Tuesday, August 24, 2021

قمبر کان رني ڪوٽ جو فيملي ٽوئر - خادم رند

قمبر کان رني ڪوٽ جو فيملي ٽوئر

خادم رند



ڪافي ڏينھن کان گهرڀاتين پاران رني ڪوٽ گهمڻ بابت ڳالھ ٻولھ ٿي رھي ھئي. آخر آچر ۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي انھي ٽوئر پروگرام کي آخري شڪل ڏئي فائنل ڪيو ويو. ھڪ ڏھاڙو اڳ ۾ وين واري سان سمورو معاملو طئي ڪري کيس آچر تي سوير اچڻ لاءِ چيوسين. ٽيھين ۳۰ ڊسمبر تي ٽوئر جي تياري جي سلسلي ۾ سڀ گهرڀاتي ڏھاڙي جي معمول کان ڪافي اڳ بسترن مان نڪري پنھنجي پنھنجي تياريءَ ۾ لڳي ويا. وين وارو به مقرر وقت تي پهچي ويو. وين ۾ ضروري سامان رکڻ کانپوءِ گهر کي تالو ھڻي سڀ گهر وارن به اچي سيٽون سنڀاليون. سياري جي ھڪ سرد صبح جو ساڍي ستين ڌاري اسان جو سفر قمبر جي مستوئي محلي کان سنڌ جي ھڪ قديم تاريخي ماڳ رني ڪوٽ ڏانھن شروع ٿيو. قمبر شھر کان ٻاھر نڪتاسين ته رستي سان ڪوھيڙو نظر آيو پر اھو ايترو گهڻو نه ھو جو ڪا ڏکيائي پيدا ڪري سگهي. جيئن ئي ميھڙ ٽپي اڳتي وڌياسين ته ڪنھن گهرڀاتي تجويز ڏني ته ڇونه منڇر ڍنڍ به گهمندا ھلون. تجويز تي سڀ متفق ٿيا، ڇاڪاڻ ته اسان کي سيوهڻ کان ئي وڃڻو ھو ۽ اتان منڇر ڍنڍ ڪا گهڻي پري نه ھئي. ڊرائيور چيو ته ايڏانهن ھلڻ سان دير ٿي ويندي پر مون کيس چيو ته ڏينھن سمورو ته ھونءَ به لڳي ويندو پوءِ جي ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ورتاسين ته مڙئي خير آھي. دادو کان ٿورو اڳ جيئن ئي مخدوم بلاول جي مقبري تي نظر پئي ته مائين زيارت ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. مقبرو جيئن ته روڊ کان ڪو گهڻو پري نه ھو، تنھنڪري ٿورڙي ئي وقت ۾ سنڌ جي ھن يگاني ۽ تاريخي ڪردار جي نگريءَ ۾ پهچي وياسين. مقبري ٻاهران پوليس جا ڪجھ جوان ويٺا ھئا، جن ماڻهن جي تلاشي وٺي پوءِ مقبري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ٿي ڏني. مزارن تي پوليس مقرر ڪرڻ جو اھڙو سلسلو سيوهڻ ۾ قلندر لال شھباز جي روضي اندر آپگهاتي حملي کانپوءِ شروع ڪيو ويو ھو. اسان سان جيئن ته فيملي گڏ ھئي، تنھن ڪري پوليس وارن نه روڪيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ مخدوم بلاول جي روضي جي زيارت ڪري واپس اچي وين ۾ ويٺاسين ۽ اڳتي جو سفر شروع ٿي ويو.

وقت چورائڻ به حرام آهي الطاف شيخ

وقت چورائڻ به حرام آهي

الطاف شيخ



ڪجھه سالن بعد  جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ هڪ دفعي وقت کان وڌيڪ ڪار پارڪ ڪرڻ تي منهنجو چالان ٿي ويو. دڪانن تان ڪم لاهي موٽيس ته ڪار جي ونڊ اسڪرين ۾ پرچو لڳل ڏٺم. ڏنڊ ڀرڻ لاءِ پوليس آفيس ڀر ۾ ئي هئي. اندر داخل ٿيان ته اتي جو پوليس DSP سِک هو جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي. مون کي خبر نه هئي ته هو هتي ملاڪا جي هن علائقي ۾ بدلي ٿي آيو آهي. هو مون کي هر وقت مانيءَ جي دعوت ڏيندو رهيو ٿي. مون کي ڏسي چيائين ته “سٺو ٿيو جو چالان بهاني توکي اچڻو پيو. لنچ جو ٽائيم آهي، اچو ته هڪ انڊين جي هوٽل تان ماني کائي اچون. اڄ بنا مانيءَ جي توکي وڃڻ نه ڏيندس.” هو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هتي، پر سٺي پنجابي ۽ اڙدو ڳالهائي سگھيو ٿي. مون پنهنجي اڪيڊمي جي ڪيترن فنڪشنن تي ساڻس گڏ سندس فئمليءَ کي به گھرايو هو ۽ هو مون کي هر وقت سندس گھر هلي ماني کائڻ لاءِ چوندو هو - جنهن لاءِ آئون نٽائيندو رهيس ٿي پر اڄ بچڻ جي واهه نه هئي. نيٺ چيومانس ته هل ته ماني کائون پر ڪنهن اهڙي ريسٽورنٽ ۾ وٺي هل جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي ماني کائي وٺون. هو هڪ گجراتيءَ جي ئي هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ اجايو تڪلف ڪري ٻه ٽي ڊش گھرايائين، جنهن جو ويهه ڊالر بل آيو. (ملائيشيا ۾ ٽِپ جو رواج ناهي.) مانيءَ بعد موٽي سندس آفيس ۾ آياسين ته چيومانس “سردار جي! هن علائقي جو مالڪ ٿي ڪري مون تي اڄ اجايا پنج رنگٽ (ملئي ڊالر) ڏنڊ لڳي ويا آهن!”

Monday, August 16, 2021

جھاز جو خشڪيءَ تي چڙهڻ - الطاف شيخ

جھاز جو خشڪيءَ تي چڙهڻ

الطاف شيخ



هڪ دفعو وري ڪلفٽن وٽ هڪ وڏو جهاز خشڪيءَ تي چڙهي آيو آهي ۽ ٻن ڏينهن کان ٽي وي چينلن تان ان بابت خبرون اچي رهيون آهن ۽ ماڻهن جا هشام ان کي ڏسڻ لاءِ پهچي رهيا آهن. منهنجي ٻارهن سالن جي ڏوهٽي جي شوق تي آئون هن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪلفٽن وٺي آيس. اسان جي گھر کان ڏهه منٽن جو به پنڌ ناهي. سعودي قونصل خاني وارو خيابان شمشير روڊ جتي وڃي ختم ٿئي ٿو، بلڪل اتي سمنڊ جي ڪناري ويجھو هي جهاز ڦاٿل نظر اچي رهيو هو - يعني سمنڊ جو ڪنارو وٺي نه ساڄي وڃڻو پيو نه کاٻي. ماڻهن جا انبوهه هئا جن مان گھڻا تڻا پنجابي، سرائڪي ۽ پٺاڻ هئا. عيد جا ڏينهن هجڻ ڪري سنڌي ڳوٺن ڏي ويل هوندا. هونءَ به پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ماڻهن لاءِ موڪل وارن ڏينهن تي سمنڊ جو رخ رکڻ ضروري ٿئي ٿو، جو هنن لاءِ سمنڊ هڪ نئين شيءِ آهي - جيئن اسان لاءِ اتر پاڪستان جا جبل ۽ ماٿريون آهن. اسان به روڊ تي بيهي سامهون بيٺل جهاز کي ڏٺوسين، ٻه چار پوليس وارا خاص ان ڊيوٽيءِ تي هئا ته ماڻهو اڳتي سمنڊ ڏي نه وڃن.

Wednesday, August 11, 2021

اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾ رولاڪيون - عبدالله عثمان ميمڻ

اسپين، فرانس ۽ اندورا ۾ رولاڪيون

عبدالله عثمان ميمڻ



سائين ڀلي هلو بارسلونا. سال ۲۰۱۹ع ۾، سرءُ جي مند منجھ، منهنجن ڀاڻيجن معز، سالار ۽ مون سوچيو ته گڏجي ڪاڏي گهمڻ هلون، ۽ هلون به ڪنهن اهڙي ماڳ جيڪو پاڻ ٽنهي لاءِ نئون هجي. سو فيصلو بيٺو ته اسپين جي اتر اوڀر واري علائقي ڪاتالونيا جي شهر بارسلونا ٿا هلون. جيڪو اسان ٽنهي جو ڏٺل نه هو. سو سڀني نعرو هنيو ته سائين ڀلي هلو بارسلونا. بارسلونا سان گڏوگڏ اهو به رٿيوسين ته ماڻهو جيڪڏهن بارسلونا ۾ هجي ته بهتر آهي ته ڪجهه ٻيا ماڳ پڻ گهمي ڏسي، مثال طور اتر اسپين ۾ وچين دور جو ننڍو جابلو شهر باگا، پيرينيز جو خوبصورت جابلو سلسلو، ڏکڻ فرانس جو هڪ ننڍو جابلو شهر ايڪس لس ٿرمس ۽ اسپين ۽ فرانس ۽ پيرينيز پهاڙن جي وچ ۾ هڪ تمام ننڍو ۽ سهڻو ملڪ اندورا ۽ ان جو گاديءَ وارو شهر اندورا لا ولا پڻ گهمي ڏسجي. 

Friday, December 04, 2020

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا - سدا حيات جلباڻي

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا

سدا حيات جلباڻي



مون کي نوڪري ڪندي اڃان اٺ نو مهينا مس ٿيا هئا، جو انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا پاران سندن خرچ پکي تي آئرش ايڪسپورٽ بورڊ ڊبلن جي زير اهتمام اٺاويهن ڏينهن جي ”ايڪسپورٽ مارڪيٽ ڊيولپمينٽ پروگرام“ لاءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو کان اهل آفيسرن جا نالا طلب ڪيا ويا. سرڪاري آفيسن جي عام طريقيڪار جي ابتڙ وائيس چيئرمين ماتحت ڪامورن کان نالا وٺڻ بنا، سڌو سنئون منهنجو ۽ هڪ ٻئي آفيسر جو نالو پاڻ ئي تجويز ڪري واسطيدار ڊائريڪٽر کي لکيو ته اسان کان فارم ڀرائي ضروري منظوري لاءِ اسلام آباد ڏياري موڪلي. ٻئي همراهه ته ان ڪري فارم ڀرڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي جو کيس خدشو هو ته اهڙن پروگرامن جا اڪثر ڪيس اسلام آباد ۾ ئي رُلي ويندا آهن يا وري لاڳاپيل ڌرين وٽ تڏهن پهچندا آهن، جڏهن مقرر ڪيل آخري تاريخ گذري چڪي هوندي آهي. مون اهڙين ناڪاري ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. زندگيءَ ۾ پهرين فارين ٽريننگ جو موقعو ملڻ تي خوش ٿي پنهنجو فارم ڀري جمع ڪرائي ڇڏيم. جيڪو ترت ئي اسلام آباد موڪليو ويو. تڏهن محمد خان جوڻيجو صاحب ملڪ جو وزيرِاعظم هو. ڪراچي ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پاران هڪ نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ بيورو جي چيئرمين حميد ڊي حبيب جي گذارش تي وزيرِاعظم فورن اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي چيئرمين کي اهو اختيار هوندو ته اهڙن فارين ڪورسز لاءِ، جن ۾ حڪومتِ پاڪستان تي ڪا مالي ذميواري نه هجي ۽ ٽريننگ جو سمورو خرچ پرڏيهي ادارا ڀري رهيا هجن، هو (چيئرمين) پنهنجي اداري جي آفيسرن جا ڪيس پاڻ ئي منظور ڪري واسطيدار غيرملڪي ادارن ڏانهن ڏياري موڪلي. وزيراعظم جي انهي اعلان کانپوءِ ٻن ڏينهن بعد مون وارو فارم اسلام آباد کان واپس ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ڪراچي پهچي ويو، جيڪو چيئرمين جي رسمي منظوري کان پوءِ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا ڏانهن اماڻيو ويو.

Thursday, November 26, 2020

ٻلهڙيجي جي ياترا ۽ ادبي سنگت جي خيالي گڏجاڻي - عطيه دائود

ٻلهڙيجي جي ياترا ۽ ادبي سنگت جي خيالي گڏجاڻي

عطيه دائود



هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن رمپا پلازه جي ڪڏهن ٽيئن ته ڪڏهن نائين ماڙ تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ خميس جي ڏينهن اسان ملندا هئاسين. لفٽ جي انتظار بدران ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ لهڻ کي ترجيح ڏيندا هئاسين. اسان جا ٽهڪ عمارت ۾ گونجندا هئا. دستوري گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ مذاق مشڪري هلندي رهندي هئي..۽ ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو جو ذڪر ٿيو ۽ مون پڇيو ته اها وري ڪٿي آهي؟ امير، چندر مذاق ڪرڻ لڳا.. انور صاحب عطيه کي سکڻي صلاح به نه ڪئي ٻلهڙيجي گهمڻ لاءِ..انور جوش ۾ چوندو هو ته پوءِ اسان گڏيل پروگرام ٺاهيون ٿا. هلون ٿا. اتان جي عورتن جي ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندو هو.

Thursday, October 01, 2020

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور



ويھ سيپٽمبر ۲۰۱۹ تي صبح سوير ارشد ملڪ، سنگھار سنڌي، عامر ميمڻ، حنسي بوجواني ۽ مان انقره کان ڪپاڊوڪيا گھمڻ نڪتاسين، گاڏيءِ جي ڊرائيونگ عامر ڪئي، ڇو جو هو ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ سان گڏ گاڏي ھلائڻ ۾ ڪافي مھارت رکي ٿو. ڪپاڊوڪيا ترڪي جي اوڀر طرف کان واقع ھڪ قديم شھر آهي، ھي شھر لکين سال اڳ زمين مان نڪرندر لاوا جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ يونسيف انھي شھر کي سٺ ھزار سال قديم ڄاڻايو آهي، جڏھن ۱۹۶۵ع ۾ ترڪي جي جوڌي جبل تان حضرت نوح عليه سلام جي ٻيڙي جا نشان مليا، پوءِ دنيا جي سائنسدانن انھي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏھن دنيا ماھا ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ھئي ته انھي کانپوءِ انسانن جي ٻيھر پيدائش ڪپاڊوڪيا ۽ قونيا کان ٿي ھئي. انھيءِ شھر ۾ انسانن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا، جيڪي اڃان تائين انھي حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا ۽ اڄ به جديد دور ۾ ماڻھن جا گهر ۽ ھوٽلون انھن تراشيل جبلن ۾ آهن.