Sunday, November 25, 2012

زار جون موڪليل کَلون، تاريخي محل ۽ نم جو وڻ! - عبدالحي پليجو


زار جون موڪليل کَلون، تاريخي محل ۽ نم جو وڻ!
عبدالحي پليجو
اڄڪلهه سڄي دنيا جا سياح استنبول شهر گهمڻ اچن ٿا. انهن ۾ خاص ڪري اوڀر يورپ، روس، جپان، آمريڪا، عرب ۽ روس کان آزاد ٿيل مسلمان ملڪن جا سياح هتي وڏي تعداد ۾ ٿا اچن. ترڪي هينئر گهڻي کان گهڻا سياح اچڻ وارن ملڪن جي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي. سن 2011ع ۾ ٽي ڪروڙ پنجويهه لک سياح سڄي دنيا مان ڪهي ترڪي گهمڻ آيا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ توهان کي صرف عيسائيت جي تاريخ جي پسمنظر ۾ هر ماڳ ۽ مڪان ڏيکاريو ويندو، پر ترڪيءَ ۾ ٽن مکيه مذهبن جهڙوڪ يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا ڪَئِين آثار، ماڳ مڪان ۽ يادگار ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جن جو ڪو جواب ئي ڪونهي. هونئن ته سياح ترڪيءَ جا سمورا مشهور ماڳ ۽ شهر اچي گهمندا آهن، پر چوَن ٿا ته ترڪيءَ جي رومي سمنڊ واري ساحل ۽ ان جي Antalya انٽاليا نالي ساحلي علائقي کي ترڪيءَ جي سياحتي گاديءَ جو هنڌ سڏيو ٿو وڃي، جتي گهڻي کان گهڻا سياح ايندا آهن. سڄي دنيا مان هر سال هتي سياحن جي ڪروڙن جي تعداد ۾ اچڻ ڪري ۽ ملڪ ۾ گهڻي صنعتي ترقيءَ سبب ترڪيءَ جي Economy به دنيا جي امير ملڪن جي لسٽ ۾ پندرهين نمبر تي پهچي وئي آهي. سن 2010ع ۾ ان جي G.D.P يعني پيداواري ترقيءَ جي شرح يا رفتار  +9.0 سيڪڙو هئي. استنبول جي Forbs  ميگزين جي سروي مطابق دنيا ۾ پهرئين نمبر تي سٺ Billionaires يعني عرب پتي شاهوڪار ماڻهو آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾، ٻئي نمبر تي پنجاهه عرب پتي روس جي ماسڪو شهر ۾، ٽئين نمبر تي ٻٽيهه عرب پتي برطانيه جي لنڊن شهر ۾ ۽ چوٿين نمبر تي اٺاويهه عرب پتي ماڻهو ترڪيءَ جي استنبول شهر ۾ آهن.


ٽيڪسي اسان کي استنبول شهر جي باسفورس سمنڊ جي ڪناري هن سهڻي پوائنٽ تي لاٿو، هن هنڌ کي هتي Ortakoy (اورتاڪوئي) سڏيندا آهن. محبوب کي هن علائقي جا نظارا ڏاڍا وڻيا. هتي به ڪَئِين هزار سياح نظر آيا، جيڪي گهڻو ڪري نوجوان ۽ جوڙا جوڙا هئا. اهي سامونڊي ڪناري تي ۽ هن علائقي جي وچ ۾ ٺهيل نهايت خوبصورت پارڪ ۾ هڪ ٻئي جا فوٽو ڪڍي، فلمون ڀري ۽ روح رچنديون ڪري رهيا هئا. هتي جا نظارا ڏاڍا وڻندڙ ۽ ماحول من موهيندڙ هو. وشال سمنڊ جي ڪپرن تي قطار ۾ سٺا سٺا ڪافي شاپس ۽ ڪيترائي ننڍا وڏا دڪان ٺهيل هئا، جتي ترڪ تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ڪَئِين قسمن جا ڪپڙا ۽ سوکڙين جي لائق ننڍيون وڏيون خوبصورت شيون رکيل نظر آيون. هتي ٺاهيل خوبصورت پارڪ اندر ۽ ٻاهر سياحن جي ويهڻ لاءِ ڪاٺ جون بينچون ڏاڍي نفاست ۽ ترتيب سان رکيل هيون. ساحل تي Ortakoy camii نالي عاليشان مسجد اڏيل آهي. اها مسجد سن 1854ع ۾ ترڪيءَ جي ماهر تعميرات نيڪو گاس جي ڪوشش ۽ ڪاوش سان تعمير ٿي. هن خوبصورت ماڳ تي هن خوبصورت مسجد جي تعمير سبب ئي هتي وڌيڪ تفريحي جايون جڳهيون، دڪان ۽ هوٽل وغيره تعمير ٿيا ۽ باغيچا بنايا ويا. تڏهن کان وٺي سياحن جي هتي اچڻ ۽ گهمڻ ۾ گهڻي دلچسي رهي آهي. هتي ڪافي پراڻا وڻ به ڏسڻ ۾ آيا. پراڻن ۽ وڏن وڻن سان منهنجي هميشه دلچسپي رهي آهي. منهنجي گهر ۾ به هڪ سئو ٻارنهن سال پراڻو نم جو وڻ موجود آهي، جيڪو ڏاڏي ارباب عبدالحئي پليجي سن 1900ع ۾ پوکايو هو. جهرڪ ۽ سونڊا جي وچ تي نيشنل هاءِ وي جي باواني اسٽاپ وٽان اٽڪل پنج ميل پري کان اسان وارو اهو نم جو وڻ ۽ اسان جي ڳوٺ ٻني جا ٻيا پراڻا وڏا وڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪنهن زماني ۾ اسان وارو نم جو وڻ قد ۽ گهيل ۾ تمام وڏو هوندو هو. منهنجي پٽ فرخ چيو ته هن نم تان وزن گهٽائجي، نه ته اهو سڪي ويندو. تنهن ڪري ان جي ستن وڏن ٽارن مان ٽي ٽار وڍائي ڇڏياسين. هاڻي ان جي اڳوڻي گهيل ۽ اوچائي نه رهي آهي، پر اڃا تائين سائو ستابو آهي. اڳي وڻن جا شوقين ماڻهو پري پري کان اچي اسان جو اهو نم جو وڻ ڏسندا هئا. آئون جڏهن پهرين ڀيرو هندستان گهمڻ ويس ته ماسٽر چندر مون کان اسان جي نم جي باري ۾ پڇيو ۽ ٻڌايو ته، آئون ۽ ڪوٽڙي جو شرنائي نواز استاد بسند مڱڻهار، ٻئي ڄڻا گڏ توهان جي والد وٽ انهيءَ نم هيٺ محفل ڪري ويا آهيون. ڏهاڪو کن سال اڳ ڪراچيءَ ۾ ملاقات دوران جمال ابڙي به مون کان اسان جي انهيءَ نم جي باري ۾ پڇيو ته، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇو ته موجود زماني ۾ جڏهن ماڻهن کي پنهنجا مائٽ به وسريو وڃن، پر هنن جهونن ماڻهن کي ٻني جا وڻ به ياد هئا! انهيءَ ڪيفيت کي ذهانت چئجي يا انهن جي محبت!
اسان هت هڪ ڪافي هائوس ۾ وڃي ويٺاسين، جتي مون شوگر فري بڪلاوا ۽ ٻين ترڪيءَ جا روايتي پاپا کاڌا ۽ ڪافي پيتيسين. هوٽل اندر شيشن مان ٻاهريون منظر اڃا به وڌيڪ رومانٽڪ پئي لڳو. منيٰ چيو ته هاڻي ڪافي دير ٿي وئي آهي، سو اٿو ته هوٽل تي هلون. ٻاهر نڪتاسين ته ڏاڍي ٿڌ محسوس ٿي. اتان ٽيڪسيءَ ۾ شهر جي روشين مان هلندو اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ٻئي ڏينهن ڊولما بهس محل ڏسڻ لاءِ وياسين. هي محل استنبول شهر جي يورپي ڀاڱي ۾ اتر اوڀر واري پارڪ جي دنگ وٽ باسفورس سمنڊ جي ڪناري تي تعمير ٿيل آهي. انهيءَ محل جهڙو وڌيڪ وڏو، وڌيڪ سٺو ۽ سهڻو يادگار محل اڏڻ جو تصور عثماني گهراڻي جي پوين سلطانن جي ذهن ۾ ڪِيئن پيدا ٿيو، اها حقيقت بلاشڪ حيران ڪندڙ آهي! ڇو ته سلطان عبدالمجيد ڪرائميا واري جنگ جي نتيجي ۾ ملڪي تباهه حال معيشت جو مرتڪب هئڻ جي باوجود سن 1852ع  ۾ اهو لاثاني يادگار محل تعمير ڪرائي سلطاني جاهه ۽ جلال جي دوام جو مثال قائم ڪري ويو.
سلطان عبدالمجيد پنهنجو لشڪر وڌائڻ يا ان کي سڌارڻ ۽ طاقتور بنائڻ يا ريلوي لائين يا ڪنهن صنعتڪاريءَ تي گهربل خرچ ڪو نه ڪيو، پر هن تمام وڏي محل جي تعمير تي بيحد گهڻو خزانو لُٽائي عثماني سلطنت کي معاشي توڙي سياسي طور تي بيحد ڪمزور ڪري ڇڏيو. هي محل مڪمل طرح سنگ مرمر سان تعمير ڪيو ويو آهي ۽ باسفورس سمنڊ ۾ ٺهيل ٽيونل جي ڪل پکيڙ کان فقط هڪ بلاڪ جيتري ايراضي ننڍو آهي، يعني اهو محل هڪ لک، ڏهه هزار چورس ميٽر طويل ۽ عريض ايراضيءَ تي مشتمل تعمير جو حاصل هڪ عظيم ۽ عاليشان محل آهي. هن محل جي تعمير ان وقت جي سلطنت عثمانيه جي عظيم معمارن قرابت ۽ نڪوگوس باليان جي تعميراتي فن جو مثال آهي. هن محل ۾ سلطان عبدالمجيد سفيرن ۽ امير مهمانن جي مهماني ڪندو هو، جنهن دوران راڳ ۽ رقص جون محفلون پڻ اعليٰ پيماني تي منعقد ٿينديون هيون ته سلطنت جهڙوڪر تازي تواني ۽ مستحڪم هئي. روس جي بادشاهه زار نڪولس هن محل ۾ استعمال لاءِ قطبي رِڇَن جون تمام وڏن وارن واريون کلون سلطان کي تحفي طور موڪليون. حجاز جي گورنر هاٿي جا ڏند ڀيٽ ڪري موڪليا، برطانيه جي مهاراڻي وڪٽوريا هن محل لاءِ سلطان عبدالمجيد کي سوکڙي طور انهيءَ وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏو فانوس يا شمعدان ڏياري موڪليو، ان جو وزن تقريباً ساڍا چار ٽن هو ۽ منجهس هزارين بتيون جڙيل هيون. هن محفل ۾ ڪيترائي گهڙيال پڻ آويزان آهن، جيڪي سمورا 9 لڳي پنجن منٽن تي بيهاريا ويا هئا، جنهن وقت تاريخ ڏهه نومبر سن 1938ع تي جديد ترڪيءَ جي معمار مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ وفات ڪئي هئي. اتاترڪ هن محل جي فقط هڪ ننڍي ڪمري کي دفتر طور تڏهن استعمال ڪندو هو، جڏهن هو هتي قسمتي ايندو هو. باقي سڄي محل کي اتاترڪ ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ نمائشن واسطي مخصوص ڪري ڇڏيو هو.

No comments:

Post a Comment