ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته
نه آهي
الطاف شيخ
پوني جي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ
آئون پنهنجي ڦيٿن واري بئگ کي واسواني چوڪ کان ڦيرائي ڪناٽ روڊ تي جيڪو هاڻ
واسواڻي روڊ سڏجي ٿو، هلڻ لڳس. رستي تي هڪ ٻه بس ڪمپنين جون آفيسون نظر آيون، جتي
مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسن جون ٽڪيٽون ائين وڪامي رهيون هيون، جيئن اسان وٽ هوائي
جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ آفيسون آهن. ڪن جي ته اڳيان بيٺل سندن پگهاردار ايندڙ
ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مها بليشور، ڪولهاپور يا ڪنهن ٻئي شهر جو نالو وٺي رهيا
هئا، جيئن پاڻ وٽ مختلف بسن جا ڪنڊيڪٽر يا ڪلارڪ بس جي آخري منزل مورو، ميرپورخاص،
نوابشاهه يا سجاول جو هوڪو ڏيندا رهندا آهن. رستي تان هڪ ٻه رڪشا وارا مون کي بئگ سان گڏ واڪ ڪندو ڏسي اچي
ڀر ۾ بيٺا ٿي پر مون اڄ پوني جي رستن تي آخري
واڪ ڪرڻ چاهي ٿي، ڀلي ممبئي اڌ ڪلاڪ دير سان پهچان. ڪو زمانو هو جو بئگ کي مٿي کڻي
هلبو هو يا ڪلهي يا مٿي تي رکبو هو. ان صورت ۾ بئگ سان گڏ هلڻ مصيبت هوندو هو، پر هاڻ ڏهاڪو سالن کان هي ڦيٿن واريون
بئگون عام ٿي ويون آهن ۽ اهو بيوقوف هوندو جيڪو پرديس جي سفر ۾ بنا ڦيٿن واري بئگ
کڻي نڪري ٿو ۽ اهو به لکندو هلان ته بئگ جا ڦيٿا جيڏا وڏا اوترو بهتر.