بنگالي
مسجد پينانگ
الطاف
شيخ
پينانگ ٻيٽ تي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس، ان جي سامهون بنگالي
مسجد هئي. ڀر ۾ هوٽل ۾ رهندڙن جي گاڏين لاءِ پارڪنگ ٺهيل هئي.
ڪار پارڪنگ جي انچارج ـــ عثمان ملباريءَ ٻڌايو ته بنگالي
مسجد جو امام بنگالي آهي جيڪو مسجد جي در وٽ ئي نظر آيو. مون هن ڏانهن نهاري سلام
ڪيو. پاڻ به مرڪندي وڏي واڪي سان جواب ڏنائين، ”وعليڪم سلام.“
آئون ڪجهه پڇانس، ان کان اڳ پاڻ اڙدوءَ ۾ کيڪاريائين:
”ڪيسا هي؟“