سڪرنڊ کان ٻلهڙيجيءَ جو سفر
ستار پيرزادو
جوانيءَ
جا ڏينهن هيم. ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هوس. ٻن ٻارن جو پيءُ هوس. اسان جي ذهن تي
ترقي پسندِيءَ جو ڀوت، پنهنجا پورا چنبا کوڙي، اسان جي ذهنن کي مضبوطيءَ سان
جھليون ويٺو هو. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به هفتيوار بنا ڪنهن جھل پل جي، جيئن
جو تيئن، ٿينديون رهنديون هيون. مان انهن ڏينهن ۾ ڪورنگيءَ ۾ رهندو هوس. اسان جا ڪجھه
سٺا دوست، جيئي سنڌ جا ڪارڪن به هوندا هئا، انهن مان هڪڙي اسان جي ڀيڻ ثريا مخدوم
(جنهن کي يونيورسل ادي چوندا هئاسون) به هوندي هئي. اها به جيئي سنڌ جي حامي ۽
پرچارڪ سان گڏو گڏ، چندا وٺڻ واري به هوندي هئي. منهنجي سندس ٽنهي ڀائرن سان سٺي ڄاڻ
سڃاڻ هوندي هئي ۽ انهن جو محرڪ انور هو.
انهن ڏهاڙن
۾ رمضان جي عيد يعني عيدالفطر اچڻ واري هئي. منهنجي گھر واري ٻارڙن سميت پيڪي يعني
سڪرنڊ اڳ ئي ويل هئي. انڪري مون کي به عيد سعيد جو ڏهاڙو سڪرنڊ ۾ گذاري، پوءِ ڳوٺ
وڃڻ جو ارادو هو. انور جن جو پورو خاندان ڳوٺ وڃي چڪو هو. تنهنڪري مخدوم خالد مون
کي صلاح ڪئي ته، ”اسان به عيد درٻيلي ڪرڻ وينداسون، منهنجا ٻار ڳوٺ اڳ ئي وڃي چڪا
آهن، اسان گاڏيءَ ۾ رڳو ٻه ڄڻا ثريا ۽ مان (خالد) آهيون، تنهنڪري تون به اسان سان
سڪرنڊ تائين گڏجي هل. تو کي سڪرنڊ ڇڏي پوءِ ڳوٺ وينداسون.“ انهن ڏينهن ۾ ئي مخدوم
خالد، شهر ڇڏي وڃي گلشن حديد وسائي هئي. باقي گاڏيءَ ۾ ڳوٺ وڃڻ جي لاءِ هو ٻه ئي
هئا، تنهنڪري هنن مون کي به سڪرنڊ تائين گڏجي هلڻ جي لاءِ چيو هو.
عيد
کان هڪ ڏينهن اڳ، يعني 29 رمضان جي صبح جو اسان نيرن پاڻي ڪري، سڪرنڊ لاءِ روانا ٿياسون.
خالد ۽ مان ته بي روزائتا هئاسون، باقي اڪيلي ثريا روزائت هئي. اسان گاڏيءَ ۾ سوار
ٿياسون. گاڏي مخدوم خالد هلائي رهيو هو. مان ساڻس اڳين سيٽ تي ويٺل ۽ ثريا آرام
سان پوئين سيٽ تي ليٽي پئي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان سان به ڳالهه ٻولهه ٿي ڪيائين، ور
نه ماٺ هئي. اسان ٻئي ٽيپ ريڪارڊر تي راڳ ٻڌندا ۽ ان تي ٽيڪا-ٽپڻي ڪندا ٿي
هلياسون. ائين وقت گذرندو ٿي رهيو ۽ نه ڪڪ پئي ٿياسون ۽ نه ٿڪاوٽ جو احساس هوسون.
اسان ڪوئي ڪچڙي منجھند ڌاري اچي سڪرنڊ جي ڪڻڪ جي کوجنائي مرڪز ۾ مير محمد جي گھر
سهڙياسون. مون کي ته اتي ئي رهڻو هو. باقي خالد مخدوم چانهه جي طلب ڪئي، جيڪا گھر
مان ان مهل ٺهي ملي. مير محمد انهن ڏينهن ۾ سڪرنڊ جي ڪڻڪ واري کوجنائي مرڪز ۾ ويٽ
باٽنسٽ هو ۽ سندس گھر به سڪرنڊ جي ان ڪڻڪ جي کوجنائي مرڪز جي پراڻي انگريزن جي
زماني واري ڪالونيءَ ۾ هوندو هو.
خالد
مخدوم چانهه پي، وري وڃي گاڏي اسٽارٽ ڪئي. مان ۽ مير محمد، کانئس موڪلائڻ جي لاءِ
گھر کان ٻاهر، وڏي نم جي ڇانءَ ۾ بيٺا هئاسون. ثريا، اسان جي گھر جي عورتن کان مس
جان ڇڏائي ٻاهر نڪتي. ائين هو درٻيلي جي لاءِ روانا ٿي ويا. کين پڪ هئي ته هو روزو
افطار ٿيڻ کان اڳ ئي در ٻيلي پهچي ويندا. ثريا، ڳوٺ هلي روزو افطار ڪندي. ور نه
مير محمد جي گھر وارن جو اهو خيال هو ته کين ماني ڪري ڏجي، متان رستي تي ئي روزو
افطار ٿي وڃين.
ڪرڻي
خدا جي اها جو 29 تاريخ ئي شوال جو چنڊ ڏسڻ ۾ اچي ويو ۽ عيد ٻئي ڏينهن ٿيڻي هئي.
اسان جا ٻارڙا ته هئا، پر اهي نوان ڪپڙا پهري صرف اسان جي آڏو ئي ڦيرا پائي رهيا
هئا. هتي ڳوٺ واري عيد جو مزو ئي نه هو. نه ئي ڪو عيد مبارڪ ڏيڻ يا وٺڻ وارو ئي
هو، نه ڪو اهڙو ئي ڪو هو جنهن جا پير ڇهڻ ۽ ٻاجھه ڀري عيد مبارڪ چوڻ جو ڪو لطف ماڻي
سگھجي. واقعي عيد پنهنجن سان ئي ٿي سگھي ٿي. ٻئي شهر ۾ عيد صرف کاڌي کائڻ ۽ سارو ڏينهن
هڪ هنڌ ويهڻ کان سواءِ ڪجھه به نه هوندي آهي. اها ساڳي ڳالهه، اڄڪلهه اسان سان ڪراچيءَ
۾ عيدون ملهائيندي ٿيندي آهي. سڪرنڊ جو شهر هن ڪالونيءَ کان ٽي ڪلوميٽر پري آهي.
مير محمد جا هتي ڪجھه دوست آهن. پر اهي ته پنهنجي ٻارن، يارن ۽ مٽن مائٽن ۽ اوڙي
پاڙي وارن سان ئي ملڻ ۾ ڏينهن گذاري ڇڏيندا هوندا. اسان ته ڳوٺ ۾ عيد نماز کان
پوءِ، عيد مبارڪون ڏئي، وٺي، قبرستان تي پنهنجي عزيزن قريبن جي تربتن تي وڃي، قل پڙهي،
هنن جي مغفرت لاءِ دعاگو ٿيندا آهيون ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر مانيءَ لاءِ
گھرائيندو آهي، جنهن جي پهل ڊاڪٽر محمد حسن جي گھر کان ٿيندي هئي ۽ اڪثر منهنجي
حصي ۾ شام جي چانهه ئي ايندي آهي.
مان
منجھند جي ماني کائي، ڳوٺ جي لاءِ نڪري پيس. آسمان جھڙالو ته صبح کان ئي هو. ڪارا ڀورا
بادل، آسمان تي اچ وڃ لايون بيٺا ها. اهو وقت، منجھند لڙڻ جو هو. مان هڪ ٻه ٿيلهو
کڻي، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ لاءِ روانو ٿي ويس. ڇاڪاڻ جو منهنجو سڄو ڪهول اتي هو. ڀيڻ، ڀائر،
والد، والده، ماسات، يار دوستار، راڳ رنگ، شاهه جمال، ملوڪ شاهه تي متل محفلون.
ميهر، علڻ، جانڻ، قربان، مزنو فقير اڃا به ڪاڪو مريد فقير ماڇي، سڀ ته اتي هئا.
مون سڪرنڊ شهر اچي، انهن سڀني سان ڄڻ ويساهه گھاتي ڪئي هجي. ٽانگي تي چڙهي، موري
پتڻ تي پهتس. مون سان ٽانگي تي پويان صرف ٻيا ٻه ڄڻا ويٺل هئا. اهي منهنجا اڻ واقف،
دادوءَ ويندڙ. مورو پل جڙيل ڪا نه هئي، انڪري پتڻ اُڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو سهارو وٺڻو
پوندو هو. مون سان جيڪي ٻه ڄڻا گڏ هئا، اهي به مون جيان درياهه ۾ اکيون اٽڪايون ويٺا
هئا. من جلد ڪا ٻيڙي اچي ۽ اسان کي پار دادوءَ جي پتڻ تي پڄائي، جو سج هاڻ اچي پويون ٿيو هو، جيئن سج بيٺي
دادوءَ پهچي وڃجي جو مٿان جھڙ به ڀريو بيٺو هو ۽ اجھو اٺو ڄاڻ ڪي اٺو. جيڪڏهن هتي ٿو
وسي پوي ته؛ نه هوڏي جا، نه هيڏي جا. وچ جھنگ ۾، پتڻ تي ويٺا هونداسون. هو پاڻ ۾
هوريان ڏاڍيان ٻولاچاريون ڪري رهيا هئا. مان ڪنهن سان ۽ ڇا ڳالهايان، تنهن ڪري ماٺ
ميٺ ۾ درياهه شاهه کي تڪي رهيو هوس ۽ دل ئي دل ۾ اهو ڪجھه هلي رهيو هوم؛ ٻيڙي
ايندي به الائي نه. مون سڪرنڊ به ڇڏيو ۽ ڳوٺ ڀيڙو به ٿي سگھندس يا نه. عيد جو ڏهاڙو
آهي، ملاحن مڪڙيون لنگر انداز ڪري ڇڏيون هونديون، وري مٿان آسمان به ڪارو ويس اوڍيو
ويٺو آهي. ملاح سمجھندا هوندا ته هن ھهڙي ڀلاري ڏهاڙي تي ڀلا ڪنهن کي پتڻ تي اچڻ
جي پئي آهي. شام وڃي پئي سهڙندي. جھڙ ايترو گهرو هو جو گھُٽ هئڻ جي باوجود اسان
درياهه جي ڪري ڪجھه وارکائي محسوس ڪري رهيا هئاسون، ور نه سج ۽ اس جو ڪو ٽِڪو به
نه هو. نيٺ آسون پنيون، دل ۾ گھريل دعائون ثاب پيون، پري کان هڪڙي ٻيڙي ايندي نظر
آئي ۽ جڏهن اها ڪناري لڳي ته اسان پنهنجو سامان کڻي ان ۾ سوار ٿي وياسون. ٻيڙي هلي
پئي. سوار پُورائتا جيڪي مون کان سواءِ هئا، اهي پاڻ ۾ هاڻ ڳالهيون ڳرهڻ لڳا ته
شال دادوءَ واري پتڻ تي ڪا سواري آيل هجي. اتان شايد ٽانگن وارا پاتڻين کي شهر
پهچائيندا هئا. پر جڏهن ٻيڙِيءَ هلي لنگر ڪيو ته ڪاريءَ وارا ڪک. پتڻ خالي هو ۽ ڪنهن
به قسم جي سواري ڪا نه هئي. ان مهل مون پنهنجي اندر پاڻ کي ملامت ڪئي ته اڄ نڪرڻ
نه گھربو هو. نيٺ سڀني پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. مان پنڌ جو اڻ هيراڪ، هلڻ جو سست، هڪڙو ڪلهي
تي ٻيو هٿ ۾ ٿيلهو، اول ڪجھه واريءَ جو پنڌ هو، پر پوءِ بند اچي ويو. بند جي مٿان
روڊ جڙيل هو، پر موري کان پوءِ پتڻ تي پهچڻ لاءِ جھنگ جو چارو ئي هو، جنهن تان ٽانگو
اسان ٽنهي کي ڇڏي تڏهن ئي واپس وري ويو هو، هن ٻيڙيءَ تان لهندڙ سواريءَ جو به
آسرو ڪو نه ڪيو هو. اسان بند تي هلي رهيا سون. پگھر ۾ شل، پنڌ ۽ وزن ڪري هلڻ ۾ تڪليف
پئي ٿيم ته هڪڙي راهي ساٿيءَ مون تي ڪهل کائي مون کان هڪڙو ٿيلهو ورتو. پوءِ به
منهنجون ڄنگھون جواب ڏينديون ٿي ويون. ”هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کهجن ٿيون کوٽيون،“
اها کوٽائپ واري ڪار پئي پاڻ سان ڀانيم. ان ساٿيءَ هلندي مون کي خبردار ڪندي چيو: ”سائين
وک وڌايو، مينهن اچڻ وارو اٿوَ!“ مون اک مٿي کنئين، ”ڪڪر ڪارونڀار، جھڙ نيڻؤن نه
لهي،“ واري صورتحال هئي. تڏهن خبر وڃي سچي نڪتي جڏهن بادلن کي حڪم ٿي ويو. ’حڪم ٿيو
بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن، وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،‘ اول ڦڙ ڦڙ شروع ٿي،
پوءِ وڏ ڦڙو اٺو ۽ نيٺ مينهن هارجي پيو. ڪڪرن جون ڪيهون هيون، رعد جي رڙڪار ٿي
پئي، کنوڻ کجي رهي هئي. اوس پاس وڻ جيڪي اڳ ساهه سڪايون بيٺا هئا، انهن وڏا وڏا
ساهه کڻڻ شروع ڪري ڏنا. اسان سڀ پسي پاڻي ڳاڙيندا هلندا ٿي رهياسون. پاڻي وسڻ ڪري
پنڌ جھڪو ۽ ٿڪ وڌ ٿيندو ٿي ويو. هونءَ ته هن مند ۾ اهڙو آب اَگوندريو هوندو آهي،
پر ان ڏينهن، اهو آب اسان لاءِ گوندر گاڏئون ٿي پيو هو. بارش چوي؛ اڄ نه پوان ته ڪڏ
پوان. اصل بس ئي نه ڪري. کنوڻ جا تجلا، اکيون چنجھيون ڪرايو ڇڏين؛ ”رعد جا رڙڪا،
گوڙ گڙڪا، خوب ڪڙڪا، ٿو ڪري“، رهندو پاڻ تي ملامت پيا ڪرائين. ان تي اسان جون
دليون ڏڪي ٿي ويون. اصل چوٽيءَ کان پيرن تائين، پاڻيءَ ۾ شرابور ٿي ويا هئاسون. ٿيلها
رڳو مون کي ئي هئا، جيڪڏهن هو ساٿي ڪهل ڪري هڪڙو ٿيلهو نه وٺي ها ته مون لاءِ هلڻ ڏاڍو
مشڪل ٿئي ها. نيٺ ان وسندڙي مينهن اچي دادو شهر ۾ داخل ٿياسون. هتي وري اوندهه جو
راڄ هو. هو ٽئي يار ته مون کي پنهنجو ٿيلهو ڏئي پنهنجي پنهنجي گھر روانا ٿي ويا.
مان ڀنل ٻليءَ جيان، هڪڙي هوٽلڙي جي ڪنڊ ۾ اچي ويهي رهيس. منهنجو هوٽل ۾ ويهڻ ۽
بارش جي بهيرن مان ڦري بوندا بانديءَ ۾ تبديل ٿي وئي. هوٽل ۾ ويهي چانهه جي گھر ڪيم
جو ايترو وقت ڀنل ڪپڙن ۽ هوا جي ڪري جسم ۾ سياندو ٿي اڀريو. چانهه پي، پڇا ڪيم ته ڪا
سواري لاڙڪاڻي جي لاءِ ملندم، ته پتو پيم ته سواءِ ريل گاڏيءَ جي باقي اڄ ڪا به
سواري لاڙڪاڻي نه ويندي. ريل گاڏي به بولان ميل رات جو نوين وڳي کان پوءِ ايندي.
باقي ٿيو خير. مون ان هوٽل ۾ ڪجھه وقت ته گذاريو، نيٺ ريلوي اسٽيشن جي پڇا ڪري، ٽانگي
تي سوار ٿي، وري خوار ٿي، وڃي دادو جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي پهتس. هتي به اها ئي
اوندهه هئي ۽ هوٽلن تي گاسليٽ واريون پيٽروميڪس بتيون ٻري رهيون هيون. روشني ته
هئي. هتي اچي رات جي ماني کائي، بک ٻجھائڻ لاءِ جهڙي تهڙي پيٽ ۾ ٺونسيم. چانهه
پيتم ته ڪجھه جسم ۾ گرميءَ جو احساس وڌي. پوءِ ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
تيسين مون کي پاتل ۽ ڀنل ڪپڙا هوا جي ڪري سڪي ويا. مينهن ته هوٽل ۾ ويٺي ئي بس ٿي
ويو هو. رات جو ڪو ئي ٻارهين وڳي مان اچي ڏوڪري ريلوي اسٽيشن تي پهتس. هاڻ ٽانگو
ته مليو، ڪجھه ٻيا به سوار مليس. مون سوچيو ته هاڻ ڪيڏانهن وڃان؟ سواءِ چاچي
مينهلداس سوناري جي اوطاق جي ٻي ڪا به واهه نٿي سجھيم، جو اسان جي ڳوٺ جي ڪنهن به
مائٽ جو گھر ڏوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪو نه. سو سڌو اچي ان جي سونارڪي دوڪان تي سهڙيس. پر
هتي اليڪٽرڪ هئي ۽ گھنٽي وڄائڻ سان هن جو ڪو پٽ نڪري آيو ۽ مون کي مٿي پنهنجي
اوطاق تي وٺي هليو. سؤ شاباشون چاچي مينهلداس کي جو ڪڏهن به منهن خراب نه ڪندو
آهي. مانيءَ جو پڇيائون، مون هائوڪار ڪئي. ماني کائي، سمهي پيس. هڪ ٿڪ، ٻيو جواني،
ڏاڏو هرچند راءِ اڳ ئي ستل ۽ جاڳيل هو. ان به ستي ئي کيڪار ڪئي.
صبح جو
ڳوٺ لاءِ روانو ٿيس. انهن ڏينهن ۾ اسان جي
ڳوٺ لاءِ ٽانگي کان سواءِ ٻي ڪا به سواري نه هوندي هئي، سواءِ بائسائيڪل جي، اها
به ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي هئي. پر اهڙن ڏينهن ۾ صبح
جو ڏوڪريءَ ۾ ڪنهن جو ڪم پوندو جو اچي ها ته مون کي به کنيو وڃي ها. ڏوڪريءَ
مان ڀاڙي تي بائيسڪل کڻي، ڳوٺ لاءِ روانو ٿي ويس. اهڙي پاڻ سان پاڻ ويڌن وري ٻيهر ڪا
نه ڪئي اٿم.
No comments:
Post a Comment