هيون، هاڻي هي ڇوڪري منهنجو
امتحان ٿي وٺي! پندرنهن سالن جو عرصو هاڻي ٻار وڏا نـ پر جوان ٿي ويا آهن، مون ان
ڇوڪريءَ جي اکين ۾ نهاريو، اکين جو نمونو ڪجھ ڪجھ ايڊٿ جھڙو هو شيريون وڏيون ۽
کاٻي اک جي مٿين ڇپر تي هڪـ داڻو، مون ٺھ پھ جواب ڏنو ”ايڊٿ“ چيائين
”تون صحيح آهين.“
لڪي جي گھر جو آڳر
ننڍو هو، پر رنگ برنگي گلن سان سينگاريل، کاٻي پاسي ڊرائينگ روم جو در
هيو، اندر گھڙياسي تـ مان ڦان ٿي صوفي تي ڪري پيس لڪي يڪدم مشروب آندو ۽ چيائين”
هن دفعي مان ڪا بـ اهڙي ڳالھ ڪانـ ٻڌندس تـ توهان سڀاڻي هليا ويندو.“
اڳئين دفعي اوڻينهن
سو اُڻهاسين ۾ هنن وٽ ”هيگ“ ۾ رڳو هڪـ رات رهيا هئاسين.
مون ٽھ ڦھ چيو ”هن
دفعي سڄا سارا ٽي ڏينهن اوهان وٽ هونداسين، هن دفعي ائمسٽرڊام يا ٻئي ڪنهن شهر جو
ڪو بـ پروگرام ڪونهي، اهي ڏٺل آهن، هن دفعي رڳو توهان سان ملڻ آيا آهيون ۽ ٽئي
ڏينهن توهان وٽ هونداسين“
لڪي خوشيءِ وچان رڙ
ڪري ٻڌايائين تـ ”ڪيس پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ برسيليز ويل آهي، مون کي فون ڪيائين تـ
مون اوهان جي اچڻ جو اطلاع ڏنو مانس هو ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پهچي ويندو.“
ڪيس جي اچڻ کان اڳ
هو هڪـ مصري جي ريسٽوران ۾ وٺي وئي، هن کي خبر هئي تـ اسان کي ڪجھ
مصالحي وارا کاڌا وڻندا آهن، هوءَ پاڻ بـ پاڪستان ۾ رهڻ جي ڪري مصالحي وارن کاڌن جي
شوقين ٿي وئي هئي، سندس ٻئي ڌي ائسٽر بـ اچي وئي هئي، سڀني گڏجي مصري مصالحيدار
ماني کاڌي.
” ڊي بلٽ“ ڳوٺ آهي
ٺيڙهيءَ جيترو ٿيندو پر ايترو صاف سٿرو جيترو يورپ جو ڪو بـ وڏو شهر، هر شي موجود
جيڪا وڏن شهرن ۾ ملي.
ماني کائي موٽي گھر
آياسين گھر جي پٺئين پڌر ۾ اسان جي ڪچهري ڄمي، پٺيون پڌر اڳيان کان ڪجھ وڏو آهي،
ان ۾ هڪـ ميز، ڪجھ ڪرسيون، هڪـ وڏو پلاسٽڪـ جو ڇاپرو پيل آهي جنهن ۾ کاڌي جي ميز ۽
ڇھ کن ڪرسيون اچيو وڃن، جي اُس هجي يا مينهن هجي تـ ان ڇاپري هيٺان ويهي سگھجي،
کڻڻ ۾ ڏاڍو هلڪو آهي.
ايڊٿ ۽ ائسٽر سرمد،
مارئي ۽ پارس جو پڇيو. لڪي اسان خيرپور جون ڪهاڻيون ورجايون. سندن پٺئين پڌر آڏو
وڏو چهچ سائو ميدان آهي، جنهن جي پريان شاهي رستو آهي، جيڪو ڳوٺ
۾ داخل ٿئي ٿو، اُتان سامهون ٽريفڪـ پئي نظر آئي، ان ميدان ۾ تمام سهڻا
صحتمند ۽ بهترين بيهڪـ وارا گھوڙا پئي گھميا، مون لڪي کان پڇيو ” هي گھوڙا تـ تمام
خوبصورت آهن ڪنهن جا آهن؟“
چيائين ” سرڪار جا
آهن سرڪار انهن کي پاليندي آهي، رڳو نظاري ۾ خوبصورت کي قائم رکڻ خاطر، انهن کان
ڪنهن بـ قسم جو ڪو بـ ڪم نـ ورتو ويندو آهي، پيا گھمندا ڦرندا آهن.“
گھوڙا گاھ چرندا پئي
رهيا، جيڪو قدرتي طور ان ميدان ۾ اڀريو هو، ڪيس ۽ سندس ڪٽنب سان دوستاڻي
ريت هئي، ايڊٿ ۽ ائسٽر انهن سان رانديون بـ ڪندا هئا.
ٿوري دير کانپوءِ
ڪجھ همراھ گاڏيءِ ۾ آيا، هيٺ لٿا تـ گھوڙا بـ انهن ڏانهن ڊوڙندا آيا. انهن
همراهن کي هٿن ۾ ڪجھ کاڌو هو جيڪو انهن گھوڙن ڏاڍي شوق مان کاڌو.
لڪي ٻڌايو تـ ” اهي
ميونسپل جا ماڻهو آهن هرروز انهن گھوڙن کي خاص کاڌو ڏيڻ ايندا آهن، جيڪو انهن کي
گاھ مان نـ ٿو ملي، انهيءِ کاڌي ۾ وٽامن وغيره شامل آهن.“
مون سوچيو” مار هتي
جا گھوڙا بـ اسان جي ماڻهن کان بهتر آهن“
اتي مون کي ڊاڪٽر
نثار پٺاڻ ( سکر جي اکين جي ماهر ڊاڪٽر) جو هڪـ لطيفو ياد آيو جيڪو مون
سڀني کي ٻڌايو.
ڊاڪٽر انور اعواڻ
مرحوم (سکر وارو) گھوڙن جو شوقين هو، گھوڙا پاليندو هو ۽ ريس ۾ ڀڄائيندو هو، پر
ياد نـ آهي تـ ڪڏهن شرط کٽيائين، فارميڪا جو ٽانگو، ان ۾ بيٽري ڪار واريون
هينڊلائٽيس، انڊيڪيٽر، مطلب تـ شوق جي قيمت نـ آهي. هن جي ڪمائيءَ جو ڳچ حصو
گھوڙن جي بلي هوندو هو. گھوڙن جي طنبيلي ۾ بجليءَ جا پکا لڳل، وڏي ڳالھ
تـ گھوڙن لاءِ صوفن ۽ انبن جا مربا ٺاهيا ويندا هئا. گھوڙن جي توٻرن ۾ پستا ۽
باداميون پونديون هيون، انور اعواڻ جا اهي حال ڏسي هڪـ دفعي ڊاڪٽر نثار پٺاڻ چيو
”انور جي گھوڙن جو عيش ڏسي دل چوي ٿي تـ اسان بـ گھوڙا ٿي وڃون.“
ايتري ۾ ڪيس بـ اچي
پهتو، وڏي قرب سان مليو. اها ڏاڍي ڊگھي سانجھي هئي، اسان وٽ صبح توڙي سانجھي مختصر
ٿين، سج لٿو ۽ اڌڪلاڪـ ۾ اوندھ پر جيڪي ملڪـ قطب کي ويجھا آهن، اتي سج لهي بـ آهستي ۽
اڀري بـ آهستي، ( اسان وٽ يڪدم کڻي ٽٻي هڻي) ان کانپوءِ بـ هڪـ ٻـ ڪلاڪـ
شفق جا نظارا نظر اچن، (قطب وٽ تـ سج ڇھ مهينا اُڀرڻ ۽ لهڻ ۾ وٺي) اها ڊگھي سانجھي
ڪيس، لڪي ڪمر، ۽ منهنجي ڊگھي ڪچهري ۽ ڊگھين ڳالهين، مٺين مرڪن ۽ هلڪن ٽهڪڙن جي رنگ
۾ رنگبي رهئي، تان جو نيڻن ۾ ننڊ ڀرجي آئي ۽ لڪي ۽ ڪيس اسان کي سمهڻ واري ڪمري ۾
وٺي آيا. سندن گھر جي هيٺين حصي ۾ ڊرائينگ ۽ ڊائننگ روم آهن، پهرين ماڙ تي سندن
سمهڻ جو ڪمرو، هڪـ ڊرائينگ روم ۽ لائبريري آهي، ۽ ٻئي ماڙ تي ٻارن جا ڪمرا آهن،
اسان گھڻو چيو تـ اسان ڊرائينگ روم ۾ ٿا رهون پر اڳ وانگر (جيئين هيگ ۾ ڪيو
هئائون) اسان کي گھلي ان ڪمري ۾ وٺي آيا.
صبح نيرن جي ميز تي
ملياسين، لڪي،ڪيس، ايڊٿ، ائيسٽر، مون ۽ قمر هالينڊ جي مشهور پنير چٽڪي کنئي، ان جي
ڀر سان ان جي سنهي سلائيز ڪٽڻ جو اوزار پيو هو، مون ان بدران ڇري کڻي ان کي ڪٽڻ
شروع ڪيو. ايڊٿ ۽ ائسٽر اچي ٽهڪن ۾ ڇٽيون ۽ اهو اوزار کڻي مون کي سلائيز ڪٽي
ڏيکاريائون.
ڪيس ٻڌايو تـ” ايڊٿ
هاڻي پنهنجو خرچ پاڻ ٿي ڪڍي( يورپ ۾ ٻارن کي ارڙهن سالن جي عمر ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ
ضروري هوندو آهي) هوءَ سياري ۾ جڏهن برف وسندي آهي تـ صبح جو سويل اٿي سائيڪل تي
چڙهي گھر گھر اخبارون پهچائيندي آهي ۽ پوءِ جڏهن اسڪول وڃڻ لاءِ بس اسٽينڊ تي
بيهندي آهي تـ اتي بيٺل هر ماڻهو کان پڇندي آهي تـ توهان کي
اخبار ملي؟ اها مون آندي هئي، ان تي اهي ماڻهو ان کي خرچي ڏيندا آهن، اهڙي طرح
خرچي ۽ اُجوري مان هوءَ پنهنجو خرچ ڪڍي ويندي آهي. انکانسواءِ هو هڪـ جنرل اسٽور تي ٽي ڪلاڪـ ڪم
ڪندي آهي، اهي پيسا بچت ۾ “
نيرن تي ايڊٿ پنهنجي
پنير لڳل سلائيز تي دٻي مان داڻن جي صورت ۾ چاڪليٽ ڪڍي اهو ٻرڪي پئي کاڌو، ڪمر بـ
اهو واپرائي ڏٺو، ڪمر کي اهو ڏاڍو وڻيو، ۽ ان جي تعريف ڪيائين، جڏهن اسان سرمد وٽ
پهچي آمريڪا ۾ پنهنجو سامان کوليو تـ ان داڻن واري چاڪليٽ جا ٻـ دٻا نڪتيا، جيڪي
لڪي قرب ڪري اسان کان لڪائي اسان جي سامان ۾ وجھي ڇڏيا هئا. سامهون ميوو رکيو هو،
صوف سائي رنگ جا هئا، اسان سمجھيو ڪچا آهن.
ڪيس هڪـ صوف کائيڻ
شروع ڪيو، قمر چيس” ڪچو صوف ٿو کائين“ ڪيس ٻڌايو تـ اهو ڪچو نـ آهي، ان صوف جي جنس
ئي اهڙي آهي جو رنگ سائو ئي رهئي ٿو، اسان بـ اهو صوف کائي ڏٺو، واقعي ذائقيدار هو. هڪـ
ٻيو ميوو هو، جيڪو صوف ۽ آڙوءَ جو ميلاپ هو، خوشبو صوف جي تـ ذائقو آڙوءَ جو، رنگ
۽ بيهڪـ ڪجھ آڙوءَ جي تـ ڪجھ صوف جي. يورپ ۾ اهو ميوو تازو تازو ايجاد ٿيو هو. نيرن
ختم ٿي تـ ايڊٿ ڪيس کي ڪجھ ڪن ۾ چيو. ڪيس يڪدم کيسي مان ٻٽو ڪڍيو ۽ ڏهن گلڊن جو
نوٽ کڻي ايڊٿ کي ڏنو ۽ چيائين ” مونکي هن گھر ۾ امن کپي“
ڳالھ اها هئي جو هن
ايسٽر کي خرچي ڏني هئي، اها خبر ايڊٿ کي پئجي وئي هئي، لڪيءِ کي ڊيوٽي تي وڃڻو هو،
هوءَ هڪـ ڪلينڪـ ۾ اِي اِي جي ٽيڪنيشن آهي. ڪيس رٽائير ڪيو هو، پر هن سماجي تنظيم
۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، هن جي ڪا ميٽنگ هئي، سرمد جي فون نـ ڪرڻ ڪري هنن اڳواٽ
اسان جو ڪو پروگرام نـ ٺاهيو هو، ان ڪري اهو هڪـ ڏينهن هنن کي پنهنجي ڪم سان وڃڻو
پيو.
طئي ٿيو هو تـ اسان
ايڊٿ سان گڏ سندس گڏ اسٽور تي وڃو ۽ بازار جو چڪر هڻون، جيستائين لڪي ۽ ڪيس ٻن
ڏينهن جو پروگرام ترتيب ڏين.
گھر جي ٻاهران ئي بس
اسٽاپ آهي، جتان بس کڻي بازار ويندي آهي، ايڊٿ اسان سان گڏ بس ۾ ويٺي، ٻڌايائين تـ
پوڙهن سان بس جي ڀاڙي ۾ رعايت آهي، اسان جي رعايتي ٽڪيٽ
ورتائين. ننڍي ڳوٺ جي بازار بـ ننڍي پر صاف سٿري، ۽ سهڻي،
ايڏي گھڻي ٽريفڪـ بـ ڪان قمر گھر جي ڀاتين لاءِ خريداري ڪرڻ شروع ڪئي. ننڍيون
ننڍيون پرفيوم جون شيشيون، رانديڪا، پوشاڪون، پرس وغيره ، مان بـ دڪانن ۾
دڪاندارڻين سان کل ڀوڱ ڪندو رهيس ۽ وقت
گذري ويو. جڏهن ايڊٿ جي ڊيوٽيءِ جو وقت ختم ٿيو تـ کيس اسٽور مان کنيوسين. بس
اسٽاپ تي بيٺا هئاسين تـ هن اشارو ڪري هڪـ ڇوڪري ڏيکاري.”هُن سورنهن سالن جي عمر ۾
شادي ڪئي هاڻي ٻار بـ ڄائو اٿس.“
جڏهن اسان کيس
ٻڌايوسين تـ اسان جي ڳوٺن ۾ هن کان بـ گھٽ عمر وارين ڇوڪرين جي شادي ڪراڙن سان
ٿيندي آهي تـ ڏاڍو عجب لڳس.
شام جو منهنجا سگريٽ
ختم ٿي ويا، لڪي چيو” هلو تنهنجا سگريٽ بـ وٺي اچون ۽ ٿورو پنڌ بـ ٿي وڃي.“
ڊگھن رستن تان ڇانيل
رستن تان هلندا، هلڪيون هلڪيون ڳالهيون ڪندا ٽلندا ٽلندا هلنداهلياسين. لڪي هڪـ
گھر ڏيکاريو، عام رواجي گھرن کان ڪجھ وڏو هو. چيائين ”هي لکا پتي جو گھر هو. هن گھر ۾ ٻيون تـ سڀ
سهولتون موجودآهن پر هن گھر جي هڪڙي ڳالھ خاص آهي تـ هن گھر جي مالڪـ زمين هيٺان
سوئيمنگ پول ٺهرايو آهي“ پئسي وارن جون عجيب عادتون آهن. هڪـ
دفعي لنڊن ۾ مون شوڪت سان ٽي وي پئي ڏٺي مون لڪي کي ٻڌايو تـ ”ان وقت هڪـ
مشهور پاپ ڳائيڻيءِ جو انٽرويو پئي هليو جنهن ڪروڻين پانوڊ ڪمايا هئا، انٽرويو ڪرڻ
واري سندس کان آخري سوال پڇيو، اوهان جي ڪا خواهش، جيڪا پوري نـ ٿي هجي، جواب
ڏنائين” مون ٽوٿ برش ۾ تـ هيرا هڻايا آهن پر هاڻي خواهش آهي تـ ڪموڊ بـ هيرا
هڻايان.“
اهي آهن ڪروڙ پتين
جا شوق، هڪـ ٻئي گھر وٽان لنگھندي لڪيءِ هڪـ عجيب واقعو ٻڌايو. ان مان
ڊچن جي ظريفاڻي ۽ انسان دوست روش جي ثابتي ٿي ملي.
ٻڌايائين تـ ” هن
گھر ۾ رڳو هڪـ پوڙهو ۽ پوڙهي ٿا رهن سندن ٻار پنهنجي پنهنجي ڪاروبار سانگي پري ٿا
رهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن ملڻ اچن، جنهن ڏينهن سندن شادي جي سالگرھ هئي،
اسان پاڙي وارن پروگرام ٺاهيو، ان رات چپ چپ سندن گھر جي ٻاهران جھنڊيون، بينر، ۽
آرائشي سامان هڻي گھر کي سنگاريوسين، هڪـ وڏو سالگراھ جو ڪيڪـ ٺهرائي صبح جو سوير
ناد نفيرون، توتارا ۽ ڊم کڻي، نچندا ڳائيندا سندس گھر وياسين. هنن نچڻ ڳائيڻ جي آوازن
تي گھر جون دريون کوليون، اسان دانهون ڪيون شادي جي سالگراھ مبارڪـ، ۽ پوءِ هنن
کان ڪيڪـ ڪٽرايوسين، هنن ويچارن جي اڪيلائي جو ڪجھ تـ بلو ٿي ويو، هو ڏاڍو خوش
ٿيا، هاڻي تائين ڳوٺ جا ماڻهو هنن جي اڪيلائيپ ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن
ڪڏهن وٽن ويندا آهن“
ان رات لڪيءَ
”موراڪو“ جي ماني کارائي، پاڪستان کان پوءِ ڪجھ ڏينهن هو مراقش ۾ رهيا هئا،
لڪي کي مختلف ملڪن جي کاڌن پچائڻ جو شوق آهي، اتان نـ فقط هوءَ مراقشي کاڌا پچائيڻ
سکي پر اتان کاڌن پچائيڻ جا ٿانو بـ وٺي آئي هئي، جيڪي ٺڪر جا هئا ۽ اسان جي ڍاڪن
۽ مخبن جيان هئا، پر انهن کان ڪجھ ڊگھا. انهن ٺڪرن جي ٿانون کي آڻي ٽيبل تي
رکيائين. ان رات اسان ماني ڪيس جي پوئين پڌر ۾ رکيل پلاسٽڪـ جي ڇاپري هيٺان کاڌي.
ٻئي ڏينهن لڪي قمر
کي ۽ مون کي پنهنجي اسپتال ڏيکارڻ لاءِ وٺي وئي ۽ اتي پنهنجو شعبو اِي اِي جي
ٽيڪنيشن ڏيکاريائين. قمر شوقيا مريض جي طور تي اتان جي (نيورولجيسٽ) کي ڏيکاريو
(قمر کي ڪڏهن ڪڏهن چڪر ايندا آهن) ماهر چيس توکي اِي اِي جي جي ڪا بـ ضرورت ڪانهي،
تنهنجو دماغ بلڪل ٺيڪـ آهي.
ان سند کان پوءِ قمر
کي ڪير بـ ائين نـ ٿو چئي سگھي تـ ” تنهنجو دماغ تـ خراب ڪونهي“
”چرچي ۾ بـ نـ “
اسان کي لڪي جي پٽ
اِوو سان ملڻ جي ڏاڍي سڪـ هئي، لڪي ۽ ڪيس سان گڏ سندس اسڪول وياسين. اِوو
لڪي کي پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ ڄائو هو، ان جي باري ۾ خطن ۾ احوال ڏيندا هئا، اڃا
سال کن جو مس هو تـ لڪي ڄاڻي ورتو هو تـ سندس هڪـ پاسي ۾ چرپر گھٽ آهي، ڊاڪٽر تپاس
کانپوءِ تشخيص ڪئي تـ سندس دماغ ۾ ڄائي ڄم جو ڳوڙھو آهي، نازڪـ اپريشن ڪري اهو
ڪڍيائون، خوردبينيءَ (واڌو ڏسڻي) جي تپاس تي خبر پئي تـ
ڳوڙهو سينور جو آھي ۽ پاليل ٻليءِ مان لڪي ذريعي، گرب ۾ اِوو تائين پهتو، اِوو جي
هڪـ ٻئي بـ نازڪـ بلڪـ خطرناڪـ اپريشن ٿي. جنهن ۾ سندس جان تـ بچي وئي پر پوءِ بـ
هو ذهني طور پٺتي پيل ٻار ٿي پيو. دماغ جي ان بيماريءَ جو سندس دماغ تي وڏو اثر
پيو.
ڪجھ سال تـ اِوو گھر
۾ ئي رهيو پر جڏهن هو ڪجھ وڏو ٿيو تـ ذهني اوسر گھٽهجڻ ڪري عجيب ۽ خطرناڪـ حرڪتون
ڪرڻ لڳو، هڪـ دفعي چاٻيون کڻي ڪار هلائي وڃي ڀت سان هنيائين، وڏي نقصان ۽ حادثي کان
بچي ويو. ٻئي دفعي پيءِ جو سگريٽ لائيٽر کڻي گھر کي باھ ڏنائين، جيڪا وقت تي وسائي
وئي ۽ گھڻو نقصان نـ ٿيو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر فيصلو ڪيو تـ کيس ذهني
پٺتي پيل ٻارن جي خاص اسڪول ۾ وڌو وڃي ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رهايو وڃي، جيئن چوويھ
ڪلاڪـ نگھداشت ٿي سگھي ۽ سندس تعليم پڻ ماهر استادن جي نگراني ۾
ٿئي، جن جي سکيا خاص طور تي ذهني طرح پٺتي پيل ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ٿيل آهي.
مان هڪـ گلن جي دڪان
تي گھڙي ويس، ڪيس پڇيو ”ڇا ٿو وٺين؟“
مون چيو ”اِوو لاءِ
گلدستو“
چيائين هي گلدستي تي
خوش نـ ٿيندو، بهتر ٿيندو تـ هن لاءِ هڪـ ڪارڊ وٺي هل، هو ڪارڊن تي ڏاڍو خوش ٿيندو
آهي“
مون ائين ئي ڪيو،
ممڪن آهي تـ گلدستو هن کي بيمار هجڻ جو احساس ڏياري ها، ان ڪري ڪيس مون کي گلدستي
وٺڻ کان جھليو. جڏهن مون اِوو کي ڪارڊ ڏنو تـ هو ڏاڍو خوش ٿيو.
اسڪول پهتاسين تـ
عجب مان اکيون کليل ئي رهجي ويون، اسان وٽ گھوڙا گلي جھڙا مهانگي ۾
مهانگا اسڪول بـ ان آڏو ڪجھ نـ آهن. وڏي ڳالھ تـ ذهني طور پوئتي پيل ٻارن کي اهو
احساس بـ نـ هوندو (نـ وري سندن والدين کي) تـ هو ڪو ٻين کان گھٽ يا پوئتي پيل آهن.
اسڪول ۾ وڏا ساوا
گلن سان جھنجھيل ميدان ۾ بيڊمنٽن ۽ ٽينس کيڏڻ جا ڪورٽ سهڻا ۽ صحتمند متناسب عضون
وارا وڻندڙ رنگن وارا گھوڙا، انهن ٻارن کي گھوڙي سواري بـ سيکاري
ويندي آهي.
هن پاسي ڏسو هي ترڻ
جو تلاءُ آهي. هن ۾ انهن سڀني ٻارن کي ترڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي ۽ هن ئي تلاءُ ۾
انهن جا سالانا ترڻ جا مقابلا ٿيندا آهن.
ڪيس هڪـ ڀيري اسان
سان ڳالهائيندي چيو هو تـ ”اسان جي ملڪـ ۾ ٽيڪس ڏاڍا ورتا ويندا آهن ڪمائي جو اڪثر
ٽيھ سيڪڙو ٽيڪسن ۾ هليو ويندو آهي، پر اهو تـ ڏسو جي اِوو جون ٻـ آپريشنون ڪرايون
ها يا جي هن خاص اسڪول ۾ رهائيش يا تعليم تربيت تي ڪيترو خرچ اچي ها؟ اهو سڀ ڪجھ
اسان جي سرڪار ٿي برداشت ڪري اسان پنهنجي ڪمائي مان اهو سڀ ڪجھ ڪئين ڪري سگھون ها؟ ان
ڪري اسان کي ٽيڪس ڏيڻ ۾ ڪا هٻڪـ محسوس نـ ٿي ٿئي. اِوو سان ملياسين، ڊگھي قد وارو
سهڻو، جڏهن لڪي اسان جي نالي ٻڌايس تـ ٿورو سوچي ڪنڌ لوڏيائين ۽ چيائين ”انڪل
تنوير ۽ آنٽي قمر ( اسان کيس انهن نالن سان اڳ ئي ڪارڊ موڪليا هئا) ۽ پوءِ
خوشيءِ مان اسان سان ٻيهر هٿ ملايائين، جڏهن مون آندل ڪارڊ ڏنوماس تـ
ڏاڍو خوش ٿيو.
سندس استادياڻي
اسڪول گھمايو، شاگردن جي سمهڻ جا ڪمرا، ويهڻ جا ڪمرا ڪلاس لائبريري، بورچيخانو،
جتي هو پنهنجي لاءِ ناشتو ۽ چانھ وغيره ٺاهيندا آهن.
کاڌي لاءِ ڪمرو،
سکيا لاءِ ڪمپيوٽر، مطلب تـ اهي ذهني طور پٺتي پيل ٻار اسان جي ملڪـ جي اڳتي وڌيل
ٻارن کان گھڻُو بهتر هئا فون تي ڊورس ۽ رابرٽ سان آرنيهم ڳالهايوسين، اسان
سجھيوسين تـ هو فون تي ڳالھ ٻولھ تي خوش ٿي ويندا پر اها ڳالھ بيٺي، هنن چيو ”هڪـ
ڏينهن اسان وٽ ضرور اچو نـ تـ اسان توهان کي ڪڏهن بـ معاف نـ ڪنداسين“ مون اهو
جواب ڏنو تـ ” اهو ڪيس تي آهي تـ هو اسان کي ريل تي ڇڏي اچي يا ڪار تي کڻي اچي.
اسان هن ملڪـ ۾
اوپرا آهيون، اڪيلا ڪئين رلنداسين“ ۽ پوءِ هنن ڪيس سان ڳالهايو، ڪيس اسان
کي ٻئي ڏينهن اسان کي هنن وٽ ڇڏي اچڻ جي حامي ڀري، ٻئي ڏينهن ڪيس اسان کي پنهنجي
ڪار ۾ آرنيهم کڻي ويو. رستي ۾ ساوڪـ ئي ساوڪـ ميلن ۾ ساوڪـ نظر جي حد تائين ساوڪـ،
انهن ساوڪـ وارن ميدانن ۾ گھمندڙ صاف سٿرا، صحتمند، سهڻا متناسب عضون وارا
پاليل جانور، انهن جانورن ۾ گھڻائي گھوڙن ۽ ڳئن جي هئي. کير سڪل توڙي آلو (دٻن ۾ بند ٿيل)
هالينڊ جي واپار جو مکيا حصو آهي. ڀانيان ٿو هالينڊ دنيا جو سڀ کان وڌيڪـ وڪرو
ڪندڙ ملڪـ آهي. هنن کي جانورن سان پيار آهي. انهن کي تاتڻ،
پالڻ، سنڀالڻ ۽ انهن جي نسل وڌائڻ جا ماھر آهن. ڊچن تحقيق ذريعي جانورن جا خاص نسل
پيدا ڪيا آهن.
آرنيهم پهچڻ ۾ گھڻو
وقت ڪونـ لڳو، پر شاگن ( اها رابرٽ ۽ ڊورس جي ذات آهي) جو گھر ڳولڻ ۾ گھڻو وقت لڳو.
ڪيس دروازي تي
گھنٽيءِ جو بٽڻ دٻايو، هڪـ نوجوان در کوليو، ڪيس سان گڏ مون کي ۽ قمر کي ڏسي اسان
کي سڃاڻي ورتو ۽ ساڳيو سوال پڇائين، جيڪو ايڊٽ ڊي بلٽ ۾ پڇيو هو،” ٽيس يا برٽ؟“
مون ٿورو غور سان
ڏسي چيو ”ٽيس“
هن ڀيري مون هارايو،
جي عمر جو اندازو لڳايان ها تـ سمجھي وڃان ها، منهنجي غلطي تي ٽهڪـ ڏنائين
۽ چيائين” برٽ، ٽيس ٻاهر ويل آهي“
ڊرائينگ روم مان
لنگھي اسان پٺين پڌر ۾ ٻاهر آياسين، جتي وڻڪار جي وچ ۾ سائي ڇٻر ۾ هڪـ تلاءُ جي ڀر
سان پيل ڪرسيون اسان جو انتظار ڪري رهيون هيون.
مون ڊرائينگ روم ۾
طائرانـ نظر وڌي ان ۾ رکيل شين مان ائين لڳو تـ هنن سڄي دنيا مان خوبصورت ۽ قيمتي
شيون کڻي هت سجايون آهن. ٻڌايائون تـ رابرٽ پنهنجي آفيس ويل آهي.ٿوري دير ۾ ايندو
۽ اسان سان منجھند جي ماني کائيندو. ڊورس مٿي ويل آهي، اجھو
ٿي اچي.
ڪيس ۽ لڪي ٻڌايو تـ
تـ ڊوريس ڪيترن مهينن کان پٺيئي جي ڪنڊي جي بيماري جي ڪري بستري
تي آهي، جھٽ پٽ ۾ ڊوريس لڪڻ جي سهاري تي هوريان هوريان هلندي آئي. ڏاڍي قرب سان
ملي، اها ئي ڊوريس خيرپور واري ڊوريس، سونهري وارن واري ڊوريس، جيڪا پهرين ڊچ هئي،
جنهن سان اسان جي سڃاڻپ ٿي هئي، جيڪا مهديءَ جي فارم تي گھوڙن تي چڙهي
انهن کي ڊوڙائيندي هئي، جيڪا اسڪارف ڪالونيءَ جي ترڻ جي تلاءُ ۾ جل پريءَ وانگر
پئي تڙڳندي هئي.
اها اڄ هتي پنهنجي
گھر ۾ معذور لڪڻ جي سهاري هوريان هوريان هڪـ هڪـ قدم سنڀالي سنڀالي
کڻندي اسان ڏي آئي. هن ٻڌايو تـ ” اڄ توهان جي ڪري مهيني کان پوءِ پنهنجي
سمهڻ واري ڪمري مان هيٺ لهي آئي آهيان، توهان نـ اچو ها تـ مون کي ڏاڍو ڏک ٿئي ها“
ان ڳالھ ۾ ڊوريس
صحيح هئي، هن جي سڄي ڪٽنب جا اسان جي سڄي ڪٽنب سان قرب وارا رشتا هئا.
هن” پچيو ڇا پيئندو“
مون ٽھ ڦھ چيو جيڪو
تون پيارين“
هن چيو تـ وٽس ٺهيل
هٿ جو شربت پيل آهي. ”مون چيو“ ان کان وڌيڪـ ٻيو ڪهڙو پيڄ (ڊرنڪـ)،
ان ۾ تـ تنهنجي خوشبو هوندي.“
ائين ڳالهين ۾ لڳي
وياسين، ڪئين برٽ هڪـ واريءَ جي ڀٽ تي، هڪـ گھوڙي تي چڙهيو هو ۽
ان گھوڙي ڌڪـ ڏنس ۽ وڃي واري تي ڪريو، سرمد ٻڌايو تـ گھوڙي کي چيائين تـ ” گھوڙا
صاحب ڌڪـ کائڻ چڱو ڪم نـ آهي“
ايري ۾ رابرٽ بـ
پهچي ويون، ائين لڳو تـ اها ساڳي خيرپور ڪلب وري جيئري ٿي پئي آهي ۽ هالينڊ شهر
آرنيهم ۾ اچي ويو آهي.
برٽ منجھند جي ماني
کڻي آيو، ڊبل روٽين جا ڳترا، هالينڊ جو مشهور سوادي پنير، ونگي ۽ ٽماٽي جا ڳترا ۽
ڪافي. هنن اسان کان پنهنجي ٻارن جو احوال پڇيو، وري ڳالهيون موٽي خيرپور ڏي آيون،
رابرٽ چيو ” هڪـ منٽ ۾ اچان ٿو“
ٿوري دير ۾ هو اهي
شيون کڻي آيو، جيڪي هنن خيرپور واري زماني جي يادگارن طور سانڊي رکيون هيون.
هو ضياءُ الحق جي
زماني ۾ خيرپور هئا، ان زماني ۾ ملا زور تي هئا، رابرٽ ۽ ڪيس پنهنجي گھر ۾ شراب
ٺاهيندا هئا، ان زماني ۾ هنن جيڪو شراب ٺاهيو هو، ان جي ٻن ليبلن تي اسين ڏاڍو کليا
هئاسين. انهن مان هڪـ بوتل تي ضياءُ الحق جو ڦوٽو هڻي هيٺان شراب جو نالو رکيائين
(ضياءُ الحق واٽر.)
هن هڪـ پراڻو زبون
ٿيل ڦاٽل ۽ پوءِ مرمت ٿيل ڪاغذ اسان اڳيان کوليو، مون سوچيو تـ ڪو پراڻو دستخت
آهي، جڏهن ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ آيو تـ مون پنهنجا هٿ اکر سڃاتا، اهو منهنجو انگريزي ۾
لکيل نظم هو، جيڪو مون خيرپور ۾ ٿيل الوداعي دعوت ۾ پڙهيو هو. رابرٽ نـ فقط اهو
سانڍي رکيو هو پر زبون ٿي وڃڻ تي ان جي مرمت پڻ ڪيائين. ائين پئي لڳو تـ هنن کي
خيرپور جي يادگيرين سان تمام گھڻو لڳاءُ هو. مون کي هنن جي ملهايل فرينچ شام بـ
ياد آئي، جيڪا هنن منهنجي فرينچ سکڻ جي خوشيءَ ۾ ملهائي هئي، لڪي ان
م فرينچ کاڌا پڻ تيار ڪيا هئا ۽ مون فرينچ ۾ تقرير ڪئي هئي.
رابرٽ جو هڪـ ٻيو
عجيب پر ڏاڍو دلچسپ شوق هيو، هو اخبارن جي هيڊنگ مان ڪجھ لفظ هڪـ
هينڊنگ مان، ڪجھ لفظ ٻي هيندنگ مان ڪٽي، وري انهن کي ملائي پوءِ ڳنڊيندو هو تـ
عجيب و غريب هينڊنگ ٺهي ويندي هئي. ۽ اهڙين خبرن جو هن هڪـ وڏو رول ٺاهيو هو، جيڪو
هڪـ ڏنڊي تي ويڙهيندو ويو ۽ اهو رول ويو ڊگھو ٿيندو مثال طور اڄوڪي اخبار مان هڪـ
خبر ”ضياءُ الحق“ سان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هڪـ خبر آهي
تـ فلاڻي استيفٰي ڏني “ تـ هن ضياءُ آلحق ۽ استيفٰي کي گڏي چنبڙايو ۽ خبر ائين ٺهي
تـ ” ضياءُ الحق استيفٰي ڏني“ ۽ ائين هن عجيب و غريب خبرن جو هڪـ تمام وڏو
رول تيار ڪيو.
اسان گڏجي اسڪارپ
ڪالونيءِ جي رهندڙ هڪـ ڊچ (وانڊر گراف) کي ياد ڪيو هو ڪراڙو هو، هڪـ ڏينهن هڪـ
جھرڪي جي ٻچي کي ڏٺائين، جيڪو سندس گھر جي ڪنڊ ۾ لاوارث پيو هو، هن ان کي کنيو ۽
ان جي وارثن کي خوب ڳوليو، پر ڪا بـ جھرڪي يا ڪو بـ جھرڪـ هن کي قبول ڪرڻ لاءِ
تيار نـ هو، لاچار ان جھرڪيءَ جي ٻچي کي پاڻ پالڻ شروع ڪيو، ڊبل روٽيون
چٻاڙي ٻچي جي چهنب وات ۾ وجھي ان کي کارائيندو هو، اهڙيءِ ريت اهو ٻچو پلجي وڏو
ٿيو ۽ اُڏامڻ لڳو. پر تڏهن بـ ٻن جھرڪين سان اڏري وڃڻ جي بجاءِ اهو
وانڊر گراف جي گھر ۾ ئي رهڻ لڳو. شام جو جڏهن وانڊر گراف شراب پيئندو هو اهو
جھرڪيءِ جو ٻچو پيالي جي ڪناري تي ويهي ساڻس گڏ شراب ۾ چهنب
ٻوڙيندو هو.
جڏهن وانڊر گراف
پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي ملڪـ پئي ويو، تـ ان جھرڪي جي ٻچي جي باري ۾ ڏاڍو
پريشان هو، مون کي اتي مولانا آزاد جي ”غبار خاطر“ وارا جھرڪـ ياد آيا.
ٻيو ڊچ هو گئرٽ،
جنهن کي اسان ياد ڪيو، گيرٽ ڪراڙو هو، هڪـ ڏينهن مون وٽ آيو ۽
نرڙ ۾ هڪـ ڳوڙهو ڏيکاري چيائين، ” ڪنهن جيت چڪـ پاتو آهي ڪا دوا ڏيو“
مون تپاس ڪئي تـ
ڪنهن جيت جو چڪـ نـ هو، مون هن کي ڪراچيءَ جي ماهر هڏن جي ڊاڪٽر جوکئي ڏي وڃڻ لاءِ
چيو. ” مان تـ جيت جو چڪـ ٿو سمجھان پر جي تون زور ٿو ڪرين تـ مان وڃان
ٿو.“
ڪراچيءِ مان جيڪي
رپورٽون آيو ان مان ظاهر ٿيو تـ اها ڳوڙهي ثانوي سرطان جي هئي، شروعاتي
سرطان ڦڦڙن مان هو.
هڪـ ڏينهن ان جي فون
آئي چيائين ” منهنجو سڄو ڪٽنب هالينڊ مان آيل آهي، توسان ملڻ جي سڪـ اٿن، اڄ رات
جي ماني اسان سان کائو“
جڏهن سندس گھر پهتس
تـ هڪـ ڪراڙي زال، ٻـ جوان ڌيئرون، هڪـ جوان پٽ ٽهڪن ۾ ورتل آهن. جنهن جي حياتي جا
ڏينهن ڳڻيل آهن اهو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ٽهڪـ پيو ڏئي!!
اسان بـ انهن سان گڏ
ٽهڪن ۾ شامل ٿي وياسين. پارٽيءِ دوران مون گيرٽ کي پاسي تي ڪري پچيو”ڇا انهن کي
خبر نـ آهي تـ تو کي ڪهڙي بيماري آهي“ چيائين ” خبر اٿن انهيءِ ڪري تـ ٽهڪـ ٿا ڏين“
اڳتي ٻڌايائين تـ
”مون کين ٻڌايو تـ مون وٽ باقي ٿورا ڏينهن بچيا آهن، توهان سڀ اونهاري جي موڪلن ۾
اسان وٽ اچو، تـ باقي جيڪي ڏينهن بچيا آهن اهي کل خوشيءِ سان گذاريون“ ۽ اها رات
اسان ڇت تي آڀ ڏاريندڙ ٽهڪـن سان لطيفن جي آڌار تي گذاري.
گيرٽ واپس هالينڊ
ويو، اتي کيس اسپتال ۾ داخل ڪيائون، اتان هو واپس گھر آيو، ۽ چيائين
منهنجي علاج تي قوم ايترو خرچ ڪري اهو ضروري نـ آهي ڇو تـ مان بچي
نـ سگھندس، اهي پيسا جيڪي منهنجي علاج تي خرچ ڪريو ها، اهي انهن تي خرچ ڪيو جن جي
ڪا مدد ٿي سگھي“ هي رڳو سور ماريندڙ دوائن لاءِ راضي ٿيو. ڪجھ
مهينن کان پوءِ مون کي فون آئي ” فلاڻي تاريخ گيرٽ فوت ٿي ويو“
گيرٽ حياتيءَ ۾ عظيم
هو تـ موت ۾ بـ عظيم، گيرٽ جي حياتي کي بـ سلام تـ موت کي بـ
سلام....!
وانڊر گراف ۽ گئرٽ
هتي ٻـ ٽي سال رهيا، ڇا سنڌ ۾ وانڊر گراف يا گئرٽ پيدا ٿيندو؟
نـ چاهيندي بـ رابرٽ
کي واپس آفيس وڃڻو پيو، اسان ٿوري دير ڊورس سان سندس گھر جي پٺين پڌر واري ان
تلاءُ وٽ ويهي ڳالهيون ڪندا رهياسين، ان تلاءُ ۾ شاگن ڪٽنب جون پاليل مڇون ائين
تڙڳي رهيون هيون، جيئن ڪنهن وقت خيرپور ۾ ڊورس اسڪارپ ڪالوني ۾ ترڻ جي تلاءُ ۾
تڙڳندي هئي. ٽپهريءَ جو اٿياسين تـ، ڊورس موڪلائيڻ مهل ڏاڍو
پاٻوھ سان پيش آئي.
موٽندي قمر کيس چيو
تـ ” اڄ رات لڪي کاڌو نـ پچائيندي، اسان چاهيون ٿا تـ هو بورچي خاني بدران اسان وٽ
هجي، ان ڪري اڄ رات جو کاڌو اسان طرفان آهي“
مون چيو” اسان کي
هتان جي هوٽلن جي ڄاڻ نـ آهي، اوهان ٻئي گڏجي صلاح ڏيو تـ اڄوڪي شام ڪهڙي هنڌ
ملهايون“
منجھند جو ڪجھ دير
آرام ڪيوسين، شام جو چانھ تي لڪي ۽ ڪيس صلاح ڪئي تـ ڊي بلٽ کان ڪجھ
ٻاهر اتريخ جي نديءَ جي ڪناري سٺيون ريسٽورينٽ آهن، انهن ۾ هڪـ فرينچ هوٽل بـ آهي،
جتي لڪي ڪيس اڪثر ويندا آهن. صلاح اها بيٺي تـ ان هوٽل ۾ رات جي ماني کائيجي.
ڪيس، لڪي، مان ۽ قمر
ڪيس جي ڪار ۾ اتريخ ڏانهن روانا ٿياسين، سندن ٻار ٻئي طرف وڃڻا هئا، اهي نـ هليا،
ڏهن منٽن جو فاصلو هو، ڊنر کان اڳ ۾ ڪيس پنهنجي ڪار ۾ شهر جو چڪر
هڻايو، خاص ڪري گرجا ۽ ان ۾ لڳل گھڙيال ڏيکاريائين، جيڪو چار سو سال پراڻو
آهي ۽ اڃا تائين صحيح وقت ٿو ڏيکاري صحيح وقت تي گھنٽا وڄائي. (اسان وٽ سکر وارو ٽاور خراب لڳو پيو آهي، خيرپور جي پنج گلي وارو
گھڙيال وري ٻه ٽي سال اڳ لڳو آهي، پر سدائين خراب، اهو آهي اسان جي هنن جي وچ ۾ وقت جي قدر ڪرڻ ۾ تفاوت)
گھمندا ڦرندا اچي نديءَ ڪناري پهتاسين، ٻنهي ڪنارن سان سهڻا دڪان، ريسٽورنٽ
۽ گھر. يورپ ۾ گرمي پوي ئي ڪانـ، تب اهي پاڻي جي نظاري جو قدر ڪن. ڍنڍ هجي،
سامونڊي ڪنارو هجي، يا درياھ، هو ان کي ايترو تـ سينگارين جو فطرت جي سونهن،
انساني هٿن جي هنر سان ائين جرڪي پوي، جيئن ڪا خوبصورت ڇوڪري، انسان ٺهيل زيور سان
ٻهڪندي آهي.
ڪناري کان مٿي بـ
ريسٽورينٽ هئا، تـ ڏاڪڻيون لهي هيٺ پاڻي وٽ بـ ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيل هيون، ان کي
نظاري جو زاويو مٿان سهڻو لڳو، هڪـ ٽيبل والاريسين لڪي ۽ ڪيس اڇو بيئر
گھرايو، اڇو بيئر مون لاءِ نئين ڳالھ هئي، اڇو جھڙو پاڻي.
ٿوري دير اتي گذاري
لڪي ۽ ڪيس جي پسند جي هوٽل تي آياسين، هوٽل جي خدمتگار ڏاڍي پاٻوھ سان آڌر ڀاءُ
ڪيو ۽ اهڙي ٽيبل ڏنائين جتان ندي جو ڪنارو بهترين ٿي لڳو، اهو ان ڪري جو لڪي ۽ ڪيس
اتي تمام گھڻو ايندا هئا، ٽيبل تي رکيل ميڻ بتيون ٻاري هو با ادب آرڊر وٺڻ لاءِ
بيٺو. مون ۽ ڪمر اهو بار لڪي ۽ ڪيس تي رکيو.
جيڪي وڻئي سو
کارايو، اسان کي ڪھڙي خبر هئي تـ ڪهڙا کاڌا آهن، ڪهڙا وڌيڪ سوادي آهن، جيڪي کاڌا
توکي سٺا لڳن اهي گُھرا.“
لڪي جو ذوق واقعي
اعلٰي ذوق هو، هوءَ هڪـ گورمان آهي. ( رڳو ماني، يعني سوادي کاڌن جو ذوق وارو يا
چيسر، ان جي برعڪس آهي لالچي، يعني جيڪو گھڻو کاڌو کائي پر سواد جي ذوق بنا، کاڌو
گھڻو هجي پوءِ ڀلي ڪهڙو بـ هجي) لڪي پاڻ بـ فرينچ کاڌو ٺاهڻ ۾ ماهر آهي ۽ خيرپور
۾( فرينچ شام) ۾ ڏاڍا سهڻا( سهڻا انڪري جو، ٽيبل ۾ رکيل يا پليٽ ۾ رکيل کاڌن کي
اهڙي نموني ۾ ترتيب ڏيڻ جو اهي سهڻا لڳن، اهو بـ هڪڙو فن آهي جنهن کي ”ٽيبل
ڊيڪوريشن“ يعني ميز کي سجائڻ چوندا آهن، ان ۾ چمچن، ڪانٽن جو مختلف ڊزائينن ۾ رکڻ
بـ اچي وڃي ٿو) ۽ سوادي کاڌا کارايا هئائين. سوپ کان وٺي مٺي تائين، هڪـ هڪـ کاڌو سھڻو بـ هو
تـ سوادي بـ، هر مشروب کاڌي سان ٺهڪندڙ.
ڳالهيون موم بتيءَ
جي ڌيمي روشني ۾ ڌيمي آواز ۾ هلڪيون هلڪيون ڳالهيون ماحول ۾ رڳو سڪون، رڳو ٺھراءُ،
نـ پريشاني نـ گھٻراهٽ ۽ نـ ئي ڳڻتي. هتي اهو سڀ ڪجھ انسان جي انسان ۾ ايمان سبب
آهي، اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن انسان، انسان تي ايمان آڻيندو، انسان، انسان تي
ويساھ ڪندو، انسان، انسان جو محرم ۽ مددگار ٿيندو.
آخر ۾ ڪوڏن جو وارو
هو، ڪوڏن ۾ بند انهن جي ئي کاڌن کي پيش ڪيائون.
مون کي ياد آهي تـ
لڪي خيرپور واري فرينچ شام ۾ سپين ۾ هڪـ کاڌو پيش ڪيو هو. اها شام لڪي ۽ ڪيس سان
هن سفر جي آخري شام هئي. اسان جي نـ چاهڻ جي باوجود بـ اها ايتري ڊگھي نـ ٿي سگھي،
جيتري اسان چاهي پئي، لڪي آخر مشروب جو آرڊر ڏئي ان ۾ ڪجھ واڌارو آندو.
ڊي بلٽ موٽندي هڪـ
جاءِ تي روشنين جو هجوم نظر آيو، ڪيس ڪار ان طرف ڦيرائيندي چيو” اڄ
هتي جپسين(خانا بدوشن )جو ميلو آهي.
ميلي ۾ عجيب رونق
هئي، سڄو ميلو ٽرڪن تي، ٽرڪن مان بٽڻ دٻائڻ سان سڄو اسٽال ٻاهر نڪري
اچي، ٽرڪن ۾ لڳل جنريٽر سان ان جو رنگ برنگي بتيون ٻرن، ميلو
اهڙو جھڙا اسان وٽ لڳن، پر هي ڪجھ وڌيڪـ جديد ۽ صاف سٿرو، گھڻو ڪري راندين جا
اسٽال جن کي اسان جي ٻولي ۾ (جوا) چئجي، ڪجھ جپسي کاڌن جا ريسٽورينٽ تـ ڪجھ وري
انهن جي هٿن جا لڳل اسٽال، ٻارن لاءِ جھولا ميري گرائونڊ وغيره، ڪٿي جادو جا کيل
تماشا، اتي اسان کي ايڊٿ ۽ ايسٽر نظر آيون ۽ ڪيس ٻڌايو تـ هنن جو
ميلي ۾ وڃڻ جو پروگرام هو، ان ڪري هو اسان سان رات جي ماني کائڻ نـ هليون.
موٽي جڏهن گھر
پهتاسين تـ ايڊٿ ۽ ايسٽر اڳ ئي گھر ۾ موجود هيون، انهن سائيڪل اهڙي تيز هلائي جو
اسان کان اڳ اتي پهچي ويون، ڪيس اسان سان ڳالهيون ڪندو ڪار آهستي هلائيندو پئي آيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو
ٻئي ڀينرون آيون تـ ٻنهي کي زڪام” رات جو تيز سائيڪل هلائڻ جو اهو ئي نتيجو هو“
ڪيس کين کلندي چيو.
صبح جو سوير سرمد جي
فون آئي، لڪي ڊوڙي اچي ٻڌايو، قمر ڀڄندي وڃي فون کنئي، ٿيو ائين جو سرمد هاسٽل مان
اپارٽمينٽ ۾ ٿي منتقل ٿيو، جيڪو هن اسان لاءِ مسواڙ تي ورتو هو ۽ ان لڏپلاڻ ۾
سندس ڪمپيوٽر ڊائري گم ٿي وئي هيس. اڄ هن ڪيس جو نمبر بـ ڪنهن بين الاقوامي
ٽيليفون ڪمپني کان هٿ ڪيو هو، قمر سرمد سان ڳالهائيندي رهئي مان
ڳالهائڻ لاءِ بيتاب هيس، بي صبري سان انتظار پئي ڪيم، نيٺ منهنجي صبر جو پئمانو
لبريز ٿي ويو ۽ قمر کي دڙڪو ڏئي ان کان ٽيليفون ڦري سرمد سان ڳالهائڻ لڳس، لڪي ۽ ڪيس اهو سڀ ڪجھ ويٺي
ڏٺو، قمر ان ڳالھ تي ڪاوڙجي وئي ۽ اسان جي وچ ۾ سنهو جھيڙو بـ ٿيو. لڪي ۽ ڪيس اسان
جي جھيڙي جو مزو پئي ماڻيو ۽ اچي ٽهڪن ۾ پيا ۽ چيائون تـ ” اهو ساڙ ٻڌائي ٿو تـ
توهان ٻنهي کي پنهنجي ٻار سان ڪيترو پيار آهي“
ان ڏينهن ريل ذريعي
لڪي ۽ ڪيس اسان کي ايمسٽرڊيم جي شپول ايئرپورٽ تي ڇڏي آيا، ڳرو سامان لاڪر مان
ڪڍائي، لڪي کان خالي وڏي بيگ کڻي قطار ۾ بيهي اڳتي وڌياسين تـ لڪيءَ اکيون اگھيون.
مون کي ياد آيو
اوڻيهن سو اسي ۾ هنن پاڪستان پئي ڇڏيو، تـ مان ۽ قمر کين الوده چوڻ ڪراچي تائين
وياسين. رات شوڪت جماڻي وٽ سندس بنگلي ۾ رهياسين. دير تائين محفل ڄمي، رات جو سڀ
وڃي ڪمرن ۾ ستاسين.
صبح جو شوڪت جي
ملازم ٻڌايو،” ميڊم لڪي سڄي رات نـ ستي آهي، سڄي رات روئيندي رهئي آهي“
صبح جو ڏٺوسين تـ
اکيون ڳاڙهيون، آليون ۽ سڄيل هيون، ايئرپورٽ تي اچي اوڇنگارين ۾ پئي، چيائين” اهڙا
دوست ڇو ڪجن، جن سان عمر ڀر لاءِ وڇڙي وڃجي“
چيومانس؛ ”دنيا ننڍي
ٿي وئي آهي، ڪڏهن نـ ڪڏهن ضرور ملنداسين“
گيتا ۾ ڪرشن ارجن کي
چيو؛ ”الوده نـ آهي، اڳتي وڌ“
۽ مون کي
اڳتي وڌڻو آهي..
ڀلو منهنجو ڪتاب سنڌ جو
ReplyDeleteانهي تي تڪليف ڪريان ٿو ته آئون هڪ قرض کان هڪ گهر وٺڻ لاء هڪ قرض حاصل ڪري سگهان ٿو ۽ الڪڪرر قرض جي فرمايو ويو آهي. آئون ٺيڪ آهيان خدا جو شڪر ۽ خدا جو رسس لوان ڪمپني.
،
منهنجو نالو عبدالله آهي، مان روهڙي پاڪستان جي شهر آهيان. آئون گذريل 5 مهينن تائين حقيقي قرض ڪمپني جي ڳولا ڪري رهيا هوم
مون کي انهن جون اسڪيمون ملي وئي جن کي مون تي اعتماد ڪرڻ ۽ آخر ۾
ان ڏينھن اھي اھي پئسا آھن، موٽڻ کان سواء ٻيو ڪجھہ ڪم ڪري ورتو
منهنجي اميد وڃائي وئي، مون کي پريشان ۽ مايوس ٿي وئي، مون کي ڪڏهن به پورٽ ڪمپنيون سان انٽرنيٽ تي ڪا ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو، تنهن ڪري آئون هڪ کان
دوست، مون کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو هو ۽ هوء چيو ته هوء مون سان مدد ڪري سگهي ٿي
هوء هڪ قرض ڪمپنيء کي ڄاڻي ٿو جيڪا مونکي ڪنهن به قرض جي مدد سان مدد ڪري سگهي ٿي
مون کي ضرورت آهي ته 2٪ جي تمام گهٽ دلچسپي جي شرح جي ضرورت آهي، جيڪا هوء صرف هڪ
ان کان قرض، هوء مون کي هدايت ڪئي ته قرض جي لاء ڪيئن درخواست ڪئي وئي، مون ڪيو
بس جيئن مون کي ٻڌايو هو، مون انهن سان اي ميل تي درخواست ڪيو: (albakerloanfirm@gmail.com) مون ڪڏهن به نه مڃيو پر مون ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي لاء
تمام وڏي تعجب ۾ مون 24 ڪلاڪن اندر قرض حاصل ڪئي، مان يقين نه ٿي سگهيو،
مان خوش آهيان ۽ مالدار آهيان ۽ آئون هن خدا جو قرض ادا ڪري رهيو آهيان
اهي ڪمپنيون اڃا هن اسڪيمن تي موجود آهن سڀني هنڌن تي،
مهرباني ڪري مون کي هرڪو ٻاهر ڏيان ٿو ته ڪير قرض جي ضرورت آهي
(albakerloanfirm@gmail.com) اهي ڪڏهن به توهان کي ناڪام نه ٿيندا، ۽
توهان جي زندگي منهنجي طور تي تبديل ٿي ويندي. اڄ ڪلڪ ڪري سگهندي رابطي (albakerloanfirm@gmail.com) ۽ توهان جي قرض ان کان حاصل ڪري، خدا جي برقي قرضبر قرض قرض فرمائي پنهنجي اصلي قرض جي آڇ لاء.
پڪ ڪريو ته توهان Albaker قرض فرم کان توهان جي قرض لاء رابطو ڪريو ڇو ته منهنجي طرفان هن ڪاميابيء سان منهنجي قرض ڪاميابي سان قرض حاصل ڪئي.
پاملرنې:
ReplyDeleteڇا توهان قرض لاء 5،000 يورو ۽ 5،000،000 يورو جي وچ ۾ قرض وصول ڪرڻ لاء رهيا آهيو (هڪ ڪاروبار يا ڪمپني جي قرض، ذاتي قرض، گهر قرض، ڪار قرض، قرض استحڪام قرض، وڪريچر سرمائي، صحت جي سار سنڀار وغيره وغيره)
يا اوھان کي بينڪ يا مالي ادارو طرفان ھڪڙي سبب آھي جو ھڪ سبب يا ٻيو سبب قرض کان محروم ٿي چڪو آھي؟
هاڻي لاڳو ڪريو ۽ حقيقي مالي قرض حاصل ڪئي ويندي ۽ 3 ڏينهن اندر منظور ڪئي ويندي.
ميڊيڪل لسٽ ڪمپني هلندڙ قرض ڪمپني، اسان هڪ "بين الاقوامي اعتبار سان قرض فراهم ڪندڙ" آهي جنهن جي تصديق ڪندڙ لاء توهان جي صحيح سڃاڻپ ڪارڊ يا توهان جي ملڪ جي بين الاقوامي پاسپورٽ سان 2٪ جي گهٽ سود شرح ۾ ماڻهن جي ڪمپنين کي حقيقي مالي قرضن کي ڏيو.
اسان جي قرض جي ٻيهر رقم 1 کان شروع ٿئي ٿي (هڪ) سال توهان کي پنهنجو قرض حاصل ڪيو آهي، ۽ ٻيهر ادا جي مدت جي حدن کان 3 کان 35 سالن جي عرصي تائين.
ممڪن معاهدي ۽ توهان جي قرض جي پروسيسنگ لاء 2 ڪميونٽي جي شرط مطابق،
اسان سان سڌو اي ميل ذريعي رابطو ڪريو: methodistcooperativeloan@gmail.com
اسان سان ڏنل معلومات سان رابطو ڪريو:
پورو نالو:____________________________
قرض جي طور تي ضرورت آهي: ________________
قرض مدت: _________________________
قرض لاء مقصد: ______________________
پيدائش جي تاريخ:___________________________
صنف: _______________________________
ازدواجي حالت:__________________________
رابطي جو پتو:_______________________
شهر / زپ ڪوڊ: __________________________
ملڪ: _______________________________
ڌنڌو: ____________________________
موبائيل فون:__________________________
فوري طور تي جواب ڏيڻ لاء پنهنجي درخواست موڪليو: methodistcooperativeloan@gmail.com
توهان جي مهرباني.
مسز ڪٿائي هال
ڊائريڪٽر.
ميڊيڪل ليمڪ ڪوڊ هلندڙ قرض ڪمپني
اي ميل: طريقيڪار مدد
گھڙي لڳي گھڙيال کي گھڙيال ڪئي گھوڙا بڌئي ن ٻوڙا ت اھا گھڙي به گھٽ ٿي
ReplyDelete