Friday, July 28, 2017

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا- الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا
الطاف شيخ
ائين ناهي ته ڪو پاڻي وارا جهاز ٻڏن نٿا يا انهن کي حادثا درپيش نٿا اچن. ٽائٽينڪ جهڙو پنهنجي زماني جو مضبوط ۽ ماڊرن جهاز به ٻڏي ويو. اهو ڪهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ جهاز يا ٻيڙيون نٿيون ٻڏن. پر جيترا جهاز سمنڊ جي هن ٽڪنڊي ۾ ٻڏا آهن بلڪه غرق ٿيا آهن انهن جو تعداد حيرت انگيز آهي ۽ جنهن پئٽرن يا نموني سان برمودا ٽڪنڊي ۾ جهازن جا حادثا ٿين ٿا اهو نرالو ۽ مختلف آهي. هوائي جهاز ته مٿان هيٺ ڪري ٿو ته زمين يا ٽڪرين سان ٽڪرائي ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃي. ان وقت تيل جي ٽانڪي ڦاٽڻ سان ان کي اهڙي ته باهه وڪوڙيو وڃي جو لاش به نٿا سڃاڻجن. يا سمنڊ ۾ ڪرڻ سان هيٺ هليو وڃي ۽ ماڻهو ٻڏيو وڃن. پر پاڻيءَ جي جهاز ۾ ڪو حادثو ٿيڻ بعد بچاءَ لاءِ ڪافي وقت ملي ٿو. ٽائٽينڪ جهاز جو برف جي ڇپ (Iceberg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري منجھس يڪدم پاڻي داخل ٿي ويو ۽ اهو تکو تکو ٻڏڻ لڳو ته به ڪافي ڪلاڪ لڳي ويس .... ۽ اهو ٽائيم ايترو هو جو مسافر آرام سان جهاز ۾ موجود لائيف بوٽن (ٻيڙين) ذريعي ٻڏل جهاز کان پري ٿي سگهيا ٿي پر مسافرن کي اها به خبر نه هئي ته ٻيڙيون جهاز جي ڪهڙي ماڙ تي آهن ۽ ڪهڙن مسافرن لاءِ ڪهڙي ٻيڙي آهي.


جهاز جي عملي ۽ مسافرن کي پنهنجي بچاءَ جي سکيا ڏيڻ لاءِ دنيا جي هر جهاز تي هر ڇنڇر ڏينهن بوٽ ڊرل ۽ فائر پريڊ ٿئي ٿي. ان کان علاوه بندرگاهه ڇڏڻ وقت پڻ اها سکيا ٿئي ٿي جيئن هوائي جهاز جي اڏام وقت ايئر  هوسٽس مسافرن کي ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن جهاز سمنڊ ۾ ڪري پوي ته لائيف جئڪٽون ڪٿي رکيل آهن .... جهاز اندر هوا جو دٻاءُ گھٽجي وڃي ته ڪيئن ٻوٿاڙي (Mask) ذريعي ساههُ کڻجي .... حادثي مهل جهاز مان جلدي نڪرڻ لاءِ ايمرجنسي دروازا ڪٿي آهن .... وغيره پر ٽائٽينڪ جهاز جي مسافرن کي ايترو ته اعتماد هو ته اهو جهاز ڪڏهن ٻڏي نٿو سگهي سو ڪمري مان نڪري بوٽ ڊرل به اٽينڊ نه ڪيائون. حادثي وقت جيڪي خوش قسمت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سگهيا انهن مان ڪيترن لائيف جئڪٽ به نه پاتي هئي جيڪا هر هڪ جي ڪئبن ۾ سندن ڪٻٽ جي مٿين خاني ۾ رکيل هئي. نتيجي ۾ بگڙيل (Rough) سمنڊ ۾ جيڪو ٻيڙيءَ مان ڪريو ٿي اهو لائيف جئڪٽ پهريل نه هجڻ ڪري ٻڏي ويو ٿي.
ڪجهه به هجي پاڻي جي جهاز يا ٻيڙيءَ ۾ سوار جو جلد موت نٿو ٿئي. پاڻيءَ جو جهاز آهستي آهستي ٻڏي ٿو يا باهه لڳڻ تي آهستي سڙڻ شروع ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هفتو کن به لڳيو وڃي تيسين ان ٻڏل يا سڙندڙ جهاز ۾ موجود S.O.S سگنل چوڌاري سڀني جهازن تي پهچيو وڃي ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر نه ته ۲۴ ڪلاڪن اندر اوسي پاسي کان لنگهندڙ هڪ ٻه جهاز مسافرن کي بچائڻ لاءِ اچيو نڪرن.
ان کان علاوه هر جهاز تي زندگي بچائڻ وارين ٻيڙين Life Boats جا ٻه سيٽ ٿين ٿا. هڪ ساڄي پاسي ته ٻيو کاٻي پاسي جيئن جهاز جنهن پاسي ٻڏي ته ان جي ٻي طرف جي ٻيڙين کي لاهي جهاز کان پاسو ڪري بيهجي جيئن ان ۾ لڳل باهه کان بچاءُ ٿي سگهي يا جهاز سمنڊ اندر غرق ٿي رهيو آهي ته ڀلي ٿئي ٻيڙين رستي انساني جانيون ته بچائي وٺجن. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي تڪڙي خوف واري حالت نه هوندي آهي ته سياڻا ماڻهو يڪدم جهاز ڇڏي ٻيڙين ۾ نه ايندا آهن .... خاص ڪري جي سمنڊ جي حالت خراب آهي، منجھس وڏيون ڇوليون آهن يا وري جي سياري جي موسم ۾ جهاز ڪنهن اتراهين سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي. اهو ان ڪري جو خراب سمنڊ ۾ ٻيڙي تمام گهڻو لڏي ٿي ۽ ان ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي سخت ”سي سڪنيس“ ٿئي ٿي. سو جيسين ڪو جهاز بچائڻ لاءِ اتان اچي نڪري تيسين پنهنجي حالت ڇو خراب ڪجي .... ڇو نه ان ٻڏندڙ جهاز تي ئي انتظار ڪجي جيڪو مڪمل طور ٻڏڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳائيندو. ٻي ڳالهه ته سياري جي موسم ۾ اتر ائٽلانٽڪ، بحر اسود، ميڊيٽرينين يا نارٿ سي جهڙن اتراهن سمنڊن جو پاڻي برف جهڙو ٿڌو ٿئي جيڪو وڏين ڇولين ڪري ٻيڙيءَ وارن کي پسايو رکي .... مٿان جي هوا به تيز آهي ته اهو پاڻي ۽ هوا انسان کي ڏڪڻي ڏيو ڇڏي ۽ ڪيترا ان سردي وگھي مريو وڃن يا بيمار ٿيو پون.
بهرحال پاڻي جا جهاز اڄ به دنيا جي سمنڊن تي ٻڏندا رهن ٿا پر انهن کي ٻڏڻ ۾ وقت لڳڻ ڪري جانيون بچايون وڃن ٿيون پر ڪن حالتن ۾ قيمتي سامان به ڪڍيو وڃي ٿو. پر هتي برمودا واري ٽڪنڊي سمنڊ ۾ هڪ ته تمام گهڻا حادثا ٿين ٿا .... گذريل پنجن صدين ۾، جڏهن کان ڪولمبس بعد ٻين به آمريڪا ڏي وڃڻ شروع ڪيو، اٽڪل هڪ هزار پاڻيءَ جا ۽ هوائي جهازن جي ايجاد بعد ڪيترائي هوائي جهاز، ٻڏي چڪا آهن. انهن ۾ به گهڻي ڀاڱي ٻڏڻ بدران غائب ٿي ويا آهن .... ڇو جو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته پاڻيءَ جو جهاز ٻڏڻ ۾ وقت ٿو کائي ۽ S.O.S سگنل ذريعي سوين ميلن تائين موجود ٻين جهازن کي يڪدم ڄاڻ ٿيو وڃي ته فلاڻي ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ وٽ فلاڻو جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ ويجھا جهاز بچاءَ لاءِ اُتي پهچيو وڃن. پر برمودا ٽڪنڊي ۾ اڪثر حادثي هيٺ آيل جهاز يڪدم غرق ٿيو وڃي ۽ ان جو نالو نشان نه سمنڊ مٿان رهي ٿو نه سمنڊ هيٺ. ڪن حالتن ۾ جهاز ٺيڪ ٺاڪ بيٺو آهي پر عملو غائب! ڪيڏانهن هليو ويو؟ ڪا خبر يا ڪو نشان نه! ڪيڏانهن جهاز غائب ٿي ويو يا ڪيڏانهن جهاز جو عملو هليو ويو .... ۽ ائين ڇو ٿيو جڏهن ته موسم به صحيح هئي، سمنڊ به صحيح هو.... رستي ڳولڻ وارن اوزارن ۾ به ڪا خرابي نه هئي، جهاز هلائيندڙ  به جھونا ۽ قابل هئا، جهاز به مضبوط ڪاٺ يا لوهه جو هو جنهن ۾ ڪو چير يا سوراخ نه هو جو منجھس پاڻي گهڙي سگهي! ڪا خبر نه .... ڪو اتو پتو نه .... ۽ اهو ڪم صدين کان اڄ ڏينهن تائين هلي رهيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ماڊرن ٿيڻ جي باوجود اڃان تائين ڪو ان جو راز، ان جو حل، يا ان جو سبب ڳولي نه سگهيو آهي. اونداهه ۾ تير هرڪو هلائي ٿو ته ان ٻيٽ تي جن ڀوت آهن، غيبات آهي، سمنڊ اندر ڪُنون (Under Currents) آهن، ميٿين گئس آهي .... وغيره وغيره، پر ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ وارو ڪو ناهي.
اسان به هن سمنڊ بابت ننڍي هوندي کان ڪئين قصا، ڪهاڻيون ۽ خبرون پڙهندا اچون .... ڪي حقيقت آهن ته ڪي خيالي خبرون آهن، ڪي سائنسي سبب چئي سگهجن ٿا ته ڪي ڏند ڪٿائون ۽ گشا پتا .... لکڻ وارن به هن عنوان کي خوب اڇاليو آهي، خُوب من گهڙن ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آهن .... هر هڪ پنهنجي ٿيوري پيش ڪئي آهي .... پر ان ڳالهه کان ته ڪو انڪار ڪري نٿو سگهي ته دنيا جي هن سمنڊ واري حصي ۾ سڀ کان گهڻا پاڻي جي جهازن ۽ هوائي جهازن جا حادثا ٿيندا رهن ٿا. اهـڙن حادثن مان ڪجهه جيڪي ويجھڙائي ۾ ٿي چڪا آهن، هن ريت آهن. يعني هِتي شروع جي صدين جي ڳالهه نٿا ڪريون جڏهن ڪولمبس هن پاسي جي راهه ٻين کي به ڏيکاري. هِتي فقط انهن جو ذڪر  ٿا ڪريون جيڪي گذريل صديءَ ۾ ٿيا يعني  منهنجي ڄمڻ (۱۹۴۴ع) کان ۴۰ سال کن اڳ جا ۽ ۶۰ سال کن پوءِ جا جڏهن هوائي جهاز به ايجاد ٿي چڪا هئا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري آمريڪا ۽ يورپ ڏي آيا ويا پئي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ وقت ڪيترن هوائي جهازن جو لنگهه هن برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ مٿان ٿيو ٿي ته هنن مان ڪيترا غائب ٿي ويا ٿي. ياد رهي ته هڪ جهاز جو سمنڊ ۾ ٻڏڻ ٻي ڳالهه آهي جيتوڻيڪ اهو جي بنا سبب جي، سٺي موسم ۽ ماٺي سمنڊ ۾ ٻڏي ٿو ته اها به هڪ اچرج جي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن ڪو جهاز غائب ٿي ٿو وڃي ته اها هڪ انوکي ڳالهه آهي! ٻڏي ويل جهاز جو ڍانچو غوطا خور هيٺ وڃي ڏسي به سگهن ٿا ۽ ان مان،  جيڪڏهن ڪي اهم شيون ڪڍڻيون آهن، ته اهي ڪڍي به سگهجن ٿيون. پر اهي جهاز جيڪي ڏسندي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته سمنڊ اندر هليا ويا ۽ سمنڊ ۾ اندر وڃي ڏسجي ته ان جي تري تائين ڪا شيءِ ناهي ته ان جهاز لاءِ غائب ٿي وڃڻ (disappear) چوڻ ئي جڳائي ٿو.
سال ۱۹۴۵ع ۾ آمريڪا جي فلوريڊا واري نيول بيس تان اوينجر ٽائيپ جي ڪجهه هوائي جهازن فلائيٽ نمبر ۱۹ مطابق پنهنجي روز مرهه جي ٽريننگ لاءِ ٽيڪ آف ڪيو. ڪجهه وقت لاءِ هو رڊار تي هئا ان بعد هو غائب ٿي ويا. ياد رهي ته فلوريڊا جي ميامي بندرگاهه کان برمودا ٽڪنڊي جو سمنڊ شروع ٿئي ٿو. جيئن هينئر ملائيشيا وارن جو هوائي جهاز گم ٿي ويو هو ته ملائيشيا جو ايئر فورس ۽ ٻين ملڪن جون حڪومتون ان هوائي جهاز کي ڳولڻ ۾ لڳيون رهيون تيئن آمريڪا وارا پنهنجي هوائي جهازن جي ڳولا ڪندا رهيا پر Avenger فلائيٽ ۱۹ وارا جهاز واپس فلوريڊا نيول بيس تي نه موٽيا جتان اڏاميا هئا. ۽ نه خبر پئجي سگهي ته ڪيڏانهن ويا.
جڏهن انهن جي موٽڻ جي اميد بلڪل ختم ٿي وئي ته آمريڪا جي نيوي وارن انهن هوائي جهازن کي برمودا ٽڪنڊي ۾ ڳولڻ لاءِ ٻه مارٽن مئرينر هوائي جهاز روانا ڪيا. حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن مان هڪ موٽي آيو پر ٻيو غائب ٿي ويو! ڪيڏانهن ويو؟ ڪا خبر نه پئجي سگهي! اهو به نٿو چئي سگهجي ته آمريڪا ڪو اهڙو تهڙو ملڪ هو جنهن وٽ ڳولا جي لاءِ وسيلا ۽ قابليت نه هئي. آمريڪا ته ان وقت به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايڏو ڀڙ هو جو هن ائٽم بم ايجاد ڪري ورتا هئا جيڪي جپان جي شهرن ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي اڇلڻ بعد دنيا دنگ رهجي وئي ته آمريڪا وٽ اهڙيون به شيون آهن. سو آمريڪا جي هنن جهازن جو ائين غائب ٿي وڃڻ هنن لاءِ ڪيڏي وڏي ڳالهه هوندي، ان جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. ۽ هنن انهن جهازن جي ڳولا ۽ راز کي فاش ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه جتن ڪيا هوندا. اهي هوائي جهاز عام مسافر يا ڪارگو جهاز به نه هئا. آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جا فوجي جهاز هئا.
اهڙي طرح انهي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جو Star Tiger نالي هوائي جهاز جيڪو Tudor Mark-4 برانڊ جو هو برمودا هوائي اڏي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو. هوائي جهاز ۾ خرابي ٿيڻ ڪري هيٺ ڪرڻ ۽ سمنڊ ۾ ٻڏڻ ٻي ڳالهه آهي پر هي اسان جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها هوائي جهاز جي يڪدم گم (disappear) ٿيڻ جي آهي .... جيڪا اڄ تائين حيرت جي ڳالهه آهي ۽ ان معمي کي ڪو به حل نه ڪري سگهيو آهي.

اهڙي طرح ٻه ٻيا  هوائي جهاز هڪ DC-۳ جهاز ۱۹۴۸ع ۾ ۲۷ مسافر کڻي ۽ ٻيو C-۱۲۴ گلوب ماسٽر هوائي جهاز ۱۹۵۱ع ۾ ۵۳ مسافرن سان برمودا ٽڪنڊي مٿان اڏامندي اوچتو ئي اوچتو رڊار جي اسڪرين تان غائب ٿي ويا. انهن جو به ڪو پتو نه پئجي سگهيو.

No comments:

Post a Comment