يورپين يونين جي پارليامينٽ
طرفان سڪاروف ايوارڊ ماڻيندڙ عراقي ڇوڪريون
Notes from Europe
عبدالله مورائي
وار اڇا
ڪارا گڏيل، اکين تي نظر جو چشمو، ڳچيءِ ۾ ڪئميرا، هٿ ۾ قلم ۽ نوٽس وٺڻ لاءِ نوٽ بوڪ،
مون سان ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ٿورو غور ڪيم ته اسپينش (Spanish) ۾ ڪجهه چئي رهيو هو. چيومانس ته تنهنجو ڏوهه ناهي مونکي گهڻا ماڻهو
اسپينش سمجهندا آهن پر مان آهيان لطيف جي ننگري سنڌ جو. سندس انگريزي دٻي ۾ ٺڪريون،
منهنجي اسپينش دٻي ۾ ٺڪريون، رڳو ايترو سمجهه ۾ آيو ته پاڻ ڏکڻ آمريڪا (South
America) جي ملڪ ڪولمبيا (Colombia) جو صحافي آهي.





