Friday, November 20, 2015

يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل جو دؤرو- ياسر قاضي

يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل جو دؤرو
پئسفڪ جي پاسي ۾- ۴۰
ياسر قاضي
پوئين هفتي اسان هن سفر ۾ واشنگٽن ۾ قائم، ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ جي دفتر ۾ پاڪستان جي اُترين علائقن ۽ افغانستان تي وسندڙ ڊرون جي حوالي سان هڪ اهم مذاڪري ۾ شريڪ ٿي، مينهوڳيءَ ۾ ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ روانا ٿيڻ وارا هئاسِين. مينهن وسندي اسين اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي دفتر واريءَ عمارت ۾ داخل ٿياهئاسِين ۽ مِينهن وسندي ئي اسين ان عمارت مان نڪتاسِين. خبر ناهي اسان ڪجهه اهڙو ڪيو يا نه ڪيو، جيڪو ”مِينهن وسندي“ ڪندي اچي، پر بهرحال ان مينهن وسندي اسين ڪوسٽر ۾ چڙهي صبح ساڍي 10 لڳي ڌاري ”يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل“ روانا ٿياسيِن. هن اداري ۾ اسان جي وڃڻ جو مقصد، هڪ گول ميز ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ هو، جنهن جو موضُوع انهن امريڪي ڪمپنين جي متعلق واپاري لاڳاپن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ڪن ٿيُون. جيئن ته اسان جي هن ايڪسچينج پروگرام جو مقصد پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ تعلقات جي گهراين ۽ جُزيات کي سمجهڻ هو، تنهن ڪري امريڪا جي مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ اسان جي ڳالهه ٻولهه وارن سيشنز ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ سياسي، سماجي، واپاري توڙي اسٽريٽيجڪ تعلقات جي حوالي سان مختلف سيشنز شامل هئا، ته جيئن اسين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات جي گهراين کي سمجھي سگُهون، گڏوگڏ انهن تعلقات ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪا ڦُلڪا مسئلا آهن، اهي به سمجهي سگھجن ۽ پوءِ انهن جي حل طرف راهه هموار ڪرڻ جي ڏس ۾ صلاحُون ڏئي سگھجن ۽ ڪوششون ڪري سگھجن. ان ڏس ۾ هي سيشن انتهائي اهم هو، ڇاڪاڻ ته يُو ايس پاڪستان بزنس ڪائُونسل (جنهن کي عرفِ عام ۾ ”يُو ايس پِي بِي سِي“ به چيو ويندو آهي) سال 2002ع ۾ قائم ٿيل، امريڪي چئمبر آف ڪامرس جي ”ايشيا ڊپارٽمينٽ“ جي هڪ انتهائي اهم ڀاڱي طور ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. هي اهو اهم ادارو آهي، جنهن تي امريڪا جي پاڪستان ۾ تجارتي مصرُوفيتن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهم ذميواري آهي. ”يُو ايس پِي بِي سِي“، انهن امريڪي ڪمپنيُن لاءِ، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ۾ رُڌل آهن، يا مستقبل ۾ اهڙيءَ تجارت جي دلچسپي رکن ٿيُون، اهم معاشي، سياسي توڙي ٻين موضُوعن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ هڪ قومي فورم فراهم ڪيو آهي.

يورپ مان حج لاءِ پنڌ نڪتل هڪ مسلمان - الطاف شيخ

يورپ مان حج لاءِ پنڌ نڪتل هڪ مسلمان
الطاف شيخ
ائين به نه آهي ته پيرين پنڌ حج فقط اڳئين زماني جي ماڻهن ڪيو ٿي ۽ اڄ نٿا ڪن. ڏٺو وڃي ته اڄ به ڪيترائي ماڻهو ڊگها پيدل سفر ڪن ٿا .... خاص ڪري حج لاءِ. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جا ماڻهو شوق خاطر پيدل حج وڃن ٿا ۽ پراڻي دور ۾ غربت ڪري. ٻنهي ۾ عقيدت جو عنصر ساڳيو ملي ٿو. بنا عقيدت جي ايڏو ڊگهو سفر ڪرڻ ۽ ان ڏکي سفر جون تڪليفون سهڻ ايترو آسان ناهي. اڳئين دور ۾ رستو ڀلجڻ، جنگلن ۽ رڻ پٽ ۾ رات گذارڻ، ٽيليفون ۽ رابطي جي سهوليت نه هجڻ جهڙا مشڪل هئا ته اڄ جي دور ۾ جاسوسي جا الزام ٿا لڳن ۽ اسان جهڙن ملڪن جو ماڻهو ايران، عراق، ڪويت، سعودي عرب، عمان جهڙن ملڪن ۾ قدم ٿو رکي ته مقامي پوليس ۽ اميگريشن اهو ئي ٿي سمجهي ته هي واپس نه ويندو ۽ اتي ئي ترسي پوندو يا ڪسٽم وارا شڪ ۾ رهن ٿا ته خبر ناهي پنهنجي جسم اندر يا بوٽن ۽ ٿيلهن ۾ چرس ۽ هيروئن جهڙيون نشي آور شيون سمگل ڪري آيو هجي. اڄ ڪلهه ان قسم جو سفر طيءِ ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن جي ويزا اڳواٽ حاصل ڪرڻ ضروري آهي جن مان لنگهي سعودي عرب پهچجي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه! اڳ ۾ حج جي پيدل سفر لاءِ فقط ننڍي کنڊ جا ماڻهو  نڪتا ٿي پر اڄ ڪلهه يورپ جا مسلمان پڻ حج جي سفر لاءِ پيدل نڪرن ٿا. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڪري هو پنهنجي روز جي سفر ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو احوال پنهنجن دوستن ۽ عوام کي فيس بڪ ۽ ٽويٽر ذريعي ڏيندا رهن ٿا.

دبئي شهر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جهڙو هو.- الطاف شيخ

دبئي شهر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جهڙو هو....
الطاف شيخ
صدين تائين عرب ملڪ ڪي امير نه هئا. سعودي عرب ۾ ته وري به مسلمانن جي پاڪ شهرن مڪي ۽ مديني جي ڪري دنيا جي مسلمانن جي حج ۽ عمري لاءِ آمد لڳي رهي ٿي ۽ هڪ قسم جي ”ٽوئرزم انڊسٽري“ واري ڪمائي ٿي وئي ٿي .... يعني ڌاريان ماڻهو آيا ٿي ۽ هنن رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ سوارين پٺيان پئسو خرچ ڪيو ٿي. باقي دبئي ۽ دوحا جهڙين عرب رياستن ۾ ته سڃ پئي واڪا ڪيا .... چوڌاري ريتي ۽ واري ٿي نظر آئي. ۱۹۶۰ع واري ڏهي ۾ جڏهن جهاز تي نوڪري شروع ڪيم ته منهنجو پهريون دفعو دبئي وڃڻ ٿيو ته ان وقت جي دبئي سنڌ جي ٿري شهرن مٺي ۽ ڇاڇري کان به گهٽ، اڄ به منهنجي اکين اڳيان ڦري رهي آهي جيڪا بيان ڪندس ته ڪيترا اڄ جا نوجوان يقين نه ڪندا. پر اهو آهي ته زمين هيٺان نڪتل پيٽرول جي پئسي جي اچڻ جي هلڪي شروعات ٿيڻ لڳي هئي جنهن صحيح معنيٰ ۾ ۱۹۷۰ع واري ڏهي کان زور وٺڻ شروع ڪيو ۽ جتي ڪٿي ”پيٽرو ڊالرن“ جون ڪرامتون نظر اچڻ لڳيون.

دبئي جي ترقي کان اڳ پهتل هڪ سنڌي - الطاف شيخ

دبئي جي ترقي کان اڳ پهتل هڪ سنڌي
الطاف شيخ
اڄ ڪلهه حج لاءِ هر ڪو باءِ ايئر روانو ٿئي ٿو. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز ۾ چڙهي ٿو ته ٽن ڪلاڪن بعدجدي ايئرپورٽ تي لهي ٿو جتان پوءِ باءِ روڊ مڪي پهچيو وڃي. ۱۹۸۰ع تائين پاڻي وارا جهاز سفينه حجاج، سفينه عرب، سفينه عابد ۽ شمس به حاجين کي ڪراچيءَ کان حج لاءِ وٺي ويا ٿي. ان کان علاوه ۱۹۷۰ع تائين اسان جي ملڪ جا  ڪيترائي حاجي باءِ روڊ به مڪي کان وڃي نڪتا ٿي. ڪراچيءَ کان ”مڪران ڪوسٽ“ وارو ڪنارو ڏئي يا بسن ۾ ڪوئيٽا کان ٿيندي زاهدان پهتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ ايران توڙي ترڪي جهڙن ملڪن ۾ ته اسان جا ماڻهو پاسپورٽ بنا به وڃي سگهيا ٿي جو ٽنهي ملڪن جي RCD جي بنياد تي دوستي هئي ۽ ٽئي ملڪ هڪ جهڙا خوشحال هئا. پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻئي جي ملڪ ۾ ڪنهن به رهڻ نٿي چاهيو.

ترڪيءَ کي يورپ ۽ ايشيا ۾ ورهائيندڙ باسفورس - الطاف شيخ

ترڪيءَ کي يورپ ۽ ايشيا ۾ ورهائيندڙ باسفورس
الطاف شيخ
هتي ڪجهه سٽون ”باسفورس“ بابت لکڻ چاهيان ٿو جيڪو لفظ ترڪي کان ايندڙ هر هڪ کان ٻڌبو آهي. جن ڏينهن ۾ اسان جهاز هلائيندا هئاسين ان وقت به، خاص ڪري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ يا بلقاني رياستن: بلغاريا، رومانيا يا روس لاءِ بحر اسود (Black Sea) ۾ گهڙندي يا نڪرندي هر وقت باسفورس (Bosporus) ذهن تي سوار رهيو ٿي.

دنيا جي سمنڊن کي مون گجندي ڏٺو - الطاف شيخ

دنيا جي سمنڊن کي مون گجندي ڏٺو ....
الطاف شيخ
هتي هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ ڪجهه سمنڊن بابت لکان ٿو ته جيئن هن لاءِ مونجھارو نه ٿئي ته هن ڳچي سمند باسفورس، بحر اسود (Black Sea) ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي جاگرافيائي پوزيشن ۽ هڪ ٻئي سان تعلق جي Idea ٿي وڃي. دنيا جا وڏا سمنڊ جن کي انگريزيءَ ۾ ”اوشن“ سڏجي ٿو جيئن ته ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا انڊين اوشن (هندي وڏو سمنڊ) کليل کليل آهن جن ۾ ڏهن هنڌن کان به داخل ٿي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪيترا ننڍا ننڍا سمنڊ پڻ کليل آهن جيئن ته اسان وارو عربي سمنڊ آهي. انڊيا حڪومت کڻي اسان جي جهازن کي ممبئي وٽان لنگهڻ کان روڪي پر اهي ايران کان ته اچي سگهن ٿا .... اهڙي طرح دبئي، جدي، عدن ۽ ٻين هنڌن کان ڪراچي پهچي سگهن ٿا. پر ڪي سمنڊ جيئن ته ڪارو سمنڊ، اڊيارٽڪ سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ ۽ ويندي ميڊيٽرينين سمنڊ پيالي يا حوض وانگر آهن جن جي چوڌاري ٻَني طور ايتري ته ڌرتي آهي جو انهن سمنڊن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ فقط جبرالٽر ڳچي سمنڊ وٽان ئي رستو آهي ۽ ان سوڙهي سامونڊي چئنل ذريعي ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي روزانو هاءِ ٽائيڊ ۽ لو ٽائيڊ ۾ مڪس ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ منجهه لوڻ (Salt) جو مقدار برابر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ .... يعني يمن، سعودي عرب، اٿوپيا جي بندرگاهه اسمارا، سوڊان ۽ مصر جي بندرگاهه قاهري ۾ وڃڻ لاءِ (جيڪي ڳاڙهي سمنڊ ۾ آهن) هر جهاز کي عدن وٽان هڪ سوڙهي رستي تان گهڙڻو پوي ٿو. اهو به سٺو جو سئيز ڪئنال ڳاڙهي سمنڊ کي ٻئي پاسي کان ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ڇڏيو آهي. ۽ هاڻ مثال طور سوڊان وارن جو عدن سان ڦڏو ٿي پوي ۽ يمن جي حڪومت سوڊان جي جهازن کي پنهنجي بندرگاهه عدن واري گهٽيءَ مان نڪرڻ نه ڏئي ته سوڊان وارن جو نڪرڻ بنهه بند نه ڪري سگهندا جو سوڊان جا جهاز ٻئي پاسي ٺهيل سئيز ڪئنال مان نڪري  ميڊيٽرينين ۽ اڃان اڳيان آمريڪا وڃڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ به داخل ٿي ويندا.

سنڌ جي اڌ جيڏي آسٽريا ۾ ۲۰ هزار پاڪستاني - الطاف شيخ

سنڌ جي اڌ جيڏي آسٽريا ۾ ۲۰ هزار پاڪستاني
الطاف شيخ
اڄ به چين ۽ روس پاسي رهندڙ ڪيترا مسلمان غربت يا عقيدت خاطر حج جو سفر پيرين پنڌ ڪن ٿا. گهڻو اڳ حج تي منهنجي هڪ تاجڪ ٽولي سان ملاقات ٿي جيڪي اتي پيدل سفر ڪري آيا هئا. هو ست ڄڻا هئا جن ۾ ڇهه ڄڻا تازو پينشن تي لٿا هئا ..... يعني سٺ سالن جا هئا. هو روس، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان، ايران ۽ عراق مان ٿيندا سعودي عرب پُهتا هئا. هنن کي ۴۶۰۰ ڪلوميٽرن (۲۸۰۰ ميلن) جو سفر پورو ڪرڻ ۾ ۱۹ مهينا لڳي ويا. هو رستي تي جتي ڪٿي ساهي پٽيندا آيا. انهن مان هڪ عبدالعزيز رجبو ٻڌايو ته: ”اسان جڏهن گهران نڪتاسين ته اسان جي پيرن ۾ فقط جتي هئي. ساڻ کنيل ٿيلهي ۾ سفري ڪاغذات .... ويزائون لڳل پاسپورٽ ۽ هڪ ويلي جي ماني هئي. اسان کي ڪنهن به ملڪ ۾ پوليس طرفان ڪا به تڪليف نه رسي سواءِ روس جي.“

ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو خانه ڪعبه پهچڻ - الطاف شيخ

ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو خانه ڪعبه پهچڻ
الطاف شيخ
عبود بريسٽ ڪئنسر ۾ مبتلا پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو هلي خانه ڪعبه ۾ اچي نماز پڙهڻ جي سُکا (نذر) ڪئي هئي. هن گذريل سال جولاءِ ۾ ۱۴ ڪلو سامان ساڻ کڻي آسٽريا کان مڪي شريف تائين ڊگهي سفر جي شروعات ڪئي جيئن حرم پاڪ ۾ پهچي نماز پڙهي پنهنجي ڀيڻ جي شفايابي لاءِ دعا گهري سگهي. هو آسٽريا جي شهر Graz (گراز) جو رهاڪو آهي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته يونيورسٽين جو شهر ٿو سڏجي. عبود جي ڀيڻ سوسن کي ٻه سال اڳ ڪئنسر ٿي پئي. دوا درمل ڪرائڻ جي باوجود هن جي صحت خراب ٿيندي رهي. ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي عبود کي خيال آيو ته ڇو نه ان دروازي جو ڪڙو کڙڪايان جنهن کان ڪو به نا اميد ٿي نه موٽيو آهي. هن سُکا ڪئي ته هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيدل مسجد الحرام ۾ وڃي دعا ڪندو. ان کانپوءِ عبود هن ڊگهي سفر جي تياري ڪئي. هو گذريل سال ۲۵ جولائي تي پنهنجي ڳوٺ گراز مان روانو ٿيو. پاڙي واري ملڪ سلووينيا (Slovenia) پهچي ثائر عبود پنهنجي ڀيڻ سوسن سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته منهنجي تڪليف حيرت انگيز طور گهٽجي وئي آهي. عبود جو چوڻ آهي ته هن جي ڀيڻ جي ان جواب سان هن کي سفر جاري رکڻ جو عزم پيدا ٿيو. سلووينيا مان پيدل سفر ڪندو هو ڪروشيا ملڪ ۾ داخل ٿيو. اتان پوءِ بوزنيا ۽ بوزنيا مان ڪاري جبل (The Black Mountain) جو پُرخطر رستو پار ڪري هو سراجيوو پهتو. اتان پوءِ البانيا جو سفر شروع ڪيائين. البانيا کان مشرق ڏي ويندي هو مقدونيا پهتو. مقدونيا کان پوءِ هو وڏي ايراضي واري ملڪ بلغاريا پهتو جتان پوءِ هو اسلامي دنيا جي گيٽ وي استنبول ذريعي ترڪيءَ ۾ داخل ٿيو. ان بعد ثائر عبود جو سفر اتر کان ڏکڻ طرف شروع ٿيو. عبود نقشن ذريعي هي سفر ڪري رهيو هو. ان ڪري هن جو خيال هو ته هو ترڪيءَ کان شام يا وري عراق جي رستي حجاز مقدس پهچي ويندو. پر هو جڏهن ترڪيءَ جي آخري شهر غازي انتيپ (Gaziantep) پهتو ته هن کي شام ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان جھليو ويو. ترڪ حڪومت هن کي آگاهه ڪيو ته شام ملڪ جو سفر هن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ثائر عبود ڏکڻ ڏي وڌڻ بدران اوڀر جو رخ اختيار ڪيو. امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري هو نه شام مان ۽ نه عراق مان لنگهي سگهيو ٿي. ان ڪري هن ترڪي جو وڌيڪَ سفر ڪري ايران جي تبريز پاسي کان اچي نڪتو. ان وقت جنوريءَ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو. ايران ۾ برف باري هجڻ ڪري هو جابلو علائقن کان شارٽ ڪٽ وارو سفر به ڪري نٿي سگهيو. ان ڪري هن ايران جي شهر تبريز کان ڏکڻ طرف جو سفر شروع ڪيو. ڊگهو سفر طيءِ ڪري همدان، ڪرمان شاهه، خرم آباد، ديزفل، اهواز جهڙن شهرن وٽان ٿيندو بندر خميني واري بندرگاهه تائين اچي پهتو جيڪو ايراني نار واري سمنڊ ۾ آهي. هتان هن جي سامهون حجاز مقدس تائين پهچڻ لاءِ عراق جي خطرناڪ سرزمين هئي. ان ڪري هن مجبور ٿي ڪويت تائين سمنڊ جو ٽڪرو ٻيڙيءَ رستي ڪراس ڪيو. ڪويت جي سرحد سعودي عرب سان ملي ٿي. پر ان هوندي به سعودي عرب جي حڪومت هن کي پيدل سفر ڪري مڪي شريف جو رخ ڪرڻ کان منع ڪئي. جيئن ته ڪويت جي سرحدن سان سعودي عرب وارو لاڳو علائقو بنجر ۽ خطرناڪ صحرا تي مشتمل آهي ان ڪري سعودي عرب جي حڪومت ثائر عبود کي پيشڪش ڪئي ته هو ڪويت کان اڳتي جو سفر هوائي جهاز ذريعي طيءِ ڪري يا هو هن لاءِ خاص گاڏيءَ جو انتظام ڪري سگهن ٿا. پر جيئن ته عبود حرم پاڪ تائين پيدل پهچڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو ان ڪري هن انڪار ڪيو ۽ هڪ دفعو وري وچ ريگستان مان شارٽ ڪٽ ڪرڻ بدران سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳو ۽ سعودي عرب جي ايراني نار وارن بندرگاهن الجبيل ۽ الدمام مان ٿيندو قطر پهتو جنهن جو دوحا بندرگاهه آهي. ان دوران سڀني عرب رياستن ۾ ثائر عبود جي پيدل ڊگهي سفر جي خبر عام ٿي چڪي هئي. عرب امارت جي رياستن (۽ گلف جي ٻين ملڪن به) هن آسٽريا جي مسلمان کي پنهنجي ملڪ ۾ ميزباني جي پيشڪش ڪئي، عبود دبئي ۾ ٻه ٽي ڏينهن ترسي آرام ڪيو. ان بعد عمان جو رخ ڪيو. عمان کانپوءِ هن کي يمن جو سفر ڪرڻو هو پر هتي به سيڪيورٽي جي مسئلن ڪري داخل ٿي نه سگهيو. ان ڪري هن مجبور ٿي عمان کان جدي پهچڻ لاءِ بحري جهاز ۾ سفر ڪيو. هو جڏهن جدي پهتو ته سعودي عرب جي حڪومت ۽ ماڻهن هن جو وڏي جوش و خروش سان آڌر ڀاءُ ڪيو. مقامي انتظاميا هن کي مڪي شريف تائين پهچائڻ لاءِ گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو پر هن جدي کان مڪي تائين جو سفر به پيدل طيءِ ڪيو. ٻي ڏينهن جڏهن هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي جي دعا لاءِ مڪي شريف پهتو ته اتي به سوين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. اخباري رپورٽ موجب ثائر عبود روزانو ۴۰ کن ڪلوميٽر پنڌ ڪيو ٿي ۽ هن کي ۱۲ ملڪن مان لنگهڻو پيو ۽ ۱۲ هزار ڪلوميٽر سفر ڪيو. ان دوران هن گهڻو تڻو مسجدن ۾ ئي گذاريو ۽ هن جي ماني ٽڪي جو بندوبست مقامي ماڻهن ڪيو ٿي. اهڙي طرح ۳۰۰ ڏينهن ۾ هن جي سفر جو اختتام ٿيو. جيڪڏهن هو شام جي رستي حجاز مقدس جو رخ ڪري ها ته هن کي فقط ۷ هزار ڪلوميٽر سفر ڪرڻو پوي ها. پر ٻاهرين پاسي کان ڦيرو ڪري اچڻ ۾ هن جو سفر تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويو. هن هي سفر تاريخي رستي تان ڪيو جتان آڳاٽي دور ۾ حج لاءِ پيدل ايندڙ مڪي پهچندا هُئا.

ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟! - الطاف شيخ

ڇا اوٺارن جي قسمت کُلي آهي؟!
الطاف شيخ
ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي اوچن علائقن .... ڪلفٽن ۽ ڊفينس جهڙن ۾ ڏاچي جي کير جو وڪرو عام ٿيندو وڃي. هونءَ ئي اسان جي ملڪ ۾ ڀر وارن ملڪن جي مقابلي ۾ هر کير .... مينهن، ڍڳي توڙي ٻڪريءَ جو مهانگو ٿو ملي ۽ هي اٺڻي (ڏاچي) جو کير ته تمام مهانگو وڪامي رهيو آهي. عرب ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ رهيس جِتي چوڌاري اٺ نظر آيا ٿي پر اٺڻي جي کير پيئڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو. اٺ جو گوشت کائڻ جو ڪيترن ئي ملڪن ۾ موقعو مليو .... خاص ڪري لبنان، سوڍان ۽ موراڪو ۾ ته شورما (ٽانڊن تي پچندڙ گوشت) ته هوندو ئي اٺ جو آهي. اٺ جي گوشت کائڻ جو احوال پنهنجي سئيڊن ۽ ناروي وارن سفرنامن ۾ به لکيو اٿم جِتي پناهه وٺندڙ فلسطين، عراق ۽ سوماليا جا عرب ۽ حبشي اٺ جو گوشت ٽيونيشيا مان باءِ ايئر گهرائيندا هئا. پر ڏاچي جي کير پيئڻ جو اتي به نه ٻڌم. سو هاڻ جو ڪراچيءَ جي ڪجهه دڪانن تي ڏاچي جو کير وڪامندو ڏٺم ته پهرين مون اهو سوچيو ته جيئن ته مينهن يا ڳئون جو کير مهانگو ٿي ويو آهي سو سستي جي خيال کان ماڻهن ڏاچي جو کير پيئڻ شروع ڪيو آهي .... ظاهر آهي جنهن جانور جو گوشت سستو ملي ٿو ان جو کير به سستو ئي هوندو. پر اگهه معلوم ڪرڻ تي مونکي حيرت ٿي ۽ دڪاندار کان پڇيم ته اهو ايترو مهانگو ڇو آهي.

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾ - الطاف شيخ

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾
الطاف شيخ
بنارس آئي مونکي چار ڏينهن ٿي ويا هئا.
اڄ ”لاهورابير“ روڊ جي  مشهور ڪيفي ”سروچي“ تان چانهه پي ٻاهر نڪتس. ارادو هو ته اتان ٽئڪسي وٺي گنگا ندي جي ڪناري تي ڪجهه گهاٽ ڏسان. پر ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪتس ته جهڙالي موسم ڏسي ڪجهه دير واڪ ڪرڻ لاءِ چيو. دل ۾ سوچيم ته انڊيا ۾ اهو ئي ته سک آهي ته جِتان ڪٿان ٽئڪسي يا آٽو رڪشا مليو وڃي... ويندي بس جو سفر به ڪو تڪليف وارو ناهي. شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين مختلف قسم جون پرائيويـٽ ۽ سرڪاري بسون هلن ٿيون جن ۾ ٻار توڙي پوڙها به آرام سان  چڙهي ۽ لهي سگهن ٿا. رش اور کان علاوه باقي ٽائيم هر هڪ کي وهڻ لاءِ سيٽ مليو وڃي.

Tuesday, November 03, 2015

نيُوزيم - ياسر قاضي

نيُوزيم
پيسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 37
ياسر قاضي
هن سفر جي سار ۾ پوئين هفتي اسين واشنگٽن ميٽروريل رستي واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مُک شاهراهه، پينسلوينيا ايوينيُو تي قائم ”نيُوزيم“ پهتا هئاسِين ۽ هي عجائب گھر، ”نيُوزيم“ (يعني نيُوز ميُوزيم“) گھمڻ جو آغاز ڪرڻ وارا هئاسِين. جهڙو هن عجائب گھر جو نالو منفرد ۽ تخليقي آهي، اهڙو ئي هي عجائب گھر به ڪمال انداز ۾ امريڪا توڙي دنيا جي صحافتي ۽ ميڊيائي تاريخ جو سهڻو مظهر آهي. 555 ”پينسلوينيا ايوينيُو“ تي قائم هن منفرد ميُوزيم سان گڏ هن روڊ تي ٻيا به منفرد نوعيت جا عجائب گھر موجود آهن جن ۾ ”رين وِڪ گيلري آف دِي سمٿ سونيَن اميريڪن آرٽ ميُوزيم“، ”رين وِڪ گيلري آرٽ ميُوزيم“، ”نيول هيريٽيج سينٽر“ (امريڪي بحري عجائب گھر)، ”ايس اِي سِي هسٽاريڪل سُوسائٽي ميُوزيم“، ”نيشنل آرڪائيوز اينڊ رڪارڊ ايڊمنسٽريشن (ميُوزيم)“، ”ايئر اينڊ اسپيس ميُوزيم“ (فضا ۽ خلا سان وابسته تاريخ جو عجائب گھر)“ وغيره شامل آهن. هُونءَ ته دنيا جو سڀ کان وڏو عجائب گھر هيءَ دنيا بذاتِ خود آهي، جتي رهندڙ ۽ وسندڙ ماڻهُو، مرُون، انهن جا پاڻ ۾ ٿيندڙ ڏچا، جنگ، جدل، معاملا توڙي مسئلا ڪنهن حيرت ۽ عبرت کان گھٽ ناهن، تنهن ڪري ئي هن دنيا کي ”حيرت ڪدو“ چيو ويو آهي، پر ڌرتيءَ تي هن عجيب مخلُوق انسان پاران ٺاهيل عجائب گھرن ۽ ميُوزيمن ۾ ڊسپلي آرٽ جا اعلى ترين مثال يورپ ۽ امريڪا جا ميُوزيم آهن، جن ۾ هر طبقي توڙي عمر سان وابسته ماڻهُو ان ڪري دلچسپي وٺن ٿا، جو انهن جا ڪيُوريٽر، تاريخي شين جي نماءَ (ڊسپلي) کي جديد طريقن سان ايترو ته دلچسپ بڻائين ٿا، جو هر ماڻهُو، ٻڍو، ٻار توڙي جوان، ميُوزيم کي ڄاڻ ۾ واڌاري جو ذريعو سمجهندي، ان کي دلچسپيءَ سان ڏسڻ وڃي ٿو ۽ پوءِ پُورو پورو ڏينهن اهڙن عجائب گھرن ۾ گذاري نه فقط پنهنجيءَ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿو، بلڪه ان مان تاريخي حظ به حاصل ڪري ٿو. اڄ آچر هو، سو اسان جو به ”ڀڄ ڀڄان...“ وارو شيڊيُول ڪونه هو ۽ ”نيُوزيم“ مان چڱيءَ طرح معلُومات توڙي مزو ماڻڻ لاءِ اسان وٽ ڳچ وقت هو. ان ڪري اسان ميُوزيم گھمڻ جي شرُوعات ڪئي سي.

Sunday, November 01, 2015

جيڪب دائُود پاران اسان جي رات جي ماني - ياسر قاضي

جيڪب دائُود پاران اسان جي رات جي ماني
پيسفڪ جي پاڙي ۾ -۳۸
ياسر قاضي
سو سائين مُنهنجا! اوهان سڀني مُون سان گڏ هن ”سفر ـ پچار“ جي پوئين ڀاڱي ۾ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم ”نيُوزيم“ (نيُوز ميُوزيم) گھميو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد عجائب گھر هئڻ سبب يقيناً اوهان لاءِ حظ ۽ دلچسپيءَ جو باعث رهيو هُوندو. مُون اوهان کي گذريل قسط جي آخر ۾ ٻڌايو هو ته ”نيوُزيم“ مان نڪري آءٌ، اشفاق، غزاله فصيح ۽ مائي اينان واپسيءَ جي سفر لاءِ هوٽل طرف روانا ٿيڻ لڳاسِين. اسان سان ٿوري دير ذوالفقار مهتُو به هو. ”نيُوزيم“ مان نڪري اسان نيوُزيم جي مُهاڙيءَ سان ۽ پينسلوينيا ايوينيُو تي بيهي مختلف پاسن کان (خاص طور يُو ايس ڪيپيٽول جي پيش منظر ۾) يادگار تصويروُن ڪڍرائي، روڊ ڪراس ڪري ٿورو اڳتي هلي، فوٽ پاٿ تي لڳل سووينيئر ڪئبنس تي پهتاسِين، جتي سووينيئرس ۽ ٻيُون گفٽُون دستياب هيُون، خاص طور: ٽي شرٽُون، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم عمارتن جهڙوڪ: وائيٽ هائُوس، پينٽاگون، يُو ايس ڪيپيٽول، لنڪن ميموريل، واشنگٽن ميموريل وغيره جا مختلف سائيزن ۾ ماڊل، سووينيئر، اوباما جا مزاحيه ڪارٽُون نُما گُڏا (جن جي مُنڍِي اسپرنگس تي لُڏِي ٿي) ۽ ٻيا سهڻا تحفا. مُون ۽ اشفاق گھرڀاتين ۽ دوستن لاءِ ڪجهه خريداري ڪئي، باقي مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جي اها صلاح ذهن ۾ ضرُور هئي ته اصل شاپنگ (گھڻِي شاپنگ) ”مِزُورِي“ (رياست) مان ڪنداسُون، ڇوته جيڪي رياستُون اسان هن سفر ۾ گھمي رهيا هُئاسُون، انهن ۾ سڀني کان سستي رياست ”مِزُورِي“ ئي هُئي. غزاله ته خرچ ڪرڻ جي لحاظ کان ڏاڍي پڪي آهي، سو ان رڳو ”وِنڊو شاپنگ“ ڪئي. اسان خريداري ڪري، پنڌ پنڌ پينسلوينيا ايوينيُو ۽ ان جي آسپاس جا نظارا ڪندا، پاڪستاني سياري جهڙي واشنگٽني بهار جي منجهند جي تڙڪي مان لطف اندوز ٿيندا، واشنگٽن ميٽروريل جي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ اسٽيشن طرف وڌندا رهياسِين. هاڻي مهتُو به پنهنجو رستو ڌار ڪري چُڪو هو ۽ آءٌ، مائي اينان، اِشُو ۽ مائي غزالان گڏ هئاسِين. رستي ۾ هلڪي اُڃ جي احساس سبب هڪ ڪولڊ اسپاٽ طور ٺهيل اهڙي ئي هڪ فوٽ پاٿي ڪئبن تان مُون ۽ اِشُوءَ ڪوڪ ورتي. امريڪا ۾ لڳ ڀڳ 500 ملي ليٽرن واريءَ ڪوڪ يا اسپرائيٽ جو ملهه تن ڏينهن ۾ 2 ڊالر (ان وقت جا لڳ ڀڳ 200 پاڪستاني روپيه) هو. مُون مائي اينان کي به صلاح ڪئي ته هُوءَ ڪولڊ ڊرنڪ وٺي. هُن ڪو جُوس ورتو، جيڪو مُون پاران هو. غزاله پنهنجي پڪائيءَ سبب ڪجهه به ڪونه ورتو. مُون کيس به آفر ڪئي ته: ”امان! ڪجهه ته وٺ!“ ته ٺُپ انڪار ڪيائين، شايد اهو سوچي ته متان سڀاڻي کيس مُون کي ڪجهه آفر نه ڪرڻو پئجي وڃي. خير! اسان رُلندا (رومنگ ڪندا ـ انگريزي۽ ۾ رُلڻ لاءِ ڪيڏو نه پيارو لفظ آهي) ”جُوڊيشري اسڪوائر“ (ميٽرو اسٽيشن) کي ويجھا ٿياسين. ”جُوڊيشري اسڪوائر“ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جو اهو چؤڪ آهي، جتي کوڙ ساريُون عدالتُون (ڪورٽُون) هڪ هنڌ موجُود آهن. انهن عدالتن جُون وڏيُون وڏيُون عمارتُون نظر آيُون ۽ انهن تي لڳن سائينس تي فلاڻي ڪورٽ، ٽِيري ڪورٽ پڙهي اندازو ٿي ويو ته اهو ئي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ آهي. ڪن ڪورٽن جي ٻاهران سُهڻن شينهن جا مُجسما رکيل هُئا، جن جي اکين ۾ جاح ۽ جلال کان وڌيڪ معصُوميت ۽ جمال نظر آيو. آچر جي ڏينهن هئڻ سبب ڪورٽن واريُون عمارتُون ويران هيُون. ورڪنگ ڊي هُجي ها ته ڀيٽ ڪرڻ ۾ سؤلائي ٿئي ها ته امريڪا جي ڪورٽن ۾ به اسان واريُن ڪورٽن جيان وٺ پڪڙ هجي ٿي يا نه! انهن عدالتي عمارتن جي وچ ۾ زيرِ زمين ويندڙ رستي طرف خودڪار ڏاڪڻ (Escalator) رستي لهي، ميٽروريل جي ”جُوڊيشري اسڪوائر“ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي آياسِين. اهي ٽڪيٽُون، جيڪي ڪجهه دير اڳ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ ميٽرو اسٽيشن تان خريد ڪيُون هيُون، اهي ئي ٻيهر ڪم اچڻ واريُون هيُون، ڇوته اهي پُوري ڏينهن ۾ اوٽ موٽ جي سفر لاءِ ڪارآمد هيُون. ٿوريءَ دير ۾ ميٽرو ريل آئي ۽ اسان آسانيءَ سان سوار ٿي 15 منٽن کن ۾ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ اچي پهتاسِين. آچر هئڻ سبب ريل جا ڪمپارٽمينٽ بنهه خالي هئا. اهو منهنجو واشنگٽن ميٽروريل جو دراصل پهريون سفر هو، جنهن جو هوڪو نه رڳو پاڪستان ۾ ٻڌو هئم، بلڪه گذريل ٽن چئن ڏينهن کان مائي اينان کان پڻ ان جي ساراهه ٻُڌي ٻُڌِي ان جُون بنيادي خُوبيُون رٽجِي چُڪيون هيُون. ”ڊيوپونٽ سرڪل“ تي لهي، پنڌ پنڌ هوٽل تي پهتاسُون. اڄ شام جي سرگرمي اسان مان ٻن ٻن الڳ الڳ صحافي ساٿين جي گرُوپ جي مان ۾ واشنگٽن جي مقامي خاندانن پاران ڏنل رات جي ماني هُئي، جيڏانهن اسان کي شام 6 سوا 6 ڌاري روانو ٿيڻو هو. هوٽل (ميرييٽ ريزيڊنسيءَ) تي اچي ڪجهه آرام ڪيوسي ۽ گذريل پُوري هفتي جي وٺ وٺان وارن ڏينهن جو ٿڪ ڪلاڪ ڏيڍ ۾ لاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي سي. شام 6 لڳي ڌاري مُون کي ۽ اسان جي ڪوئيٽه واري دوست جيئند ڪاشف ساجديءَ کي جنهن امريڪي شهريءَ جي گھر ماني کائڻ لاءِ وڃڻو هو، اهو ”جيڪب دائُود“ هو. جيتوڻيڪ تيستائين جيئند اسان جي پارٽي مٽائي چُڪو هو ۽ گھڻو تڻو ٻين سان رهڻ لڳو هو، پر خير! اهو فيصلو ايسٽ ويسٽ سينٽر وارن جو هو ته گرُوپ جو ڪهڙو دوست ٻيلهه ۾ ڪنهن سان هن ڊنر تي ويندو.