ماضيءَ جي ياد بڻجي ويل رُڪ ريلوي اسٽيشن
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ هن
واٽ ويندي جي سلسلي کي لکندي چار هفتا ٿي رهيا آهن. حالانڪه انصاف جي پوري زندگي هڪ
واٽ تي بيٺل آهي، جيڪا ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن بيهي رهي ٿي ۽ ڪڏهن ته اها زندگي جي واٽ
تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. اها زندگي جي واٽ تي هلندي هلندي انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين
ئي واٽن تان گذرندي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڳالهين کي ڏسي ٿو ۽ مشاهدو ڪري ٿو، ان
کانسواءِ انسان جي زندگي ۾ ان واٽ جون واٽ ويندي يادگيريون هڪ اڻ مِٽ سرمايو به بڻجي
وڃن ٿيون، جڏهن هن واٽ ويندي تي پهرين گهوٽڪي، ان بعد ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد
کان ٿيندي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ پئرس طور مشهور کٽاڻ واري شهر شڪارپور پهچڻ ٿيو ته
ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ شڪارپور ڪنهن نڀاڳي جي نظر جو شڪار ٿي ويو هجي. لکي در،
هاٿي در، صديق جي ماڙي واري شهر جا رستا روڊ تباهه، هرطرف روڊن تي قبضا ٿيل هئا، ڄڻ
ته سنڌ ۾ شهرن اندر قبضا هڪ ثقافت بڻجي وئي آهي. البته شڪارپور ماضي ۾ سنڌ جي ڪتب
خاني جو مرڪز هو، جتان سنڌي ڪتاب، رسالا نڪرندا هئا. شڪارپور جي زمين اهل علم،
تعليم وارن جي زمين هئي ۽ ورهاڱي تائين هتي کوڙ سارو علم اڇي تي ڪارو چڙهندو هو ۽
عوام ان کي پڙهندو هو.
پر وقت
جي ظالم وهڪري هاڻي شڪارپور کي صرف کٽائي جو شهر بڻائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اڳ واري
دور ۾ هتي شڪارپور جو پاڻي بهترين هوندو هو، پر هاڻ ان جو اهو معيار نه رهيو آهي،
ان جي باوجود شڪارپور جي کٽاڻ ۾ محبت ڀريا مٺا ماڻهو ۽ انسان دوست انسان اڄ به
موجود آهن، جن ۾ نسيم بخاري جهڙو پيارو انسان ۽ ان سان گڏ ليکڪ عديل مهر ۽ زبير
سومرو به واٽ ويندي شڪارپور- سکر روڊ تي قرب سان مليا. ان کانسواءِ شڪارپور ۾ ادبي
شخصيت ضياءُ شاهه سان به ملڻ ٿيو.
لکي
غلام شاهه ۾ شاعر ۽ ليکڪ عبيدالله مهر جي مهرباني سان هر واٽ آساني سان طئي ٿي.
البته مدئجي (جنهن کي ڪڏهن مديجي به لکجي ٿو) ۾ عبرت جي نمائندي ۽ قرب واري ڊاڪٽر
بدرالدين سومرو واقعي انساني مسيحا طور ڪم ڪيو. اتفاق سان شڪارپور ۾ واٽ ويندي لکي
غلام شاهه ۾ چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رُڪَ آهي، جتي ڪجهه ڪم به هلندڙ هو ۽ لهندڙ
سج ۽ تيز ٿڌڪار ۾ سنگت سان رُڪَ ريلوي اسٽيشن تي وڃڻ ٿيو، ماضي جي شاندار ۽ حال ۾
انتهائي ڀَڙَ ڀانگ ۽ ويران بڻيل ريلوي اسٽيشن گهٽ هڪ شمشان گهاٽ وڌيڪ نظر اچي رهي
هئي ۽ ان وقت ڪنن ۾ نور جهان جو هڪ مشهور گانو گونجي رهيو هو ته ”اب يهان ڪوئي
نهين، ڪوئي نهين آئيگا“ سنگت ۾ گڏ قمر کوسو ادبي شخصيت به گڏ هو، ان ٻڌايو ته هن
اسٽيشن تي ڀڳت ڪنورام کي امر ڪيو ويو، ان کانپوءِ به اسٽيشن کي بخش نه ڪيو ويو، هن
اسٽيشن تي ريلوي پليٽ فارم ۾ انگريز دور جون سَرون به عملدار پٽي کڻي ويا، هن اهو
به ٻڌايو ته رُڪَ ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم برصغير ۾ سڀني اسٽيشنن کان وڏو هو، ان
جي شاهدي اڄ به موجود آهي. هن وقت بظاهر رُڪَ ريلوي اسٽيشن نان فنڪشنل آهي، ان جي
باوجود به هن اسٽيشن تان اڄ به سبي (بلوچستان) شهر لاءِ پاڻي جون گاڏيون ڀرجي وڃن ٿيون.
رُڪَ ريلوي اسٽيشن انگريز سرڪار 1898ع ۾ قائم ڪئي، ان جي هڪ طرف مٿي واضح لکيل آهي
IVSR ان جي معنيٰ سائين قمر کوسو ٻڌائي
ته انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي ۽ ٻئي طرف KSR هن جي معنيٰ
قلاب اسٽيٽ ريلوي يعني هڪ طرف رڪ ريلوي اسٽيشن سنڌ ۾ هئڻ جي باوجود ٻئي پاسي قلات
بلوچستان کي به سنڀالي ٿي. هن اسٽيشن اڳيان وهندڙ ٽي واهه ۽ انهن ۾ لهندڙ سج جو
نظارو هڪ ماتم نما نظر آيو ۽ خبر پئي ته هاڻي ڪابه گاڏي هن اسٽيشن تي اسٽاپ طور نه
ٿي بيهي ۽ ان ڪري خبر ناهي ٽڪيٽ ڏيڻ واري دري آخري دفعو ڪڏهن کُلي هئي، ان جو جواب
ڏيڻ لاءِ اندر ڪير به موجود نه هو. ان کانسواءِ ڀت تي گاڏين جي لسٽ ۾ ڪوبه ڪرايو (ڀاڙو)
لکيل نه هو، ڇو ته هتان ڪوبه مسافر نٿو لهي ۽ چڙهي ته پوءِ ڪرايه نامه لکڻ جو ڪهڙو
فائدو. قمر کوسي ٻڌايو ته آڳاٽي زماني ۾ ڀڳت جي امر ٿيڻ تائين هتي مسافرن جون وڏيون
قطارون لڳل هونديون هيون ۽ سامهون وهندڙ واهه ذريعي وڻج واپار به هلندو هو ۽ اسٽيشن
اڳيان هڪ وڏي بازار به هوندي هئي. هاڻي هر سال هت نومبر جي پهرين تاريخ ڀڳت ڪنورام
کي ڀيٽا طور ڏيئا ٻاري هن اوندهه ڀري ريلوي اسٽيشن جي نڀاڳي وڻن تي ويٺل چٻرن کي اٿاريو
ويندو آهي. ڪاش 1939ع واري اها رات ائين نه اچي ها.
بهرحال
اڄ جڏهن هي تحرير لکي رهيو هئس ته پنهنجي زندگي جا واٽ ويندي 45 سال اڳ جي ماضي 16
ڊسمبر 1971ع ياد اچي وئي، جڏهن هن ئي 16 ڊسمبر تي ڇنڇر جو ڏينهن هو تڏهن اسان جو
ملڪ ٻه حصا بڻجي ويو هو، ان لاءِ وڌيڪ لکڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، افسوس صرف ان جو
آهي ته ماضي کي اسان ياد ڪري پنهنجون غلطيون درست ڪري سگهون ٿا. ڇو ته سنڌي ۾ عام
پهاڪو آهي ته ”شيءِ پنهنجي قابو ڪجي ڏوهه ڪنهن کي نه ڏجي“ بهرحال شڪارپور ڪاش وري
به ماضي وارو شڪارپور بڻجي سنڌ جي نقشي تي نظر اچي، ان لاءِ خبر نه آهي، اڃا ڪيترو
انتظار ڪرڻو پوندو؟
البته
سنڌ جي عوام کي سياري جو انتظار ڪندي هاڻ ڪجهه ٿڌڪار ضرور محسوس ٿي رهي هوندي،
دنيا ۾ ماحوليات جي تبديلي سبب ملڪ ۾ سياري جو اهو سيءُ اڃا نه پهتو آهي، جيڪو پهچڻ
گهرجي ها، جيڪو ڊسمبر جي سڃاڻپ هوندو آهي، پر ٻاهر روڊن ۽ رستن تي واٽ ويندي اسان
کي سيءُ جو احساس گهڻو ٿي رهيو آهي، ڇو ته شڪارپور کان ڪوئيٽا 30 ڪلو ميٽر پري آهي
۽ ڪوئيٽا ڪاٽو درجي تي پهچي چڪو آهي.
No comments:
Post a Comment