استنبول جي نيري مسجد!
عبدالحي
پليجو
اسان
پنهنجي گهمڻ جي شروعات بِلُو مسجد کان ڪئي. ان کي بِلو مسجد ان ڪري چون ٿا، جو ان
۾ نيري رنگ جون بلڪل به اهڙيون ٽائلس استعمال ٿيل آهن، جيڪي اسان وٽ هالا ۾ مشينن
بدران هٿ سان ٺهنديون رهيون آهن. اها نيري مسجد مون کي تاج محل کان به وڌيڪ
پروقار، خوبصورت ۽ ڪشادي لڳي. تاج محل سن 1648ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ بلو مسجد ان کان به اڳي سن
1619ع ۾ جُڙي راس ٿي. تاج محل جمنا ندي جي ڪناري تي ٺهيل آهي ۽ بلو مسجد باسفورس
سمنڊ کان چند قدمن جي مفاصلي تي اڏيل آهي. تاج محل ايشيا کنڊ ۾ آهي ته بلو مسجد
وري يورپ کنڊ جي حسن ٽڪرين تي ٺهيل آهي. تاج محل ۾ در ۽ دريون ٿوريون ٺهيل آهن، پر
بلو مسجد ۾ 36 لاجواب وڏا دروازا ۽ ٻه سئو سٺ نهايت سُهڻيون دريون ٺهيل آهن. تاج
محل سڄو سنگ مرمر جو ٺهيل، ته بلو مسجد ۾ فقط سلطان جو هجرو سنگِ مرمر جو ٺهيل
آهي، باقي سڄي مسجد 21543 بلو رنگ جي بلاڪن سان ٺهيل آهي. بلو مسجد جا گنبذ ۽
نيلون ايڏيون ته شاندار ۽ خوبصورت آهن، جو ان جو ڪنهن به مقبري يا عمارت سان
مقابلو ئي نٿو ڪري سگهجي. اسان پنهنجيون جُتيون پلاسٽڪ جي پيڪيٽ ۾ وجهي (جيڪي مسجد
جي ٻاهر رکيا هئا) هٿ ۾ کڻي مسجد اندر داخل ٿياسين. مسجد اندران لاجواب فانوس
آويزان ۽ بيحد سهڻا غاليچا وڇايل هئا.
مسجد
ڏسڻ لاءِ توهان کي هر قوم، نسل ۽ ملڪ جا ماڻهو سَوَن جي تعداد ۾ هر وقت ڏسڻ ۾
ايندا. مزيدار ڳالهه اها ته نماز جي وقت به سياح مسجد اندر نظر ايندا. بلو مسجد ۾
نماز جي وقت سَوَن جي تعداد ۾ عورتون به نماز پڙهنديون آهن. مِنيٰ به عورتن واري
حصي ۾ نفل پڙهيا. مون ۽ محبوب به مسجد اندر نفل پڙهيا. مسجد اندر سياح فوٽو ڇڪي ۽
فلمون به ڀري رهيا هئا. سلطان احمد هيءَ نيري مسجد آيه صوفيه چرچ واري اسڪوائر جي
سامهون سنه 1619ع ۾ تعمير ڪرائي، انهيءَ جو مقصد آيه صوفيه چرچ سان مقابلو نه، پر
شهر جي ٻين مناسب هنڌن تي اڳيئي عاليشان مسجدون اڏيل هيون. ان ڪري هن پنهنجي
يادگار طور نيري مسجد هن علائقي ۾ تعمير ڪرائي. ان لاءِ گهربل ايراضيءَ جي حصول
خاطر ڪيتريون ئي غير اهم توڙي اهم ۽ قديم عمارتون ڊاٺيون ويون. شهر جي يادگار
عمارتن مان گهڻيون، متضاد ۽ مزيدار ڳالهيون فقط هن بلو مسجد بابت ٻڌجن ٿيون.
ڪيترائي ماڻهو انهيءَ خيال جا آهن ته بلو مسجد جي اڏاوت بهترين قسم جي آهي ته ڪجهه
ماڻهو وري اهڙا به آهن، جن جي چوڻ موجب بلو مسجد تي ڪيل خرچ ضرورت کان وڌيڪ آهي ۽
آرائش پڻ اجائي گهڻي ڪيل آهي. يقيناً آيه صوفيه چرچ وانگر هن مسجد جي ڪشادگي ٻين
سڀني مسجدن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ نقشي ۾ مستطيل جي بدران بلو مسجد بلڪل چورس ٺهيل آهي.
مکيه ۽ نرالي ڳالهه هيءَ ته هن مسجد اندر بلو يا نيري رنگ جي ڪاشيءَ جون سرون لڳل
آهن، جن تعمير جي حسن ۾ واقعي حقيقي اضافو ڪيو آهي. اهي سرون ايئن ئي لڳن ٿيون،
جيئن اسان وٽ هالا ۾ نيري رنگ جي هٿ سان ٺهيل ٽائلس هجن ٿيون. انهيءَ رنگ سبب هن
مسجد کي عام طرح بِلو مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو. بِلو مسجد جون سموريون وَنگون عاليشان
پيلپاون مٿان جوڙيل آهن. واقع بلو مسجد جي اڏاوت هڪ بهترين نمونو آهي.
مسجد
۾ ٺهيل سلطان جو هُجرو خالص سنگ مرمر جي بيحد خوبصورت ڊزائين جي ڄاريءَ سان ٺهيل
آهي. درين جون تاڪيون عاج، سِپَ ۽ ٻئي ڪنهن سهڻي مصالحي سان جَڙيل آهن. دريون به
نهايت سهڻيون آهن، پر چون ٿا ته اهي اصل دريون ڪو نه آهن. شايد اصل دريون موجود
درين کان به وڌيڪ سهڻيون هجن! ڇاڪاڻ ته سلطان احمد حڪمران جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي دين
سان پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ زمانن تائين برقرار رهندڙ هن يادگار بِلو مسجد کي بيحد
چاهه سان اڏايو. مسجد جي تعمير واري ڪم جي اڳواڻ محمد آغا خلاف معمول بلو مسجد ۾
ڇهه مينار جوڙايا. هن کان اڳ ڇهه مينار فقط ڪعبته الله جي چوڌاري اڏيل مسجد الحرام
جا ٺهيل هئا، تنهن ڪري عثمان سلطنت ۾ رعيت هن مسجد ۾ مينارن جي انگ ۾ واڌ تي سخت
غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. عوام جي دل جوئي ڪرڻ لاءِ سلطان احمد بلو مسجد جي اڏاوت
واري ڪم جي اڳواڻ خود محمد آغا کي مڪي شريف موڪلي مسجد الحرام ۾ ستون مينار تعمير
ڪرائي مسجد الحرام جي فوقيت بحال ڪرائي، تڏهن وڃي سلطنت جي رعيت ماٺ ڪئي. بلو مسجد
جا دروازا پڻ نرالي انداز سان مسجد جي وڻندڙ اڱڻ ۾ کُلن ٿا. سلطان احمد 27 سالن جي
ڄمار يعني ڦوهه جواني ۾ وفات ڪئي. کيس بلو مسجد ۽ آيه صوفيه چرچ جي وچ واري
ايراضيءَ ۾ بلو مسجد جي ويجهو دفن ڪيو ويو.
ٻئي
طرف آيه صوفيه چرچ ڏسڻ لاءِ وياسين. آيا صوفيه هڪ لاجواب عمارت آهي، جيڪا حضرت
عيسيٰ عليه السلام جي ولادت کان به اڳ ۾ تعمير ٿي ۽ عبادگاهه طور اسعمال ٿي.
عيسائين هن عمارت کي پنهنجي دور ۾ گِرجا طور استعمال ڪيو ۽ فتح اسلام کان پوءِ
مسلمانن جي سموري دور حڪومت ۾ هيءَ عمارت مسجد طور استعمال ٿي. پر اڄ هيءَ عمارت
سڀني مذهبن وارن ماڻهن لاءِ کليل ۽ عجائب گهر طور استعمال ٿئي پئي، جنهن کي ڏسڻ
لاءِ سڄي دنيا مان ماڻهو ڪَهي استنبول اچن ٿا. آيا صوفيه چرچ ڪنهن زماني ۾ رنگين
پٿر ۽ رنگين شيشي جي ٽُڪرين جي جڙاءَ سان ٺهيل فرش ۽ ڀتين ۽ ڇتين ۾ ڪمال جي
ڪاريگريءَ سان لڳل مختلف ڊزائينن ۽ نمونن جي رنڱين شمعدانن سبب تعميراتي سونهن ۾
پيو ٻهڪندو هو. قربانيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ميز سُنهري رنگ سان رنڱيل هئي. پر اڄ
اهو چرچ پنهنجو اڳوڻو عروج بلڪل وڃائي ويٺو آهي ۽ وقت جو غبار مٿس چڙهي ويو آهي.
هي آيا صوفيه چرچ سن 1933ع کان عجائب گهر طور استعمال ٿئي پيو. ڇهين عيسوي صديءَ ۾
ته هن جهڙو عظيم چرچ سڄي دنيا ۾ ڪٿي به اڏيل ته ڪو نه هو، پر اهڙي شاندار اڏاوت جو
تصور به ڪو نه هو. آئون سمجهان ٿو ته هيءَ دنيا جي واحد عبادت گاهه آهي، جت
عيسائيت جون سڀ مذهبي نشانيون اڄ به قائم آهي، پر شاباس هجي مسلمانن کي جن ٻين
مذهبن جي ڪنهن به نشان کي ڪو نه ڊاهيو. اسان آيا صوفيه چرچ مان نڪري ٿوري دير پارڪ
۾ ويهي ڪجهه آرام ڪيو، پوءِ هتي ويجهو ئي هڪ ٻي تاريخي ماڳ کي ڏسڻ لاءِ اُسهياسين،
تنهن جو نالو آهي (Cistern basilica) هي تاريخي ماڳ به قبل مسيح دور جي شهر لاءِ
واٽر سپلاءِ طور ٺاهيو ويو هو. ان جو دلچسپ احوال وري ٻي ڪچهريءَ ۾ ڪبو.
No comments:
Post a Comment