Wednesday, September 04, 2013

ڪوالالمپور شهر ۽ سلينگور رياست جا ڪجهه تواريخي سن ۽ دلچسپ ڳالهيون - الطاف شيخ

ڪوالالمپور شهر ۽ سلينگور رياست جا ڪجهه تواريخي سن ۽ دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
ويسٽ ملائيشيا يا Peninsular ملائيشيا واري ڌرتيءَ جو حصو جيڪو برما ۽ ٿائلنڊ کان پوءِ هيٺ سنگاپور تائين وڃي ٿو، ان کي انگريزيءَ ۾ مشهور شاعر جان ملٽن پنهنجي ڪتاب  Paradise Lost ۾ رومانوي انداز ۾ Golden Chersonese پڻ سڏيو آهي.
سؤ سالَ اڳ هن ملڪ جي آدمشماري فقط اٺ لک به ڪا مس هئي ۽ بقول ڪنهن مسافر جي ملايا جي نه تواريخ پراڻي آهي، نه تهذيب ۽ نه وري ڪو ادبي خزانو. هن ملڪ ۾ نه ڪي وڏيون لڙايون لڳيون ۽ نه وري ڪي منجھس پراڻين عمارتن جا متاثر ڪندڙ کنڊر آهن ـــ جيڪي دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين. پر هن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو چين ۽ ننڍي کنڊ جهڙن ٻن پراڻين تهذيبن وارن ملڪ ڏي ايندڙ ويندڙ سامونڊي رستن جي وچ ۾ پوي ٿو. گڏيل هندستان کان ملئي ماڻهن دل کولي مذهب، آرٽ، ادب ۽ رسم رواج جهڙيون شيون هٿ ڪيون. بعد ۾ جيتوڻيڪ ملئي مسلمان ٿي ويا پر اڄ به هنن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون، سوڻ ساٺ هندڪا آهن. جهڙو هٿ ٻڌي ملڻ، جادو منتر ۽ وسوسن ۾ وسواش ڪرڻ وغيره. شاديءَ جي ڪيترين ئي ريتن کان علاوه ننڍي کنڊ جي زبانن: هندي، سرائڪي، تامل، بنگاليءَ جا ڪيترا ئي لفظ اڃا تائين ملئي زبان ۾ هلندا اچن، جهڙوڪ: پرڌان منتري، پرتاما، پرٿوي، ڪيدائي، راجا، ورتا، وغيره. انڊين کان علاوه چيني تهذيب جو پڻ هتي اونهو اثر آهي ـــ کاڌي پيتي کان وٺي عمارت سازي ۽ ويس وڳي تائين.

ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ - الطاف شيخ

ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ
الطاف شيخ
ڪوالالمپور جي مشهور ترين رستي-جالان تنڪو عبدالرحمان تي ”گلوب سلڪ اسٽور“ نالي هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي. ڪوالالمپور ۾ جيتوڻيڪ ان کان ڪيترا ئي وڏا دڪان آهن پر گلوب سلڪ اسٽور سڀني ۾ مشهور آهي. نه فقط ڪوالالمپور شهر يا ان جي سڄي رياستن سيلينگور ۾ پر اوسي پاسي جي ٻين به ڪيترين ئي رياست کان ماڻهو هتي شاپنگ لاءِ اچن ٿا.  ملاڪا رياست ۾ رهندڙ اسين ڪجهه پاڪستاني، انڊين، برمي، سلوني ۽ ٻيا غير ملڪي پڻ مهيني ٻئي ڪوالالمپور وڃي، گلوب سلڪ اسٽور تان خريداري ڪري ايندا آهيون. خاص ڪري قميص، ٽاءِ، پينٽ، ڪڇا، گنجيون، چڍيون، ڪچو ڪپڙو، ٻارن جا اسڪول يونيفارم، چادرون، پڙدا، ريڊيو، ڪئسيٽ وغيره جهڙين شين لاءِ ڪوالالمپور ۾ گلوب جهڙو سستو ۽ بهتر دڪان ٻيو ناهي جتي ٻارهوئي ڄڻ Sale لڳي پيئي آهي. عيد، ڏياري، ڪرسمس، نئين سالَ جو ڏينهن، گوتم ٻڌ جو جنم ڏينهن يا ويندي چينين جي نئين سال ۽ هر ڇنڇر تي هن دڪان ۾ پيهه پيهان هوندي آهي. گراهڪن جي  مدد لاءِ، ٻن شفٽن مان هر هڪ ۾ سؤ کن ڇوڪريون Sales-Girls ڪم ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشير ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن ۽ انهن مٿان سنڌي سپروائيزر ـــ ڪشوءَ جا مائٽ ۽ وفادار دوست نظرداريءَ لاءِ هر ماڙ تي پسار ڪن ٿا. هڪ ڪئشير ڇوڪريءَ کان پڇيم: ”تو کي هن دڪان ۾ ڪم ڪندي ڪيترا سال ٿيا آهن؟“

Monday, September 02, 2013

داستان هڪ درد ياترا جو....-. نصير مرزا

داستان هڪ درد ياترا جو.....
نصير مرزا
کاهي روڊ حيدرآباد تي ڪورين واري پڙ آڏو، اسان پنهنجون گاڏيون وڃي بيهاريون هيون. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد جي مشهور ڪلاسيڪل ’جهوپڙا‘ هوٽل به اتي ئي ته هوندي هئي، جتي هاڻي هوٽل بدران ڪوئي ڀانڀاڙ کنڊر کڙو هو.... ڪورين جي ان پڙ ۽ اڳتي گل اندازن واري مسجد وٽان اسان کي ”ناهين جي پڙ“ ۾ ديدي سُندري اتمچنداڻيءَ جي ”کٽين واري ويڙهي“ ۾ موجود گهر ۽ اتمچنداڻي لين ۾ هن پريوار جي پراڻن گهرن، محلن ۽ ماڙين جي ياترا ڪرڻي هئي. پر هي ان ياترا ۾ اسين هئاسين ڪير ڪير!؟ عزيزم ناز سهتو، سنڌ سڄڻ محترم قادر سرڪي، دلبر دوست تاج جويو، نور چشم محسن سومرو، ذهين، بي باڪ، سنڌ پرست ۽ حيدرآبادي لهجي ۾ نج نبار سنڌي ڳالهائيندڙ آشا چاند، ڌيءَ ديدي سُندري اُتمچنداڻي، سندس گهوٽ ..... ور ..... مڙس ۽ حيدرآباد واري هومسٽيڊ هال لڳ ڄائو، ادو چاند پنجابي ۽ ان سموري ڊنبلي جو مير ڪاروان، گائيڊ آ ناچيز نصير مرزا.

Sunday, September 01, 2013

سنڌڙي تنهنجا ڳوٺَ وسن - الطاف شيخ

سنڌڙي تنهنجا ڳوٺَ وسن
الطاف شيخ
هونءَ ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي واري ڪئڊٽ ڪاليج واري سائيٽ واهه جي آهي. شهر جي گوڙ گهمسان ۽ پالوشن کان پري هي ڪاليج ٻهراڙي واري علائقي ۾ آهي. لاڙڪاڻي وارو ايئرپورٽ، سنڌو درياهه ۽ موهن جو دڙو ڄڻ ته سڏ پنڏ تي آهن. اتي ئي ڀر ۾ جيڪر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج کوليو وڃي ها ته هي علائقو ڄام شوري واري تعليمي علائقي کان به وڌيڪَ خوبصورت ۽ اهم حيثيت رکڻ وارو ٿي پوي ها. ۽ جي امن امان جي حالت بهتر هجي ها ته تعليمي، تاريخي ۽ ٻهراڙي واري قدرتي ۽ پالوشن فري واري ماحولَ ڪري هتي پوني، ممبئي ۽ مدراس کان به وڌيڪَ فارينر شاگرد اچن ها.
ڇنڇر ڏينهن لنچ تي ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف صاحب چيو ته اڄ شامَ جو توهان کي لاڙڪاڻي جو سير ڪرائيندس.

لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات - الطاف شيخ

لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ سگهڙن سان ملاقات
الطاف شيخ
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو زمين جي معاملي ۾ امير آهي. رهائش گهرن، هاسٽلن، راندين جي ميدانن کان علاوه به ان کان ٻيڻو ٽيڻو پَٽُ خالي خالي آهي جنهن جي چوڌاري هتي جي پرنسپال محمد يوسف عقلمندي ڪري بائونڊري وال ڏياري ڇڏي آهي جيئن اڳتي هلي ملڪ جون طاقتور قبضه مافيائون زمين تي قبضو ڪري هن تعليمي اداري کي سوڙهو نه ڪن.

لاڙڪاڻي پهچڻ تي - الطاف شيخ

لاڙڪاڻي پهچڻ تي.....
الطاف شيخ
سنڌ ۾ مَچُ ڪچهري يعني سياري جي راتين ۾ باهه جا مَچَ ٻاري ڪچهري ڪرڻ اسان جي تمام پراڻي ريت ۽ وندرآهي. ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙا ملڪ هاڻ امير ٿي ويا آهن ـــ پئسي ڏوڪڙ ۾ ته ٽيڪنيڪل سهولتن ۾ به ـــ ۽ هاڻ سينٽرلي هيٽيڊ ٿيٽرن ۽ فائو اسٽار هوٽلن جي ڪنسرٽ هالن ۾ ويهي راڳ ۽ ڊانس جا پروگرام ۽ فلمون ڏسن ٿا، ٿڌ کان بچڻ لاءِ گئس يا اليڪٽرڪ ذريعي گرم ۽ بند گرائونڊن ۾ والي بال، ٽينس، ويندي فٽ بال راند کيڏن ٿا نه ته اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ به هنن جو ڇا حال هو؟ سيءَ کان بچڻ، وقت پاس ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ برف جي ڇپن مان اوڏڪي نموني ٺهيل گول ۽ بند گهرن (Igloos) ۾ جانورن جون کلون پائي ويهي ڪوڙيون سچيون سامونڊي مڇين ۽ ٻين ساهوارن جي شڪارن ۽ ٻين جون رنون ـــ خاص ڪري جرمن، پولش، ايسٽونين جون ـــ ڀڄائڻ جون ڪوڙيون سچيون خبرون ڪندا هئا. سو هن قسم جون ڪچهريون نه رڳو اسان وٽ پر سڄي دنيا ۾، آفريڪا توڙي ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ يورپ ۾ صديون عام رهيون. پوءِ انهن ڪچهرين ۾ ڪن وٽ مذهب تي گيان هليو ٿي ته ڪن وٽ سياست ۽ اوڙي پاري جي علائقن يا ٻيٽن تي وڃي ڦرلٽ (Piracy) ڪرڻ جون رٿائون ٺهيون ٿي. اڄڪلهه ماڊرن دور ۾ جتي ڪٿي خوشحالي اچڻ ڪري انهن ڪچهرين سان گڏوگڏ ملڻ ملائڻ ۽ وندر جا طور طريقا به مختلف ٿي پيا آهن.

ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو - الطاف شيخ

ڪهڙو ٽوئرسٽ اسان وٽ ايندو
الطاف شيخ
ٿائلنڊ جو ڪنچنبوري شهر بئنڪاڪ کان ائين آهي، جيئن لاڙڪاڻو ڪراچيءَ کان. هڪ دفعي بئنڪاڪ ۾ جهازراني جي ڪانفرنس دوران هڪ ڏينهن صبح جي اڏام ۾ پنهنجي هڪ جهازي دوست سان ملڻ لاءِ ڪنچنبوري هليو ويو هوس. آئون هن شهر ۾ پهريون دفعو وڃي رهيو هوس ۽ مون اهو ئي سوچيو ته جهاز ۾ اڏام دوران ڪنهن مسافر کان کڻي هن شهر بابت پڇندس، پر جهاز ۾ چڙهڻ وقت جڏهن چوڌاري نظر وڌم ته مونکي يورپي، جپاني ۽ ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي نظر آيا. شايد ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هن شهر ۽ صوبي جو ڪو ويٺل به هجي، نه ته ظاهري طرح ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ ئي هئا، جيڪي ٻي جنگ عظيم جي تاريخي پُل ڏسڻ لاءِ هن شهر ڏانهن وڃي رهيا هُئا، جنهن تي ۱۹۵۲ع ۾ فرينچ ليکڪ پائري بولي The Bridge on RiverKawai نالي ناول لکيو ۽ ۱۹۵۷ع ۾ ڊائريڪٽر ڊئوڊ لين ساڳئي نالي سان فلم ٺاهي، جيڪا دنيا جي مشهور فلمن مان هڪ آهي.