ٽئگور جي ديس ۾!
جامي چانڊيو
رات جا پويان پهر صبح جي اَڇاڻ ۾ الوپ ٿي رهيا هئا. آسمان ڄڻ ته ڪنهن
تجريدي آرٽ جو وسيع ۽ اَپار ڪينواس لڳي رهيو هو. بابُو سيٽي وڄائي ۽ اسان جي ريل
گاڏي ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ڌڏڪو کائي بيهي رهي ۽ منهنجي اک کُلي وئي. اسان بِهار
صوبو ٽپي اولهه بنگال جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪا هئاسون. دري کولي ٻاهر نهاريم. ٻاهر
ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، بلڪل ٽئگور جي شاعريءَ جهڙي. ٿڌي هوا جي سرور ماڻڻ لاءِ
ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيم. ايئن لڳم ڄڻ بنگال جو روح منهنجي اندر اوتجي ويو
هجي. ڇا ته سڳنڌ ۽ سُرور هو هوا ۾! اسٽيشن تي سانورا بنگالي ٻارڙا ناشتي لاءِ دال
پوريون کنيو بيٺا هئا، بک نه هوندي به دل چيو ته اِهي گرم گرم پوريون کائجن. حسن
درس، جيڪو زمان ۽ مڪان کان بي نياز ننڊ پيو هو، تنهن کي زوريءَ اُٿاريم. ”اڙي
شاعرِ نامراد، بنگال اچي ويو اٿئي. تو واري ٽئگور جو بنگال!“ هن اکيون مهٽيندي
پهرين مون ڏانهن نهاريو، پوءِ ٻاهر اسٽيشن ڏانهن. بنگله ٻوليءَ ۾ دال پورين جا
هوڪا ٻُڌي چوڻ لڳو: ”ضرور توکي هميشه جيان بک لڳي هوندي، تڏهن ننڊ مان اُٿاريو
اٿئي.“ ”بک ته گهڻي ڪونه لڳي آهي پر دل چوي ٿي ته گرم گرم دال پوريون کائجن.“ خبر
ناهي هن کي صبح سوير دال پورين کائڻ ۾ ڪهڙو رومانس نظر آيو، جو يڪدم کڻي ها
ڪيائين، نه ته اڪثر هو کائڻ جي معاملي ۾ مون سان پيو وڙهندو آهي. دال پوريون کائي
مٿان وري گرم گرم ڪافي پيتي سون. ايتري ۾ بابُو ٻي سيٽي وڄائي ۽ گاڏي رڙهڻ لڳي.
اسان جي چڙهڻ شرط گاڏي تيز رفتاريءَ سان هلڻ لڳي. پرهه ڦُٽيءَ جو وقت، ٿڌي هير-
جيڪا گاڏيءَ جي تيز هلڻ سبب هوا جيان لڳي رهي هئي ۽ اهڙي ماحول ۾ هڪ مخصوص آواز
سان ريل جو هلڻ ۽ اسان جو اُن ۾ سفر ڪرڻ، اُهو سڀ ڪجهه مون کي بيحد وڻندڙ لڳي رهيو
هو. جيتوڻيڪ دهليءَ کان بنگال تائين جي سفر ۾ اسان کي چاليهه ڪلاڪ ٿي چڪا هئا پر
مون کي ٿَڪَ جو احساس بلڪل به نه ٿي رهيو هو. پنهنجي اندر هڪ عجيب تازگي ۽ لطافت
محسوس ڪري رهيو هئس. اسان جلد ئي ڪلڪتي پهچڻ وارا هئاسون. حسن، جيڪو اڃا پاڻ به
ننڊ جي خمارن ۾ هو، تنهن مظفر کي به اُٿاريو ۽ هو ٻئي تيار ٿيڻ لڳا. منهنجون اکيون
دريءَ کان ٻاهر کُتل هيون. پري پري تائين ٻنيون ۽ اُنهن ۾ ساوا چهچ فصل نظر ٿي
آيا. سانورا بنگالي ۽ بنگالڻيون پنهنجين ٻنين طرف اچي رهيا هئا. هر طرف ايڏي ساوڪ
ئي ساوڪ ڏسي مون کي نيپال ياد ٿي آيو. ڪلڪتو توڙي بنگال گهمڻ اسان ٽنهي لاءِ هڪ
رومانس هو ۽ جيئن جيئن اسان جو سفر پورو ٿي رهيو هو، اسان هڪ عجيب سرهائي محسوس ٿي
ڪئي. ايتري ۾ بابُو هڪ دفعو وري سيٽي وڄائي، جنهن جو مطلب هو ته اسان ڪلڪتي پهچي
چڪا هئاسون. مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو، صبح جا ڇهه ٿي رهيا هئا. سامان کڻي هيٺ لٿاسون.
اسٽيشن جي احاطي کان ٻاهر نڪري سامان هيٺ رکيوسين. مون دل ئي دل ۾ چيو: ”اي مها
ڪوي ٽئگور جي جنم ڀومي! توکي ٽن اهلِ دل سنڌين جو سلام!“ ڪلڪتي جو شهر پهرين نظر ۾
مون کي پراڻي هيرآباد يا شڪارپور جيان لڳو. پراڻيون پر خوبصورت جايون، ڪشادا رستا،
آسمان صاف شفاف- ڄڻ ته پکالين هاڻي هاڻي ڌوئي صاف ڪيو هجي. چون ٿا ته اوڀر يورپ جي
ملڪ چيڪوسلواڪيه جو شهر پراگ به ايئن ئي آهي.
”هاڻ ڇا ڪبو؟ ڪيڏانهن هلبو؟“ اوچتو مظفر پڇي ٿو.
”پاڻ کي ڪريڪ رو (Creek
Row) هلڻو آهي، اُتي پهچي
دوستن کي اطلاع ڪبو ۽ وڌيڪ پروگرام پوءِ ٺاهبو.“ مان کيس مطمئن ڪريان ٿو.
جيتوڻيڪ ڪلڪتو اسان ٽنهي لاءِ بلڪل اوپرو هو، جو اسان اُتي پهريون
ڀيرو وڃي رهيا هئاسون، پر منهنجا اُتي ڪجهه واقفڪار هئا. ۱۹۹۰ع جي ڏينهن ۾ مان اُتر پرديش صوبي جي الهه آباد شهر ۾ ٿيل ايشيائي
نوجوانن جي هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هئس ته اُن ۾ هڪ وفد اولهه بنگال کان به آيو
هو ۽ هنن سان منهنجا چڱا ڀلا لاڳاپا ٿي ويا هئا. وري دهليءَ مان به ڪميونسٽ
پارٽيءَ جي هيڊ آفيس مان پارٽيءَ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل دپنڪر ڀٽاچاريه، جيڪو
منهنجو دوست به آهي، پنهنجي ڪلڪتي واري صوبائي آفيس کي اطلاع ڪيو هو ته هو اسان جي
ميزباني ڪن. سو اسان کي پهرين اُن آفيس ۾ وڃڻو هو. سائيڪل رڪشا ته اسان پراڻي
دهليءَ ۾ ڏسي آيا هئاسون ۽ اسان کي اُنهن ۾ چڙهندي هڪ عجيب ڏک ۽ ندامت جو احساس
ٿيندو هو پر هتي ڪلڪتي ۾ ته اڃا به ٻيو جهان هو. هتي وري ننڍا ٽانگا هئا، جن کي
گهوڙا يا گڏهه نه پر انسان پنهنجن ڪلهن تي رکي هلائي رهيا هئا. اُنهن کي ڏسي مونکي
ڪلڪتي جي پس منظر ۾ ڊامنڪ ليپئر جو لکيل ناول “The City of Joy” ياد
ٿي آيو، جنهن تي بعد ۾ هڪ عاليشان فلم پڻ ٺهي هئي. اسان جي محسوسات پنهنجيءَ جاءِ
تي، پر اسان کي ڇاڪاڻ ته اندر شهر هلڻو هو، سو اهڙي هڪ ٽانگي تي پنهنجو سامان
رکيوسين ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ٽانگو ڄڻ ته هوا ۾ اُڏامي رهيو هو. پنهنجن ڪلهن جي زور
تي ٽانگو هلائيندڙ بنگاليءَ کان وٺي ڪلڪتي جي هر شيءِ کي اسان تجسس ڀرين نظرن سان
ڏسي رهيا هئاسون، ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه اسان لاءِ نئون، اوپرو ۽ عجيب هو. شهر جون
پراڻيون، عمر رسيده ۽ سنجيده عمارتون، رستن تي هلندڙ ٽرامون، اُجرو آسمان ۽ هر طرف
سانورا چهرا، اسان لاءِ ڄڻ ته هڪ نئين دنيا هئي. ٽانگو هلائيندڙ بنگالي، جيڪو
ايترو ڊوڙڻ ڪري پگهر ۾ شَلُ ٿي چڪو هو، مين روڊ کان ساڄي هٿ تي هڪ گهٽيءَ ۾ مُڙيو.
هن ٽانگي جا بمپر پنهنجن ڪلهن تان لاهي زمين تي رکيا، جنهن جو مطلب هو ته اسان
ڪريڪ رو تي پهچي چڪا هئاسون. مون کانئس پئسا پڇيا، پر هو اڃا تائين سهڪي رهيو هو.
مون کي سندس زباني جواب جي گهرج محسوس نه ٿي. هن جو ايئن سهڪڻ ئي هن جو جواب هو.
سندس اکين ۾ عجيب بيوسي ۽ نظرن ۾ ويچارگي هئي. غربت جون ماريل ۽ ڏرا ڏنل هن جون اکيون
سڄي اولهه بنگال جي مفلسيءَ ۽ غربت جو ڏَس ڏئي رهيون هيون. هو عمر جي حوالي سان
جوان هو، پر جواني سندس جسم جي وڻ تان گهڻو اڳ ڇڻي چڪي هئي. مون سڄو بنگال هن جي
اکين ۾ ڏسي ورتو هو ۽ دل ئي دل ۾ چيم: ”هڪڙو بنگال ٽئگور جي شاعريءَ ۾ آهي ۽ ٻيو
بنگال هن ٽانگي هلائيندڙ جي اکين ۾ آهي.“ ٻنهي ۾ ڪيڏو نه فرق هو. ٽئگور جي شاعريءَ
جي بنگال ۾ حُسناڪي آهي، جذبن ۽ جسمن جو رقص آهي، دلپذير شامون ۽ شامَ رنگ جهڙيون
سانوريون بنگالي اپسرائون ۽ اُنهن جون ادائون آهن. ٻئي طرف هن پورهيت جي اکين مان
بَکندڙ بنگال آهي، غربت ۽ غلاميءَ جي ٽياس تي ٽنگيل بنگال! غربت ۽ غلامي انسان جي
وڏي ۾ وڏي توهين آهي. جيتوڻيڪ اولهه بنگال ۾ گذريل پندرنهن سالن کان پورهيت راڄ جي
ڳالهه ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت آهي، پر اُها اڃا تائين بنگالي پورهيتن کي
اُن قابل به نه بڻائي سگهي آهي، جو هو پنهنجي ٽانگي ۽ گاڏي گهلڻ لاءِ ڪو گهوڙو يا
گڏهه وٺي سگهن.
اسان سامان کڻي اڳتي وڌياسين. ڀرسان ئي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي صوبائي
آفيس هئي. اسان ڪاٺ جي هڪ سوڙهي ڏاڪڻ چڙهي مٿي آفيس وياسين. صبح جا سَتَ ٿي رهيا
هئا ۽ اندران ڪڪڙن جون ٻانگون اچي رهيون هيون. مون حسن کي ڀوڳ ڪندي چيو: ”ڪامريڊ
لڳا پيا آهن.“ ڀرسان شايد ڪو گهر هو، جتان اُهي ڪڪڙن جون ٻانگون اچي رهيون هيون.
آفيس ۾ گهڙياسين ته آفيس سيڪريٽري اسان کي ڀليڪار ڪيو. چيائين توهان ٿڪل ٿا ڏسجو،
آرام ڪريو، تيسين اسين ٻين دوستن کي توهان جي آمد بابت اطلاع ڪريون ٿا. ڏٺم ته
مظفر کي ڳالهه نه ٿي وڻي. چوڻ لڳو: ”هاڻي ايندا اِهي ڪامريڊ ۽ تون سڄو ڏينهن ويٺو
اُنهن سان مارڪسي فلسفي ۽ جديد سرمائيداريءَ تي بحث ڪندين، اسان جا ته لاهه نڪري
ويندا. بهتر آهي ته ڪنهن هوٽل تي هلجي ۽ پنهنجي منهن سان بنگال گهمجي.“
حسن لاءِ هيءُ زندگيءَ جو نئون ۽ پهريون تجربو هو، سو هو هر شيءِ کي
انجواءِ ڪري رهيو هو. اسان چاليهه ڪلاڪ سفر ڪري آيا هئاسون. ظاهر آهي ته ٿَڪ هو.
ڳالهيون ڪندي ڪندي سامان سيراندي ڪندي اڃا اَهلياسين ته ننڊ اچي وئي. ايئن اسان
ٽئي پنهنجي پنهنجي لاشعور جي دنيائن ۾ هليا وياسون. ننڊ ڄامشوري جي هجي يا ڪلڪتي
جي، اُن جو رنگ ساڳيو ٿيندو آهي. سو اسان جا جسم ته اُتي ئي هئا، پر خبر ناهي روح
ڪٿي هئا. جاڳ ۾ انسان ڪيئن به هجي پر خوابن ۾ هر انسان آواره گرد هوندو آهي، سو
جسم ته اُتي هئا، پر خبر ناهي اسان جا رولاڪ روح ڪٿي ڪٿي آواره گرديون ڪري رهيا
هئا!
شايد ڪنهن ڪمري ۾ بلب ٻاريو ۽ اسان جي اک کُلي وئي. ڏسون ته آفيس
سيڪريٽريءَ سان گڏ هڪ بنگالي ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ساڻ هئا. بنگالي گاڏڙ هندي ڳالهائيندي
چيائين ته، ”هي ٻئي توهان کي وٺڻ آيا آهن.“ ٻنهي اسان کي نهايت پنهنجائپ مان سلام
ڪيو ۽ جلدي تيار ٿيڻ لاءِ چيو. نوجوان پنهنجو نالو ڊاڪٽر شانتو ٻُڌايو ۽ ڇوڪريءَ
پولي دتا. ڊاڪٽر شانتو مون لاءِ به اوپرو هو، پر پوليءَ سان مان ۱۹۹۰ع الهه آباد ۾ مليو هئس، پر هو جنهن پنهنجائپ ۽
قرب سان مليا، ايئن ٿي لڳو ڄڻ اسان جا ننڍپڻ جا دوست هجن. مون مظفر کي چيو: ”ڏس-
تو هرو ڀرو ڪاوڙ ٿي ڪئي، هي ڪيڏا نه دلبر ماڻهو آهن، تو ڪميونسٽن جو قرب هت ڏٺو ئي
ناهي.“ مظفر منهنجيءَ ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏنو، جنهن جو مطلب هو ته هو مون سان
سهمت هو. اهو هن جو خاص انداز آهي. مظفر طبيعت جو تيز ۽ سخت ضرور آهي، پر دلي طرح
هڪ نهايت ڀلو ۽ پُرخلوص ماڻهو آهي. سو مون ڏٺو ته هاڻي هو نارمل هو. هاڻي اسان
پوليءَ جي حوالي هئاسون. هوءَ اسان جي ميزبان هئي. آفيس مان سامان کڻي اسان پوليءَ
۽ شانتو سان گڏ روانا ٿياسون. شهر جي مختلف رستن تان گهمائيندي، پولي اسان کي هڪ
پنج ماڙ بلڊنگ ۾ وٺي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”جامي! هيءَ سڄي بلڊنگ اسان جي آهي. ٽين ماڙ
تي هڪ فليٽ اسان اوطاق طور ڪم آڻيندا آهيون ۽ مون توهان جي رهائش جو انتظام اُتي
ڪيو آهي. ٻيءَ ماڙ تي هڪ فليٽ ۾ اسان پاڻ رهندا آهيون. اهو به توهان جو پنهنجو گهر
آهي، اُن ڪري توهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.“ هوءَ پنهنجي مخصوص بنگالي گاڏڙ هندي
لهجي ۾ چئي رهي هئي. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ڏاڍو پيارو آهي. هن جي شخصيت هڪ ئي
وقت بيحد پُراعتماد ۽ شرميلي آهي. اسان فليٽ ۾ سامان رکيو. اهو هڪ ڪشادو ۽ ڪارنر
جو فليٽ هو. دريءَ ۽ گئلريءَ کان سڄو ڪلڪتو اسان جي سامهون هو.
ڪلڪتي جو شهر پنهنجي سياسي ماحول جي لحاظ کان هندستان جو ڪو شهر نه
پر اڳوڻو سُرخ ماسڪو لڳي رهيو هو. شهر جي هر چوڪ تي ڳاڙها جهنڊا، لينن، مارڪس ۽
دنيا جي ٻين انقلابي سُورمن جا مجسما، سندن قول ۽ عبارتون آويزان هئا. مون دل ئي
دل ۾ چيو، ”ڪميونسٽ پارٽي ڪلڪتي جي چوڪن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائي ۽ لينن جا مجسما
آويزان ڪري سمجهي ٿي ته هنن بنگال ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي!“ انسان ڪيڏو نه خودفريب
آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ چوڏنهن سال بنگال تي حڪومت ڪئي آهي، پر اها اڃا تائين بنگالي
مزدور کي خوشحال بڻائڻ ته ٺهيو پر کيس انسان جو درجو به نه ڏياري سگهي آهي. بنگالي
پورهيت اڄ به ٽانگن ۽ گاڏن ۾ گهوڙن ۽ گڏهن جيئن وَهن ٿا. اُنهن لاءِ هنن ڳاڙهن
جهنڊن جي ڪهڙي وقعت هوندي؟ مون پنهنجا احساس ڊاڪٽر شانتو کي ٻُڌايا، جيڪو نهايت
گهٽ ڳالهائو ۽ سنجيده نوجوان ٿي لڳو. هو مون سان سهمت ٿيو ۽ چوڻ لڳو: ”اهو ئي مؤقف
اسان جو به آهي. اصل ۾ CPI – M (ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا- مارڪسسٽ) پنهنجو
اصل ڪردار وڃائي چڪي آهي. اُها ڪنهن به ريت اسٽيٽس ڪو (Status quo) کي
ٽوڙڻ نه ٿي چاهي. اولهه بنگال جو ئي مثال وٺو. هيءُ ٽيون ڀيرو آهي، جو اقتدار هن
پارٽيءَ وٽ آهي پر توهان ڏسندؤ ته بنگال ۾ توهان کي ڪابه بنيادي تبديلي نظر نه
ايندي. چوڪن تي حڪومت طرفان لڳايل مجسمن کي ته سماج ۾ ڪنهن بنيادي تبديليءَ سان
تعبير نٿو ڪري سگهجي.“ ڏٺم ته مظفر، جنهن کي سياست سان ڪابه دلچسپي نه هئي، تنهن
جي چهري تي بيزاريءَ جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا هئا. مون موضوع مٽائڻ خاطر پوليءَ کي
چيو: ”پاڻ ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟“ پولي، جنهن جو قد ڪنهن جاپاني هائيڪي جيترو
هو، سا چوڻ لڳي: ”توهان بنگال جو ڪلچر ڏسڻ ٿا چاهيو نه- بنگال جا ماڻهو مٺاين جا
بيحد شوقين آهن. ڪلڪتي ۾ چانهه جي هوٽلن کان وڌيڪ مٺاين جا دڪان آهن. شام ٿيندي ئي
ماڻهو اُنهن جو رُخ ڪندا آهن. ڪلڪتي ۾ مٺاين جا ريسٽورانٽ به بيشمار آهن.“
”خاص مٺاين جا ريسٽورانٽ!؟“ اسان حيرت وچان سڀ هن کي ٻُڌي رهيا
هئاسون. ”ها! خاص مٺاين جا ريسٽورانٽ. اهي ريسٽورانٽ اولهه بنگال جي سڃاڻپ آهن. سو
اسان سڀ کان پهرين اهڙي ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ هلنداسين. جي توهان اهڙي ماحول ۾ ڪلڪتي
جا رَس گُلا نه کاڌا ته چئبو اوهان بنگال گهميو ئي نه.“
ايئن اسان ڳالهيون ڪندا ۽ گهمندا گهمندا هڪ وڏيءَ بازار ۾ اچي
پهتاسون. اها پراڻي طرز جي هڪ نهايت طويل بازار هئي. اهڙين بازارن جو پنهنجو هڪ
خاص وڻندڙ ماحول ٿيندو آهي. اُنهن جي پنهنجي هڪ خوشبوءِ ٿيندي آهي. اهڙي خوشبوءِ،
جيڪا ڪاٺ جي پراڻين پيتين ۾ سانڍيل شين ۾ ٿيندي آهي، پر ڪلڪتي جي هن پراڻيءَ بازار
۾ مٺاين جي سڻڀي خوشبوءِ هر هُڳاءَ تي حاوي هئي. بازار گهمي واقعي لڳو ته ڪلڪتو
مٺاين جو شهر آهي. اسان کي به پولي هڪ ريسٽورانٽ ۾ وٺي وئي. اهو هڪ ڪشادو
ريسٽورانٽ هو. هر طرف ماڻهو پنهنجين پنهنجين ڪچهرين ۽ مٺاين کائڻ ۾ مصروف هئا.
پوليءَ بيري کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مٺاين جو آرڊر ڏنو ۽ ٿوريءَ دير ۾ اسان جي ٽيبل
مٺاين سان ڀرجي وئي. مون کي مٺاين کان به وڌيڪ اُنهن جي پيشڪش جو انداز وڻيو.
مٺايون پليٽن بجاءِ پَٻَڻِ جي وڏن پنن تي رکي پيش ڪيون ويون. پولي اسان جي نظرن
مان ئي سمجهي وئي ته اسان ان ماحول کي خوب انجواءِ ڪري رهيا هئاسون. چوڻ لڳي:
”توهان سنڌي مزاجن ڏاڍا رومانٽڪ آهيو. توهان کي پَٻَڻِ جي پنن ۾ به رومانس نظر ٿو
اچي.“ مون حسن درس کي چيو: ”يار اها حقيقت آهي ته سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رومانس ڀريل
آهي. سنڌ جي حاڪم، راءِ ڏياچ ته هڪ سُر تي سِرُ ڏنو هو. تاريخ ۾ اهڙو مثال ورلي ڪو
ملندو.“
مٺايون کائي بازار کان ٻاهر آياسون ۽ اها رات دير تائين ڪلڪتي جي
گهٽين ۾ گهمندا ۽ شهر جي رستن تي نانگ جيان سُرندا ٽرام ۾ چڙهندا ۽ لهندا رهياسين.
ٻئي ڏينهن ڪڪڙن جي ٻانگن تي اسان جي اک کُلي. اک کوليون ته پولي
ناشتي سان گڏ تيار بيٺي هئي. ڄڻ ڪڪڙن کي ٻانگن لاءِ چيو ئي هُن هو. ڪڪڙ به سندس
پارٽيءَ جا ڪي ڪارڪن ٿي لڳا. ضابطي جا پڪا، جهڙوڪ مٿن اسان کي اُٿارڻ جي ڊيوٽي لڳل
هئي. اهو ڪلڪتي ۾ اسان جو ٻيو ڏينهن هو. صبح جا اَٺ ٿي رهيا هئا ۽ اسان جو مختصر
قافلو يعني حسن درس، مطفر، مان، پولي، ڊاڪٽر شانتو، سوءِ من راءِ ۽ ساءِ من،
جَداوَپور يونيورسٽيءَ لاءِ روانا ٿياسون. اولهه بنگال جي اها اهم يونيورسٽي ڪلڪتي
شهر کان لڳ ڀڳ ٽيهه ميل پري واقع آهي، بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد کان ڪيڊٽ ڪاليج
پيٽارو. هونئن تعليمي ادارن کي شهري گوڙ کان پري قائم ڪرڻ جو تصور مون کي ڏاڍو
سُٺو لڳندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ خبر ئي نه پئي. بس هڪ وڏيءَ عمارت آڏو اچي بيٺي.
اها جَداوَپور يونيورسٽي هئي. پوليءَ اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن کي
اطلاع ڪري ڇڏيو هو ۽ اُهي آرٽس فيڪلٽيءَ جي سامهون اسان جي آمد جو انتظار ڪري رهيا
هئا. پوليءَ واري واري سان اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو. يونيورسٽي پنهنجي ماحول
جي لحاظ کان ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. ڪشادا ميدان، هڪ ننڍڙي ڍنڍ، جنهن ۾ پٻڻ ۽
ڪنول جا گُل تَري رهيا هئا ۽ ڍنڍ مٿان ڪاٺ جي پُل ٺهيل هئي.
آرٽس فيڪلٽيءَ جو ماحول به زندگيءَ سان ڀرپور هو. هر طرف نوجوان
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڻ ۾ ڪچهرين ۽ مستين ۾ رُڌل. فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ۾ اهو ئي شور.
ڏاڪڻين تي به اهي ئي جوڙا جوڙا بيٺل. مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ٿي
ياد آئي. هوبهو ساڳيو ماحول هتي به هو. رڳو ماڳ بدليل هو، ماڻهو بدليل هئا، سندن
رنگ ۽ لباس بدليل هئا- پر دليون ساڳيون هيون، نظرون ۽ جذبا ساڳيا هئا، شرارتون ۽
مَستيون ساڳيون هيون. جوانيءَ جو ڪوبه ديس ناهي ٿيندو. اُن جي مَستيءَ ۽ لااُباليت
جو رنگ جتي ڪٿي ساڳيو ٿيندو آهي. پوليءَ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجن جن دوستن کي اطلاع
ڪيو هو، اُهي به يونيورسٽيءَ جا شاعر ۽ اديب هئا. اسان ساڻن گڏجي يونيورسٽي گهمي.
مون ٻن ڏينهن ۾ ئي محسوس ڪري ورتو هو ته بنگالي ماڻهو ڏاڍا قربائتا ٿين ٿا. سندن
وَسَ پُڄي ته مهمانن کي دلين ۾ ويهاري ڇڏين. هنن اسان کي ايترو قرب ڏنو، جو اسان
کي محسوس ئي نه پئي ٿيو ته اسان ڪنهن اجنبي ديس ۾ اوپرن ماڻهن سان گڏجي گهمي رهيا
آهيون. اسان کي ڪلڪتي يونيورسٽي گهمڻ ۽ ڏسڻ جو به گهڻو شوق هو. سو جَداوَپور
يونيورسٽي گهمي، اسان جو اهو مختصر قافلو ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
”پهرين ڪٿي هلي ماني کائجي ۽ پوءِ يونيورسٽي گهمجي.“ پوليءَ بس ۾ هلندي تجويز ڏني.
پولي به مون وانگر بُک جي ڀاڙي ٿي لڳي.
بس ڪلڪتي جي نيو مارڪيٽ ايريا ۾ داخل ٿي ته پوليءَ اسان سڀني کي لهڻ
لاءِ چيو، ”هيءُ ڪلڪتي جو سڀ کان سُٺو ڪمرشل ۽ ترقي يافته علائقو آهي ۽ توهان کي
اهو ٻُڌي شايد حيرت ٿئي ته هن علائقي ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي.“ پولي اسان کي ٻُڌائي
رهي هئي. ”هتي بنگال ۾ سنڌي ايترا گهڻا ۽ مضبوط آهن!؟“ اسان واقعي به اچرج وچان
پڇيو. ”مضبوط ڇا، مان دعويٰ سان چوان ٿي ته توهان نيو مارڪيٽ ايريا جي ڪنهن به وڏي
دڪان تي گهڙي وڃو. ڪجهه به گهرو، توهان کي جواب سنڌيءَ ۾ ملندو.“ پولي وڏيءَ
دلچسپيءَ سان اسان کي ٻُڌائي رهي هئي. ”پوءِ ڇو نه ماني به ڪنهن سنڌيءَ جي هوٽل تي
هلي کائجي.“ حسن جي ڏنل راءِ سان سڀ متفق ٿيا ۽ ڀرسان ئي هڪ گهٽيءَ ۾ وڏو واڻڪو
ريسٽورانٽ هو. اسان سڀ اُن ۾ داخل ٿياسين. ريسٽورانٽ جي اندر چئني طرفن کان
هنومان، ڪالي ديوي، جهولي لال ۽ بابا گرونانڪ جون تصويرون لڳل هيون. ڪلچر به ماڻهن
سان گڏ سفر ڪن ٿا، نه ته ڪٿي ڪلڪتو ۽ ڪٿي سنڌي هندو ۽ جهولي لال. سنڌي مسلمان جو
الميو اهو آهي، جو هو اڃا تائين بين الاقوامي شهري بڻجي نه سگهيا آهن. جڏهن ته
سنڌي هندو ورهاڱي کان اڳ به سڄيءَ دنيا ۾ سفر ڪندا هئا. سڄيءَ دنيا سان هنن جو
واپار وهنوار هلندو هو. ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ته مون پاڻ ڏٺو ته اُتي سنڌي هندو
۽ سِکَ ڪيئن نه واپار تي ڇانيل هئا. سڄي هندستان ۾ سِکَ ۽ سنڌي هندو، ٻه اهڙيون
برادريون آهن، جيڪي دنيا جي هر ڪُنڊ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون. ڏکڻ اوڀر ايشيا هجي، يورپ
هجي، وچ اوڀر يا آمريڪا، اُهي هر هنڌ نظر ايندا. مون کي سنڌي مسلمانن جو ته حال
نظر نٿو اچي ته ڪو اُهي سڀاڻي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪندا، جي ايئن ٿيو ته به
شايد سنڌي هندن جي ڪري ٿيندو. سنڌي مسلمان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري رڳو ٻئي شهر
ويندو ته به پاڻ کي ڏکيو ۽ پرديس ۾ محسوس ڪندو ۽ هتي هي سنڌي هندو ڪلڪتي کي به
شڪارپور ۽ ميرپور ماٿيلو بڻايو ويٺا آهن.
ريسٽورانٽ تي مانيءَ به اسان کي خوب مزو ڏنو. اصل واڻڪي طِرز جون
ڀاڄيون، چَٽ پٽيون چٽڻيون، بيسڻ ۽ جِيري جا پاپڙ ۽ ڪڻڪ جا گرم گرم ڦُلڪا. اصل مزو
اچي ويو. ماني به بيحد سَستي. هندستاني پنجاهه رپين ۾ اسان سڀني ماني کاڌي. ماني
کائي ريسٽورانٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون واري بلڊنگ ٻاهران لڳل بورڊ تي اسان جي
نظر پئي. لکيل هو: “Sindhi Youth
Association”. مظفر خيال ڏيکاريو ته
اندر هلجي ۽ ساڻن ملجي. حسن، مظفر ۽ مان مٿي چڙهياسين. ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٽپي اندر هال ۾
داخل ٿياسون ته هال جي وچ ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جو وڏو مجسمو رکيل هو ۽ ڀرسان لکيل هو:
”هيمون ڪالاڻي يادگار لائبريري“. اسان جو اُتساهه ويتر وڌيو. ڪلڪتي ۾ هيمون
ڪالاڻيءَ جو مجسمو ظاهر آهي ته اسان لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه هئي. هڪ نوجوان
ڊوڙي اچي اسان سان مليو. اسان کيس ٻُڌايو ته ”سنڌ مان آيل سنڌي ليکڪ آهيون ۽ توهان
جو بورڊ ڏسي اندر گهمڻ آيا آهيون.“ هن اسان کي ڀليڪار ڪيو ۽ لائبريري گهمائي.
”هيءُ ادارو ڪنهن جو قائم ڪيل آهي؟“ مظفر هن کان پڇي ٿو.
”لکمي کلاڻي“. هو جواب ڏئي ٿو.
اصل ۾ دهليءَ ۾ اسان کي لڇمڻ ڪومل اڳ ئي لکمي کلاڻيءَ بابت گهڻو ڪجهه
ٻُڌايو هو ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اُتساهه ڏياريو هو. اسان جي وڌيڪ پڇڻ تي هن نوجوان
ٻُڌايو ته لکمي کلاڻي ٻاهر ويل آهي، يعني هندستان کان ئي ٻاهر. بهرحال لکمي سان
ملڻ جي سِڪَ تَشنه ئي رهجي وئي. هن جو ڪيل اهڙو ڪم ڏسي اسان جي دل ۾ هن لاءِ
احترام ويتر وڌي ويو.
”بهتر اهو آهي ته ڪلڪتو يونيورسٽي سڀاڻي هلجي.“ ڊاڪٽر شانتو، جيڪو
مسلسل خاموش هو، تنهن راءِ ڏني. دير به گهڻي ٿي چڪي هئي، اُن ڪري سڀ هن سان متفق
ٿيا. اهو فيصلو ڪري سڀ فليٽ تي موٽي آياسين. پولي اسان کان موڪلائي پنهنجي فليٽ
ڏانهن ڊوڙي وئي. ”ياد رکجو، اڄ شام مون بنگال جي موجوده دؤر جي وڏي ۾ وڏي شاعر
سنکا گهوش سان توهان جي ملاقات جو ٽائيم رکيو آهي. پاڻ کي اوڏانهن هلڻو آهي.“
”هيءَ ته ڪا عجيب ڇوڪري آهي!“ حسن درس پنهنجي مخصوص انداز ۾
مسڪرائيندي وڏي آواز سان چئي ٿو ۽ پولي فليٽ جو در بند ڪري هلي وڃي ٿي.
شام ٿي چڪي هئي ۽ مان فليٽ جي گيلريءَ ۾ بيهي شهر کي ڏسي رهيو هئس.
هيءُ ڪلڪتو آهي. هندستان جو سڀ کان وڏو شهر، جنهن کي ڊامنڪ ليپئر “City of Joy” سڏيو آهي. هيءُ شهر هر قسم جي ماڻهن لاءِ پنهنجي اندر جاذبيت جو
وڏو سامان رکي ٿو. اولهه جا جپسي هن شهر کي “Magical Paradoxical City”
سڏيندا آهن. هر قسم جي ماڻهن لاءِ هن شهر ۾ خاص قسم جي ڇِڪَ ۽ رومانس آهي. اسان
جهڙن ماڻهن لاءِ هن شهر جي عظمت جي دليل لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هيءُ گرديو
ٽئگور، سوامي وويڪانند، ايم اين راءِ، ستيه جيت ري ۽ مادام ٽيريسا جو شهر آهي. هن
ئي شهر جي گهٽين ۾ گرديو کيڏيو ۽ سندس اندر جو فنڪار جوان ٿيو. مون ڪٿي پڙهيو هو
ته ٽئگور کان سندس آرٽسٽ بڻجڻ جو راز پڇيائون ته هن جواب ۾ چيو هو ته، ”ڪلڪتي جو
آسمان ايڏو خوبصورت هوندو آهي، جو اهو هر آرٽسٽ کي پنهنجو ڪينواس آڇي ٿو ۽ منهنجي
اندر جو آرٽسٽ سڀ کان پهرين پنهنجين نظرن ۽ تصورن سان ڪلڪتي جي آسمان جي ڪينواس تي
تصويرون ٺاهڻ سکيو.“ هن ئي شهر جي ماحول کان متاثر ٿي ستيه جيت ري دنيا کي لافاني
۽ شاهڪار آرٽ فلمون ڏنيون. هن ئي شهر مان ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ علمي سجاڳيءَ جا
پهريان ڪِرڻا نمودار ٿيا ۽ اڄ به هن ئي شهر جي رستن تي مادام ٽيريسا جا مسيحائي ۽
ٻاجهارا قدم هلندا هوندا.....
فليٽ جو در کڙڪيو ۽ منهنجين سوچن جو سلسلو ٽُٽي ويو. در کوليان ته
پولي سائي رنگ جي ساڙهي پايو، پنهنجي مخصوص ۽ بااعتماد انداز سان مُسڪرائي رهي
هئي. جيتوڻيڪ هوءَ نهايت پڙهيل ڳڙهيل ۽ گُجَر ڇوڪري آهي، پر پوءِ به هن جي مُرڪڻ ۾
هڪ خاص ادا ۽ شرميلوپن آهي. اهو شرميلوپن ئي ته هندستان جي روح ۽ سڀيتا جي معصوميت
جي سڃاڻپ آهي. مون کان به رهيو نه ٿيو. کيس چيم: ”اسان سنکا گهوش (Sankha Ghosh) ڏانهن وڃي رهيا آهيون يا تنهنجي ڪنهن......!“
هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، ”نه نه، اسان سنکا گهوش ڏانهن ئي هلي
رهيا آهيون.“ هوءَ سائي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس، نرڙ تي ساڳئي رنگ جي بنديا لڳايو
ڏاڍي سُندر لڳي رهي هئي. ننڍڙو قد ۽ بُت ۾ ڀريل، جهڙي ڪا گُڏي هجي. چهري تي به
ساڳي گُڏين واري سنجيدگي ۽ معصوميت. پوليءَ کي ڏسي مون کي يانگ مُو (چيني ليکڪا)
جي ناول ”نوجوانن جو گيت“ (Song
of Youth) واري انقلابي ڇوڪري تاؤ
ڇينگ ياد ٿي آئي. ايڏي پُرجوش، زندهه دل، مخلص ۽ ڊائنمڪ ڇوڪري- پاڻ اڃا تاؤ ڇينگ
کان به ٻه هٿ اڳتي. اسان به تيار هئاسون، سو گڏجي فليٽ کان ٻاهر نڪتاسون. شام لڙي
چڪي هئي ۽ شهر ڪنهن ٿڪل مسافر جيان ٿي لڳو. پِيلو پِيلو ۽ اُٻاڻڪو، ڄڻ ڪا شيءِ
وڃائجي وئي هجيس، ڄڻ کيس ڪنهن جو انتظار ۽ اوسيئڙو هجي ۽ ڪو پرين ساڻس واعدو ڪري
نه آيو هجي. جيئن ٽئگور چيو آهي:
”اي انسان!
مان توکي ڏاهو تڏهن مڃان
جڏهن
مون کي ٻُڌائي سگهين ته
شام جي رنگ ۾
اُداسي ڇو هوندي آهي؟“
ڪلڪتي جي رستن تي گورا (انگريز) گهڻا ٿي نظر آيا. مون ساءِ من راءِ
کان ان جو سبب پڇيو. هو کِلندي چوي ٿو: ”هيءُ نومبر جو مهينو آهي ۽ بنگال ۾ نومبر
کان سرديون شروع ٿي وينديون آهن. توهان کڻي بنگال ٻيءَ نيت سان گهمڻ آيا آهيو پر
هن موسم ۾ انگريز گهڻي ڀاڱي هتي عياشيءَ لاءِ ايندا آهن، جو ڪلڪتو وئشيائن جو شهر
آهي.“ هن جو جواب مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳي ٿو. ”ڪلڪتو وئشيائن جو شهر آهي؟“ ڪلڪتي کي
سڄي هندستان ۾ ڪميونسٽن جو شهر سڏيندا آهن، پر هڪ شاعر ان کي وئشيائن جو شهر سڏي
رهيو هو. مان جي ڪلڪتي بابت پوليءَ يا شانتو کان پڇان ها، ته هو اُن جو جواب شايد
ٻيءَ طرح ڏين ها، پر اهو هڪ شاعر جو جواب هو. نظر نظر جي ڳالهه آهي. غلط ڪوبه
ناهي. ڪلڪتي جي وئشيائن بابت ته اسان کي دهليءَ ۾ لڇمڻ ڪومل به ٻُڌايو هو، ته ڪيئن
نه اُتي غربت جون ماريل نوجوان بنگالي نينگريون چند رپين جي عيوض پنهنجا ناسي
گلابن (Brown Roses) جهڙا بدن جنسي بُکين کي آڇينديون آهن. ”ڇا
اولهه بنگال جي ڪميونسٽ حڪومت اهي جنسي واپار جا اَڏا بند نه ٿي ڪرائي سگهي؟“ مان
ساءِ من راءِ کان پڇان ٿو. ”اهو سوال توهان باسو ديو کان ملاقات ۾ ضرور پُڇجو.“ هو
منهنجي سوال جو عجيب جواب ڏئي ٿو.
سَٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اولهه ۾ بوهيمن جو لاڙو وڌي رهيو هو ته انگلينڊ
جي ڪجهه دانشورن دنيا ۾ ٿيندڙ جنسي واپار (Prostitution) جي
خلاف وڏي مهم هلائي ۽ تنهن زماني ۾ هنن جو هڪ نعرو ڏاڍو مشهور ٿيو هو ته: ”جيسين
دنيا ۾ هڪ به چڪلو يا پنهنجو جسم ڏوڪڙن عيوض آڇڻ ۽ خريدڻ وارو انسان زندهه آهي،
تيسين دنيا کي مهذب سڏي نٿو سگهجي.“ مون کي اهو نعرو بيحد وڻندو آهي ۽ دنيا لاءِ
ان ۾ وڏو سوچ جو سامان نظر ايندو آهي، پر اڄوڪي دؤر ۾ اهڙا نعرا جديد دؤر جي
هنگامه خيزين ۽ بُڇڙاين آڏو بي اثر بڻجي ويا آهن.
اسان واڪ ڪندي اڳيان وڌي رهيا هئاسون. هڪ هنڌ ماڻهن جو وڏو ميڙ نظر
آيو. حسن درس، پوليءَ کان ان بابت پُڇي ٿو: ”هيءُ اسٽريٽ ٿيٽر آهي. اهي ٿيٽر به
ڪلڪتي جي خاص سڃاڻپ آهن. ڪلڪتي ۾ اهڙيون اڪيچار فنڪارن جون تنظيمون آهن، جن جو ڪم
ئي رات جو رستن تي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ناٽڪ منڊليون رچائڻ آهي.“ هوءَ ٻُڌائي
ٿي ۽ اسان جي دلچسپي ان ۾ ويتر وڌڻ لڳي ٿي. جيئن جيئن اسان شهر گهمي رهيا هئاسون،
تيئن تيئن ڪلڪتي جا انيڪ روپ اسان تي واضح ٿي رهيا هئا. شاعر، اديب، ڪامريڊ،
مٺايون، ٽرام، ڳاڙها جهنڊا، انساني ڪلهن تي هلندڙ ٽانگا، وئشيائون، چڪلا، اسٽريٽ
ٿيٽر- اِهي سڀ ڪلڪتي جا مختلف روپ هئا. زندگي به ته ايئن ئي آهي ڪلڪتي وانگر! ڪٿي
اُجري اُجري، ڪٿي سانوري سانوري، ڪٿي پوڙهين وِکن جهڙي ٿڪل ٿڪل ۽ جهيڻي، ڪٿي
ڇِرڪيل هرڻين جي نگاهن جهڙي تيز ۽ تِکي، ڪٿي ايذائيندڙ، بدصورت ۽ ڀوائتي ته ڪٿي
شفيق، ٻاجهاري ۽ دلپذير، ڪڏهن سرءُ جي سرينهن جهڙي اُداس ۽ ڇڻيل ته ڪڏهن سانوڻ ۾
نم جي ڇانوَ جهڙي گهاٽي ۽ ٿڌي. زندگي به ته ايئن آهي. شيلي کان ڪنهن قنوطيت پسند
دانشور پڇيو: ”زندگيءَ ۾ ايڏا تضاد آهن، اها ايڏي بدصورت آهي، پر پوءِ به تون
رومانويت پسند آهين ۽ رومانوي شاعري ٿو ڪرين.“ هن ان جو نهايت خوبصورت جواب ڏنو،
چيائين: ”زندگي مون لاءِ ڪنهن محبوبه جيان آهي، ان ڪري مان ان جي سڀني پاسن کي ان
جون ادائون سمجهندو آهيان ۽ محبوب جون ادائون ڀل ته بي پرواهه ۽ ظالم ڇو نه هجن،
پر اُهي پوءِ به وڻنديون ته آهن.“
سامهون هڪ مزدور سبزيءَ جو وڏو ۽ سامان سان ڀريل گاڏو پنهنجن ڪُلهن
جي زور تي گِهلي وڃي رهيو هو. مون سوچيو، ڇا شيلي وانگر هن مزدور لاءِ به زندگي
ڪنهن محبوبه جيان هوندي ۽ ان جا ڏک هن لاءِ به محبوبه جي ادائن جي حيثيت رکندا
هوندا؟ اها ئي ته زندگيءَ جي ٽريجڊي آهي، جو ان جون معنائون سڀني لاءِ ساڳيون ٿي
نه ٿيون سگهن. مان جڏهن ۱۹۸۹ع ۾ ٿائيلينڊ ويو هئس ته
واپسيءَ ۾ ٽرانزٽ تي ٽي ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ به رهيو هئس. مون سان گڏ منهنجا ٻه
نيپالي دوست روماني، راجن ۽ هڪ جاپاني ڇوڪري يوڪي (Yuki) به
گڏ هئا. اسان روز رات جو ڪولون اسٽريٽ تي گهمڻ ويندا هئاسون. هانگ ڪانگ جي ڪولون
اسٽريٽ رات جو ڪنهن نئين سهاڳڻ جيان پئي ٻهڪندي ۽ جرڪندي هئي. هر طرف روشنيون،
ڪلبون ۽ اُنهن ۾ مدهوش رقص هوندا هئا ۽ فوٽ پاٿن تي انڌا چيني فقير مينڊولين جهڙا
چيني ساز وڄائي، هر ايندڙ ويندڙ کان خيرات گهُرندا هئا ۽ مان دل ۾ سوچيندو هئس، ڇا
هنن انڌن فقيرن لاءِ به زندگيءَ ۽ ڪولون اسٽريٽ جي رنگينين جي ڪا معنيٰ هوندي؟ خبر
ناهي ڪهڙي شاعر چيو هو ته جڏهن مان دنيا ۽ زندگيءَ کي ڏسان ٿو ته ڪافر ٿي پوان ٿو،
ڇو ته ڪوبه خالق پنهنجيءَ تخليق لاءِ ايڏو بي رحم ۽ ظالم ٿي نه ٿو سگهي.
وي آءِ پي روڊ جي ساڄي طرف هڪ وڏي اپارٽمينٽ وٽ پوليءَ اسان کي بيهڻ
لاءِ چيو. اسان ان بلڊنگ تي هڪ نظر وڌي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن سان لکيل هو: “Iswar Chandra Nivas”. ”اسان جو اهو شاعر هن بلڊنگ ۾ رهندو آهي.“ پولي فخر وچان چئي
ٿي. اسان لفٽ ۾ چڙهي مٿي وڃڻ لڳاسون. پوليءَ ڇهه نمبر بٽڻ کي دٻايو، جنهن جو واضح
مطلب هو ته سنکا گهوش ڇهين فلور تي رهندو آهي. لفٽ ۾ اسان سان گڏ هڪ پڪي عمر جي
نهايت سُهڻي بنگالي عورت به چڙهيل هئي. دل چيو ڇهون فلور اچي ئي نه، بس لفٽ هلندي
ئي رهي، ڪنهن بي منزل مسافر جيان! ڇا ته زائفان جو قد، منجهس ڏيا ۽ سندس ڏيلُ هو.
مٿان وري هن کي به سائي رنگ جي ساڙهي پهريل هئي. اصل بيد مُشڪ (يوڪلپٽس) جو ڪو
ڊگهو ۽ گهاٽو وڻ لڳي پئي، پر اُنهي نڀاڳي ڇهين فلور کي اچڻو هو، سو آيو. وتائي
فقير جي ڳالهه وانگر ”نه مُڙيو، اصل نه سَٺائين.“ ڇهين فلور جي هڪ فليٽ تي پهچي
پوليءَ گهنٽي وڄائي. ڪجهه ئي لمحن ۾ هڪ بنهه سادو شخص سفيد پهرياڻ ۽ پاجامي ۾
ملبوس، مرڪندڙ چپن ۽ آجيان ڪندڙ نگاهن سان در تي اچي ٿو ۽ اسان سڀني کي اندر وٺي
وڃي ٿو. پولي اسان کي نظرن ئي نظرن ۾ اشارو ڪري ٿي، جنهن جو مطلب هو ته اهو شخص ئي
بنگال جو، موجوده دؤر جو وڏو شاعر سنکا گهوش آهي. هو اسان کي هڪ ڪمري ۾ وٺي وڃي
ٿو، جتي هڪ بيڊ، ڪجهه ڪرسيون ۽ باقي هر هنڌ رڳو ڪتاب ئي ڪتاب آهن. بلڪل ايئن جيئن
حيدرآباد ۾ اسان جي ابراهيم جويي صاحب جو ڪمرو هوندو آهي. وچ ۾ هڪ بيڊ ۽ چوڌاري
رڳو ڪتاب ئي ڪتاب. ڪمري جو ڪتابي ماحول ڏسي اسان تي خودبخود سنجيدگي طاري ٿي وڃي
ٿي. ڪمري ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب پيل هئا، اُن ڪري سندن رنگ ميرانجهڙو ٿي ويو هو. دل
چيو، سنکا گهوش کان پڇان: ”بنگال جا ڪتاب به سانورا ٿيندا آهن ڇا؟“ هو اسان سان
خوش خير عافيت ڪري ٿو ۽ پوليءَ سان بنگله ڀاشا ۾ ڪجهه ڳالهائي ٿو. پوليءَ هن سان
حُجائتو ٿي ڳالهايو، جنهن مان واضح هو ته هن جا ساڻس سُٺا مراسم هئا. پولي واري
واري سان ساڻس اسان جو تعارف ڪرائي ٿي ۽ کيس حسن درس بابت ٻُڌائي ٿي ته هيءُ به
شاعر آهي. هو اسان سان مخاطب ٿئي ٿو، ”توهان سُٺو ڪيو جو بنگال گهمڻ آيا آهيو.
ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۽ خِطن جي ماڻهن کي هڪٻئي جون ثقافتون ڏسڻ گهرجن. سڀيتا ۽
سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان هونئن ننڍو کنڊ هڪڙي سڀيتڪ Entity آهي.
”ڀلا توهان کي بنگال گهمندي ڪيئن ٿو لڳي؟“ هو اسان کان پڇي ٿو.
”بنگال گهمڻ اسان لاءِ ڄڻ ته رومانس آهي.“ مظفر کيس ٻُڌائڻ شروع
ڪري ٿو، ”اسان چاهينداسون ته توهان اسان کي بنگال ۽ ڪلڪتي بابت وڌيڪ ٻُڌايو. اسان
لاءِ سچ پچ به خوشنصيبيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ملاقات توهان جهڙي وڏي شاعر ۽
اسڪالر سان ٿي رهي آهي.“ مظفر کيس اسان جي جذبن کان آگاهه ڪري ٿو. ايتري ۾ مٺاين ۽
چانهن جي ٽري اچي ٿي. ”بنگالي ٻيو ته ٺهيو، چانهن سان به مٺايون ٿا کائين.“ حسن
منهنجي ڳالهه تي کِلي پوي ٿو ۽ چوي ٿو، ”شايد توتي ويا آهن.“
سنکا گهوش جي رويي مان لڳي رهيو هو ته هو اسان جي وٽس اچڻ تي گهڻو
خوش ٿيو هو. هن پهرين اسان کان دهليءَ ۽ ٻئي سفر جا حال احوال ورتا ۽ پوءِ پنهنجي
پوري سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو: ”هندستان جي جديد تاريخ ۾ بنگال جي وڏي
حيثيت آهي ۽ ان ۾ به وري ڪلڪتي جي بنيادي حيثيت آهي. جڏهن ته شايد توهان کي خبر
هجي ته ڪلڪتو شهر ايترو پراڻو به ناهي، جيئن دهلي، بمبئي ۽ لکنئو يا هندستان جا
ٻيا شهر آهن. ڪلڪتي جو تاريخ ۾ پهريون ذڪر يا نشان ۱۵۹۶ع ۾ آئينِ اڪبري ۾ ملي ٿو. هن شهر جو هندستان جي جديد سياسي تاريخ ۾
ان ڪري به وڏو ڪردار رهيو، جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجا پهريان قدم به هتي رکيا.
اها به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. چيو ويندو آهي ته ڪلڪتي کي مغل بادشاهن هڪ انگريز
ڊاڪٽر جي پرچيءَ جي معاوضي طور سندن حوالي ڪيو هو. ۱۷۴۰ع ۾ گيبرئيل بائوگٽن (Gabriel
Boughton) نالي هڪ ڊاڪٽر، مغل
بادشاهه شاهجهان جو علاج ڪيو ۽ کانئس معاوضي طور ڪلڪتي ۾ واپار جي اجازت گهري،
جيڪا هن ڏيئي ڇڏي. مغل بادشاهن وٽ ايترو عقل ئي نه هوندو هو، جو هو مستقبل ۾ ان جي
نتيجن جو ادراڪ رکي سگهن ها ۽ ايئن ڪلڪتو واپار جي نالي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
حوالي ٿيو ۽ هندستان جي تاريخ هڪ نئون موڙ کاڌو.“ هو هڪ اسڪالر جيان ڳالهائي رهيو
هو ۽ اسان کيس وڏي دلچسپيءَ ۽ غور سان ٻُڌي رهيا هئاسون.”بنگال شروع کان هڪ ڊائنمڪ
ڪلچر رهيو آهي. ان ڪري بنگال ان تبديليءَ جا ڪيترا مثبت اثر به قبول ڪيا. مثال طور
بنگال هندستان جو پهريون خِطو هو، جنهن مغربي تهذيب ۽ ڪلچر جا اثر قبوليا. هيءُ
ننڍي کنڊ جو پهريون علائقو هو، جتي ادارن جا بنياد پيا. ۱۷۸۴ع ۾ ئي هتي “Royal
Asiatic Society” جا
بنياد پيا، جنهن کي هاڻي هتي “Asiatic
Society” چيو وڃي ٿو. ان ئي
سوسائٽيءَ هتي ڪيترن ئي سائنسي علمن جي تعليم کي متعارف ڪرايو. راجا رام موهن
راءِ، جيڪو هن شهر ۾ رهندو هو، تنهن جي مذهبي، سماجي ۽ تعليمي سُڌارن ۱۹هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ هتي وڏيون ذهني تبديليون آنديون. سوامي
وويڪا نند جو ڪردار توهان جي سامهون آهي. مغربي طرزِ تعليم جو پهريون ادارو، جنهن
کي بعد ۾ پريزيڊنسي ڪاليج سڏيو ويو، سو به ۱۹هين صديءَ جي شروع ۾ پهرين هتي قائم ٿيو. اُنهن سُڌارن جي نتيجي ۾
هتي سياسي شعور جي هڪ لهر اُڀري. ۱۹هين
صديءَ جي وچ ڌاري هتي قومي شعور به پوريءَ شدت سان اُڀريو ۽ دراصل اُهو ئي شعور
هو، جنهن ۱۸۸۵ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو ۽ اها ئي
تحريڪ ۽ شعور هو، جو انڊين نيشنل ڪانگريس جي قيام جي تقريبن سَٺ سالن کان پوءِ
هندستان آزاد ٿي ويو. توهان کي مان دلچسپ ڳالهه ٻُڌايان ته هندستان جي پهرين اخبار
به “Hickey’s Gazette” جي نالي سان ۱۷۷۹ع ۾ ڪلڪتي کان جاري ٿي. ايئن توهان ڏسندؤ ته هندستان ۾ پهرين نئين
سجاڳي (Renaissance) به سڀ کان پهرين هتي يعني بنگال ۾ آئي.
سياست، صحافت، معيشت سان گڏ ادب ۽ ٻين فائن آرٽس جي شعبن ۾ به ايئن ٿيو. جديد
هندستاني ادب ۾ بنڪم چندرا چيٽر جي ناول ”بندِ ماترم“ کي پيڙهه جو پٿر تسليم ڪيو
وڃي ٿو ۽ اهو به ۱۸۸۵ع ۾ يعني ٽئگور کان فقط چار سال پهرين لکيو ويو.
هندستان ۾ ادب جو پهريون نوبل انعام به ٽئگور کي مليو. ٽئگور کان پوءِ به بنگال
ادب جي ميدان ۾ جيواننداس، شرٽ چندرا چاٽو پاڌياپا ۽ بڀوتي ڀوشن باندو پاڌيا
(مشهور ڪتاب “Apu Trilogy” جو ليکڪ) جهڙا وڏا اديب پيدا ڪيا آهن. اُن
ڪري جيڪڏهن توهان کي هندستان جو اڀياس ڪرڻو آهي ته ان لاءِ توهان کي بنگال جي
تاريخ ۽ ڪردار کي ضرور جاچڻو ۽ ڏسڻو پوندو.“
ٻئي ڪمري ۾ فون جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ هو ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ان ڪمري ڏانهن
اُٿي وڃي ٿو. سنکا گهوش جي اهڙي ڪچهري رڳو اسان لاءِ نه پر اسان محسوس ٿي ڪيو ته
خود پوليءَ، شانتو ۽ ساءِ من راءِ وارن لاءِ به وڏي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي رهي
هئي. جاپاني هائيڪي ۽ پشتو ٽپي جيتري ٽِڻڪ پولي وچ وچ ۾ مستيون مذاق ڪري ماحول کي
رليڪس ڪندي، سنکا گهوش کي پنهنجي شاعري ٻُڌائڻ لاءِ چوي ٿي، جيڪو ٻئي ڪمري مان
واپس موٽي آيو هو. هو اسان کي پنهنجي شاعري ٻُڌائي ٿو ۽ گڏوگڏ ان جو ترجمو به.
ايئن اسان جي ڪچهري هلندي رهي ٿي. مظفر کانئس پڇي ٿو: ”ڇا توهان هن صديءَ جي سنڌ
جي عظيم شاعر شيخ اياز کي سڃاڻو ٿا؟“
”نه مون صرف شاهه لطيف جي باري ۾ ٻُڌو ۽ کيس ڪجهه پڙهيو آهي، ترجمي
جي صورت ۾. باقي اياز کي نه سڃاڻان. ڇا هن جي شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي آهي؟“ هو
پڇي ٿو. مظفر کيس ناڪار ۾ جواب ڏئي ٿو.
اياز جي وڏي بدقسمتي ئي اها آهي، جو هڪ ته هُن کي ڪو پنهنجي سطح جو
اهڙو نقاد نه مليو، جيڪو هُن کي پنهنجو خاص موضوع بڻائي ها ۽ ٻيو هو ترجمو نه ٿيو،
نه ته اڄ اياز جو قد گهڻو مٿي هجي ها. اياز جي بچاءَ ۾ ته گهڻن لکيو، پر اياز جي
شاعريءَ جو پنهنجو اڀياس ان سطح جو نه ٿيو. اقبال ۽ فيض کي ان سطح تي سندن نقادن
آندو. اقبال کي ڊاڪٽر مير عليم الدين، مير رفيع الدين، ڊاڪٽر يوسف حسين خان جي سطح
جا نقاد مليا ۽ فيض ته پنهنجي دؤر جي بين الاقوامي سطح جي ادبي اسڪالرن ۽ نقادن جو
موضوع رهيو. اياز پاڻ به ته ”سنڌي“ ٿي رڳو ”گهر“ ۾ ويهي رهيو. فيض سڄيءَ دنيا ۾
ويندو هو. پنهنجي دؤر جي عالمي سطح جي اسڪالرن ۽ اديبن ۽ شاعرن سان هن جا مراسم
هئا. نرودا، محمود درويش، رسول حمزه توف هن جا گهرا ذاتي دوست هئا ۽ پوءِ دنيا ڏٺو
ته فيض کي دنيا ۾ ڪيتري نه پذيرائي ملي. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ڪو فڪر ۽ فن
مڃتا جا محتاج آهن، پر جنهن سطح جو فڪر يا فن هجي، ان کي پنهنجا همه گير اثر ڇڏڻ
لاءِ ميدان به اوترو وسيع ملڻ گهرجي، نه ته ”جنگل مين مور ناچا ڪس ني ديکا“ واري
ڳالهه ٿيندي. مثلن مظهر لغاريءَ جو رڳو هڪڙو نظم ”ٽڙڻ جا ڏينهن هيا پر اسين ڇڻيا
آهيون“ منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي شاهڪار مزاحمتي نظمن مان هڪ
آهي، پر مسئلو ساڳيو Exposure جو آهي. پست ۽ غلام معاشرن ۾ اجتماعي طرح
جيڪي ڪمزوريون پيدا ٿينديون آهن، اُنهن ۾ هڪ احساسِ ڪمتري به آهي. اهو گهٽتائيءَ
جو احساس غلام ۽ پست معاشرن جي تحت الشعور ۾ ويهي رهندو آهي. اسان سان به ڪجهه
ايئن آهي. جن معاملن ۾ اسان پوئتي پيل آهيون، اُهي اسان کي تبديل ڪرڻ ۽ سُڌارڻ
گهرجن ۽ جن معاملن ۾ اسان دنيا جهڙا آهيون، اُنهن کي شعوري طرح اڳتي آڻڻ گهرجي،
ايئن ئي پوئتي پيل سماجن جو مورال مٿي ٿيندو آهي. منهنجو امير علي چانڊيي سان ان
ڳالهه تي جهيڙو رهندو آيو ته هو ٻيا ڪم ڇڏي سنڌي ادب جا شاهڪار انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪري. امير علي ۾ اها صلاحيت هئي ۽ هُو اهو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي سگهي، پر هن جي
صحت ۽ ملازمت شايد هن کي اها اجازت نه ڏني. امير علي صاحب جهڙي اسڪالر ماڻهوءَ کي
پوليس جهڙي شعبي ۾ نه وڃڻ کپندو هو. هن جهڙو ڏاهو ماڻهو يونيورسٽيءَ ۾ ادب يا
فلسفي جو پروفيسر هجي ها ته وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي ها. ماڻهوءَ کي پروفيشن
جي چونڊ پنهنجي مزاج ۽ ذهني رجحان موجب ڪرڻ گهرجي، نه ته هو ڪي سُٺا نتيجا ڏئي
ڪونه سگهندو.
سنکا گهوش اسان کي سنڌي شاعريءَ مان چونڊ شيون ٻُڌائڻ لاءِ چوي ٿو.
حسن درس هن کي حسن مجتبيٰ جو نهايت خوبصورت نظم ”هيءَ هوا ڪنهن رولاڪ شاعر جي
مثال“ ٻُڌائي ٿو ۽ مان کيس انگريزيءَ ۾ ان جو ترجمو ڪري ٻُڌايان ٿو. نظم سنکا گهوش
کي ڏاڍو وڻيو. اهو ساڳيو نظم حسن دهليءَ ۾ امرتا پريتم کي به هن جي چوڻ تي ٻُڌايو
هو ته هوءَ ايترو متاثر ٿي هئي، جو مون کان پنهنجي ڊائريءَ تي ترجمي سميت لکائي
ورتو هئائين. حسن مجتبيٰ جا نظم گهڻا ناهن، پر اُهي سُٺا آهن. هن ۾ هڪ بهترين شاعر
۽ ناول نويس جون صلاحيتون آهن پر هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي شاعريءَ ۽ فڪشن
بجاءِ صحافت جي ميدان تي صَرف ڪري ڇڏيو. هن جو نثر صحافت کان وڌيڪ افسانوي ادب جي
ويجهو آهي. هو ٿورو ڌيان ڏئي ته بهترين ناول نويس ٿي سگهي ٿو. حسن مجتبيٰ سان
منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۷ع ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن
مدد علي سنڌي عبرت مئگزين ايڊٽ ڪندو هو ۽ مجتبيٰ ساڻس گڏ ڪم ڪندو هو. مدد علي
سنڌيءَ سان منهنجي دوستي هئي، اُن ڪري مان جڏهن به وٽس ويندو هئس ته مجتبيٰ سان به
ملاقات ٿيندي هئي. تڏهن جسم ۾ اَڀرو هوندو هو ۽ عجيب و غريب اسٽائيل اختيار ڪندو
هو. ڪڏهن وڏيون وڏيون مُڇون ته ڪڏهن فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، جينس ۽ سفيد پهراڻ پهريل،
سندس لوڏ به پري کان پڌري- پري کان کيس ايندي ڏسبو هو ته خبر پئجي ويندي هئي ته
مجتبيٰ پيو اچي. مجتبيٰ مئگزين جو انگريزي حصو ايڊٽ ڪندو هو. تڏهن هن صحافت ۾ اڃا
پاڻ ايتري وڏي سطح تي نه مڃرايو هو ۽ مان کيس هڪ قابل صحافيءَ بدران هڪ سُٺي شاعر
طور سڃاڻندو هئس. پوءِ اڳتي هلي هن صحافت جي شعبي ۾ ته پاڻ مڃرايو ۽ هڪ تخليقي
ڪالم نگار توڙي رپورٽر طور سامهون آيو، پر شاعر مجبتيٰ آهستي آهستي گم ٿي ويو.
منهنجي خيال ۾ هو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ سستي اگهه تي
خرچ ڪري رهيو آهي، پر صحافت هڪڙو رومانس ۽ سحر آهي، جنهن مان گهٽ ماڻهو نڪري
سگهندا آهن. ايئن سنکا گهوش سان اسان جي ڪچهري دير تائين هلندي رهي. مون کيس ٻُڌايو
ته سنڌيءَ ۾ بنگالي ادب تمام گهڻو ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. نه رڳو ٽئگور پر
هن کان پوءِ جي بنگالي اديبن مان شنڪر بئنرجي، ماڻڪ بئنرجي، بمل متر، پرميندر متر
۽ اشا پورڻا ديويءَ جون ڪافي لکڻيون سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. اهو ٻُڌي هو بيحد خوش
ٿيو. اسان کانئس موڪلائڻ چاهيو. هن اسان کان واعدو ورتو ته اسان کيس چونڊ سنڌي نظم
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪلينداسون. اسان ساڻس واعدو ڪري موڪلايون ٿا ۽ واپسيءَ تي
هڪ چائنيز ريسٽورانٽ ۾ ماني کائي واپس فليٽ تي موٽي اچون ٿا. اهو نومبر جو مهينو
هو ۽ جيئن جيئن رات لڙندي ٿي وئي، تيئن تيئن بنگال ٺرندو ٿي ويو. مان گئلريءَ ۾
اچي بيٺس. سڄو بنگال سمهي رهيو هو، پر آسمان تي چنڊ جاڳي رهيو هو. ڄڻ کيس ڪا
لاحاصل جستجو هجي. مون کي هڪ دفعو وري لفٽ ۾ مليل اها حَسين بنگالي عورت ياد اچڻ
لڳي، جنهن جي پيشانيءَ جي آڪاش تي بنديا، ڪنهن چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪي رهي هئي.
بَلي- ڪيڏي نه حُسناڪ عورت هئي.
No comments:
Post a Comment