ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟
الطاف
شيخ
نواب شاهه جو عزيز لاکو ڪراچي ۾ ان
علائقي ۾ رهي ٿو جنهن ۾ آئون رهان ٿو. منهنجي ساڻس ڪئنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن واري
عمارت ۾ سکر جي انجنيئر عابد شاهه جي آفيس ۾ اوچتو ملاقات ٿي. هو منهنجي لکڻين مان
بيحد متاثر ٿي لڳو ۽ مون سان ملڻ لاءِ بيتاب هو. ان ئي ڏينهن هو مونکي گهر اچي
ڪجهه ڪتاب ۽ ڪيڪ به ڏئي ويو.
هينئر مونکي عزيز لاکو ياد اچي
ويو. مون کيس ٽيليفون ڪيو. خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد مون يڪدم پڇيو ”عزيز! ايئر گن
اٿئي؟“



